جديديت پڄاڻان لکڻين جا مختلف موضوع:
(Different Themes of Post-Modern Writings)[/b]
جديديت پڄاڻان لکڻين جا کوڙ سارا موضوع، نمونا، ٽيڪنيڪ ۽ رجحان آهن، جن مان ڪجهه کي هيٺ بيان ڪجي ٿو.
[b]i. حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper Reality):
[/b]حقيقت کان مٿانهين حقيقت مان مراد اهڙا خيال ۽ تصور يا ڪنهن به شيءِ جي نقل پيدا ڪرڻ آهي، جيڪا فطري حقيقت ۽ صداقت جي بجاءِ ڪوڙ ۽ مصنوعيت تي ٻڌل هجي، پر اصل ۽ سچ جو اهڙو ڏيک ڏيئي جو اصل پنهنجي صداقت وڃائي، نقل ذريعي سڃاڻجڻ لڳي. حقيقت کان مٿانهين حقيقت Hyper Reality جوا صطلاح جين بوڊريلارڊ (Jean Baudrillard) پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب (Simulacra & Simulation) ۾ پيش ڪيو آهي.
جين بوڊريلارڊ جو چوڻ آهي، ته جديديت پڄاڻان دور جو هڪ اهم رجحان Hyper Reality آهي، جنهن ۾ اصل جي جاءِ، حيثيت ۽ اهميت ان جي نقل ذريعي وڃائجي وئي آهي.
بوڊريلارڊ لکي ٿو:
“Simulation is no longer that of a territory a referential being, or a substance. It is the generation by models of a real without origin or reality: a hyper real.” (21)
انهيءَ رجحان جو بنياد جديد معلوماتي ٽيڪنالوجي تي رکيل آهي، جنهن کي ادبي اصطلاح ۾ “Techno Culture” چيو وڃي ٿو. هن ۾ سموريون جديد سائنسي ايجادون مثال طور ٽي. وي، موبائيل، ڪمپيوٽر، آءِ فون، آءِ پيڊ، ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ، جديد مشينري ۽ روبوٽ وغيره شامل آهن.
تنهن کان سواءِ جديد انفرا اسٽرڪچر ذريعي فن تعمير ۾ به Techno Culture جا کوڙ سارا مثال موجود آهن، جيئن Los Vegas ۽ Disney Land وغيره. جديد ميڊيا مختلف عڪسن (Simulation) ذريعي اهڙيون Hyper Real تصويرون (Images) پيش ڪري ٿي، جيڪي فقط اکين جو دوکو آهن، جن ۾ ڪابه حقيقت ناهي هوندي.
بوڊريلارڊ انهيءَ حوالي کان لکي ٿو:
“The “TV” image which suggests nothing, which mesmerizes, which itself is nothing but a screen...” (22)
انهيءَ جو بهترين مثال جين بوڊريلارڊ جي مضمون “The Gulf war did not take place” ذريعي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي ته در حقيقت خليج واري جنگ ڪڏهن وڙهي ئي ناهي وئي. آمريڪا جا جهاز بغداد ۽ ٻين شهرن تي جيڪا بمباري ڪندي ڏيکاريا ويا آهن، درحقيقت اهو سڄو ميڊيا جو ڏيک ۽ ڪيمرا جو ڪمال آهي. اچو ته هڪ اشتهار ذريعي Hyper reality کي سمجهون.
فيئر اينڊ لولي ڪريم جو اشتهار ته توهان سڀني ڏٺو هوندو. ست ڏينهن ڪريم منهن تي لڳائڻ سان ماڊل جو رنگ ڪاري مان ڦري اڇو ٿي وڃي ٿو، پر توهان غور ڪندؤ ته خبر پوندي ته ڏيکاريل ماڊل اڳ ۾ ئي تمام گهڻي خوبصورت، رنگ جي اڇي ۽ پُرڪشش هوندي آهي ۽ پهريان کيس ڪارو رنگ منهن تي لڳائيندا آهن، جيڪو بعد ۾ لاهي، اصل رنگ ڏيکاريو وڃي ٿو. اِها آهي Hyper Reality جي عجيب وغريب دنيا. ڪوڙ کي ٺاهي جوڙي اهڙي طريقي سان پيش ڪرڻ جو اِها ٺڳي ئي سچ لڳي. توهان ڀلي سڄو سال ڪريم منهن تي لڳايو پر ڪو فرق نه پوندو.
