سنڌي نثر ۾ جديديت پڄاڻان:
[/b]سنڌي ادب ۾ جديديت پڄاڻان جي عڪاسي فقط تاثراتي حوالي کان ملي ٿي. ان جو سبب اهو آهي ته پاڪستان جھڙن ترقي پذير ملڪن ۾ ڪرپشن، رشوت خوري، بيروزگاري ۽ دهشتگردي جھڙن مسئلن سماج ۾ لامرڪزيت، انارڪي ۽ ڇڙواڳي ڦهلائي ڇڏي آهي، جنهن ڪري جديديت پڄاڻان جي معروضي صورتحال ترقي يافته ملڪن جي بجاءِ ترقي پذير ملڪن ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان جو سنڌي اديب جديديت پڄاڻان کان چڱي نموني واقف آهي. منهنجي خيال موجب آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو جديديت پڄاڻان بابت آگاهي/واقفيت رکن ٿا.
درحقيقت سنڌ جو اديب اڃان تائين ترقي پسندي ۽ وجوديت واري دائري کان ئي ٻاهر ناهي نڪري سگھيو. سنڌي ادب جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته ان ۾ اڄ به رومانويت، وطن پرستي، تصوف، ڪلاسيڪيت، مزاحمتي فڪر ۽ روشن خياليءَ جا رنگ ته ملندا پر سائينٽفڪ ۽ فلاسافيڪل لحاظ کان جديديت پڄاڻان جو صحيح معنيٰ ۾ مطالعو فقط يورپي ادب ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب ۾ جديديت پڄاڻان جي عڪاسي نه هئڻ جي برابر آهي فقط ڪجھ ليکڪن وٽ جديديت پڄاڻان جا سماجي عڪس ملن ٿا.
[b]1. منور سراج:
[/b]منور سراج جي ڪهاڻي ”جوڳيءَ جو جنم“ ان جو مثال پيش ڪري ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ انساني زندگي، سماج ۽ ثقافت سان لاڳاپيل مختلف ديومالائي قصن، وهمن ۽ وسوسن جو عنصر ملي ٿو. هڪ جوڳيءَ جي ذات جي روحانيت ۽ پراسراريت جي عڪاسي ٿيل آهي جنهن جي دعا ۽ پيشن گوئيءَ سان عورت کي اهڙو پٽ پيدا ٿئي ٿو جنهن جي هٿ جي پٺيءَ تي فقير جي آڱوٺي جو نشان هجي ٿو. مثال طور:
”ڏهين مهيني هٿ پير لڌائين، پٽ ڄائس. سج جي تڙڪي ۾ ٻار کي تيل سان آڍيندي ڏاڏيءَ جي نظر ٻار جي کاٻي هٿ جي پٺيءَ تي پئي ته حيرت مان رڙ نڪري ويس. ”آئي ڇوڪر! خانزادي ٽڪ جي رلي تيار ڪراءِ“ ”ڇو ماسي“ نهڻس جهيڻي لهجي ۾ چيو.
”مائي، جوڳيءَ جي ڳالھ سچي نڪتي، هي ڏس ننڍڙي جي هٿ جي پٺي....“ مائي ساران ٻار کڻي اچي ماءُ وٽ بيٺي.
گھڙيءَ ۾ سڄوويڙهو اچي ٻار تي ڳاهٽ ٿيو، هڪ ڀيرو وري سڄو ويڙهو جوڳيءَ جي ڳالهين سان ڀرجي ويو.“ (37)
جديديت پڄاڻان عالمي ثقافت سان گڏوگڏ مقامي توڙي انفرادي، ڪلچر، تهذيب، ثقافت، لوڪ ڪٿائن توڙي ڏند ڪٿائن کي هڪ جيتري اهميت ڏئي ٿي ۽ اهي حقيقتون هر سماج ۽ ڪلچر ۾ هڪ ٻئي کان مختلف ٿين ٿيون.
