لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

جديديت پڄاڻان جو فلسفياڻو پسمنظر:

جديديت پڄاڻان جو فلسفياڻو پسمنظر:
(Philosophical Background of Post-Modernism)
جديد دور جي شروعات ڊيڪارٽ جي فلسفي کان ٿي هئي، جنهن Dualism يا ٻيائيءَ جو نظريو ڏنو هو. هن جي خيال ۾ روح ۽ جسم يعني ذهن ۽ مادو ٻه الڳ الڳ حقيقتون آهن، ٻنهي جو دائرو الڳ الڳ آهي، ٻنهي کي سمجهڻ جا طورطريقا به پنهنجا پنهنجا آهن. فقط ٻنهي جو پاڻ ۾ هڪ تعلق آهي. ڊيڪارٽ جو چوڻ هو ته:
“I think therefore I am.” (7)
مغرب ۾ ڊيڪارٽ جي مادي حقيقت کي بعد ۾ سماج، معاش ۽ سائنس جو بنياد بڻايو ويو، پر ساڳئي وقت روح، ذهن ۽ خيال جي دنيا ۾ به فلسفي جا ٻيا بنياد پيا، جن ۾ وجدان، نفسيات ۽ وجوديت شامل هئا.
وجوديت هڪ اهڙو منفرد ۽ نئون فڪر بڻجي اڀريو، جيڪو يورپ جي روايتن ۾ نرالو ۽ مختلف هو. ساڳئي وقت اسان ائين چئي سگهون ٿا ته ڊيڪارٽ جي ذهن ۽ جسم جو انتهائي فڪري بحث گڏيل ۽ منجهيل صورت ۾ وجوديت ۾ موجود هو، بلڪه انهن ٻنهي جو سنگم هو.
وجوديت جو اهم فلسفي نٽشي (Nietzsche) آهي، جنهن جديد يورپ تي پنهنجا گهرا اثر ڇڏيا. نيٽشي جو خيال هو ته انساني وجود جو بنيادي سانچو، جيڪو ماضيءَ کان موجود رهيو آهي، اهو خدا ۽ بندي جي رشتي جي ماتحت آهي، پر اِهو وجود جو سانچو سِري سان ئي غلط آهي، انهيءَ ڪري ڪائنات ۽ ماڻهوءَ کي سمجهڻ جو نئين سِري سان جائزو وٺڻ لاءِ نوان طورطريقا کپن. نيٽشيءَ جو مشهور ڊرامو Joyful Wisdom انهيءَ جو فڪري اعلان آهي، جنهن ۾ هن هڪ پوڙهي کان ڪجهه اهم جملا چَورايا ۽ انسان کي يڪدم هڪ نئين سوچ ۾ وجهي ڇڏيو. هن جو خيال هو ته ڀڳوان مري چڪو آهي، انسان مڪمل اڪيلو ۽ خودمختيار بڻجي چڪو آهي. هي هڪ وڏو سانحو آهي، جنهن لاءِ وري دنيا جي نقطه نظر کي سمجهڻ لاءِ ڪو نئون سانچو آڻڻو پوندو.
“Nietzsche grounds his attack in his famous assertion of “the death of God”. He used this asserting phrase to capture his sense that western civilization was no longer influenced by the Christian tradition as it once had been.” (8)
جديديت پڄاڻان جو بنيادي نڪتو اهو به آهي ته ماضيءَ ۾ دنيا کي جنهن رستي تي هلايو پئي ويو، اهو رستو ئي غلط هو، بلڪ جديديت پڄاڻان ماضيءَ جي سمورن فڪرن جا بُت ٽوڙي، پنهنجي هئڻ جو اعلان ڪري ٿي.
وجوديت جو ٻيو اهم فلسفي مارٽن هائيڊگر (Martin Heidegger) هو، جنهن جو چوڻ هو ته انسان جو بنيادي مسئلو انهيءَ جو وجود ناهي، بلڪ عدم آهي، يعني انسان وجود ۾ اچڻ جي شديد خواهش نٿو رکي بلڪ عدم جي خواهش رکي ٿو.
