لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

نتيجو

ٿيسز جي هن باب ۾ ترتيب وار گذيل سمورن بابن جي تحقيق جو تجزيو، وچور ۽ نتيجو پيش ڪيو پيو وڃي.
هيءَ ٿيسز پنجن بابن تي مشتمل آهي. باب پهرين جو موضوع فيمينزم (Feminism) آهي، جيڪو ستن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرين حصي ۾ مختلف ڊڪشنرين، انسائيڪلوپيڊيائن ۽ عالمن جي ڏنل وصفن جي وضاحت ڪندي اهو نتيجو اخذ ڪيو ويو آهي ته فيمينزم لاءِ سنڌيءَ ۾ عورتازاد جو لفظ ان جي مفهوم جي ڀرپور عڪاسي نٿو ڪري. فيمينزم، عورت جي مختلف حقن جهڙوڪ سماجي، معاشي، سياسي، ثقافتي ۽ قانوني حقن جي جنگ وڙهي ٿو. پدري نظام جي بالادستيءَ جي بجاءِ عورتن کي مردن جي برابر حيثيت ڏيارڻ جي تصور کي هٿي ڏيئي ٿو. عورت جي انفرادي وجود، سندس شعور ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس انساني حيثيت کي مڃرائڻ لاءِ زور ڏئي ٿو. تنهن کان سواءِ اهو پڻ واضح ٿيو ته معاشري جا سڀئي فرد جيڪي فيمينسٽ فڪر رکن ٿا، اهي فيمينسٽ سڏرائن ٿا. هي ليبل فقط عورتن لاءِ مخصوص ناهي.
ٿيسز جي پهرين باب جي ٻئي حصي ۾ فيمينسٽ تحريڪ جي تاريخ ۽ پس منظر تي روشني وڌل آهي. هن تحريڪ جي شروعات روشن خياليءَ واري دور کان ليکجي ٿي. ادبي ۽ فلسفياڻي حوالي کان چئن شخصيتن جا نالا ملن ٿا.
مارڪئس ڊي ڪونڊريسٽ (Marquis de Condorcet)
اولمپي ڊي گاجس (Olympe de gouges)
ميري والسٽون ڪرافٽ (Marry Wollstone Craft)
جان اسٽورٽ مل (John Stortmill)
هنن شخصيتن عورتن جي حقن جي ڀرپور حمايت ڪندي، عوام ۾ مقبوليت ماڻي.
تنهن کان پوءِ پهرين باب جو ٽيون حصو فيمينسٽ تحريڪ جي تاريخ جي مختلف دورن تي مشتمل آهي. هن تحريڪ کي چئن مختلف تاريخي دورن ۾ ورهايو ويو آهي.
پهريون دور 1848ع کان 1920ع تائين، ٻيو دور 1960ع کان 1988ع تائين، ٽيون دور 1988ع کان 2007ع تائين، جڏهن ته چوٿون دور 2008ع کان موجوده وقت تائين ڳڻيو وڃي ٿو. پهريون دور لبرل، ٻيو دور عورت جي وجودي حيثيت، جڏهن ته ٽيون ۽ چوٿون دور فيمينزم جي انتهاپسنديءَ واري لاڙي تي روشني وجهي ٿو.
پهرئين باب جي چوٿين حصي ۾ فيمينزم جي پندرهن مختلف قسمن تي تبصرو ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ڪي خاص قسم هي آهن: لبرل فيمينز، پَنڪ فيمينزم، لپ اسٽڪ فيمينزم، لزبن فيمينزم، پوسٽ ڪالونيئل فيمينزم، پوسٽ ماڊرن فيمينزم وغيره. جيئن لزبن فيمينزم عورتن ۽ مردن جي هم جنس پرستيءَ کي موضوع بڻائي ٿو يا پوسٽ ڪالونيل فيمينزم ٽين دنيا جي عورتن جي مختلف اشوز تي تبصرو ڪري ٿو.