تنهن کان پوءِ جديد سائنسي ايجادن تي هائيپر ريئلٽيءَ جو دائرو اڃا به وسيع ڪري ڇڏيو آهي. مثال طور گذريل سال بالي ووڊ “The Robot” فلم ٺاهي هئي، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته سائنسدان هڪ روبورٽ ٺاهي ٿو، جيڪو بلڪل عام ماڻهن وانگر آهي. جذبا ۽ احساس به اٿس ته ڳائڻ، وڙهڻ، نچڻ ۽ پچائڻ به ڄاڻي ٿو. مطلب ته اهڙو سائنسي ڪرشمو، جنهن ۾ هڪ مشين عام انسان جي نمائندگي ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ يورپي ادب ۾ “Matrix” فلم به انهيءَ جو بهترين مثال آهي. هائيپر ريئلٽي تحت لکجندڙ ٻين ادبي مثالن ۾ ڊيليلو (Delillo) جو ناول White Noise، وليم گبسن (William Gibson) جو Neuromancer ۽ نيل اسٽيفينسن (Neal Stephenson) جو Snow Crash وغيره شامل آهن.
تنهن کان پوءِ عمارت سازيءَ جي فن ۾ (Disney Land) ۽ (Las Vegas) جهڙيون مصنوعي جايون به خوابن جي دنيا وانگر حقيقت ۽ وهم جهڙن خيالن تحت ٺاهيون ويون آهن، جن ۾ سائنسي ايجادن، فڪشن ۽ Techno Culture جو عجيب و غريب سنگم ملي ٿو. مثال طور Disney land کي ئي وٺون ٿا. ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال جي ذريعي هن دنيا جون گهٽيون ۽ خاص گهرن واريون عمارتون اهڙي ريت ٺاهيون ويون آهن، جو بلڪل اصل جو ڏيک ڏين ٿيون. تنهن کان پوءِ گُڏا ۽ گڏيون (مشيني ماڻهو) مختلف ثقافتن، رنگ ۽ نسلن جي نمائندگي ڪندي توهان کي ڳالهائيندي، گهمندي، ڦرندي ۽ نچندي نظر ايندا. ان کان سواءِ جنن، ڀوتن ۽ ڏائڻين جي دنيا جا به مشيني ڪردار مختلف خوفناڪ آوازن ۽ حرڪتن ذريعي توهان کي ڊيڄاريندي موجود ملندا. اهڙي ريت پوش پاتل مختلف جانورن جهڙوڪ ڪوئو (Mickey Mouse)، بدڪ (Donald Duck) وغيره جا ڪردار اهڙا ته جڙتو آهن جو عقل حيران ٿيو وڃي.
ڊزني لينڊ بابت بوڊريلارڊ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو:
“The imaginary of Disney Land is neither true nor false, it is a deterrence machine set up in order to rejuvenate the fiction of the real.” (23)
مطلب ته هائپر ريئلٽي جو تصور بلڪل خواب وارو آهي، جنهن ۾ بلڪل به شڪ نٿو ٿئي ته ماڻهو جيڪو ڪجهه ڏسي رهيو آهي اها حقيقت ناهي.
[b]ii. ڪاري مسخري: (Black Humor)
[/b]ڪاري مسخريءَ مان مراد آهي ته موت، ڏک، الميي ۽ درد جهڙن سنجيده موضوعن کي طنز ۽ مزاح ذريعي چٿر جو نشانو بڻايو وڃي.
“Black Humor is the use of the morbid and the absurd for darkly comic purposes in modern literature. The term refers as much to the tone of anger and bitterness as it does to the grotesque and morbid situations, which often deal with suffering, anxiety and death.” (24)
بليڪ هيومر جو اصطلاح فرانسيسي لفظ “Humor Noir” تان ورتل آهي، جيڪو 1935ع ڌاري ماورائيت جي نظريي دان ائينڊري بريٽان (Andre Breton) پيش ڪيو. ڪاري مسخري (Black Humor) طنز ۽ مزاح (Comedy & Satire) جو هڪ قسم آهي. جديديت پڄاڻان لکڻيون، ڪاري مسخريءَ کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿيون. جيئن ته جديديت پڄاڻان جا موضوع گهڻي ڀاڱي ٻي جنگ عظيم جي تباهه ڪارين يا ائٽمي تباهين تي مبني ٿين ٿا، تنهن ڪري ڪاري مسخريءَ ذريعي هڪ ئي وقت پڙهندڙ ۽ ليکڪ ٻن مختلف احساسن کي محسوس ڪري سگهي ٿو، هڪ کل ڀوڳ/مذاق جو احساس ۽ ٻيو واهياتپڻي، ڪَرب، اذيت ۽ سخت ڀوڳنا ۽ پيڙا جو احساس.
