لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

افسانن ۾ فيمينزم جو جائزو:

[b]افسانن ۾ فيمينزم جو جائزو:
(Analysis of Feminism in Short Story)[/b]
افسانوي ادب ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن، جن جا فڪري رخ سنڌي ادب ۾ فيمينزم جي ڪيترن ئي موضوعن جي عڪاسي ڪن ٿا.

[b](i زرينه بلوچ:
[/b]زرينه بلوچ جو افسانو ”جيجي“ ان حوالي کان تمام گهڻي شهرت ماڻي چڪو آهي، هي افسانو Lesbianism يا عورتن ۾ هم جنس پرستي جي لاڙي تحت لکيو ويو. زرينه بلوچ هي افسانو ان دور ۾ لکيو، جڏهن اڃا مرد ليکڪن به هن موضوع تي قلم ڪو نه کنيو هو. هن افساني ۾ جيجي ان سيد عورت جو ڪردار آهي جيڪا پنهنجي ڀاءُ جي بدي ۾ ڏنل هئي، پر پوءِ گهرو جهيڙي سبب پنهنجن مائٽن وٽ ويهجي وڃي ٿي. سندس فطري جنسي جذبا ۽ احساس مسلسل گُهٽ ۽ ٻُوسٽ سبب هسٽيريائي شڪل اختيار ڪن ٿا ۽ پوءِ جيجي هڪ شيدياڻيءَ سان هم جنس پرستيءَ جو لاڳاپو رکي ٿي.
زرينه بلوچ لکي ٿي:
”آءٌ دعائون پيئي گهرندي هيس ته الله ڪري ڀاڳل شيدياڻي سگهي سگهي اچي، ڇو ته پوءِ جيجي مشين منهنجي حوالي ڪري، ٻن ٽن سٿڻن جا ڏر سبڻ لاءِ ڏيئي پاڻ وڃي پينگهي ۾ ڀاڳل سان رهاڻيون ڪندي هئي... ڳالهين ڪندي ڪندي اوچتو سڏ ڪري چوندي هئي... مٺا پٽ هي در ورائي ڇڏ مکيون ٿيون پٽين. ڪوٺيءَ جو در جيڪو اڱڻ ۾ کلندو هو، سو هميشه بند هوندو هو.“ (38)
مجموعي طرح سان هن ڪهاڻيءَ مان اهو فڪر اُڀري ٿو ته اسان جي سنڌي سماج ۾ عورت جي حيثيت ڍڳي ڍور واري آهي، جنهن جو ذاتي انا ۽ مفاد خاطر واپار ڪيو وڃي ٿو، سندس فطري جذبا ۽ احساس پڻ سماجي قدرن جي ٽجوڙي ۾ بند آهن. جنهن ڪري پوءِ اهي بند عورتون بي راهه رويءَ جو شڪار ٿين ٿيون.

[b](ii خيرالنساءَ جعفري:
[/b]ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ ڏاهپ جا ڏنگ سهندڙ، مڪمل شخصيت جو ڪردار ادا ڪندڙ
پڙهيل لکيل ذهين ڇوڪريون پهريون ڀيرو خيرالنساء پيش ڪيون. هوءَ سنڌي ادب ۾ بغير ڪنهن پروپئگنڊا ۽ نعري بازيءَ جي عورت جو اهو روپ کڻي سامهون آئي جنهن جي مٿان رڳو جنس حاوي نه هئي پر جنس ۽ جسم سان گڏوگڏ ڪي ذهني، جذبا ۽ نفسياتي ڪيفيتون هيون جن جي آگاهي تي قلم کنيو ويو.
”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ خيرالنساء جعفري جي اها ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ حويلي جي بند دروازي اندر کليل ذهن واري عورت آهي. جيڪا پڙهيل لکيل، حساس، شعور جي آگاهي رکندڙ آهي. هي ڪردار پل پل رائج قدرن خلاف اذيت ۽ پيڙا ڀوڳيندي نظر اچي ٿو، جنهن جا جذبا، احساس خيال، جسم ۽ ذهن باغي آهن.“ خيرالنساءَ لکي ٿي:
”هيڏي حويليءَ ۾ آهي ڪا ٻي مون جهڙي ڳهيلي نينگر- ماڻهن ليکي نينگر پڙهي لکي سنجيده ۽ سؤڀري ٿي پئي آهي پر منهنجي هن من ۾ جا پاڻي پت متل آهي ان جا لياڪا ته ڪڏهن ڪو اکين مان به پائي نه سگهيو. اڙي علم ته انسان کي حالتن سان نڀاهه ڪرڻ سيکاريندو آ- پوءِ مون ڇو حالتن کي ڦيرڻ لاءِ خود حالتن سان ئي ڦيٽ کاڌي هئي؟.... گهڻو وقت اڳي هڪ اهڙي بغاوت تي ڀنڀلجي حويلي ڇڏي هاسٽل کان وڃي نڪتي هئس، نه ته ڪهڙي نينگر نڪتي آهي حويليءَ کان ٻاهر اڄ ڏينهن تائين؟ ڪنهن ڏٺو آ جڳن جي ريت کي ان طرح ريٽجندي؟“ (39)
سندس ٻي ڪهاڻي ”ڪهڙو برانڊ ۽ ڪهڙو سگريٽ“ آهي، جنهن ۾ معاشري جي مردن جي، عورت جي حوالي کان نفسيات جو پرتو پوي ٿو. خيرالنساءَ ٻڌائي ٿي ته مرد لاءِ عورت محض تفريح جو سامان ۽ دل وندرائڻ واري گڏي آهي جنهن جي صرف ۽ صرف جنس کي استعمال ڪرڻ مرد جي دلچسپي جو اهم مرڪز آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ خيرالنساءَ جي خوبي اها آهي ته هن عورت لاءِ سگريٽ جهڙي نئين ۽ ڇرڪائيندڙ تشبيهه استعمال ڪئي آهي.