پهرئين باب جي پنجين حصي ۾ فيمينسٽ تحريڪ جو فلسفياڻو ۽ نفسياتي منظر پيش ڪيو ويو آهي. فلسفياڻي بحث جو تتُ عورت جي وجودي حيثيت تي آڌار رکي ٿو. انهيءَ حوالي کان سيمون ڊي بوارا (Simone de Behavior) جي فلسفي کي پيش ڪيو ويو آهي. سيمون ڊي بوارا پنهنجي ڪتاب “The Second Sex” ۾ عورت جي اصلي حقيقت ۽ سڃاڻپ کي ڳوليندي پدري سماج جي ثقافتي عمل کي ڏوهاري قرار ڏنو آهي، جنهن سبب عورت جي حيثيت ثانوي رهجي ويئي آهي. تنهن کان پوءِ فيمينزم جي نفسياتي پسمنظر ۾ عورت جي وجودي وارداتن سان گڏوگڏ سماجي دائرن، معاشي قدرن کي به اجاگر ڪيو ويو آهي، جنهن مان اهو نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته عورت ۽ مرد جا سماجي دائرا الڳ الڳ آهن، ٻنهي جنسن جي وچ ۾ اڻ برابريءَ سبب عورت وجودي طور احساس ڪمتري، لاچاري، بيوسي ۽ غلاميءَ واري ڪشمڪش هيٺ رهي ٿي ۽ منجهس نفسياتي ڀڃ ڊاهه شروع ٿئي ٿي. جڏهن ته نفسياتي جائزي ۾ جنسي ڪجروي جهڙن لاڙن تي بحث آهي، جنهن تحت فيمينزم کي ڪوجهين عورتن جي پناهه گاهه سڏيو ويو آهي. آخر ۾ اِهو تتُ ڪڍيو ويو آهي ته معاشري ۾ عورت جي گهٽ سماجي حيثيت ۽ اڻ برابريءَ جو سبب مرد نه پر طبقاتي سماج آهي.
ساڳي ريت پهرئين باب جي ڇهين ۽ ستين حصي ۾ ترتيبوار سنڌي نثر ۽ شاعريءَ ۾ فيمينزم جي فڪر کي جانچيو ويو آهي. سنڌي نثر جي اوائلي اشارن ۽ ’خوش خصلت خاتون‘ جيڪو بادام ناتوان جو مضمونن جو مجموعو آهي، انهيءَ ۾ عورت جي تعليم، صحت ۽ حقن بابت احوال ملي ٿو. تنهن کان پوءِ مرزا قليچ بيگ جو ناول زينت، لبرل فيمينزم تحت لکيل آهي.
سنڌي ادب ۾ صحيح معنيٰ ۾ فيمينزم جو فڪر اُسري ناهي سگهيو. عورتن جي جن مسئلن جهڙوڪ ڪارو ڪاري، بدي ۾ ڏيڻ، حق بخشائڻ، هم جنس پرستي، بي جوڙ شادي، تعليم نه ڏيارڻ، جنسي گهُٽ يا ٻوسٽ وغيره جي جيڪا عڪاسي ملي ٿي، اها جاگيرداراڻا نظام جي باقيات آهي، باقي سنڌي ادب ۾ پڙهيل ڳڙهيل، نوڪري پيشه عورتن ۽ سندن مسئلن جو ڪوبه ذڪر نٿو ملي.
جديد سرمائيداراڻا نظام ۾ اهي عورتون ڪهڙي حيثيت رکن ٿيون، مردن جا ساڻن رويا ڪهڙا آهن. انهيءَ متعلق فقط ٻه ٽي ناول ملن ٿا، جنهن ۾ سگفته شاهه جو ’جڏهن ٽڙندا ڳاڙها گل‘ ۽ ماهتاب محبوب جو ’پيار پناهون ڇانورا‘ ڳڻائي سگهجن ٿا. تنهن کان سواءِ فيمينزم تي فقط ڪجهه تنقيدي مضمون ملن ٿا، جيڪي پڻ سنڌي ادب ۾ فڪري تجزيي جي بجاءَ اڃان فيمينزم جي وصفن، سنڌي سماج ۾ انهيءَ نظريي جي صورتحال تائين ئي محدود ٿيل آهن. انهيءَ کان سواءِ جيڪي ادبي شخصيتون فيمينسٽ هئڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون جهڙوڪ امر سنڌو ۽ عطيه دائود وغيره، انهن جي ادبي ڪم ۾ به فقط عورت جي وجودي وارداتن جو ذڪر ۽ موضوعي ڪٿائون وڌيڪ بيان ٿيل آهن. سنڌي ادب ۾ کوڙ سارا ليکڪ اهڙا به آهن، جيڪي فيمينسٽ هئڻ جي دعويٰ نٿا ڪن پر انهن جي لکڻين ۾ عورتن جي مسئلن جي عڪاسي ملي ٿي، جيئن خيرالنساءَ جعفري، نورالهديٰ شاهه، ماهتاب محبوب، شگفته شاهه، سراج ميمڻ، شيخ محمد حسن، زرينه بلوچ، منير احمد ماڻڪ، نسيم کرل، مريم مجيدي، سحر امداد وغيره.
ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب ۾ فيمينزم وارو فڪر درحقيقت ٻن ڌرين جي وچ وارو جهيڙو ۽ ڦڏو بڻجي رهجي ويو آهي، جنهن ڪري هيءَ تحريڪ فڪري ۽ تنقيدي حوالي کان صحيح معنيٰ ۾ اُسرڻ جي بجاءِ تضاد ۽ تڪرار جي ور چڙهيل آهي.
مختصر طور اهو نتيجو نڪري ٿو ته سنڌي ادب واري فيمينسٽ تحريڪ يورپ واري فيمينسٽ تحريڪ سان هڪجهڙائي ۽ مطابقت نٿي رکي.
هن ٿيسز جي ٻئي باب جو موضوع سرريئلزم يا ماورائيت آهي. هي باب پڻ پنجن حصن تي مشتمل آهي.
باب ٻئي جو پهريون حصو ماورائيت جي وصف لاءِ مخصوص ڪيل آهي، جنهن ۾ پڻ ڊڪشنرين، انسائيڪلوپيڊيائن ۽ عالماڻين وصفن جي جائزي کان پوءِ اهو نتيجو اخذ ٿيو آهي، ته ماورائيت ويهين صديءَ جي ادبي ۽ فني تحريڪ آهي. ماروائيت جو تعلق معروضيت جي بجاءِ انسان جي داخلي ڪيفيتن سان وڌيڪ آهي، جنهن ۾ منطق ۽ دليلن جي بجاءِ انسان جي لاشعور ۾ موجود بي ربط ۽ بي ترتيب خيالن، اندر ۾ موجود احساسن ۽ جذبن جي بي پناهه پاڻ مرادي اُڇل جي عڪاسي گهڻي موجود ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته لاشعور ۾ موجود تخيل جي آزاد اپٽار بغير ڪنهن قاعدي، قانون ۽ اصول جي ماورائيت آهي.
باب ٻئين جي ٻئي حصي ۾ ماورائيت جي تاريخ ۽ پسمنظر تي روشني وڌل آهي، جنهن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ماورائيت جو اصطلاح 1917ع ۾ گئليم اپولينيئر (Guillame Apollinaire) جو ڏنل آهي. ان کي باقاعده تحريڪ طور 1924ع ۾ منشور ٺاهي مشهور ڪندڙ اينڊري برٽن (Andre Breton) آهي. ماورائيت جو جنم دادا ازم ۽ ڪيوب ازم تحريڪن مان ٿيل آهي.
باب ٻئين جي ٽئين حصي ۾ ماورائيت جي منشور بابت بحث مباحثو ٿيل آهي. ماورائي تحريڪ جو منشور ٻه دفعا لکيو ويو. هڪ 1924ع ۾ اينڊري برٽن پاڻ لکيو ۽ ٻيو 1929ع ۾ هن مختلف ماورائي ليکڪن سان گڏجي منشور لکيو.
هن منشور ۾ ماورائي ادب جي اهم ۽ مرڪزي خاصيتن تي پڻ تنقيد ٿيل آهي، تنهن کان سواءِ اينڊري برٽن هن منشور ۾ پنهنجي همعصر شاعرن توڙي پاڻ کان اڳ جي اديبن جي نثر توڙي شاعريءَ مان ماورائي فڪر جو تفصيلي جائزو مثالن سان پيش ڪيو آهي.
باب ٻئين جي چوٿين حصي ۾ يورپي ادب کي تفصيل سان بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ يورپي ادب ۾ ماورائي فڪر جو وسيع مطالعو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ يونان جي سرزمين کان وٺي موجوده دور جي ادبي فڪشن تي تنقيدي ۽ فڪري تبصرو ٿيل آهي. اهڙن ادبي مثالن ۾ ڪيئڊمين (Caedmon)، شيڪسپيئر (Shakespear)، جان ملٽن (John Milton)، بٽائيلي (Bataille)، وليم بوروف (William Burroughs)، ڊونلڊ اي وولهيم (Donald .A. Wollheim) ، فلپ ڪي. ڊڪ (Philip K. Dick) ۽ مارٽن ايمس (Martin Amis) جو ڪم شامل آهي.