انهيءَ جو سبب اِهو آهي ته جيڪڏهن موت، اذيت، الميي ۽ درد جهڙن موضوعن کي جيڪڏهن سنڌوسنئون بيان ڪيو ويندو ته پوءِ ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي پوندو ۽ کيس وجودي وارداتون ۽ دنيا جو واهياتپڻو يڪدم گهيري ويندو، تنهن ڪري جديديت پڄاڻان ليکڪ اهڙن موضوعن کي بيان ڪندي انهيءَ ۾ ڪاري مسخريءَ جو عنصر لازمي شامل ڪن ٿا.
ڪاري مسخري (Black Humor) کان سواءِ Irony ۽ Playfulness به طنز ۽ مزاح جا ئي مختلف قسم آهن، جن تحت جديديت پڄاڻان ليکڪ لکن ٿا. ڪاري مسخريءَ جا ڪيترائي مثال آهن، جيئن جوسف هيلر (Joseph Heller) جي ناول Catch-22، ڪرٽ وونگيٽ (Kurt Vonnegut) جو Slaughter House ۽ ٿامس پنچن (Thomas Pynchon) جو Crying of lot 49 وغيره.
جوسف هيلر جو ناول Catch-22، 1961ع دوران ڇپيو، جنهن کي ڪاري مسخريءَ تحت لکجندڙ شاهڪار سمجهيو وڃي ٿو. هي ناول ٻي جنگ عظيم جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، پر انهيءَ سان گڏوگڏ 1960ع واري ڏهاڪي جي يورپي معاشري جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو.
ليکڪ جديد سرمائيداراڻا نظام ۽ بيوروڪريسي جي بي معنويت ۽ لامرڪزيت تي شديد طنز ڪندي ٻڌائي ٿو ته سماج جي حالت تمام گهڻي رحم جوڳي آهي. جوسف هيلر هن ناول ذريعي جنگ ۽ جديد معاشري خلاف نفرت جو تاثر اڀاري ٿو.
“Catch 22 presents and utterly unsentimental vision of war, stripping all the romantic pretenses away from combat, replacing visions of glory and honor with a kind of nightmarish comedy of violence, bureaucracy and paradoxical madness.” (25)
ٿامس پنچن جو ناول Crying of lot 49، جنهن ۾ ڪردارن جا نالا ئي نهايت مزاحيه آهن، جهڙو Mike Fallopan، Mucho Mass، Dr. Hilarius ۽ Stanley Koteks وغيره.
[b]iii. جادوئي حقيقت نگاري: (Magic Realism)
[/b]جادوئي حقيقت نگاري ويهين صديءَ جي تحريڪ آهي، جنهن جي شروعات يورپي مصورن پهرين عالمي جنگ عظيم کان پوءِ تقريباً 1919ع ۾ ڪئي. هن تحريڪ جي شروعات جرمنيءَ جي ٻن مصورن جارجيو ڊي چيريڪو (Giorgio de Chirico) ۽ هينري روسو (Henri Russeau) جي تصويرن سان ٿي، جن پراسرار ۽ خواب نما عنصرن کي روزمره جي زندگيءَ جي عام معروضن سان گڏي سڏي چٽيو.
جادوئي حقيقت نگاريءَ جو اصطلاح ادب لاءِ پهريون ڀيرو 1960ع ۾ استعمال ٿيو. هن تحريڪ مصوري، ادب ۽ فلم تي تمام گهرا اثر ڇڏيا آهن، خاص طور سان مصوريءَ ۾ هي لاڙو ڏسڻ وٽان آهي. ادبي طور جن ليکڪن هن تحريڪ جي فڪر تحت سڀ کان پهريان لکيو آهي، انهن ۾ ڪولمبيا جو گبرئيل گارشيا مارڪيز (Gabriel Garcia Marquez)، جارج لوئس بورگيز (Jorge Luis Borges) ۽ ازابيل الينڊي (Isabel Allende) جا نالا تمام گهڻا مشهور آهن.