”منهنجي هٿن جون آڱريون بيحد سڊول آهن ۽ منهنجن چپن جو لمس خوب گرمائيندڙ، ان ڪري اڄ تائين ڪابه سگريٽ هڪ دفعو منهنجي ڇهاءَ کان متاثر ٿي، نه مون کي ڇڏيندي آهي نه مان ئي ڇڏيندو آهيانس، توڙ نڀاهيندو آهيانس، انت تائين، تان جو نئين سگريٽ پهرينءَ مان دکائي رک ٿيندڙ سگريٽ کي بوٽ هيٺ آڻي پير جو گهڪو ڏيئي کيس پٽ ڀر ڪري ڇڏيندو آهيان چين سموڪر هئڻ ناتي ٿورو اهو هرجائي پڻو ٿي ويندو اٿم.“ (40)
خيرالنساء جعفري هن ڪهاڻيءَ ۾ نائڪا جي ڪردار ذريعي ان فڪر جي نمائندگي پڻ ڪئي آهي ته هڪ انفرادي ذات ۽ حيثيت جي ذهين عورت کي معاشري جو مرد ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته سندس نفسيات ۾ صدين کان عورت جي گهٽ ۽ غلامانه حيثيت جو تصور مڪمل طرح سرائيت ڪري چڪو آهي. معاشري جو مرد ڪنهن به عورت جي ذهانت ۽ مساوي حيثيت سبب احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيو وڃي، جنهن کي هو پنهنجي انا ۽ خودي تي ڪاري ضرب تصور ڪري ٿو. خيرالنساء لکي ٿي:
”ڪوبه مرد هڪ ذهين ۽ هوشيار عورت کي دوست بڻائي ته فخر ڪري سگهي ٿو... پر زال بڻائي ڪڏهن به چين نه پائيندو... عورت هميشه سادي فطرت جي ڀلي لڳندي آهي... ٻڌ ۽ مرد کي جيتڻ لاءِ ذهانت جو هجڻ ضروري ناهي...“ (41)

مجموعي طور خيرالنساء جي ڪهاڻين ۾ موجود عورت باشعور نظر اچي ٿي، جنهن کي سندس ذات جي ڀرپور آگاهي آهي. هوءَ هر لمحي سوچيندي ۽ لوچيندي محسوس ٿئي ٿي، سندس اندر ۾ سماجي رائج قدرن خلاف سخت نفرت ۽ بغاوت موجود آهي جنهن جو مڪمل اظهار پڻ ڪري ٿي پر ان جي باوجود هو سماج جي سرشتي کي تبديل نه ڪري سگهڻ جي پيڙا ۾ مبتلا ملي ٿي.

سنڌي ادب ۾ خاص طور سان عورت جي ذات سان ”جنس“ کي ايترو ته وابسته ڪيو ويو جو ٻين مسئلن سان لاڳاپيل موضوع ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويا. بظاهر اهو محسوس پئي ٿيو ته عورت جو اهم مسئلو صرف جنس ئي وڃي رهيو آهي. خيرالنساءَ سنڌي ادب ۾ ان ڇاپ کي لاهيندڙ باقاعده پهرين ليکڪا آهي.

[b](iii منير احمد ماڻڪ:
[/b]ماڻڪ سنڌي ادب ۾ سماج جي مختلف مسئلن کي انساني حيثيت سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انساني حيثيت جو اهو رخ نظرين ۽ قدرن کان مٿانهون آهي، هن زندگيءَ جي ڏکن سکن ۽ اذيتن کي جهڙي ريت ڏٺو ساڳئي نموني انهن کي پيش ڪيائين.
ماڻڪ، زندگيءَ بابت اٿاريل سوال، ان سان لاڳاپيل اخلاقي قدرن وارا مونجهارا تلخ انداز ۾ پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو. سندس ڪردار پوءِ چاهي اهي مرد هجن يا عورتون، سماج ۾ اخلاقي قدرن خلاف سخت مزاحمت ڪندي نظر اچن ٿا. بغاوت جو عنصر سندس ڪردارن جي فطري انداز ۾ جيئڻ جو مشاهدو ڪرائي ٿو.
سندس اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي ”حويليءَ جا رزا“ آهي، جنهن ۾ حويليءَ جي ريتن رسمن ۽ ڪلچر جي ڳالهه ڪيل آهي. ”شهه بانو“ ۽ ”جنان“ انهن عورتن جا ڪردار آهن، جن جو حق صرف انهيءَ ڪري بخشايو وڃي ٿو ته جيئن ملڪيت جو ورهاڱو نه ٿي سگهي، نتيجي طور اهي ڇوڪريون مروج قدرن کان باغي ٿي وڃن ٿيون ۽ سماجي اخلاقي قدرن کي پنهنجي جبلي ضرورتن اڳيان تڇ سمجهن ٿيون. ماڻڪ لکي ٿو:
”سائين ڏنل شاه جي ننڍي ۾ ننڍي نينگر....“
”.... جيڪا هاڻ ساماڻي هئي ۽ اڃا تازو هفتو اڳ قرآن شريف کي بخشائي هئائون.“
”ڪنهن سان ڀڳي؟“
”جمعي شيديءَ سان.“
”اڙي اهو ئي جمعو شيدي، جيڪو حويليءَ جو پاڻي ڀريندو هو....