ضروري ناهي ته هڪ سماج يا قوم جون صداقتون ٻئي لاءِ به اوتريون ئي ڪارگر ۽ درست هجن. منور سراج جي ڪهاڻي جديديت پڄاڻان جي اهڙي ئي خيال کي اڀاري ٿي.
[b]2. منظور ڪوهيار:
[/b]تنهن کان پوءِ منظور ڪوهيار جي مختصر ڪهاڻين جو مجموعو”ڀؤنرن جي انتظار ۾“ فني حوالي کان جديديت پڄاڻان جي ڀرپور عڪاسيءَ ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته جديديت پڄاڻان عظيم بيانن (Metanarratives) جي بجاءِ مختصر ڪهاڻين کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي. هن مجموعي ۾ ڪا به ڪهاڻي ڏهن کان وڌيڪ جملن تي مشتمل ناهي. منظور ڪوهيار جون ڪهاڻيون پڻ جديديت پڄاڻان جي سماجي صورتحال بابت آگاهي ڏين ٿيون سندس ڪهاڻيون نهايت خوبصورت احساساتي تاثر پيدا ڪن ٿيون. جن مان هر هڪ ڪهاڻيءَ تي الڳ سان هڪ پورو ناول لکي سگھجي ٿو. مثال طور سندس ڪهاڻي ”اڳٺ نڪتل سٿڻيون ۽ عوام“ کي جائزي لاءِ پيش ڪجي ٿو.
هڪ وزير، پنهنجي داناءَ مشير کان پڇيو:
”اڄڪلھ عوام ڏاڍو تنگ ٿو ڪري. جتان لنگھئون ٿا، اسان کي ڏسي، ٻئي هٿ مٿي ڪري اسان جي خلاف نعرا ٿو هڻي. ان جو ڪوحل ٻڌاءِ“؟ مشير وراڻيو، سائين، عوام جي سٿڻين ۾ اڳٺ وجھڻ تي پابندي هڻائي ڇڏيو. وزير کي اها ڳالھ ڏاڍي وڻي. هن اهڙي قسم جو بل اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي ڇڏيو، ان ڏينهن کان وٺي عوام جا ٻئي هٿ سٿڻن ۾ آهن.“ (38)
هيءَ ڪهاڻي جديديت پڄاڻان جي صورتحال تي ڀرپور طنز آهي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موجودہ دؤر مڪمل طور سان مصنوعي، جڙتو مسئلا پيدا ڪيل، ٺڳي، ڪوڙ، سماجي توڙي سياسي طور انتشار جو شڪار آهي. جتي ميڊيا ذريعي مختلف پروپيئگنڊن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ماڻهن کي گمراھ ڪيو وڃي ٿو. ايترا اشوز پيدا ڪيا وڃن ٿا، جو ماڻهو مونجھاري جو شڪار ٿي اصل موضوع ۽ مسئلن تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏين ٿا ۽ Hyper reality
واري دنيا کي ئي سچ سمجھڻ لڳن ٿا. هن ڪهاڻي ۾ علامتي طور عوام جا هٿ سٿڻن ۾ وجھرائڻ جو مطلب به اهو ئي آهي ته موجودہ سياسي ڍانچو پنهنجن مفادن جي پورائيءَ لاءِ ميڊيا کان اهڙو ڪردار ادا ڪرائي ٿو. جنهن ۾ جديد ميڊيا هٿ ٺوڪين مسئلن ذريعي ماڻهوءَ کي ايترو قابو ڪري ڇڏي ٿي جو انسان جو عقل منجھي پوي ٿو ۽ منجھس مزاحمت جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي.
