لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

فيمينزم جي وصف

[b]فيمينزم جي وصف
[/b]انگريزي لفظ “Feminism”، جنهن کي اردوءَ ۾ ”نسوائيت“ ۽ سنڌي عالم ۽ اديب ”عورتا زاد“ چون ٿا. بحيثيت تنقيدي اصطلاح “Feminism” ڇا آهي، ان تي بحث ڪرڻ کان پهريان اسان سنڌي ادب ۾ “Feminism” لاءِ مخصوص لفظ ”عورتا زاد“ جو هڪ تجزيو وٺنداسين.
بنيادي طرح سان ”عورتا زاد“ مرڪب لفظ آهي، جيڪو عورتا + زاد لفظن جو مجموعو آهي، جنهن جو مفهوم ”عورت ذات“ يا ”زال ذات“ نڪري ٿو. منهنجو خيال آهي ته عورتن جي حقن جي عالمگير تحريڪ جي نمائندگيءَ لاءِ لفظ ”عورتا زاد“ ڀرپور عڪاسي نٿو ڪري، جڏهن ته سنڌي ادب ۾ ان جو متبادل ڪو ٻيو مناسب لفظ نه هئڻ سبب آءٌ سنڌي ادب لاءِ “Feminism” لفظ جو استعمال ئي بهتر سمجهان ٿي.
“Feminism”بابت مختلف ڊڪشنرين، انسائيڪلوپيڊيا ۽ عالماڻن راين جو اڀياس هيٺ پيش ڪجي ٿو.
“Feminism” جي وصف ويبسٽر ڊڪشنريءَ مطابق:
“The Principle that woman should have political, economic and social rights equal to those of men.” (1)
ترجمو: ”فيمينزم مان مراد آهي، ته عورت کي مردن جي برابر سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل هئڻ گهرجن.“
مٿئين وصف مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته، عورت کي معاشري ۾ عام رائج تصور مطابق ٻئي درجي جي مخلوق سمجهڻ بجاءِ کيس باقاعده هڪ الڳ وجود رکندڙ مخلوق طور مڃيو وڃي، کيس معاشري ۾ اهي ساڳيا ئي حق حاصل هجن جيڪي مردن کي حاصل آهن.

تقريباً ساڳئي وصف اسان کي آڪسفورڊ ڊڪشنري ۾ به ملي ٿي.
“Belief in the principle that women should have the same rights and opportunities (Legal, Political, Social, Economic etc.) as men.” (2)
ترجمو: ”ان اصول تي يقين رکڻ ته عورتن کي قانوني، سياسي، سماجي ۽ معاشي حق ۽ موقعا، مردن جي مساوي حاصل هئڻ گهرجن.“
برٽينيڪا انسائيڪلوپيڊيا ۾ “Feminism” کي ڪجهه هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
“Women’s Liberation Movement, also called feminist movement, social movement that seeks equal status for women, giving them equal status with men and freedom to decide their own careers and life patterns.” (3)
ترجمو: ”عورتن جي آزاديءَ جي تحريڪ جنهن کي فيمينسٽ تحريڪ پڻ چيو وڃي ٿو، اهڙي سماجي تحريڪ آهي جيڪا عورتن لاءِ برابريءَ واري حقن جي ڳالهه ڪري ٿي، کين مردن جي برابر رتبو ڏئي ٿي ۽ گڏوگڏ کين پنهنجي مستقبل ۽ زندگيءَ جي طور طريقن جو فيصلو ڪرڻ جي آزادي مهيا ڪري ٿي.“
برٽينيڪا انسائيڪلوپيڊيا مطابق فيمينزم صرف هڪ تنقيدي اصطلاح ناهي، بلڪ باقاعده عورتن جي بنيادي حقن جي آزاديءَ جي تحريڪ آهي، جنهن جو مقصد مردن جي معاشري ۾، عورتن جي شخصيت کي انفراديت ڏيارڻ ۽ سندن ڪردار کي مڪمل طور فعال بنائڻ آهي. ايشيا خطي سان وابسته ڪملا ڀاهسن ۽ نگهت سعيد پنهنجي ڪتاب“Some questions on feminism & its relevance in south Asia” ۾ فيمينسٽ تحريڪ بابت لکن ٿيون:
“Feminism is an awareness of patriarchal control, exploitation and oppression at the material and Ideological level of Women’s Labour, fertility and sexuality, in the family, at the place of work and in society in general and conscious action by women and men to transform the present situation.” (4)