عام طور سان ماورائيت ۽ جادوئي حقيقيت نگاريءَ کي لڳ ڀڳ ساڳيو ئي يا هڪجهڙو فڪر سمجهيو ويندو آهي. هيءَ تحريڪ (surrealism) سان تقريباً گڏوگڏ اُسري آهي، پر ماورائيت ادب توڙي مصوريءَ جي هڪ منظم تحريڪ هئي، جنهن جو بنياد
مڪمل طرح سان لاشعوري محرڪن تي رکيل هو، پر ان جي اظهار جو وسيلو عقلي بنيادن تي مبني هو. ماورائيت اهڙا تصور پيش ڪري ٿي، جيڪي حقيقي دنيا ۾ ناممڪن ۽ تقريباً ڇرڪائيندڙ هوندا آهن ۽ خالصتاً ذهن جي پيداوار هوندا آهن، پر جادوئي حقيقت نگاريءَ جو مقصد نهايت ويجهڙائيءَ ۽ بلڪل نرالي انداز سان روزمره جي زندگيءَ جي عام پر مختلف تصورن جي نمائندگيءَ سان گڏوگڏ غيرمعمولي ۽ پراسرار عنصرن کي غيرطبعي انداز ۾ اهڙي ريت پيش ڪرڻ آهي، جو ٻنهي فطرتي ۽ جادوئي عنصرن جي ميلاپ سان جيڪو عڪس يا ادب جنم وٺي ان ۾ ايجاد، نواڻ ۽ حيرت جي تاثر سان گڏوگڏ حقيقت تي وهم ۽ گمان جهڙو تاثر لازمي اڀري سگهي.
“Surrealism is most distanced from magical realism in that, the aspects that it explores are associated not with material reality but with the imagination and the mind.” (26)
ٻين لفظ ۾ اهي چئي سگهجي ٿو ته جادوئي حقيقت نگاري ٻن دنيائن يعني حقيقت ۽ ماورائيت جو حسين ميلاپ آهي.
“Magical realism is genre where magical or unreal elements play a natural part in an otherwise realistic (often mundane) environment.” (27)
هن قسم جي ادب جون ڪجهه اهم خاصيتون هيٺ ڏجن ٿيون.
مثال طور پلاٽ ۾ جادوءَ جو بيان، ڏندڪٿائن جو استعمال، ماورائي خيالن جي اپٽار، ايلين دنيا جي عڪاسي ۽ انساني ذهن جي پيداوار وارا تصور هن ادب جا اهم جُز آهن. يورپي ادب ۾ جادوئي حقيقت نگاريءَ جا ڪيترائي مثال موجود آهن.
مثال طور گبريئل مارڪيئز جو نوبل انعام يافته ناول اڪيلائيءَ جا سؤ سال
(One Hundred Years of Solitude)، جنهن جون ويهه لک ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ تقريباً ستٽيهه زبانن ۾ ان ناول جو ترجمو ڪيو ويو، ان حوالي کان سڀ کان اهم آهي.
هن ناول ۾ بوئنڊيا (Buendia) خاندان جي ستن نسلن جي ڪهاڻي ٻڌايل آهي. هي خاندان باقي دنيا کان ڪٽيل ماڪونڊو (Macondo) نالي هڪ الڳ ڳوٺ اچي وسائي ٿو. هيءَ اهڙي جاءِ آهي جتي ماورائي واقعا عام زندگيءَ جو حصو آهن.
“Gabriel Garcia Marquez wrote the famous novel “One Hundred years of Solitude” which is an example of magical realism. In the novel which takes place over many generations, fantastical things are always happening.” (28)
مثال طور هڪ خوبصورت نوجوان ڇوڪري، جنهن جي پٺيان هميشه سوين پوپٽ اڏمندا رهن ٿا. تنهن کان سواءِ ڳوٺ جا مخلتف ماڻهو، جيڪي مري وڃن ٿا، سي ڀوت بڻجي وري ٻيهر موٽي اچن ٿا، يا وري ڪجهه ڪردار وات مان اصلي سموري ٻٽيهي ڪڍي ڏيکاري وري واپس وجهي ڇڏين ٿا ۽ سڀني ڳوٺاڻن جي عمر ٽيهن سالن کان نٿي وڌي وغيره.
تنهن کان سواءِ ازبيل الين ڊي جو ناول روحن جو گهر (The House of the Spirits)، جنهن ۾ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جو ڪردار ڏيکاريل آهي، جيڪا مستقبل کي ڏسي سگهي ٿي ۽ کيس پنهنجي زندگيءَ جي هر ايندڙ واقعي جي اڳ ۾ ئي خبر پئجي وڃي ٿي.
اهڙي ادب ۾ جارج لوئس بورگيز جي افسانن جو مجموعو Labyrinths (ڪاڪ محل)، ين مارٽيل Yann Martel جو Life of Pie ۽ سلمان رشديءَ جو The Satanic Verses (شيطاني آيتون) شامل آهن.