باب ٻئي جي پنجين حصي ۾ سنڌي ادب ۾ ماورائيت جا پيرا کنيا ويا آهن. سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جون ڪهاڻيون ’شرابي‘ ۽ ’ڪارو رنگ‘ ماورائيت جي فڪر جي ڪجهه عڪاسي ڪن ٿيون، پر فني لحاظ کان اخلاق انصاريءَ جي ڪهاڻي ’مان انسان آهيان‘ ۽ ناول ’اڏوهي‘ ماورائيت جي ڀرپور نمائندگي ڪن ٿا، جنهن ۾ خيالن جي منطق، ربط، تسلسل ۽ مقصديت، تجريديت وارو تاثر ڏئي ٿي. اهڙي ريت شاعرن ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم جو فڪر ماورائي علامتون پيش ڪري ٿو، جيڪو فقط دماغي فطور ۽ وکريل لاشعوري خيالن جي بجاءِ سماجي حقيقتن تي مشتمل آهي.
مجموعي طور سنڌي ادب تي ماورائي تحريڪ جا اثر موجود ملن ٿا، پر اهي فني وڌيڪ ۽ فڪري طور گهٽ آهن. ادب جي بنسبت ماورائي فڪر وري مصوريءَ ۾ وڌيڪ ملي ٿو.
ٿيسز جو ٽيون باب ساختيات (Structurlism) بابت آهي، جنهن کي پڻ گذريل بابن وانگر مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
ٽئين باب جو پهريون حصو ساختيات جي وصف لاءِ مخصوص ٿيل آهي، جنهن تي تحقيق کان پوءِ اهو نتيجو پڌرو ٿيو آهي ته ساختيات، ادب، ٻولي ۽ سماجي سائنس جي تجزياتي تحريڪ آهي، جيڪا پڻ ويهين صديءَ سان تعلق رکي ٿي. جيئن ته هيءَ هڪ تجزياتي تحريڪ آهي، جنهن لسانيات جي ڪُک مان جنم ورتو آهي، تنهن ڪري اِها فارميولائيز آهي ۽ ان جا ڪي مخصوص قاعدا‏، قانون، اصول ۽ ضابطا ۽ طريقي ڪار آهن. جنهن جي دعويٰ اها آهي ته ٻولي پنهنجي مواد ۾ خود ساخته آهي. ساختيات جي تصور ۾ ساخت لفظ وسيع پس منظر رکي ٿو، جنهن مان مراد ’هڪ مڪمل نظام‘ آهي، يعني ٻولي هڪ مڪمل ساخت آهي، جنهن جو مطالعو ان ساخت/نظام جي اندر رهي ئي ڪري سگهجي ٿو. مختصر طور ساختيات ٻوليءَ جي مطالعي جو هڪ طريقو آهي، جڏهن ته ساختياتي تنقيد هڪ تنقيدي نظريو آهي، جيڪو ادب جي تخليقي عمل، ثقافتي نظام ۽ پڙهندڙن تي ادب جي مخصوص اثرن بابت ڪي خاص تصور رکي ٿو.
ٽئين باب جو ٻيو حصو ساختيات جي تاريخي احوال تي رٿيل آهي. ساختياتي فڪر جي بانيءَ جي اعزاز فرانسيسي لسانياتي مفڪر فرڊي نند ڊي سوسيئر (Ferdinand De Saussure) کي حاصل آهي، جنهن جو فڪر “The Course In Genearl Linguistics” ڪتاب ۾ ملي ٿو. سوسيئر جو چوڻ هو ته زبان جو مطالعو تاريخي پسمنظر جي بجاءِ موجوده وقت يا حال تحت ڪرڻ گهرجي. هن اڳ موجود زبان بابت فلسفي کي رد ڪندي اها دعويٰ ڪئي ته ڪائنات جي ڪابه شيءِ آزاد ناهي. اهڙي ريت زبان جا سڀ عنصر به پاڻ ۾ گهرو رشتو، ربط ۽ نظام رکن ٿا، انهن کي ڌار ڪري سمجهڻ ممڪن ڪونهي. اهو رشتو مخصوص ساخت آهي، جيڪا زبان جي مطالعي ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. سندس انهن خيالن کي سوسيئر جو لسانياتي ماڊل چيو وڃي ٿو.
