سنڌي ادب ۾ مابعد جديديت
ڪتاب جو موضوع: سنڌي ادب ۾ بعد جديديت
سهڙيندڙ: ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
ڇپائيندڙ: راشٽريه سنڌي ٻولي وڪاس پريشد، ويسٽ بلاڪ VII، سيڪٽر 1، رام ڪرشن پرم، نئي دهلي
سال: 2011ع
صفحا: 208
’سنڌي ادب ۾ بعد جديديت‘ ڪتاب، دهلي يونيورسٽيءَ جي ”ڊپارٽمينٽ آف ماڊرن انڊين لئنگويجز ۽ لٽريري اسٽڊي“ جي سنڌي شعبي ۾ ٻن ڏينهن تي مشتمل سيمينار ۾ پڙهيل مقالن تي مبني آهي، جنهن ۾ جديديت پڄاڻان جي موضوع تي يارهن مختلف ليکڪن جا تحقيقي مقالا شامل آهن.
هن ڪتاب ۾ هند ۽ سنڌ ۾ سرجندڙ سنڌي افساني، ناول، ڊرامي ۽ شاعريءَ ۾ جديديت پڄاڻان جو مطالعو بحث هيٺ آندل آهي. تنهن کان سواءِ ڪتاب جي شرعات ۾ آنند کيماڻيءَ جو Key Note پڻ جديديت پڄاڻان جي حوالي کان ڏنل آهي، جيڪو تعارفي تبصري طور تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.
آنند کيماڻي هن نوٽ ۾ جديديت پڄاڻان جي وصف، تاريخي پس منظر، فڪر ۽ فلسفين جي نظرين تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. يورپي اديبن جي جديديت پڄاڻان تحت تخليق ٿيل ادب جو تجزيو مثالن سان ۽ خاص طور سان هندستان ۾ سرجندڙ سنڌي ادب جي صورتحال تي تنقيدي نظر وڌي آهي. هو لکي ٿو:
سنڌي ادب ۾ پوسٽ ماڊرنزم جي الڀتا جي باوجود ناول جي صنف ۾ شيام جئسنگهاڻي ۽ لعل پشت جي ڪِن ناولن ۾ ڪي اسپاٽ آهن، جتان پوسٽ ماڊرنزم جا ڪي اسپارڪ محسوس ڪري ٿا سگهجن. ڪهاڻيءَ ۾ ستيش روهڙا جون ڪي تازه ڪهاڻيون، آلو چنا ۾ پرم ابيچنداڻي ۽ هيري شيوڪاڻيءَ جا تبصرا، ڪوتا ۾ هريش واسواڻي، ايم-ڪمل، واسديو موهي ۽ نامديو جون ڪي ڪوتائون اهڙا اسپارڪ ڏين ٿيون. ڪِن ٻين جي رچنائن ۾ به ڇڪي تاڻي جدت پوءِ جا ڪي جيوڙا ڦولهي سگهجن ٿا، ليڪن ڌارا جي روپ ۾ پوسٽ مارڊرنزم اسان وٽ اڃان آيو ڪونهي. (1)
هن نوٽ جي آخر ۾ آنند کيماڻيءَ پنهنجي ناول ’انتر ياترا‘ تي ٿيل تنقيد جو جائزو پڻ پيش ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ جديديت پڄاڻان تحت ڇپيل مقالن جي ترتيب ۽ موضوع هن ريت آهن:
نمبر مقالو مقالي نگار
1. سنڌي ڪهاڻي ڊاڪٽر ستيش روهڙا
2. شيام جئسنگهاڻي جي چونڊ ڪهاڻين تي تبصرو ڊاڪٽر هاسو دادالاڻي
3. سنڌي ناول ۾ بعد جديديت شري موهن گيهاڻي
4. آنند کيماڻيءَ جي ناول ”اڻ لتاڙيل پيچرا“ ۾ پس جدتي ڀڳوان اٽلاڻي
5. سنڌ ۾ سنڌي ڪهاڻي ۽ جديديت پڄاڻان شوڪت حسين شورو
6. ”سنڌي شاعريءَ ۾ بعد جديديت“ شري واسديو موهي
7. موهن ديپ جي ڪوتا ”سنگرهه منهنجي پاڇي جو هڪ حصو شري هيرو ٺڪر
8. سنڌي ناٽڪ ۾ بعد جديديت شري ميگهراج گرناڻي
9. لکمي کيلاڻي جي ناٽڪ ”ريٽ ٽرئپ“ جو جائزو شري سريش ببلاڻي
10. ”پوسٽ ماڊرن سنڌي ساهت ۾ سيڪس سٻنڌن جو چتر“ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
11. آنند کيماڻيءَ جي ناول ”وڄ اڃا ڪانه ڪري آهي“ جو جائزو ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي
بهرحال هي ڪتاب جديديت پڄاڻان بابت ڪافي معلومات فراهم ڪري ٿو، پر ان جي باوجود اڃان به ڪافي ساري مواد جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، جيئن سنڌ ۾ جديديت پڄاڻان جي مطالعي تي فقط هڪ مقالو شامل آهي، اهو به سرسري ۽ مٿاڇري سطح جو خاص طور سان جيڪي افسانا، ناول يا شاعري بحث هيٺ آندا ويا آهن، انهن جا چونڊ ٽڪرا حوالي طور ناهن ڄاڻايل. جيئن مقالي نگار لکي ٿو:
نسيم کرل ۽ عبدالقادر جوڻيجو کان پوءِ صديق منڱيو، عبيد راشدي، منور سراج، منظور ڪوهيار، ابراهيم کرل جي ڪهاڻين ۾ ڳوٺائي ماحول ۽ سماجي مسئلن، ڳوٺائي نفسيات ۽ لوڪ ڏاهپ (Folk Wisdom) کي پيش ڪيو ويو آهي، انهن ڪهاڻين پڙهڻ سان لڳي ٿو ته جديديت پڄاڻان جي فڪري روين کي غير ارادي طور تي قبول ڪيو ويو آهي. (2)
مجموعي طور جيئن ته جديديت پڄاڻان نهايت وسيع موضوع آهي. هن ڪتاب ۾ جديديت پڄاڻان جي مختلف Features تي تبصري جي کوٽ تمام گهڻي محسوس ٿئي ٿي. تنهن کان سواءِ جديديت پڄاڻان لکڻين جون مختلف ٽيڪنيڪس تي اڃان تائين سنڌي ادب ۾ ڪوبه مواد ناهي سرجي سگهيو، انهيءَ تي مواد جي تمام گهڻي ضرورت پڻ آهي.