[b]iv. لکڻين جي ملاوٽ: (Intertextuality)
[/b]مختلف لکڻين جي ملاوٽ (Intertextuality) جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن به نئين ادبي تخليق جي معنيٰ ۽ مفهوم کي اسان ان ڪري آسانيءَ سان سمجهي سگهندا آهيون،
ڇاڪاڻ ته ان جي سمجهاڻيءَ جا بنياد اڳ ۾ موجود ادبي تخليقن ۾ مختلف حوالن، اشارن، ڪناين، تصورن، عڪسن ۽ قولن جي صورت ۾ موجود هوندا آهن. ٻين لفظن ۾ اسان اِهو چئي سگهون ٿا ته ڪابه لکڻي خالص ۽ بلڪل نئين ناهي هوندي، بلڪ اها اڳ موجود ادب جو ئي حوالو ۽ واڌارو هوندي آهي ۽ اصل معنيٰ تائين پهچڻ جو هڪ مختصر رستو (Short Cut) هوندي آهي.
“Intertextuality is relation of co-presence between two or more texts, that is to say, identically and most often by the literal presence of one text within another.” (29)
لکڻين جي ملاوٽ (Intertextuality) اصطلاح ۽ نظريو جوليا ڪرسٽيوا (Julia Kristeva) 1966ع ڌاري ساختيات پڄاڻان جي تحريڪ تي ڪم ڪرڻ دوران گهڙيو. هي اصطلاح فقط ادب تائين محدود ناهي، پر اِن جو اطلاق توهان مصوري، فلم، موسيقي ۽ اشتهاري دنيا تي پڻ آسانيءَ سان پسي سگهو ٿا.
رولينڊ بارٿز (Roland Barthes) پنهنجي مضمون “Theory of the Text” ۾ لکڻين جي ملاوٽ (Intertextuality) بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو، ڪوبه متن اڳ ۾ موجود ڪيترن ئي مختلف لکڻين جو اُڻيل ٽڪرو هوندو آهي.
بنيادي طرح سان ليکڪ جڏهن ڪابه شيءَ تخليق ڪندو آهي، ته اها بلڪل خالص، نئين ۽ نڪور ناهي هوندي، ڇاڪاڻ ته ليکڪ انهيءَ سماج ۽ ڪلچر ۾ موجود مختلف خيالن، رخن، قدرن، تاريخ، ڪردارن، واقعن ۽ موضوعن کي بيان ڪندو آهي، جن تي اڳ ۾ ئي مختلف ليکڪن جون ڪيتريون ئي تحريرون موجود هونديون آهن. نئون ليک انهن ئي موجود لفظن، اصطلاحن، خيالن، عڪسن، ڪناين، اشارن، قولن کي ٺاهي جوڙي فقط نئين انداز سان پيش ڪندو آهي.
“Barthes theory of text involves the theory of intertextuality because the text offers a plurality of meanings and is also woven out of numerous already existing texts. The text is not a unified, isolated object that gives a singular meaning, but an element open to various interpretations.” (30)
اهوئي سبب آهي جو ليکڪ ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪنهن به نئين تخليق جي معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهڻ لاءِ اڳ پيش ڪيل تحريرون، درحقيقت حوالن جو ڪم سرانجام ڏينديون آهن.
مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ انتهائي خوبصورت نوجوان ۽ پرڪشش ڇوڪري ڏيکاريل آهي، جنهن جا ڪيترائي عاشق آهن ته لکيڪ انهيءَ جي خوبصورتيءَ جو حوالو شاهه جي سورمي مومل ڏانهن کڻي ويندو. اهڙي ريت جيڪڏهن ڪو مرد بهادر آهي ۽ قوم پرستيءَ جو فڪر رکي ٿو ته انهيءَ ڪردار کي دودي سومري جي پسمنظر ۾ پيش ڪندو. اهڙي ريت جل لکڻي درحقيقت ٻي لکڻيءَ لاءِ حوالو بڻجي ويندي آهي.
جديديت پڄاڻان ادبي مطالعو لکڻين جي ملاوٽ (Intertextuality) واري طريقيڪار کي ٻيهر ٻيهر ورجايل اصطلاحن ۽ اصليت جي گهٽتائي سبب تمام گهڻي اهميت ڏيئي ٿو، ڇاڪاڻ ته مصنوعيت، نقل ۽ لامرڪزيت، جديديت پڄاڻان جو هڪ اهم عنصر آهي، جيڪو لکڻين جي ملاوٽ (Intertextuality) ۾ وڏي پيماني تي موجود هوندو آهي.