ٽئين باب جو ٽيون حصو سوسيئر جي لسانياتي ماڊل جي وضاحت پيش ڪري ٿو. سوسئير مطابق ٻولي هڪ ساخت آهي، جيڪا ثقافتي عمل سان لهه وچڙ سبب معنيٰ ۽ مفهوم حاصل ڪري ٿي. سندس لسانياتي ماڊل ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ نشان ۽ ٻيو زبان. هو انهن ٻنهي کي وري ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. نشان جي ٻن حصن مان هڪ سگني فائير يعني نشان جي معنيٰ آهي جڏهن ته ٻيو سگنيفائيڊ يعني نشان جو تصور آهي.
اهڙي ريت هو زبان واري حصي مان هڪ جزو لانگ يعني ٻوليءَ جي گرامر ٻڌائي ٿو جڏهن ته ٻيو حصو پارول يعني ڳالهه ٻولهه يا مڪالمو آهي. سگني فائير ۽ سگنيفائيڊ جو تصور هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم ته آهي پر انهن جي وچ جو لاڳاپو آزاد، خودمختيار ۽ مصنوعي آهي، تنهن ڪري هر ٻوليءَ جي ساخت ان جو مخصوص ڪلچر ترتيب ڏيندو آهي، جيڪو ٻين ڪلچرن کان مختلف ٿيندو آهي. اهڙي ريت ٻٽن متضادن (Binary Oppositions) جي آڌار تي سوسيئر ان نتيجي تي پهچي ٿو ته زبان ۾ فقط فرق آهن ۽ زبان ۾ معنيٰ به لفظن جي تضاد واري رشتي سبب پيدا ٿئي ٿي، تنهن ڪري ساختيات ادب جو اهو نظريو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي حقيقت ان جي اندر ئي موجود هوندي آهي. ان لاءِ متن کي ‘Decode’ ڪرڻو پوندو آهي.
ٽئين باب جي چوٿين حصي ۾ ادب جي ساختياتي تنقيد بابت اهم نڪتا وضاحت سان بيان ڪيا ويا آهن، جنهن مطابق ساختياتي تنقيد جو پايو وجهندڙ رولينڊ بارٿز (Roland Barthes) آهي. موجوده دور ۾ ساختياتي تنقيد ساخت جي جبريت سبب گهٽ اهميت رکي ٿي، پر ساختيات پڄاڻان ۽ ڀڃ گهڙ جهڙن نظرين جيئن ته هن نظريي مان جنم ورتو آهي، تنهن ڪري بهرحال ان کي بلڪل رد نٿو ڪري سگهجي. ساختياتي تنقيد اڳ موجود سڀني ادبي نظرين جهڙوڪ ادب براءِ ادب، ادب براءِ زندگي، ادب براءِ اظهار سڀني کي رد ڪندي، پڙهندڙ (Reader) کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏيئي ٿي. تنهن کان سواءِ ٻوليءَ جي تفسير ۽ تجزئي لاءِ ثقافتي نظام کي اهم عنصر تصور ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي جو ساختياتي تنقيدنگاري ۽ نقاد ڪنهن به لکڻيءَ جي ساخت ذريعي ٻوليءَ جي عنصرن جي عمل کي جانچيندا آهن.
ٽئين باب جي پنجين حصي ۾ سنڌي ادب جو ساختياتي تجزيو پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀ کان پهريان سنڌي ٻوليءَ جي نِج توڙي ڌارين ٻولين مان شامل ٿيندڙ مختلف لفظن ۽ اصطلاحن جو سندن ثقافتي پسمنظر تحت مطالعو ڪيو ويو آهي. تنهن کان پوءِ سنڌي ادب جي مختلف دورن، جهڙوڪ ڪلاسيڪل دور، مزاحمتي دور، ترقي پسنديءَ واري دور دوران سرجيل مختلف شخصيتن جي فڪر جو ساختياتي اڀياس شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته موجوده دور جي ادبي تجزيي لاءِ اهو نتيجو اخذ ٿيو آهي ته ڪوبه نظريو، فلسفو يا فڪر، ادب جي اڳواڻي ڪرڻ کان قاصر آهي. لفظ پنهنجي ساخت ۽ ثقافتي نظام وڃائي چڪا آهن، جنهن ڪري ادب خلا ۾ لٽڪيل آهي. موجوده ادب فقط لفظن جي ڪاريگريءَ ۽ خوبصورت تڪ بنديءَ تائين محدود ٿي ويو آهي.