“Dasien by anticipation, lets death become powerful in itself, then, as free for death, Dasien understands itself in its own superior power the power of its finite freedom…” (9)
هتي جديد نفسياتدانن انهيءَ نڪتي کي سمجهايو ته ماڻهوءَ ۾ حيات جبلت کان وڌيڪ موت جي جبلت موجود آهي، جنهن ڪري زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ حيات جا لوازمات سمجهڻ کان وڌيڪ اهم موت کي سمجهڻ آهي.
هي اهي بنيادي نڪتا هئا جيڪي وجوديت جي بنياد هئا، پر يورپ جي سجاڳيءَ واري دور ۾ ڊيڪارٽ کان سارتر تائين انسان بنيادي موضوع بڻيو رهيو. هر فڪر جو بنياد ڪو نظام هوندو آهي، نظام ۾ هڪ مرڪزيت ئي نظامِ زندگيءَ کي استوار ڪندي آهي،
پوءِ اهو مزڪز ”خدا“ جي تصور سان سلهاڙيل هجي، يا انسان سان يا وري سماجي قدرن سان، پر ان مرڪز کان بغير انتشار لازمي آهي. جديديت پڄاڻان جو بنياد ئي انهيءَ مرڪز کان لاتعلقي يا مڪمل انڪار آهي.
سوسيئر جڏهن سماجي ساخت جي ڳالهه ڪئي، دراصل هڪ دور جي ساخت کي مرڪزي حيثيت ملي وئي، جنهن ۾ معنائن جي سڃاڻپ ضدن جي هڪ وسيع نظام ۾ موجود هئي، پر ڊيريڊا چيو ته Binary Opposition جو نظام هڪ اصطلاح آهي، جيڪو صرف الجبرا جي علامت آهي، پر ضدن جو ڪو سلسلو آهي ئي ڪونه، ڇوته ٻه مخالف شيون جامد ۽ ساڪن نه آهن، انهن جي درميان صرف مفاصلا آهن، جيڪڏهن اهي مفاصلا ختم ڪيا وڃن ته ممڪن آهي ته ٻنهي جا بنيادي جزا ساڳيا نڪرن ۽ صرف ظاهر ۾ ترتيب الڳ هجي. ڊيريڊا انهيءَ عمل کي ڀڃ گهڙ (Deconstruction) جو نالو ڏئي ٿو.
بنيادي طور ساخت هڪ جامع ۽ منظم نظام آهي، جنهن ۾ مرڪزيت موجود آهي، پر مرڪز ختم ڪرڻ سان ئي شين جي وچ ۾ تفاوت ختم ٿي ويندا، ڇوته ساخت مرڪز جو حصو آهي، پر مرڪز ساخت جو حصو ناهي. انهيءَ جو مثال دريدا هن ريت ڏئي ٿو ته هڪ ڪلاس ۾ سؤ ٻار ويٺا آهن، جيڪي ڪلاس ۾ استاد هئڻ ڪري انتهائي نظم ۽ ضبط ۾ رهن ٿا، جن جي حاضري، استاد آرام سان وٺي سگهي ٿو. يعني استاد مرڪز آهي انهيءَ ڪلاس جو، پر جي ڪلاس ۾ 14 ڇوڪرا آهن ۽ اهي هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙن، ته استاد انهن جي حاضري نه وٺي سگهندو ۽ نه وري استاد جي مرڪزيت رهندي.
انهيءَ صورتحال کي ڊيريدا Play يعني (چال) جو نالو ڏيئي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته استاد اها صورتحال ڏسي اداس ٿي وڃي، پر جي استاد به انهن سان گڏ راند ڪرڻ لڳي ته پوءِ سندس اداسي ختم ٿي ويندي. معنيٰ مرڪز مائل قوتن ۾ لازمي ضدن جو هئڻ آهي، پر جي مرڪز ٽوڙي، شين جي اندر لڪيل بنيادي جزن کي آشڪار ڪجي ته ضد ختم ٿي ويندا، معنيٰ ساخت کي Play (چال) ڏئي، سندس مرڪزيت ختم ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ عمل کي ڊيريڊا ڀڃ گهڙ (Deconstruction) جو نالو ڏئي ٿو.
بلڪل اهڙي ريت فلسفي جي دنيا ۾ مرڪزيت کي ختم ڪري Anti-Theory جو نظام متعارف ڪرايو ويو، جنهن سبب رينڊم اسٽائيل جي شروعات ٿي.