لکڻين جي ملاوٽ (Intertextuality) جا ٻه مختلف قسم آهن، جيئن
1. مسخريءَ وارو نقل (Parody) 2. چتيون لڳل ادب (Pastiche)
پيروڊي (Parody) مان مراد آهي ته ڪنهن به فنِ مصوريءَ ۽ ادبي ڪم جي اصل جي اهڙي نقل تيار ڪرڻ، جنهن جو مقصد فقط کل، ڀوڳ، مذاق ۽ مسخريءَ جو تاثر پيدا ڪرڻ هجي.
“Parody in literature, a form of satirical criticism or comic mockery that imitates the style and manner of a particular writer…” (31)
مثال طور ليونارڊو ڊي وينسي (Leonardo-da-Vinci) موناليزا جي جڳ مشهور تصوير سورهين صدي عيسويءَ ۾ ٺاهي هئي. انهيءَ جي پيروڊي ڪيترن ئي مصورن ڪئي آهي، ڪنهن موناليزا جي منهن تي مڇون ۽ ڏاڙهي ٺاهي ڇڏي ۽ ڪنهن وري ان جي منهن کي اسامه بن لادن جي منهن سان تبديل ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه ادبي طور ڊاڪٽر يونس بٽ جو لکيل اسڪرپٽ جنهن جي وڊيو جيو ٽي وي وارن “ہم سب امید سے ہیں” جي نالي سان ٺاهي هئي، ان جو بهترين مثال آهي، جنهن ۾ مشهور سياستدانن، اداڪارن، فنڪارن ۽ اشتهارن جي پيروڊي ٺاهي ويندي هئي. هي پروگرام کل ڀوڳ، مذاق ۽ مسخريءَ وارن عنصرن سبب ڪافي عرصي تائين عوام ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو.
تنهن کان پوءِ چتيون لڳل ادب (Pastiche) جو مطلب آهي ته اهڙو ادبي متن ترتيب ڏيڻ جنهن جا عنصر ٻين مشهور ۽ مختلف لکڻين تان نقل ڪيا وڃن يا اڌارا ورتا وڃن.
جيتوڻيڪ پيروڊي ۽ پئسٽچ کي ساڳيوئي سمجهيو ويندو آهي، پر ان جي باوجود ٻنهي ۾ فرق موجود آهي. انهيءَ حوالي کان جديديت پڄاڻان جو مشهور فلسفي فريڊرڪ جيمسن (Fredrick Jameson) لکي ٿو:
“Pastiche is like Parody, the imitation of a peculiar or unique, idiosyncratic style, the wearing of a linguistic mask, speech in a dead language. But it is a neutral practice of such mimicry, without any of Parody’s ulterior motives, amputated of the satiric impulse devoid of laughter.” (32)
مثال طور ”روزن ڪرينٽز ۽ گلڊن اسٽيرن مُئل آهن.“ (Rosencrantz and Guildenstern are dead) هڪ مشهور مزاحيه الميائي ڊرامو آهي، جيڪو ٽوم اسٽوپرڊ (Tom Stoppard) لکيو هو. هي ڊرامو پئسٽچ جو بهترين مثال آهي. بنيادي طرح سان هن ڊرامي جا اهي ٻئي ڪردار شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامي هئملٽ (Hamlet) تان ورتا ويا آهن ۽ ڊرامي جو عنوان پڻ “Rosencrantz and Guildenstern are dead” شيڪسپيئر جي ڊرامي هئملٽ جو هڪ ڊائلاگ آهي.
[b]v. ماورائي افسانوي ادب: (Metafiction)
[/b]ماورائي افسانوي ادب (Metafiction)، افسانوي ادب جو هڪ قسم ۽ جديديت پڄاڻان جي مختلف لاڙن تحت لکڻين جو هڪ خاص نمونو آهي. هي اصطلاح افسانوي لکڻين جهڙوڪ افساني، ڊرامي، ناول ۽ فلم وغيره لاءِ مخصوص ڪيل آهي، جنهن مان مراد اها آهي ته اهڙو افسانوي ادب تخليق ڪجي، جنهن جي عنصرن ۽ جزن ۾ پڻ افسانوي رنگ موجود هجي. ٻين لفظن ۾ ماورائي افسانوي ادب (Metafiction) اهڙو افسانوي ادب آهي، جنهن جي اندر پڻ افسانوي ادب ٿئي ٿو، پر اهو ماورائي يا مصنوعي هجي ٿو، جيڪو مڪمل نظم ۽ ترتيب سان لکيو وڃي ٿو.