باب چوٿين جو موضوع ساختيات پڄاڻان ۽ ڀڃ گهڙ آهي. هن جي پهرئين حصي ۾ ساختيات پڄاڻان ۽ ڀڃ گهڙ جو تعارف ڏنل آهي، جنهن ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته ساختيات پڄاڻان هڪ تنقيدي نظريو آهي، جڏهن ته ”ڀڃ گهڙ“ انهيءَ تنقيدي نظريي جو عملي طريقي ڪار آهي.
باب چوٿين جو ٻيو حصو ساختيات پڄاڻان جي وصف لاءِ مقرر ڪيل آهي، جنهن ۾ تحقيق کان پوءِ اهو واضح ٿيو آهي ته ساختيات پڄاڻان تنقيدنگاري اصل ۾ ساختياتي نظريي جي ردِعمل ۾ وجود ۾ آئي آهي. ساختيات پڄاڻان، سوسيئر جي “Logo Centric” دعويٰ کي رد ڪري ٿي. هن تنقيدنگاريءَ جو مڃڻ آهي ته ٻوليءَ ۾ معنيٰ جو ڪوبه طئي ٿيل مرڪز ڪونهي، تنهن ڪري ڪابه صداقت ۽ سچ حتمي ۽ آخري ناهي، هر سچ جي ”ڀڃ گهڙ“ ڪري سگهجي ٿي. تنهن کان سواءِ ٻٽن متضادن جي به ڪابه حيثيت ناهي.
چوٿين باب جو ٽيون حصو ساختيات پڄاڻان جي تاريخي پسمنظر تي مبني آهي. هي فرانسيسي نظريو آهي، تنهن ڪري ان جون پاڙون به فرانس جي ادب ۾ کتل آهن. هن نظريي جي شروعات سياسي، سماجي ۽ معاشي انتشار، لامرڪزيت ۽ انارڪيءَ سبب ٿي.
چوٿين باب جو چوٿون حصو، ساختيات پڄاڻان تي ٿيل مغربي ادبي ڪم جي جائزي لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. هن حصي ۾ ساختيات پڄاڻان فڪر جي ابتدائي تنقيدنگارن جهڙوڪ امبيرٽو ايڪو (Umberto Eco)، رولينڊ بارٿز (Roland Barthes) ۽ جيڪ ڊيريڊا (Jacques Derrida) جي ادبي ڪم تي تبصرو شامل آهي.
چوٿين باب جو پنجون حصو ”ڀڃ گهڙ“ جي وصف بابت آهي، جنهن مان اهو نتيجو اخذ ٿيو آهي ته، ”ڀڃ گهڙ“ ساختيات پڄاڻان تنقيدنگاريءَ جو مخصوص عملي طريقي ڪار آهي، جيڪو ٻوليءَ کي اڊيڙي، متن جي گهرائيءَ ۾ لڪل معنائن ۽ تضادن کي جانچي ٿو.
چوٿين باب جي ڇهين حصي ۾ انهن اعتراضن تي لکيو ويو آهي، جيڪي جيڪ ڊيريڊا، ساختياتي نظريي کي رد ڪرڻ لاءِ مڙهيا آهن. ڊيريڊا جو چوڻ آهي ته ٻولي غيرمرڪزيت وارو عمل آهي، تنهن ڪري ان ۾ ڪوبه مخصوص مرڪز موجود ڪونهي. هو ٻيو اعتراض اهو واري ٿو ته ٻٽن متضادن جي پسمنظر ۾ معنيٰ کي نٿو پرکي سگهجي، ڇاڪاڻ ته هر هڪ لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون آهن. ساختيات پڄاڻان ٽيون اعتراض لفظن جي معنيٰ جي خودساخته عمل تي ڪري ٿي.
هن باب جي ستين حصي ۾ ’ڀڃ گهڙ‘ طريقي ڪار جو بنياد کنيو ويو آهي. ڊيريڊا پنهنجي طريقي ڪار کي سمجهائڻ لاءِ فرانسيسي لفظ Differance جون ٻئي انگريزي معنائون Difference ۽ Deferment تجويز ڪيون آهن. سندس چوڻ آهي ته ٻوليءَ ۾ معنيٰ فرق توڙي منجهيل يا اٽڪيل هئڻ سبب به پيدا ٿئي ٿي. سندس ٻيا اهم اصطلاح Aporia ۽ Trace آهن. Aporia اهو مقام آهي، جتي ٻوليءَ جي معنوي وحدت پرزا پرزا ٿي وڃي ٿي.
