ڇني گل گلاب جا ڪيئي ڌارو ڌار
انجنيئر جاويد ڳورڙ
ڇني گل گلاب جا ڪيئي ڌارو ڌار،
اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان.
اھو آچر جو ڏينھن ھيو، مان ۽ ادا اعجاز ڳوٺان موٽي رھيا ھئاسين، اڃان ميھڙ جي ويجھوئي ھياسين ته فون آئي شايان کي بجلي جو ڪرنٽ لڳو آھي، جلدي سان سندن والد ڀاءُ علي شير کان معلوم ڪيو، جنھن ٻڌايو ته واقعي مون کي بچائيندي شايان کي بجلي جو ڪرنٽ لڳو آھي، ۽ ھن کي اسپتال وٺي ويا آھن، اسان ڪجھ ئي منٽن ۾ تعلقه اسپتال ميھڙ پھتاسين، جيئن ئي اندر پھتاسين ته ھڪڙو قيامت خيز منظر ھيو، شايان کي واپس ايمبولينس ۾ رکي رھيا ھئا. ڇاڪاڻ ته ھو ھميشه جي لاءِ اسان کان موڪلائي چڪو ھيو، سندن والدين ۽ ٻيا گھرڀاتي انھيءَ آس ۾ ويٺا ھئا. ڪھڙي مھل ٿو اسان جو ٻچڙو گھر ٿو اچي، پر انھن کي اھا خبر ڪانه ھئي ته ھو، اسان کي سڄي عمر جي جدائي ڏئي ھليو ويندو.
ڀاءُ علي شير رشتي ۾ اسان جو ماروٽ ٿئي، پر ھن سان جو تعلق تمام ويجھو ۽ ڀائرن وانگر رھيو آھي، پر شايان جي فواد سان دوستي ۽ ويجھڙائپ جي ڪري گذريل ڪجھ سالن کان دادو ۾ اڪثر اچڻ ٿيندو ھيو، جنھن ڪري ساڻس تمام گھڻيون ڪچھريون ٿينديون ھيون.
شايان جي بچپن ۽ جواني جون انگڙايون ويجھي کان ڏٺيون، ھن ۾ ڳالھ رکڻ ۽ ڳالھ ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ ھيو، سچ ته ھُو پنھنجي عمر جي لحاظ کان تمام پڪو ۽ پختو لڳندو ھيو. ڀاءُ علي شير جي ڪري به شايان کي سڀني سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ مٽن مائٽن ۽ ھر مڪتبه فڪر جي ماڻھن وٽان به بيحد پيار نصيب ٿيو، ۽ باقائدي سياسي، تربيت ملي.
شايان ھڪ محنتي، بااخلاق، ارڏو ۽ ڪمٽيڊ انسان ھيو، ھن سياسي ۽ پوءِ چاھي اھي عوامي مسئلن لاءِ احتجاج ھجن، تعليمي ريليون ھجن يا ثقافتي ڏھاڙا ھجن، پنھنجو ڪردار ڀرپور نموني سان نڀايو، ھن جو گجگوڙ جھڙو آواز اڪثر پروگرامن ۾ گوجندو ھيو، ميھڙ ۽ آس پاس ۾ ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي پروگرامن ۾ اڪثر ميزباني جا فرائض شايان ئي سرانجام ڏيندو ھيو. ھن جو شمار ته عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن ۾ ٿيندو ھيو، مطلب ته ماڻھو جيڪو سڄي عمر ۾ مشڪل سان ڪري سگھندا آھن، شايان اھو ڪم پنھنجي ننڍڙي عمر ۾ ڪري ڏيکاريو بحرحال ڏک ان ڳالھ جو ناھي شايان اسان کان جلدي جدا ٿي ويو، پر روئڻو ان ڳالھ تي ٿو پوي ته محنت ڪري ڪو ذھن قومي ڪم لاءِ ٺاھجي ٿو ۽ اھو جلدي اسان کان کسجي ويندو ۽ اسان کان ايڏو جلدي ھليو ويندو اھو يقين ئي نٿو اچي.
ڪافي ڏنيھن کان شايان لاءِ تعزيتي مضمون لکڻ کان پئي لنوايم ڇاڪاڻ ته اھڙي پياري ماڻھو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مان لفظ ڪٿان آڻيان جو ان غم جو مان مڪمل اظھار ڪري سگھان، جواني ۾ شايان اسان کان وڇڙي ويو، جن جي ھٿن تي اڃا مھندي به ڪانه لڳي ھئي، ائين شايان جي امڙ ۽ بابا جون اميدون اڌوريون رھجي ويون، شايان جي ادڙين جون اميدون ته ڀاءُ کي پلئون ڏينديون سين، اھي آسون آسون ئي رھجي ويون ۽ اسان سڀ ھن کي گھوٽ جي روپ ۾ ڏسي نه سگھياسين ۽ شايان جو وڇوڙو سڄي عمر جو خال رھندو.