“Metafiction is fiction about fiction that is fiction that includes within itself a commentary on its own narrative and / or linguistic identity.” (33)
هن جو خاص مقصد افسانوي ادب ۽ حقيقت جي پاڻ ۾ لاڳاپي واري مصنوعي درجي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ۽ جانچ پڙتال واري انداز ۾ مختلف سوال پيدا ڪرڻ آهي، پر ان جي باوجود ماورائي افسانوي ادب پنهنجي پڙهندڙن کي قطعي اِها ڳالهه وسارڻ نٿو ڏئي ته اهي افسانوي ادب ئي پڙهي رهيا آهن، تنهن ڪري ماورائي افسانوي ادب ڪهاڻين ٻڌائڻ جي عام روايتي انداز کي رد ڪري ٿو.
مثال طور هڪ ناول ۾ اهڙو ڪردار پيش ڪرڻ، جيڪو پڻ ليکڪ هجي ۽ ناول لکي رهيو هجي.
يا
وري ڪنهن ناول جو ليکڪ پاڻ ان ناول جو ڪردار هجي.
يا
ڪنهن فلم ۾ اهڙو ڪردار ڏيکارڻ، جيڪو پڻ افسانوي ڪهاڻي پڙهي رهيو هجي.
يا
وري ڪنهن افساني ۾ اهڙا ڪردار تخليق ڪرڻ جن کي اِها خبر هجي ته اهي افسانوي ادب جو حصو آهن.
يورپي ادب ۾ ماورائي افسانوي ادب جا کوڙ سارا مثال ملن ٿا، جيئن ليموني سِنڪٽ (Lemony Snicket) جا تيرهن مختلف سلسليوار ناول “A Series of Unfortunate Events”. ليموني سنڪٽ جو اصل نالو ڊينئل هينڊلر (Daniel Handler) آهي. هن مختلف يتيم ٻارن جي زندگيءَ جي آکاڻين کي انهيءَ ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ هو پاڻ ۽ ٽي ٻيا ٻار وائليٽ (Violet)، ڪُلاس (Klaus) ۽ سني (Sunny) آهن، جيڪي پنهنجي والدين جي اوچتي موت جو راز معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ٻين ٻارن جي ڪهاڻين کي پڻ گڏوگڏ بيان ڪن ٿا.
“A series of unfortunate Events tells the tale of orphaned children Violet, Klaus and Sunny Baudelaire at the hands of the villainous count Olaf, as they face trials and tribulations… all in their quest to uncover the secret of their parents death.” (34)
تنهن کان پوءِ ٽم او برئين (Tim O’ Brien) جو افسانن جو مجموعو “The Things They Carried” به اِن حوالي کان ڄاڻائجي ٿو، جيڪو ويٽنام جي جنگ جي سپاهين تي لکيل آهي. ليکڪ پاڻ به هن ڪهاڻيءَ جو هڪ ڪردار آهي، جنهن ۾ هو ڪهاڻيءَ واري انداز ۾ پنهنجن تجربن کي ويٽنام جي ويڙهه دوران بيان ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ اهڙي ڪهاڻي به آهي، جيڪا ان ڳالهه تي روشني وجهي ٿي ته ڪهڙيءَ ريت جنگ جي آکاڻي درست طريقي سان ٻڌائجي.
“The things they carried further solidified O’ Brien’s stature as the 900 pound gorilla of Vietnam war literature… It includes metafictional passages that examine the transformative powers of storytelling.” (35)
ڪرٽ ونيگٽ (Kurt Vonnegut) جي ناول “Slaughterhouse-Five” جي پهرين باب جو موضوع ئي اِهو آهي ته ناول ڪهڙيءَ ريت لکجي. تنهن کان پوءِ اِٽالؤ ڪيلوينو (Italo Calvino) جو ناول “If on a Winter’s night a traveler” اهڙو ناول آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته مرڪزي ڪردار پڻ ساڳئي نالي وارو ناول پڙهي رهيو آهي.