هُن پنهنجي ڀڃ گهڙ طريقي ڪار کي “Double Reading” يعني ٻٽي پڙهڻيءَ جو نالو ڏنو آهي، جڏهن ته ٻوليءَ/متن کي هُو لفظن جي آزاد راند “Free Play” سمجهي ٿو.
چوٿين باب جي اٺين حصي ۾ ڀڃ گهڙ طريقي ڪار جي وضاحت ڪيل آهي. ڀڃ گهڙ طريقي ڪار جا ٽي مختلف مرحلا آهن. پهريون لفظي، ٻيو متني ۽ ٽيون لساني مرحلو. لفظي مرحلي ۾ لفظي تشريح ۽ مٿاڇري معنيٰ سان گڏوگڏ پسمنظر ۾ لڪيل ٻيون مختلف معنائون جانچيون وينديون آهن. متن واري مرحلي ۾ سموري متن جو تسلسل گرامر، ٻولي، معنيٰ ۽ خيال جي لحاظ کان پرکيو ويندو آهي. آخري مرحلي ۾ معنيٰ ۽ مفهوم کان گمراهه ڪندڙ مختلف حوالن، اڻ چٽن اشارن ۽ ٻين عنصرن جو تجزيو ٿيندو آهي.
هن ئي باب جو نائون حصو سنڌي ادب ۾ نثر توڙي نظم جي ڀڃ گهڙ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ لفظي، متني توڙي لساني مرحلن کي ترتيبوار هر هڪ ادبي نموني تي لاڳو ڪري متن جي تضادن ۾ لڪل معنائن کي ڳولهيو ويو آهي. اهڙن ادبي مثالن ۾ اختر بلوچ، امر جليل، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، شيخ اياز، قمر شهباز، سحر امداد ۽ اياز گل جي ڪتابن مان چونڊ ٽڪرا کنيا ويا آهن.
چوٿين باب جي آخري ۽ ڏهين حصي ۾ ساختيات پڄاڻا فڪر رکندڙ ڇهن مختلف تنقيدي نظرين کي شامل ڪيو ويو آهي. انهن ۾ پڙهندڙن جي موٽ واري تنقيد، ادبي تحليل النفسي تنقيد، سائيبر ادب، نئين تاريخيت ۽ ثقافتي ماديت تنقيدنگاري، بيٺڪيت پڄاڻان ۽ ڊائسپورا تنقيدي نگاري ۽ ليکڪ جو موت جهڙا ادبي تنقيدي نظريا، انهن جو تعارف، پسمنظر، اهم ادبي شخصيتون، سندن ڪم جو جائزو، ان مخصوص نظريي جي تنقيدي اهميت ۽ طريقي ڪار تي مختصر طور روشني وڌي ويئي آهي.
هن ٿيسز جو پنجون ۽ آخري باب جديديت پڄاڻان بابت آهي، جنهن جو پهريون حصو جديديت پڄاڻان جي مختلف وصفن تي روشني وجهي ٿو. جن مان اهو نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته جديديت پڄاڻان، جديديت کان پوءِ جو مظهر آهي. هي جديديت سان فقط ڪجهه نڪتن تي سهمت آهي. جديديت پڄاڻان کي نظريي يا لاڙي کان وڌيڪ معروضي صورتحال مڃيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ قاعدن ۽ قانونن جي برعڪس لامرڪزيت، رينڊم اسٽائيل، انتشار، بي ڍنگائپ، بي ترتيبي ۽ انارڪي وڌيڪ آهي. جديديت پڄاڻان ۾ ڪجهه به فارمولائيز ناهي. هي فقط ادب تائين محدود ناهي پر زندگيءَ جي تقريباً سمورن شعبن کي پنهنجي دائري هيٺ آڻي ٿي.
هن باب جي ٻئي حصي ۾ جديديت پڄاڻان جو فلسفياڻو پسمنظر، سائنسي بنياد، سماجي اثر، جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اثر، معاشي اثر، سياسي ۽ادبي بنياد تفصيل سان بحث هيٺ آندا ويا آهن. جديديت پڄاڻان جو ابتدائي فلسفياڻو بنياد ڊيڪارٽ، نيٽشي ۽ مارٽن هائيڊگر جي فلسفن ۾ ملي ٿو. سائنسي بنيادن ۾ ڪوائنٽم فزڪس ۽ جينيٽڪ سائنس تحت ايجادون جديديت پڄاڻان لاءِ ميدان هموار ڪن ٿيون. جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سُڌسماءَ جا مختلف ذريعا جديديت پڄاڻان لاءِ ننڍڙي ڳوٺ Global Village جو تصور پيدا ڪن ٿا، جن جي ڪري سماجي ڍانچي ۾ تبديليءَ جا تمام وڏي پيماني تي رجحان پيدا ٿيا آهن.