ڌينسان ظلم ته ڏسو، انسان جي قرآن سان شادي! سا به زائفا! حڪيم جالينوس جو قول آهي ته عورت کي مرد کان چاليهه دفعا وڌيڪ نفسياتي خواهش ٿيندي آهي. چڱو ڪيائين، نه ته حويليءَ ۾ عمر ڳري وڃيس ها، عمر. جيئن ٻين بيبين جون عمريون پيون ڳرن، هون! قرآن سان ٿي عورت پرڻجي، واهه ڙي سنڌ جا سيد...“ (42)
ماڻڪ جي خوبي اها پڻ آهي ته هو عورت جي انفرادي شخصيت ۽ حيثيت کي باقاعده مڃتا ڏيئي ٿو. هو عورت جو پنهنجي زندگيءَ تي اختيار ۽ حق کي کليل دل سان تسليم ڪري ٿو. تڏهن ته ڪهاڻي ”رُڃ ۾ پڙاڏا“ ۾ ڀيڻ جي گهران ڀڄي وڃڻ تي مرد ڪردار واتان هي جملا چورائي ٿو:
”نه مون کي اهو حق نٿو پهچي ته چوان ته ڀڄي وئي. هوءَ آزاد ۽ خودمختيار هئي، هن کي پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلي ڪرڻ جو حق هو...“ (43)
ماڻڪ جي ڪهاڻين ۾ عورت جا مختلف روپ آهن، جن ذريعي عورت جي نفسيات جا مختلف رخ مطالعي هيٺ اچن ٿا. سندس ڪهاڻي ”پلاند“ اهڙي ئي سلسلي جو هڪ حوالو آهي، جنهن ۾ هڪ ماءُ پنهنجي پٽ جي شادي ڪرائي ٿي ۽ جنسي عمل ۾ سندس سگهاري مضبوط ۽ غالب ايندڙ فرد جي حيثيت طور پنهنجي دٻيل انا ۽ غرور جي تسڪين ڀانئي ٿي. ڇاڪاڻ ته عورت جي اها نفسيات آهي، ته هوءَ پنهنجي پٽ جي روپ ۾ پنهنجي ذات جو عڪس ڳوليندي آهي. اها سموري جسماني ۽ روحاني اذيت ۽ بيوسي جيڪا کيس ملي، نُنهن جي صورت ۾ هوءَ ان کي پنهنجو پلاند ڀانئي ٿي.
”سجاڳ ۽ چوٽيءَ تي چڙهيل انا هيٺ، غرور، تڪبر ۽ سوڀ جو احساس سندس سڄي وجود ۾ تيزيءَ سان ڊوڙي ويو ۽ ڏٺائين ڪنوار کي جيڪا گلڻ اڳيان بيوس هئي ۽ ڏٺائين گلڻ کي، ۽ پوءِ گلڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي....“ (44)
ماڻڪ جي هر ڪهاڻيءَ ۾ انسان جي وجودي ضرورت کي اهميت مليل آهي پوءِ اها پيٽ جي بک هجي يا جنسي بک هجي بنيادي طرح سان ماڻڪ انسان کي آزاد ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو، هو جاگيرداري قدرن ۽ سماجي ريتن رسمن کي ماڻهوءَ جي جيئڻ ۾ رڪاوٽ سمجهي ٿو، سندس ڪهاڻي ”ڪاري“ ۾ عورت جي ناجائز جنسي لاڳاپن سان گڏوگڏ سماج جي بي حسيءَ ۽ غير انساني رويي جي نشاندهي ٿيل آهي.
”چمڪاٽ، وڄ ڪريل، ڪنڌ لڙيل، ڌڪ مٿان ڌڪ. بت ڌرتيءَ تي زپڪو ڪري ڪريل. ڳڙڪايل ڪيڪراٽ، رات جي اونداهين سانتيڪي سمنڊ جي پيٽ اندر.
۽ پوءِ ساڳي سانت.
ٻئي ڏينهن، سج اڀرئي راڄ ڏٺل: واهه ۾
لڙندڙ لاش سڃاڻپ وڃايل.
چيائون ”ڪاري“
۽ پوءِ سڀ پنهنجي ڪرت سان لڳل.“ (45)
سندس ڪهاڻي ”ٻاهر ٻاڦ نه نڪري“ به جنسي نوعيت جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ نوجوان عورت بيواه ٿي وڃي ٿي، کيس جنسي خيال ستائيندا رهن ٿا. ماڻڪ هن عورت جي نفسيات، سندس اندر جي ڀڃ ڊاهه واري عمل کي سهڻي نموني چٽيو آهي.
مجموعي طور چئي سگهجي ٿو ته، ماڻڪ جي ڪهاڻين ۾ عورت جي نفسيات، سندس جبلي مسئلن ۽ موجوده سماج ۾ عورت جي حوالي کان اڻ ٺهڪندڙ ۽ ٻٽن قدرن جي
ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي، ماڻڪ عورت جا مختلف نفسياتي روپ پيش ڪري ٿو، بنيادي طرح سان ماڻڪ جي ڪهاڻين ۾ عورت مظلوم آهي، جيڪا ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي. هن جو وجود هڪ اڻ کٽندڙ پيڙا ۽ اذيت ۾ وڪوڙيل نظر اچي ٿو. مسلسل سماجي قدرن جي گُهٽ ۾ نفسياتي مونجهارن کي برداشت ڪرڻ سبب ماڻڪ جا اڪثر ڪردار منطقي طور بغاوت جي رستي جا راهي ٿين ٿا.

[b](iv نورالهديٰ شاه:
[/b]نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين جا مکيه ڪردار به سماج جون اهي مظلوم عورتون آهن جيڪي سماج، ريتن، رسمن ۽ قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙهيل آهن، جن کي آزاد فرد جي حيثيت جي بجاءِ ملڪيت ۽ ڍور ڍڳي وارو مقام مليل آهي. سندس ڪهاڻين ۾ اڪثر موضوع جاگيرداري سماج ۾ عورت جي وجود، سندس جذبن، احساسن ۽ آزاد خيالن سان هٿ چراند، مذهب، اخلاق ۽ روايتن جي نالي ۾ پابنديون آهن. سندس ڪهاڻي ناگاساڪي به هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ، عمر جي فرق کي بنا ڏسڻ جي شادي ڪرڻ ۽ زال کي پراڻي رانديڪي وانگر اڇلائي ڇڏڻ جهڙا موضوع کنيا ويا آهن.
نورالهديٰ شاهه لکي ٿي:
”۽ پوءِ هن جي شادي ٿي وئي... نڪاح جي ٽن ٻولن سندس زندگيءَ جون راهون ايئن مٽائي ڇڏيون، جو پل پل لاءِ ته کيس ويساهه ئي نه پي آيو ته ڪو هو ايئن کن پل ۾ نه چاهيندي به رئيس خدا بخش جي زال بڻجي وئي آهي... ۽ اکين آڏو ڦري ويو هئس، پڻس جي عمر جيڏي رئيس خدا بخش جو چهرو...“ (46)
ڪهاڻي ۾ رئيس جون اڳ به ٻه شاديون ٿيل آهن، جڏهن ته ٽئين شادي ننڍي نيٽي ڇوڪري سان ڪرڻ کان پوءِ به هو رنڊين جي پٺيان خوار نظر اچي ٿو. اهڙي صورتحال ۾
سڪينه (جيڪا هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردارآهي) پنهنجي بيحد تذليل ڀانئي ٿي ۽ رئيس کان سخت نفرت جي باوجود کانئس بدلي وٺڻ لاءِ سندس اڳ ڄائي پٽ ”حميد“ سان جنسي لاڳاپو جوڙي ٿي.