[b]vi. پاڳلپڻو: (Paranoia)
[/b]Paranoia يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”پاڳلپڻو“. هي جديد نفسيات جو هڪ اصطلاح آهي، جيڪو دماغي بيماريءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. Paranoia يا پاڳلپڻو اهڙي دماغي بيماري آهي، جنهن ۾ ماڻهو خوف ۽ سخت پريشانيءَ جهڙي ڪيفيتن ۾ رهڻ سبب مختلف وهمن ۽ گمانن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ۽ کيس اِهو يقين ٿي وڃي ٿو ته سڀ ماڻهو سندس خلاف آهن، ڪير به سندس ڏک، تڪليف ۽ پريشانيءَ کي نٿو سمجهي ۽ جيڪڏهن ڪير همدري ڪري ٿو ته اهو به ڪوڙو ۽ سازشي آهي ۽ کيس دوکو ڏيئي، بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ۽ جڏهن نفسياتي مريض جي اِها سوچ انتها تي پهچي ٿي ته پوءِ سڄي دنيا کيس پنهنجي دشمن لڳي ٿي.
آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ مطابق:
“Paranoia is mental condition characterized by delusions of persecution, unwarranted jealousy or exaggerated self-importance, typically worked into an
organized system, it may be an aspect of chronic personality disorder of drug abuse or of a serious condition such as schizophrenia in which the person loses touch with reality.” (36)
Paranoia جديديت پڄاڻان ادب جو هڪ خاص لاڙو آهي، جنهن مان مراد اِها آهي ته لکڻين ۾ اهڙا موضوع يا ڪردار ڏيکاريا وڃن، جن کي پنهنجو پاڻ ۾ يا وري نظام (System) ۾ بي اعتماديءَ جا عنصر نظر اچن. اهڙا موضوع ۽ ڪردار دنيا کي عام رواجي وهنوار جي شڪل ۾ ڏسڻ جي بجاءِ غيرمتحرڪ، ساڪن ۽ رواجي نظام جي ابتڙ يا مخالفت واري سوچ تحت جانچين ٿا. هن قسم جي سوچ پرتشدد قسم جا اعتقاد پيدا ڪري ٿي، جنهن سبب ڪردار کي اِهو يقين ٿي وڃي ٿو هُو خطري ۾ آهي.
جديديت پڄاڻان ادب ۾ انهيءَ جو بهترين مثال ڪرٽ ونيگٽ (Kurt Vonnegut) جو ناول “Breakfast of Champions” آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار کي مختلف واقعن ۽ حالتن مان گذرڻ کان پوءِ آخرڪار اِهو يقين ٿي وڃي ٿو ته هُو دنيا ۾ فقط اڪيلو انسان وڃي بچيو آهي ۽ ٻيا سڀئي ماڻهو روبوٽ بڻجي ويا آهن. اِهو سوچي هُو سخت Reactive ٿي وڃي ٿو. هن لاڙي تحت لکندڙ ٻين مشهور اديبن ۾ وليم ايس بوروفس (William S. Burroughs)، فلپ ڪي. ڊڪ (Phillip K. Dick) ۽ ٿامس پنچن (Thomas Pynchon) جا نالا شامل آهن.
[b]vii. Temporal Distortion:
[/b]هي جديديت پڄاڻان لکڻين جو اهڙو نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ ڪابه ڪهاڻي يا موضوع ڪنهن مخصوص ٽائيم فريم تحت نٿو ٻڌائي، ڪڏهن حال، ڪڏهن ماضيءَ جو قصو يا وري ليکڪ اوچتو مستقبل ۾ به ٽپي پوي ٿو. مطلب ته هن ٽيڪنيڪ تحت خيالن ۽ واقعن جو تسلسل ڪنهن به ترتيب ۾ نٿو رهي.
[b]viii. ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ادب: (Fragmentation)
[/b]Fragmentation جديديت پڄاڻان لکڻين جو نمايان لاڙو آهي، جنهن مان مطلب اهو آهي ته متن کي بغير تسلسل ۽ بي ترتيبيءَ سان پيش ڪرڻ. مثال طور موضوع، پلاٽ ۽ ڪردارن کي عام رواجي، حقيقي، سلسليوار ۽ تاريخ وار بيان ڪرڻ جي بجاءِ مختلف واقعن، حالتن ۽ يادگيرين ذريعي بيان ڪيو وڃي. ڪو ٽڪرو ماضيءَ جو، ڪا ڳالهه ڪٿان، ڪو واقعو ڪٿان مطلب ته توهان کي ڪٿي به ڪو تسلسل نه ملندو. انهن کان علاوه جديديت پڄاڻان لکڻين جي ڪجهه ٻين عام موضوعن ۾ Fabulation، Poioumena، Historiographic Metafiction ۽ Minimalism وغيره شامل آهن.