تنهن کان پوءِ سياسي حوالي کان نتائجيت پرستيءَ (Pragmatism) وارو نظريو جديديت پڄاڻان کي مضبوط ٽيڪ فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته ادبي حوالي کان ساختيات پڄاڻان ۽ ڀڃ گهڙ جهڙا نظريا، جديديت پڄاڻان جي وڌڻ ويجهڻ ۽ اُسرڻ لاءِ ڀرپور موقعا فراهم ڪن ٿا.
باب پنجين جي ٽئين حصي ۾ جديديت پڄاڻان کي مضبوط فلسفياڻا جواز مهيا ڪري ڏيندڙ ٽن اهم فلسفين ليوٽارڊ، بودريلارڊ ۽ جيمسن جي نظرين ۽ سندن تصورن کي تفصيل سان بحث هيٺ آندو ويو آهي.
ليوٽارڊ، عظيم بيانن (Meta Narratives) کي رد ڪرڻ وارو نظريو ڏنو آهي. انهيءَ جي برعڪس بودريلارڊ حقيقت کان مٿانهين حقيقت يعني (Hyper Reality) جي تصور کي واضح ڪندي، جديديت پڄاڻان صورتحال جي مختلف رخن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو، جڏهن ته فريڊرڪ جيسمن وري عظيم بيانن کي رد ڪرڻ واري تصور تي اعتراض ڪندي، انهن جي اهميت کي ٻيهر اجاڳر ڪري ٿو.
باب پنجين جي چوٿين حصي ۾ جديديت پڄاڻان لکڻين جي مختلف موضوعن ۽ لاڙن تي تبصرو ٿيل آهي. جديديت پڄاڻان لکڻين جا موضوع نهايت ئي مختلف منفرد ۽ نرالا آهن، انهن ۾ حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper Reality)، ڪاري مسخري (Black Humor)، لکڻين جي ملاوٽ (Inter Textuality)، ماورائي افسانوي ادب (Met Fiction)، پاڳلپڻو (Paranoia) وغيره شامل آهن. انهن لاڙن تحت لکڻين جي پنهنجي مخصوص ٽيڪنيڪ ۽ نمونا آهن. گهڻي ڀاڱي انهن لاڙن ۾ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ معاشري ۾ ڦهلجندڙ انتشار، انارڪي ۽ لامرڪزيت جو ذڪر ملي ٿو ۽ جنگ خلاف نفرت جو اظهار اڀاريل آهي. تنهن کان سواءِ انسان جو فطرت کان ڪٽجي مصنوعيت واري زندگيءَ ڏانهن لاڙي جي عڪاسي آهي.
پنجين باب جي آخري حصي ۾ جديديت پڄاڻان جو سنڌي نثر ۽ نظم تي اثر مطالعي هيٺ آندو ويو آهي. سنڌي نثر توڙي نظم ۾ مجموعي طرح جديديت پڄاڻان جي عڪاسي، مغربي ادب وانگر بلڪل نٿي ملي. سنڌ جو اديب اڃان جديديت پڄاڻان کان صحيح نموني واقف ئي ناهي ٿيو، تنهن ڪري انهيءَ تحت لکڻ جو سوال به پيدا نٿو ٿئي. ها باقي ڪجهه جديد ڪهاڻيڪارن ۽ شاعرن سنڌي سماج جي انتشار، لامرڪزيت ۽ انارڪيءَ واري صورتحال کي پنهنجين لکڻين ۾ چٽيو آهي. اهي ڪهاڻيون ۽ شاعري جديديت پڄاڻان جي ڪجهه رخن جي عڪاسي ڪن ٿيون. اهڙن ليکڪن ۾ منور سراج، منظور ڪوهيار، صديق منڱيو، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، سعيد ميمڻ، ڊاڪٽر ملڪ نديم، فياض چند ڪليري وغيره جو ادبي ڪم تبصري هيٺ آندو ويو آهي.