”مون کي پڪ هئي ته تون نيٺ به ايندئين، اوندهه ۾ حميد جو آواز اڀريو هن ڪابه وراڻي ڪا نه ڏني حميد جي ڀاڪرن ۾، هن جي من اندر دکندڙ ”بدلي“ جي باهه ويتر تکي ٿي وئي هئي، هن پنهنجي ”حق“ جي ورهاڱي جو رئيس کان پي بدلو ورتو.“ (47)
هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر عورت پنهنجي حيثيت جي تذليل پاڻ ڇو ٿي ڪري، سندس نفسيات ۾ اهڙا ڪهڙا ڪارڻ آهن، جن جي سبب هوءَ ٻئي مرد سان جنسي تعلق کي ئي مرد کان بدلي وٺڻ جو بهترين ذريعو سمجهي ٿي. اهو انهيءَ ڪري ته نورالهديٰ شاهه هڪ گُهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان نڪري آئي هئي، جنهن ڪري سندس ذهن ۾ صرف جنس ئي سوار هئي، يعني عورت جي آزاديءَ کي هوءَ صرف جنس ۾ ڏسي ٿي. نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻيءَ جي اها ڪچائي پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن بدلو وٺڻ ئي اهم مقصد آهي ته ان جا ته ٻيا به ڪيترائي طريقا آهن، ليکڪا کي ان نڪتي کي ڪنهن ٻئي رخ سان پيش ڪرڻ گهرجي ها.
نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين ۾ مرد جو ڪردار تمام گهڻو ننديل آهي، ڄڻ ته سموري سماجي برائين ۽ بڇڙائين جو ذميوار مرد آهي. سندس ڪهاڻين ۾ جاگيرداري سماج جي وڏيري تي سخت تنقيد ملي ٿي، جيڪو هر عورت کي پنهنجي لاءِ عياشيءَ جو سامان سمجهي ٿو. بند ڪوٽن جون ٻانهيون ڄڻ ته سندن ذاتي ملڪيت هجن.
نورالهديٰ شاهه جي اهڙي ڪهاڻي ”پارو ٿو گوشت“ آهي، جنهن ۾ هن عورت جي حوالي کان مرد جي نفسيات کي وائکو ڪيو آهي. نورالهديٰ شاهه لکي ٿي ته ڪابه عورت مرد لاءِ صرف ان وقت تائين پرڪشش آهي جيستائين هو کيس پنهنجي حوس جو نشانو نٿو بڻائي اهڙي وڏيري وٽ پيار جو ڪو به تصور نٿو ملي.

”پرڻيل هئڻ جي باوجود هوءَ ڄڻ ووڊڪا جي ڀريل بوتل هئي جنهن جو اڃا ڪنهن ڍڪ به نه لاٿو هجي. ننڍي سائينءَ جي بي پناهه شوق ۾ ڪو به فرق نه آيو هو بس ڪنهن اهڙي مهل جي وجهه ۾ هو جڏهن هوءَ اڪيلي ملي وڃيس پر هوءَ ته ڄڻ مائونٽ ايورسٽ هئي ۽ هن جي اچڻ کان پوءِ ته ڄڻ ڪوهه پيمائي به ننڍي سائينءَ جو شوق بڻجي وئي هئي.“ (48)
پر انهيءَ ساڳئي عورت کي جنسي طور زير ڪرڻ کانپوءِ وڏيري لاءِ منجهس ڪابه دل چسپي نٿي رهي ۽ سندس وجود ڪراهت جو سبب بڻجي وڃي ٿو. جنهن کي هو پاروٿي گوشت سان تشبيهه ڏيئي ٿو.
”ننڍي سائين چيو آهي ته مون کي تو مان پاروٿي گوشت جي ڌپ ٿي اچي، دروازي جي چائونٺ تي ويهي، گوڏن ۾ منهن لڪائي، هوءَ ايئن سڏڪي پئي، ڄڻ هينئر هن لمحي هن جو سهاڳ لٽجي ويو هجي ۽ هوءَ نه چاهيندي به ڦوهه جوانيءَ ۾ ڏهاڳڻ ٿي وئي هجي.“ (49)
فيمينزم جي حوالي کان نورالهديٰ شاه جي ڪهاڻي ”شريف زادي“ تمام گهڻي اهم آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ فيمينزم جي بنيادي نڪتي يعني عورت جي مڪمل آزاديءَ وارو فڪر کنيل آهي، سندس ڪهاڻي ۾ پيشه ور ۽ شريف زاديءَ جو تڪرار ڏيکاريل آهي. ڪهاڻيءَ جا ڪردار فڪري حوالي کان سخت مونجهارن جو شڪار نظر اچن ٿا، هڪ طرف بغاوت ڪن ٿا ته ٻئي پاسي گناهه جي احساس کي “Justify” ڪن ٿا.