ترجمو: ”فيمينزم ان احساس جو نالو آهي ته معاشري ۾ پدري نظام رائج آهي، مادي ۽ نظرياتي سطح تي عورت جي محنت، اولاد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت، جنسيت تي خاندان توڙي نوڪري ڪرڻ واري جڳهه تي، غرض سڄي معاشري ۾ استحصال ڪيو وڃي ٿو، اهي تمام عورتون ۽ مرد جيڪي انهن حالتن کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا، اهي فيمينسٽ آهن.“
هن حوالي مان ثابت ٿئي ٿو ته، فيمينسٽ تحريڪ درحقيقت عورت جي شعور جو سفر آهي. سندس الڳ وجود ۽ تخليقي صلاحيتن جي مڃتا جو نالو آهي. تنهن کان سواءِ فيمينسٽ تحريڪ صرف عورتن سان وابسته ناهي، بلڪ اهي مرد، جيڪي فيمينسٽ تحريڪ جو فڪر رکن ٿا ۽ معاشري ۾ عام رائج روايتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ مثبت ۽ فعال ڪردار ادا ڪن ٿا، سي پڻ فيمينسٽ آهن.
اردو ادب جي مشهور فيمينسٽ شاعره فهميده رياض “Feminism” بابت لکي ٿي:
“فیمینزم ایک ایسی اصطلاح ہے جس کا مطلب لوگ اپنی اپنی طرح سمجھتے رہتے ہیں، مگر میں نے جب بھی اسے استعمال کیا ہے، یا کہا ہے کہ میں“فیمینسٹ” ہوں، تو ہر بار میرے ذہن میں اس کا یہی مطلب رہا ہے کہ عورت کے مکمل انسانی وجود کو تسلیم کیا جائے اور اس کے کسی بھی پہلو کو کچل کر، نابود کرنے کی کوشش نہ کی جائے۔” (5)
فهميده رياض، عورت جي انساني حيثيت تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي، سندس زندگي جي بنيادي پهلوئن تربيت، تعليم، روزگار، شادي، مستقبل، گهر، خاندان، معاشري ۾ عزت ۽ اهميت، ملڪيت ۾ حصي، سندس ذهانت، تخليقي صلاحيتن ۽ زندگيءَ جي مختلف معاملن ۾ فيصلي ڪرڻ جي اختيار جهڙن رخن تي روشني وجهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

سنڌي ادب جي ليکڪا سحر گل ڀٽي، پنهنجي مضمون ۾ فيمينزم بابت لکي ٿي ته:
”عورتا زاد تحريڪ بطور هڪ لفظ ۽ نظريي جي پنهنجي جوهر ۾ هڪ نئين ٻه اکيا ئي جو محاذ کولي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهو انساني حقن بدران فقط هڪ صنف ۽ جنس جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو.“ (6)
ڊاڪٽر غفور ميمڻ، پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ فيمينزم بابت لکي ٿو:
”فيمينزم جي شروعات عورت جي پنهنجي ذات جي سڃاڻپ کان شروع ٿئي ٿي. فيمينزم ڇا آهي؟ جواب سڌو آهي، ته عورت ذات جي وجود جي الڳ سڃاڻپ جي ڪوشش آهي، ڇو ته، تاريخ ۾ عورت پنهنجي خودي ۽ ذات جي عرفان کان محروم رهي آهي. تاريخ ۾ عورت جي تشريح، سندس الڳ حيثيت سان نه، پر مرد جي رشتي سان ڪئي ويئي آهي.“ (7)
ڊاڪٽر غفور ميمڻ، عورت جي وجودي حيثيت کي وڌيڪ اهميت ڏيئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اڄ به معاشري ۾ ڪيتريون ئي غيرانساني، غير اخلاقي ۽ جاهلانه روايتون ۽ رسمون عورتن جي حوالي کان موجود آهن، جن خلاف عملي جنگ جوٽڻ جي سخت ضرورت آهي، پر اهو سڀ تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن عورت کي پنهنجي ذات، وجود ۽ شعور جي آگاهي ملندي.
مجموعي طور سان مٿين وصفن ۽ راين مان جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ اڀري سامهون آئي آهي، اُها اِها آهي ته فيمينزم، عورت جي وجود، سندس شعور ۽ انساني حيثيت سان بنيادي حقن جي حاصلات جي تحريڪ آهي.