لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ماورائيت جي وصف

[b]ماورائيت جي وصف
[/b]سرريئلزم به جديد ادبي تنقيد جي هڪ مشهور تحريڪ آهي، جنهن جو بنياد يورپ جي سرزمين تي تقريباً ويهين صديءَ جي شروعات کان پيو. سرريئلزم کي اردو ۾ ’لاشعوريت‘ ۽ سنڌي ادب ۾ ’ماورائيت‘ چيو وڃي ٿو. مختلف ادبي حوالا ماورائيت جي وصف هن ريت بيان ڪن ٿا. آڪسفورڊ ڊڪشنري ماورائيت بابت ٻڌائي ٿي:
“20th Century movement in art and literature that tries to express what is in the subconscious mind by showing objects and events as seen in dreams etc.” (1)
ترجمو: ”ويهين صديءَ جي ادبي ۽ فني تحريڪ، جنهن ۾ اهو اظهارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيڪي مختلف شيون ۽ واقعا خواب ۾ ڏسجن ٿا، انهن جي ذريعي اها خبر وٺي سگهجي ٿي ته ماڻهوءَ جي تحت الشعور ۾ ڇا آهي؟“
بنيادي طرح سان لفظ Surrealism مرڪب آهي، جيڪو Sur، Real ۽ ism لفظن جو مجموعو آهي. Sur لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي Super يا Beyond۽ Realism معنيٰ ”حقيقت“. اهڙي طرح سان Surrealism لفظ جي لغوي معنيٰ ٿي“Beyond the reality”. مطلب ته ”حقيقت کان پرانهان“. اهڙيءَ ريت اسان چئي سگهون ٿا ته اهو ادب، جيڪو حقيقت کان پرتي هجي، جنهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو نه هجي، تنهن کي Surrealism يا ماورائيت چئجي ٿو.
ويبسٽر ڊڪشنري، ماورائيت بابت رايا ڪجهه هن ريت ڏئي ٿي:
“A Modern movement in art and literature in which an attempt is made to portray or interpret the workings of the unconscious mind as manifested in dreams. It is characterized by an irrational, fantastic arrangement of material.” (2)

ترجمو: فن ۽ ادب جي هڪ جديد تحريڪ جيڪا ماڻهوءَ جي لاشعور ۾ موجود ڪيفيتن ۽ شين جي نمائندگي غير عقلي، غير منطقي ۽ خيالي طرح سان ڪري ٿي.
ويبسٽر ڊڪشنري به تقريباً ماورائيت جي ساڳئي وصف ٻڌائي ٿي. ماورائي تحريڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت انسان جي تحت الشعور ۽ لاشعور کي مليل آهي. انسان پنهنجي معروضي دنيا ۾ روزمره بي شمار نظارا ۽ عڪس ڏسي ٿو، انساني دماغ انهن عڪسن کي ڪهڙي ريت محفوظ ڪري، دٻيل ڳالهين کي ٻيهر خوابن ذريعي ڪهڙي مختلف انداز ۾ اظهاري ٿو. ماورائيت اهڙي ئي منجهيل ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ خيالن واري تحريڪ جو نالو آهي.
جڳ مشهور برٽينيڪا انسائيڪلوپيڊيا ماورائيت بابت لکي ٿو:
“Surrealism was a means of reuniting conscious and unconscious realms of experience so completely that the world of dream and fantasy would be joined to the everyday rational world in an absolute reality, a surreality.” (3)
ترجمو: حقيقتن، خوابن ۽ سراپن وچ ۾ روزمره زندگيءَ جا عقلي ۽ قطعي حقيقي عڪس جيڪي شعوري ۽ لاشعوري تجربن تي مشتمل آهن، انهن گڏيل عڪسن جو نالو سرريئلزم آهي. ماورائي تحريڪ جو منشور لکندڙ ۽ پايو وجهندڙ اينڊري برٽن (Andre Breton) جنهن کي ماورائي تحريڪ جو “Pope” پوپ به سڏجي ٿو، ماورائيت بابت پنهنجا ويچار لکي ٿو.
“Psychic automatism in its pure state, by which one proposes to express verbally, by means of the written word, or in any other manner the actual functioning of thought dictated by the thought, in the absence of any control exercised by reason, exempt from any aesthetic or moral concern.” (4)

ترجمو:” لکيل يا ڳالهايل لفظن يا ڪنهن ٻي طرح جي عمل ۽ ان جي معنيٰ جو تعلق بنيادي طرح خودڪار نفسياتي رجحانن ۽ سوچن جي عمل دخل سان آهي، اهڙيون سوچون پنهنجي عمل دخل ۾ عقل کان بغير آهن بلڪ جماليات يا اخلاقيات سان به سندن واسطو ناهي.“
بنيادي طرح اينڊري برٽن سگمنڊ فرائيڊ جي تحليل نفسي واري طريقي کان تمام گهڻو متاثر هو. سرريئلسٽ تحريڪ جي بنياد ۾ پڻ فرائيڊ جو لاشعور وارو نظريو اڳواڻي ڪندي نظر اچي ٿو. برٽن ادبي حقيقتن، عقليت ۽ معقوليت جي بجاءِ انسان جي لاشعور ۾ موجود بي پناهه تخليقي ۽ تخيلاتي قوتن تي يقين رکندڙ هو.
اردو ادب جو مشهور نقاد، ناصر عباس نير، ماورائيت بابت پنهنجا ويچار بيان ڪندي چوي ٿو:
“سرریلزم اور شعور کی رُو کا موقف اس سے ملتا جلتا ہے کہ کسی فرد یا کردار کے ذہنی مندرجات، اس کی یادداشت، حسی ادراک، احساسات، خیالات کو، جس طور وہ کسی منطقی ربط کے بغیر، زمانی و مکانی تناظر سے کٹے ہوئے، آگے پیچھے ذہن میں وارد ہوتے ہیں، اسی طور انہیں پیش کردیا جائے۔” (5)
مجموعي طور سان مٿئين وصفن جي روشنيءَ مان اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو، ته ماورائيت جو تعلق معروضيت جي بجاءِ، انسان جي داخلي دنيا سان آهي، جنهن ۾ منطق ۽ دليلن جي بجاءِ، انسان جي لاشعور ۾ موجود بي ربط ۽ بي ترتيب خيالن، اندر ۾ موجود احساسن ۽ جذبن جي پاڻ مرادي بي پناهه اڇل، بغير ڪنهن اصول، قاعدي ۽ قانون جي پابندي جي انساني لاشعور ۾ موجود تخيل جي دنيا جي آزاد اپٽار جو نالو ماورائيت آهي.