”آئون پيشه ور آهيان انهيءَ ڪري منهنجو ملهه آهي، هوءَ شريف ڇوڪري آهي! انهيءَ ڪري املهه آهي!“
”اهو ته زماني جو دستور آهي.“ عالم نوٽن جي دستي ڪرسيءَ تي ڦٽي ڪندي چيو ته ”هوءَ شريف ڇوڪري آهي نسيمه.“
”تڏهين توسان رات جو ملي ٿي.“
”انهيءَ لاءِ جو هوءَ شريف ڇوڪري آهي.“
عالم چڙي پيو،
”هوءَ به پيشه ور آهي.“ نسيمه جو آواز اوچو ٿي ويو.“
”هوءَ پيشه ور ڪانهي هوءَ شريفن جي پاڙي جي لڄ آهي.“ (50)
بظاهر ته هن ڪهاڻيءَ مان سماجي ٻهروپ تان پردو لاٿو ويو آهي پر بحث طلب ڳالهه اها آهي ته نورالهديٰ شاه منفي قدرن جي Justification ڪندي عورت جي آزاديءَ کي جائز قرار ڏيئي رهي آهي. هوءَ ڪنهن به سماجي، معاشي، مذهبي، اخلاقي قدر کي ئي سندس وجودي انفراديت ڀانئي ٿي. اهو تصور بلڪل ايئن ئي آهي، ته عورت کي بلڪل ڇڙواڳ ڇڏيو وڃي ته هوءَ جيڪو چاهي سو ڪري ۽ مٿس ڪابه جوابداري عائد نٿي ٿئي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته، معروضيت جن عنصرن کي غلط قرار ڏيئي ٿي، اهي هر حال ۾ غلط ئي آهن. نورالهديٰ شاهه پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ منفي دليل ذريعي مثبت نتيجو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا فڪري طور هن ڪهاڻيءَ جي ڪچائي آهي، ڇاڪاڻ ته بند ڪوٽن ۽ حويلين جي عورت کي آزادي ڏيارڻ لاءِ ڪنهن پيشه ور جي ڪردار کي “Justify” ڪرڻ جو ڪوبه منطقي جواز پيدا نٿو ڪري سگهجي.

مجموعي طور نورالهديٰ شاه جي ڪهاڻين جي جائزي کان پوءِ اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته نورالهديٰ شاه عورت جي وجود جي آزاديءَ واري جنگ جي حاصلات ۾ منفي ردعمل واري ڪهاڻيڪار طور سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هوءَ تمام گهڻي جذباتي نظر اچي ٿي.
انهيءَ جو بنيادي سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته ڇاڪاڻ ته هوءَ پاڻ گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان نڪري منظر عام تي آئي، ان ڪري هوءَ مڪمل طرح سان Burst ٿي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي اندر جي باهه ۽ زهر کي اوڳاڇيو آهي. ٻين لفظن ۾ اسان چئي سگهون ٿا ته نورالهديٰ شاه پنهنجو ڪيٿارسزم ڪيو آهي. هوءَ عورت جي وجودي آزادي جي ڪيس جو مثبت رخن ذريعي جائزو وٺڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

[b](v نسيم کرل:
[/b]نسيم کرل گهڻ رخو ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻين جا انيڪ موضوع آهن، جهڙوڪ: شهري تهذيب جا مثبت ۽ منفي عڪس، سرمائيداري جا جديد قدر، معاشي زندگيءَ جي تضادن مان پيدا ٿيندڙ جنسي ۽ سماجي مسئلا، مذهبي کوکلائپ، وچئين طبقي جي موقعي پرستي ۽ هيٺيئن طبقي جي ماڻهن جا الميا وغيره. نسيم کرل فيمينسٽ ڪهاڻيڪار ڪونه هو، پر هن مٿي بيان ڪيل موضوعن تي لکڻ وقت عورت ڪردارن جي سماجي، معاشي ۽ نفسياتي فڪر جي جهلڪ ضرور پسائي آهي.
سندس ڪهاڻي ”گٽس“ هڪ وڏيري جي شهري ماحول ۾ ڪلب ۽ هوٽل مان حاصل ٿيندڙ عياشي ۽ جنسي آوارگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي. هن ڪهاڻي جي خاص ڳالهه اها آهي ته عورت ڪردارن (پارس ۽ شاهده) ذريعي سرمائيدارانه نظام ۽ مارڪيٽ ڪلچر ۾ عورت جي وکر بڻجڻ واري فڪر جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. اهڙي سماج جو اهم مقصد هر هڪ شيءِ کي جنس بڻائي مارڪيٽ ۾ ان جو ملهه لڳائڻ هو، عورت به سرمائيدارانه نظام ۾ جنسي علامت بڻجي وئي. جيڪي عورت جيترو زياده پنهنجي حسن ۽ جواني جي نمائش ڪندي اوترو زياده فائدو حاصل ڪري سگهندي. هن ڪهاڻيءَ جو فڪر به اهو ئي آهي ته وچين طبقي جي نوجوان ڇوڪرين کي خاص ڪري اها ترغيب ڏني وڃي ٿي ته ڪو امير ۽ وڏ گهراڻي جو مرد ناز، ادا ۽ نخري سان ڦاسايو ته توهان ۾ اهليت آهي.
نسيم کرل لکي ٿو ته سرمائيدارانه سماج ۾ اهڙي عمل کي عيب، ڏوهه، ناجائز يا غلط نٿو سمجهي وڃي بلڪ اهڙين ڇوڪرين يا عورتن کي باقاعده ساراهيو وڃي ٿو ۽ سماج ۾ انهن جي اهڙي عمل کي عظيم ڪارنامو تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو بنيادي سبب اهو آهي ته جديد انڊسٽريل تهذيب ۾ سرمائيدارانه سماج اندر پراڻا قدر، ريتون رسمون ۽ اخلاقيات جا معيار تبديل ٿي چڪا آهن.