[b]3. ڊاڪٽر غفور ميمڻ:
[/b]ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي ڪهاڻي ”جتي نيهن اڇل“ سائنسي فڪشن تحت لکيل ڪهاڻي آهي. جيڪا پڻ جديديت پڄاڻان ادب جي هڪ اهم خاصيت آهي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ مادي ترقيءَ جي انتها ڏيکاريل آهي. مستقبل ۾ انساني زندگيءَ جي ترقيءَ جي تصور جي نهايت خوبصورت تصوير چٽيل آهي، جتي انساني زندگي ايتري ته ترقي ڪري چڪي آهي، جو ماڻهو غائب به ٿي سگھي ٿو، سندس دماغي ڪيفيتون مشين ذريعي جاچي به سگھجن ٿيون، ته ٻار به ليبارٽرين ۾ پيدا ٿين پيا ۽ انسان جي پهچ ڪيترن ئي سيارن تائين ممڪن ٿي سگھي آهي. هڪ سياري تي ماڻهو تفريح ڪرڻ پيا وڃن، ته ٻئي تي رهڻ، ٽئين تي آفيسون آهن، ته چوٿين تي اسپتالون ۽ انهن جو سفر پڻ منٽن تي مشتمل ٿي پيو آهي.
هن ڪهاڻيءَ جا ڪجھ تصور جادوئي حقيقت نگاريءَ (Magic Realism) جو اڀياس ڪرائين ٿا.
”شيام سنڌوءَ تي هڪ نظر وڌي ۽ خودڪار ڪمپيوٽر روم ۾ بيهي ڪجھ بٽڻ دٻائڻ لڳو. ٿوري دير ۾ ڪجھ لهرون ڏسڻ ۾ آيون ۽ شيام جو جسم غائب ٿي ويو.“ (39)
يا هڪ ٻيو مثال ڏسو:
”اڄ توهان 2299 ۾ جي رهيا آهيو. سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي، جو اهڙن واقعن تي سوچڻ به خواب ٿو لڳي، هن وقت ڌرتي هڪ ملڪ آهي ۽ دنيا وسيع ٿي چڪي آهي.“ (40)
طارق قريشيءَ جي ڪهاڻي ”صدي جو سفر“ پڻ سائينٽيفڪ پس منظر تحت لکيل ڪٿا آهي، جنهن ۾ سائنسي ترقيءَ جو سربستو احوال ڏنل آهي.
[b]4. ڊاڪٽر منظور قادر:
[/b]تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر منظور قادر جي ”فلائنگ ڪنڊوم“ ڪهاڻي پڻ جديديت پڄاڻان جي مختلف عنصرن مان سماجي انارڪي، ڇڙواڳي ۽ بي راھ روي ڏانهن اشارو ڪري ٿي. هڪ اهڙي سماج جو تصور پيش ڪري ٿي، جتي قدر، ڪلچر ۽ رشتن ناتن جو تقدس پائمال ٿيندو رهي ٿو.
”تڙ تڪڙ واري پيار جو مزو وٺندي جيئن ئي فارغ ٿيو ته اٿي باٿ روم ڏانهن ڀڳو، باٿ روم ۾ پهچي کيس خبر پئي ته هن باٿ روم جو ته ڪموڊ ڪالھ کان وٺي بند آهي، ۽ ڀريو پيو آهي، هاڻي لاٿل ڪنڊوم کي ڪري ته ڪيڏانهن ... ٻيو ڪو رستو نه ڏسي روشندان مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيائين. هن ڪنڊوم ڇا اڇلايو... جھڙوڪ ڀنڀور کي باھ لڳي وئي، ڪنڊوم اُڏامندو اُڏامندو وڃي حاجي اشرف جي مُنهن تي ڦهڪو ڪيو.“ (41)
[b]5. محمد صديق منڱيو:
[/b]محمد صديق منڱيي جي ڪهاڻي ”ڏُکي ٿي ڏڌُور...“ جديديت پڄاڻان جي حوالي کان سياسي، سماجي ۽ معاشي بدانتظامين ۽ انتشار کي وائکو ڪري ٿي. جتي عام ماڻهو تذليل جو نشانو بڻجي ٿو. جتي عدل، انصاف، سک آرام ۽ سهنجائي عام لاءِ نه، پر خاص لاءِ مخصوص آهي.
”رات جي بيگاھ واري بچاءَ بند کي ٽُڪو ڇا هنيائون، ڄڻ ڳوٺ ۽ گامُ سڀ ٻُڏي ويا مطلب ڳوٺ نه ٻُڏي ها ته جڏڙو مڙس خادم ڇو پوئتي رهجي وڃي ها؟...
