قربان ٿيڻ جو جذبو سيکاري ويو
شعيب عزيز ڳورڙ
شايان ھڪ فرمان بردار، فرض شناس اسان جو دوست ۽ قومپرست نوجوان ھو، شايان پنھنجي والد جي جان بچائڻ لاءِ پيرين ۽ پُٺي اُگھاڙي موت سان مھاڏو اٽڪايو، شايان جو وڇوڙو جنھن انداز سان ٿيو اھو غير فطري ھو، شايان پنھنجي والد جي جان بچائيندي بچائيندي پنھنجي جان جو نذرانو ڏنو ۽ شھادت جو درجو ماڻيو، شايان جي اوچتي وڇوڙي ھڪ اھڙو خال پيدا ڪيو آھي، جنھن جو ڀرجڻ مشڪل آھي جنھن جو ازالو ناممڪن آھي. شايان پنھنجي والد جي زندگي بچائڻ لاءِ پنھنجي زندگي جي قرباني ڏئي ڪري اھو مثال پيدا ڪيو آھي ته فرض شناس ڪيئن ٿجي، ٻين جي زندگي جي خوشين لاءِ پنھنجي زندگي ۽ خوشيون ڪيئن قربانيون ڪبيون آھن.
آ مرڻو ھر ڪنھن ماڻھو کي،
پر ائين نه مرنداسين ساٿي،
ڪا آگ لڳائي وينداسين،
ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.
شھيد شايان پنھنجي زندگي جي قرباني سان ٻين لاءِ قرباني ڏيڻ واري جذبي جو ٻارڻ ٻاري ويو آھي، ۽ شايان اھو سيکاري ويو آ ته فرض شناسي وارو ڪردار ڪيئن نڀائجي، انسان دوستي واري رشتي سان نباھ ڪيئن ڪجي، ائين ڪرڻ سان موت به ھن کي مات ڏئي نه سگھي، شھيد شايان جسماني طور تي اسان کان وڇڙي ويو پر سڀني جي دلين ۽ ذھنن ۾ ھميشه لاءِ گھر ڪري ويو.
شھيد شايان پنھنجي والدين، فيملي، مٽ مائٽ ۽ دوستن لاءِ اثاثو به ھيو، پر ان سان گڏوگڏ شايان قومي ا ثاثو به ھيو، شايان ھڪ عام رواجي شاگرد ٻاويھ سالن جي عمر ۾ پنھنجي پروفيشنل ۽ اڪيڊمِڪ تعليم پوري ڪئي، سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلومه ڪئي، پر ان سان گڏوگڏ علمي، تعليمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ به ڀرپور حصو ورتو.
ڪنھن قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تحريڪن جو وڏو ڪردار ھوندو آھي، ۽ انھن تحريڪن جي ڪاميابي ۾ وري شاگردن جو وڏو اھم رول ھوندو آھي، شايان به قومي مسئلن جي حل لاءِ پنھنجي حصي پتي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪري پئي سگھيو، ڇو ته شھيد شايان سجاڳ ٻار تحريڪ (SBT) جي ھنج ۾ پليو ھيو، سنڌي شاگرد تحريڪ (SST) ۾ به متحرڪ رھيو ۽ آخر ۾ عوامي جمھوري پارٽي (AJP) جي اسٽوڊنٽ ونگ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (SSO) جي به مرڪزي اڳواڻن مان ھيو، ٻاويھ سالن جي ھن ننڍڙي زندگي ۾ شھيد شايان کي جيڪو سياسي، ادبي، ۽ سماجي تجربو ھيو ۽ شايان جي جيڪا مثبت ۽ تعميراتي سوچ ھئي، ان جي آڌار تي اھو چئي سگھجي ٿو ته شايان مستقبل ۾ اسان جي معاشري کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ مؤثر ڪردار ادا ڪري پئي سگھيو.
تاريخ ۾ اھي ماڻھو ۽ ڪردار ھميشه لاءِ زنده رھندا آھن، ۽ امر ٿي ويندا آھن، جن جون تمام گھڻيون خدمتون ۽ قربانيون ھونديون آھن. شھيد شايان به پنھنجي ڪردار، خدمتن ۽ قربانين جي ڪري اسان جي ھن خطي ۽ ميھڙ جي تاريخ ۾ ھميشه زنده رھندو.
شھيد شايان ٻين سڀني خوبين سان گڏوگڏ ھڪ سٺو دوست چورائڻ جو حقدار به ھيو، شايان ھڪ محبت ڪندڙ ۽ وفادار دوستن مان ھيو، منھنجي ننڍي ڀاءُ مطھر عزيز جي ويجھن دوستن مان ھيو، شايان سڀني دوستن کي گڏ کڻڻ وارن دوستن مان ھيو، ننڍين ننڍين ڳالھين کي برداشت ۽ درگذر ڪرڻ ۽ دوستي ۾ ڏينھون ڏينھن وڌيڪ مظبوطي پيدا ڪرڻ وارين خوبين جو مالڪ ھو، شايان سان جڏھن مان، منھنجا ڀائر، بابا، چاچا، وارا مذاق ڪندا ھئاسين ته ان جي جواب ۾ مذاق نه پر شايان جي چھري تي مسڪراھٽ ھوندي ھئي، اسان جي مذاق جو جواب ھو کل ۽ مسڪراھٽ سان ڏيندو ھو ۽ ھن جي اھا عادت اسان کي شايان اڃا به وڌيڪ ويجھو ڪندي ھئي.
احساسات ۽ جذبات جو جيڪو رشتو ھجي ٿو، ان رشتي سان شھيد شايان اسان سان ھر وقت گڏ ھوندو آھي ۽ گڏ رھندو ايندو، ھيئر به اھو محسوس پيو ٿئي ته شايان اسان کي اتساھيندو ھوندو ۽ اھوئي چوڻ چاھيندو ھوندو ته:
وٺي ھر ھر جنم وربو،
مٺا مھراڻ ۾ ملبو،
ختم ٿي ويندي اونداھ،
چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.