نسيم کرل لکي ٿو:
”گهوٽ ۽ ڪنوار پهتا ته ان موقعي تي آيل بيگمات جي پنهنجي ڌين کي نئين ماڊل جون ڪاريون ڏيئي سوسائٽي جي وڏي سمنڊ ۾ ڪنڍيءَ وانگر اڇلي ڇڏينديون آهن ۽ پاڻ فشنگ راڊ کي قابو جهلي ويهنديون آهن، گهوٽ کي ڏسي چپ پئي چٽيا ۽ پنهنجن ڪنوارين نياڻين جي بجاءِ ڪنهن ٻيءَ (پارس) کي ڪنوار جي حيثيت ۾ ڏسي افسوس جا هٿ پئي مليائون.....“
” پوءِ جڏهن بيگم نياز ٻين بيگمات سان ڳالهائڻ لڳي ته بيگم برني پنهنجي ڌيءَ شاهده برني کي، جا ٻن مهينن کان پنهنجي ”پيريڊ“ گسڻ تي پريشان هئي، وڏيءَ خار ۽ ڏک مان چيو: ”پر افسوس نيلي ڊرالنگ جو تو ۾ اهڙا گٽس ڪونهن.“ (51)
جديد تهذيب جي اثرن تي مشتمل سندس ٻي ڪهاڻي ”مڪسڊ گرل“ آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ پڻ سرمائيدارانه نظام تحت معاشري ۾ عورت جي تبديل ٿيندڙ حيثيت تي روشني وڌل آهي. بنيادي طرح سان هي ڪهاڻي جنسي هوس واري جذبي کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن ۾ عورت کي زور زبردستيءَ سان شڪار نٿو ڪيو وڃي، پر هوءَ پنهنجي مرضيءَ ۽ رضا سان مختلف ماڻهن سان جنسي تعلق استوار ڪري ٿي. هتي جاگيردارانه ۽ سرمائيدارنه نظام جي وچ ۾ عورت جي رائج قدرن مطابق حيثيت جو جائزو به وٺي سگهجي
ٿو. جاگيردارانه سماج ۾ عورت، گهر جي گڏي هئي، جڏهن ته سرمائيدارانه نظام ۾ عورت، مارڪيٽ جي گڏي بڻجي وئي، جنهن جي مرڪ جي قيمت هئي، ته آواز جو به ملهه لڳو، جنهن جي ناز انداز جي به قيمت هئي، ته جسم جي هر هڪ انگ جو به ملهه مقرر ٿيو. مطلب اهو ته جنس ضرورت جي بجاءِ فيشن بڻجي وئي، جڏهن ته پروپئگنڊا اها ڪئي وئي ته جنس، جديد دور جي تقاضا ۽ انسان جي فڪري ضرورت آهي.
انسان مڪينيڪل زندگيءَ مان جڏهن بيزار ٿيو پوي ۽ زندگيءَ جو واهيات پڻو ظاهر ٿئي ته جنس ۾ پناه وٺجي، پر جديد قدرن ۾ جنس جو مثبت پهلو پنهنجي افاديت وڃائي ويٺو، جنهن جو منطقي نتيجو اهو نڪتو ته عورت جي ذات مسخ ٿي وئي. سندس جنس مارڪيٽ جو وکر بڻجي وئي، جنهن جا ڪي به طئي شده قدر نه هئڻ سبب سندس ذات بي راهه رويءَ جو شڪار بڻجي وئي ۽ عورت ڪيترن ئي نفسياتي مسئلن ۽ مونجهارن جي ور چڙهي وئي. هن ڪهاڻيءَ ۾ به ڪجهه اهڙا ئي ڪردارآهن، جيڪي ڪنهن به قسم جي سماجي يا اخلاقي قدرن جي پاسداري ڪندي نظر نٿا اچن.
نسيم کرل، مرد جي جنسي هوس جو ذڪرڪندي لکي ٿو:
”هن پول مان دنگ ڀرائي وٺ ته پوءِ ڍؤ ڪري پيون، هن سوئمنگ پول جي پاڻيءَ ڏانهن اشارو ڪيو.“
مان کلڻ لڳس ته هو به کلي چوڻ لڳو.
”بيرو جيڪا ڪاڪ ٽيل آڻيندو، ان ۾ ٻه شراب هوندا. هتي هن پاڻيءَ ۾ ته الائي ڪيترا شراب مليل آهن، هينئر به ته پوريون ڇهه ڄڻيون پيون ترن!“ (52)
يا وري نسيم کرل، عورت جي جنسي بي راهه روي جو ذڪر ڪندي ڪهاڻي جي شيخ ڪردار جي زال جو سندس دوست سان تعلق ڏيکاريندي لکي ٿو ته:
”اوچتو ان ٿڌڙيءَ هير ۾ محسوس ڪيان ٿو هڪ گرم جهولو، ڏسان ٿو سنهڙيءَ عبا ۾ ٻرندڙ جسم اکين بجاءِ ٻه ٽانڊا ۽ پٻن تي مون ڏانهن آيل... ام ڪلثوم.“ (53)
نسيم کرل جي ڪهاڻي ”دارالفلاح“ رياستي ادارن ۾ تحفظ جي نالي تي عورتن سان ٿيندڙ ظلم، زيادتين ۽ ناانصافين تي تنقيدي نظر وجهي ٿي. نسيم کرل سماج جي فلاحي ادارن جي منهن تان ٻهروپ جو نقاب لاٿو آهي.
هُو ٻڌائي ٿو ته اسان جو موجوده سماج مڪمل طرح سان ڪرپٽ ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ برائيءَ جون پاڙون ۽ شيطاني قوتون وڌي ويجهي پختيون ٿي چڪيون آهن. بنيادي طرح سان عورت مظلوم ۽ ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهيل آهي ۽ سماج ۾ کيس مخصوص رشتن کان سواءِ ڪٿي ڪوبه تحفظ حاصل ناهي. پنهنجن پاران ٿيل ويساه گهاتين، ڏکن ۽ اذيتن ڀوڳڻ کان پوءِ جڏهن هوءَ فرار جو رستو اختيار ڪري رياستي ادارن ۾ پناهه وٺي ٿي ته اتي به هوءَ صرف پنهنجي جنس سبب ٻٽي ظلم ۽ جنسي هوس جو شڪار سماج جي معزز ۽ شريف ٺيڪيدارن هٿان ٿئي ٿي.
هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار نيلم به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪا ڪنهن وحشيا جي ڌيءَ آهي ۽ ڌنڌي کان نفرت سبب دارالامان ۾ اچي پناه وٺي ٿي. ملڪ ۾ قانوني طور ڌنڌي تي بندش جي باوجود کيس رياستي اداري جي فلاحي مرڪز ۾ به ساڳئي عمل لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو. نسيم کرل لکي ٿو:
”پوءِ هن کي ان بندش واري قانون جي خبر پئي هئي ته هن دل ئي دل ۾ وقت جي حڪومت کي لکين دعائون ڪيون هيون، هوءَ گراهڪن سان منهن ڏيندي به ان مبارڪ ڏينهن جو انتظار ڪندي هئي، جڏهن اهو ڌنڌو قانوني طور بند ٿيڻو هو، پر هن کي ان ازل جي ته خبر ڪانه ئي ته وري ماڻس پوليس سان بندوبست ڪري کانئس ڌنڌو ڪرائيندي.“ (54)
مجموعي طور نسيم کرل جي ڪهاڻين جي جائزي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته، نسيم کرل فيمينسٽ ڪهاڻيڪار بلڪل نه آهي. هن جون ڪهاڻيون سماج جي مختلف طبقن جي مختلف سماجي، معاشي، اقتصادي، اخلاقي، جنسي ۽ مذهبي رخن جي عڪاسي ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا موضوع جنسي تفريق تي مشمل نه آهن، جنهن ۾ صرف عورت يا مرد جي مسئلن ۽ مونجهارن کي اهميت مليل هجي. ها نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ عورتن جو ذڪر ضرور ملي ٿو پر هو عورتن جي حقن لاءِ وڙهندي ۽ نعري بازي ڪندي قطعي نظر نٿو اچي. عورتن جي جنس يا مسئلن جي نشاندهي مان سندس مراد معاشري ۾ رائج فرسوده قدرن جي اپٽار ڪرڻ آهي، هو حقيقي زندگي جي تلخ حقيقتن کي بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه جي جيئن جو تيئن چٽي ٿو ۽ عورت يا مرد جي بجاءِ انسان جي انسانيت واري حيثيت کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو.

[b](vi ماهتاب محبوب:
[/b]ماهتاب محبوب، سنڌي ادب جي بنهه مختلف ليکڪا آهي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار حقيقي، عام مشاهدي ۾ آيل ۽ افسانن جو ماحول عام گهريلو عورتن جي موضوعن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ خاص طور عورت جي نفسيات، سندس جهالت ۽ واندڪائيءَ سبب پيدا ٿيل منفي پهلو ڏيکاريل آهن. ماهتاب جي ڪهاڻين جا اڪثر موضوع گهريلو سياست تي مبني آهن، جن ۾ گهرن اندر غيرفعال زندگي گذاريندڙ عورتن جا اولڙا ڏسي سگهجن ٿا. اها عورت پنهنجي حيثيت اهميت ۽ ڪارج کان اڻ واقف صرف مردن جي جنسي خواهش پوري ڪندڙ هڪ جسم ۽ ٻارن ڄڻڻ جي مشين کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي. ان جي باوجود اسان ماهتاب کي فيمينسٽ ليکڪا نٿا چئي سگهون ڇاڪاڻ ته سندس ڪهاڻين جو فڪري پهلو لبرل ۽ پروگريسوؤ آهي. هوءَ عورت جي ذات تي ته لکي ٿي، پر سندس جنس کي مسئلو نٿي بڻائي، هوءَ عورت کي مظلوم قرار ڏيئي سندس حقن جي وڪالت نٿي ڪري. ماهتاب پنهنجي ڪهاڻين ۾ ٻاهر جي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ عورت ۽ سندس مسئلن کي موضوع نٿي بڻائي، جيڪي لوازمات فيمينسٽ تحريڪ جو اهم جز آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪردار عام گهريلو عورتون ۽ سماج جا عام رائج قدر آهن.
سندس ڪهاڻي ”نڪ“ ڇوڪرين جي تعليم حاصل ڪرڻ بابت آهي، جنهن ۾ يورپ جي فيمينسٽ تحريڪ جي پهرين لهر يعني لبرل فيمينزم جو عڪس ملي ٿو. هيءَ ڪهاڻي معاشري ۾ عام طور ٿيندڙ دقيانوسي ڳالهين تان پردو کڻي ٿي، جنهن ۾ ڇوڪري جي گهر کان ٻاهر نڪري تعليم حاصل ڪرڻ جي عمل کي خاندان جي عزت ۽ ناموس تي ڪارو چُٽو تصور ڪيو وڃي ٿو.
ماهتاب لکي ٿي:
”ڳالهه ٻڌڻ سين منهنجو به هنيانءُ ويو هليو. الائجي ڇا ٿيندو. اجهو وڏل به ڄاڻ آيو ڪي آيو، ڳالهه ٻڌي نه ڄاڻي ڪهڙو حال ٿيندس دشمن جو، مونکي ته ڀؤ آهي ته ڪٿ آپگهات نه ڪري!....“
”ڪهڙي خوشخبري آهي جو سڀني ٻڌي باقي تون رهجي ويئينءِ؟ هيانءُ هجنئي ٻڌڻ جهڙو ته ٻڌ. ڏير هن جي جوان جماڻ ٻارهين ورهين جي ڌيءَ اسان جو نڪ وڍائي اسڪول ۾ پڙهڻ ويئي آهي.“ (55)
سندس ٻي ڪهاڻي ”سريت“ آهي، جنهن ۾ عورت جي موقعي پرستيءَ ۽ مفاد پرستيءَ جو ذڪر ڪيل آهي. (ڪهاڻيءَ جي نائڪا مومل) جو ڪردار هڪ سريت جو آهي، جيڪا زندگيءَ جون مختلف مادي مراعاتون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جنس، ناز ۽ ادائن کي هٿيار بڻائي ٿي ۽ مردن سان جنسي لاڳاپا قائم ڪري ٿي.
ماهتاب محبوب ٻڌائي ٿي ته کيس پنهنجي اهڙي عمل تي ڪنهن به گناهه ۽ پشيمانيءَ جو احساس نٿو ٿئي، نه ئي کيس ڪنهن قسم جي سماجي ۽ نفسياتي مونجهاري
جو شڪار ڏيکاري ٿي، بلڪ جاگيرداري سماج ۾ عورت جو ڪنهن به مرد جي سريت ٿي ويهڻ جاگيردارانه قدرن جي عڪاسي ڪري ٿو. اهڙي عورت ڪنهن مرد کان مادي مراعاتون حاصل ڪرڻ پنهنجو بنيادي حق سمجهي ٿي.