نه سمر ساٿ هئس، نه ئي ساٿُ سلامتُ مٿي ڇانءَ لاءِ سرڪاري ڪئمپ جي ڇت ڇانءَ، پيٽ ڀرڻ لاءِ اڻپوري خيراتي ماني ۽ ڳنڍ ٻڌل هئس، وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورن جا سڻڀا بيان ۽ اعلان، ‘’نه هوند، نه شڪر‘. سکڻن اعلانن مان به ڪنهن جي واهر ٿي آهي؟ اُهي،وَس وارن جي وات جا ٻوڙ پلاءُ ئي ته هوندا آهن، جن تي ڪو به خرچ نه ايندو آهي، رڳو ٿورڙي اک جي پڪائي ۽ نڪ جي نرڄائيءَ جو هنر هجي... جن جا سياسي پيرَ زور هئا، تن جا ته قطار ۾ بيٺي ئي ٻيڙا پار پئي ٿيا پر هن جا سڏ پيران پير تائين نه رسيا هئا.“ (42)
[b]6. ماهتاب محبوب:
[/b]ماهتاب محبوب جي ناولن ”پيار پناهون ڇانورا“ ۽ ”خواب خوشبو ڇوڪريءَ“ ۾ جديديت پڄاڻان جا اولڙا پسجن ٿا. هنن ناولن ۾ وجود جي اڇل کي محسوس ڪري سگھجي ٿو. ان سان گڏوگڏ نوان جنسي قدر ۽ اڻ کٽندڙ هَوس پڻ هنن ناولن جا موضوع آهن. تنهن کان سواءِ جديد شهري قدرن ۽ مارڪيٽ جي گليمر جو اثر جيڪو جديديت پڄاڻان جو اهم روح آهي، سو پڻ هنن لکڻين تي حاوي نظر اچي ٿو.
مثال طور:
”لنچ بريڪ دوران لائونج ۾ اڪيلي ويٺي؛ هوءَ جيڪو سوچن ۾ غرق هئي، جو سامهون سيڙهين تان هڪ نانءُ چڙهي سياستدان کي ڪنهن بيورو ڪريٽ جي ڌيءَ سان گڏ بي تڪليفي مان هيٺ لهندو ڏسي، هن جي سوچ جي وهڪري پنهنجو رخ موڙيو... ڪيڏي نه شان سان پرائي ڌيءَ کي ساڻ ڪيو پيو هلي... اهو ساڳيو جيڪر ديسي چڪلي جي ماڙيءَ تان ڪنهن ماڙيچياڻيءَ جو رت ست چوسي نپوڙي، هٿن ۾ گجرا ويڙهي ڳاڙهو وات ڪري، کنڀڙاٽين مان کنڀرائي، ٿڙندو ٿاٻڙندو هيٺ لهي ها ته هوند سڄي ساک مٽيءَ ۾ ملي وڃيس ها...“ (43)
يا وري هي جملا ڏسو:
”ميڊيم هوءَ ملڪ جي نامور ايڪٽريس ڪيئن بڻي؟“ رمل کيس غور ۽ دل چسپيءَ مان ٻڌندي پڇيو.
”بس امان، جنهن کي رب نوازي... هن جا ڀاڳ به ڪي چڱيرڙا هئا... اسان وٽ اتي ڊائريڪٽر ايندو هو، جنهن کيس اسٽيج تي نچڻ جو چانس ڏياريو، تڏهن تيرهن سالن جي عمر ۾ منهنجي پيٽ ڄائي، ان اميرزادي جي سڳي ڌيءَ، ڇير ٻڌي، اسٽيج تي نچي، ماڻهن کان داد وصول ڪيو، تنهن بعد هوءَ ترت ئي فلمن ۾ کڄي وئي. اڄ ڏھ سال گذري وڃڻ کان پوءِ هوءَ صف اول جي ايڪٽرياڻي شمار جي ٿي. معاشري ۾ هن جي عزت آهي... مقام آهي... سوين سلامي آهن...“ (44)
[b]7. منير چانڊيو:
[/b]منير چانڊئي جو ناول ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ جيتوڻيڪ رومانوي ناول آهي، پر هن ناول جو ڪلائيمڪس جديديت پڄاڻان جي نتيجي پرستيءَ Pragmatism)) وارو آهي. جنهن ڪري پيار جي آفاتي هئڻ واري صداقت هن ناول ۾ پرزا پرزا ٿيندي نظر اچي ٿي.