”ڪالهه سوناري قادو ڀائيءَ وٽ وئي هيس...“ في الحال ٻن تولن جا جهومڪ ۽ ٽن تولن جو هار چئي آئي آهيان، ايندڙ هفتي تيار ٿي ملندا. جاني، خبر اٿئي تولو سون جو ڪيتري آهي؟ ڪيتري به هجي، نيٺ به ڪامورو آهين... مهينو کن ترس، پوءِ جيڪي چوندئين وٺي ڏيندو مانءِ.“ (56)
ماهتاب محبوب لکي ٿي ته اهڙي عورت وٽ پيار، محبت جو ڪوبه تصور ناهي هوندو سندس قرب ۽ وفا، ناز ۽ انداز ان وقت تائين هوندا آهن جيستائين سندس ذاتي مفاد پورا ٿيندا رهندا آهن، تنهن کانپوءِ هوءَ موقعي پرست بڻجي ويندي آهي. جيئن مومل نئين مرد جي سريت ٿيڻ کان پوءِ شهباز کي پنهنجو ڀاءُ بڻائي ڇڏي ٿي.
”اهو وڏيرو مينهل نه، جنهن کي اڳ ئي ست سريتيون آهن!“
”مڙس ئي ته ست سنڀاليندا آهن، ڀاڙيا ته هڪ کي به نه سنڀالي سگهن...“
ته چئبو رن اڳ ئي ڪو مينهل کي هٿ ڪيو ويٺي هئين!“
”هفتو کن ٿيو اٿم جو ساهيائين ۽ مان ڪنڌ ڪونه ڪڍايو...“
هو ته ڪن سالن کان ڇتو هو، پر تنهنجي ڪري منهن نه ڏيندي هئي مانس.“
اوچتو وڏيري مينهل جي ڪار جو بُل ڊاگ اسٽائيل هارن وڳو...
”مٺيس، هاڻ ڇا ڪريان! مومل کي پريشاني ورائي وئي... ان دم ئي وڏيرو مينهل، هڪ هٿ سان شهپر وٽيندو اچي اندر پهتو، جيسين تائين وڏيرو مينهل کانئس ان بابت پڇي ئي پڇي، ته هن وڏي حرفت سان شهباز مان جان ڇڏائيندي چيو: ”ادا، هاڻي توکي موڪل، تون ڀلي وڃ ڳوٺ، ادي ايمڻا کي به سلام ڏجانءِ.“ (57)
ماهتاب محبوب جي ٽئين ڪهاڻي ”شڪي“ آهي. هي ڪهاڻي هڪ گهر ۾ نوڪرياڻي طور ڪم ڪندڙ عورت (راڻيءَ جي حرفت، چالاڪي، مڪر ۽ فريب تي مبني آهي. هڪ اهڙي عورت جنهن جو پنهنجو ڪردار مشقوق آهي ۽ جڏهن مڙس مٿس شڪ تحت پابنديون عائد ڪري ٿو ته هوءَ پنهنجي اصلاح ڪرڻ جي بجاءِ ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي مڙس جي فطرت ۽ طبيعت بابت غلط ڳالهيون وجهڻ شروع ڪري ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي نهايت مظلوم ظاهر ڪري ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪري ٿي.

ماهتاب لکي ٿي:
”ڇا ڪريان، بي بي.“ راڻي موڙو ڏيندي چيو ”ماريو چئي ٿو ته اجرڪ ويڙهي ۽ اکڙي ڪڍڻ کان سواءِ ٻاهر نڪتي آهين ته ٻئي ڄنگهان ڍڪڻين سميت جهوري ڇڏيندو مانءِ.......! هاڻي ڪير سمجهائي ته اٺن ٻارن جي ماءُ تي اهو شڪ ٺهي ٿو.“ (58)
ماهتاب اهڙي سازشي عورت جي حرفتن ۽ چالاڪين کي ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ وائکو ڪري کيس ماڻهن جي نظرن ۾ بڇڙو ڪري ان فڪر جي نمائندگي ڪئي آهي ته عورت قطعي معصوم، بيگناه ۽ مظلوم ناهي. جڏهن هوءَ پنهنجي لچائين تي لهي اچي ٿي ته پوءِ ڪنهن به پابندي کي قبول نٿي ڪري، جيئن هن ڪهاڻيءَ ۾ راڻيءَ جو ڪردار ڪنهن ٻئي نوڪر سان عشق بازي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
”مان ٻاهر وڃڻ لاءِ جڏهن رڌڻي اڳيان لنگهيس، تڏهن... مان ذري گهٽ بيهوش ٿي ٿيس... مون ڏٺو ته مصري فرش تي ويٺو هو ۽ راڻي سندس هنج ۾ ڏاڍي بي حيائي سان ليٽيل هئي.“ (59)
مجموعي طور سان ماهتاب محبوب جي ڪهاڻين جي جائزي مان اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته، ماهتاب تي فيمينسٽ ليکڪا جي جيڪا ڇاپ لڳل آهي، سا بلڪل
غلط آهي. ماهتاب سنڌي سماج ۽ ادب ۾ عورت جي ڪردار کي هر روپ ۾ وائکو ڪيو آهي. هوءَ هروڀرو اهو نعرو نٿي هڻي ته عورت مظلوم آهي، بلڪ سندس ڪهاڻين ۾ اهڙيون عورتون نظر اچن ٿيون، جيڪي حرفتي ۽ چالاڪ آهن، مفاد پرست ۽ موقعي پرست آهن. جيڪڏهن عورت ڪردارن جي اندر ڪي خاميون آهن ته هوءَ انهن تي ڄاڻي واڻي پردو وجهي کين لڪائي نٿي، بلڪ هوءَ ٻڌائي ٿي ته ظالم صرف مرد ۽ معاشرو ڪونهي بلڪ ظالم عورت به آهي، هوءَ اهڙن ڪردارن جي منفي عمل تي مٿن تنقيد ڪندي نظر اچي ٿي. ماهتاب محبوب وٽ مرد ۽ عورت جي جنسي تفريق ڪونهي تنهن ڪري هوءَ اجايو ڪنهن هڪ ڌر جي حمايتي هئڻ بجاءِ زندگيءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي لبرل ۽ پروگريسو انداز ۾ پيش ڪري ٿي.