جديديت پڄاڻان دؤر جي اهم نعري ”Think Globally but act locally “ جو پڙاڏو هن ناول ۾ ڀرپور طريقي سان محسوس ٿئي ٿو.
”ڏس نه منصور! هيءُ دؤر پنهنجي مطلب جو آهي، هر ماڻهوءَ کي پنهنجو فائدو ڏسڻ گھرجي، توسان شادي ڪرڻ کان بهتر آهي، ته مان نور محمد سان شادي ڪريان.“...
”هو توکان ته هزار ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي، هو بدي ۾ منهنجي ڀاءُ لاءِ پنهنجيءَ ڀيڻ جو سڱ به ڏئي ٿو، منهنجي ڏاج لاءِ پئسا به ڏئي ٿو.“...
منهنجيءَ دل کي لڳل چَڪُ گھرو ٿي ويو هو، تون وڌيڪ ڳالهائڻ لڳي هئينءَ.
”اها هڪ ئي ڀيڻ اٿس، ٻيو اهو پيءُ، جيڪو به ڳوٺ ۾ پنهنجون زمينون سنڀاليندو... نه گھر ۾ ماءُ هوندس، نه پيءُ، نه ڀيڻ، نه ڀاءُ.... گھر ۾ اڪيلي ويٺي راڄ ڪنديس...“ (45)
[b]8. اخلاق انصاري:
[/b]اخلاق انصاريءَ جي ناول ”اڏوهي“ ۾ جديديت پڄاڻان جي رجحان Fragmentation جو ڪجھ اثر نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هي ناول ”Surrealism“ جي لاڙي تحت لکيل آهي، پر ان جي باوجود ڪجھ عنصرن سبب هي ناول Fragmentation جي ويجھو به لڳي ٿو. هيءَ ڪهاڻي پلاٽ ليس (Plot less) آهي، جنهن ۾ واقعن جي بيان جو تسلسل ٽڙيل پکڙيل ۽ بي ترتيب آهي. هڪ پروفيسر کي يونيورسٽيءَ طرفان ويهن هزارن جو چيڪ ملي ٿو، پر کيس سمجھ ۾ نٿو اچي ته اهي پئسا کيس ڪهڙي ڪم لاءِ مليا آهن، هو مختلف وهمن ۽ وسوسن عجيب و غريب منجھيل خيالن ۾ وڪوڙ جي بيمار ٿي پوي ٿو کيس انهيءَ عمل پٺيان ڪيتريون ئي سازشون نظر اچن ٿيون.
هن ناول جو اسلوب ننڍن ننڍن اڻ پورن ۽ بي ترتيب ٽڪرن تي مشتمل آهي جن جو پاڻ ۾ ڪوبه باهمي ربط نظر نٿو اچي.
”ائين ته نه آهي...ته...ڪڏهن ڪنهن Development ڪاميٽي ۾ رکي... ڪنهن بلڊنگ ۾ ڪم ڄاڻائي صحيح وٺن...هان... يا... سپورٽس ڪاميٽيءَ جي چارج آهي... سامان ڪاغذن ۾ خريد ٿيل ڏيکارجي... ۽ خريد نه ڪجي... پر شيئر ڪجن؟...
”پر اهو به ته ممڪن آهي، ته ڪنهن پارٽيءَ جي شاگرد کي... مارائي... ڪوڙي شاهدي ڏيارين... ۽ پوءِ... ايئن به ته ٿي سگھي ٿو... ايئن به ته ٿي سگھي ٿو... ان کان پوءِ مون کي به... “ (46)