فيمينزم جا مختلف قسم:
(Different Kinds of Feminism)[/b]
[b](i لبرل فيمينزم: (Liberal Feminism)
[/b]لبرل فيمينزم جنس جي بنياد تي موجود فرق کي ختم ڪري مڪمل برابريءَ جي ڳالهه ڪري ٿو، درحقيقت سماجي عمل ۾ فرد جون تخليقي صلاحيتون صرف جنس جي سبب ئي دٻاءَ جو شڪار بڻجن ٿيون.
[b](ii سوشلسٽ/ مارڪسٽ فيمينزم: (Socialist/Marxist Feminism)
[/b]فيمينزم طبقاتي سماج ۾ عورت جي مرد کان گهٽ حيثيت کي بحث هيٺ آڻي ٿو، سرمائيداري نظام کي پاڙئون پٽي انفرادي تبديليءَ بجاءِ اجتماعي تبديليءَ جي حمايت ڪري ٿو.
[b](iii ڪلچرل فيمينزم: (Cultural Feminism)
[/b]هن قسم ۾ عورت جي موروثي ۽ فطري طور مرد جي طبيعت کان فرق تي روشني وڌي وڃي ٿي.
[b](iv ريڊيڪل فيمينزم: (Radical Feminism)
[/b]Radical فيمينزم ۾ عورت تي ٿيندڙ هر ظلم جو بنيادي سبب معاشري ۾ مرد جي برتري کي تصور ڪيو وڃي ٿو.
[b](v اميزن فيمينزم: (Amazon Feminism)
[/b]ادب ۽ فن ۾ عورت جي سورمي هئڻ جي تصور کي هٿي ڏئي ٿو، جنس جي بنياد تي فرق کي ختم ڪري طبعي طور عورت جي ڪمزور، لاچار ۽ بيوس هئڻ جي مخالفت ڪري ٿو.
[b] (vi ايسينشلسٽ فيمينزم: (Essentialist Feminism)
[/b]عورت ۽ مرد جي حياتياتي فرق کي واضح ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته جنسي تفريق جي باوجود عورت کي مرد جي مساوي حيثيت ملڻ گهرجي.
[b](vii فرينچ فيمينزم: (French Feminism)
[/b]1970ع جي ڏهاڪي دوران فرانس جي فيمينسٽ تحريڪ جون اهم شخصيتون جن ۾ جوليا ڪرسٽيوا، سامونڊي بوارا، مونيڪ وٽگ شامل آهن. تن فيمينسٽ تحريڪ جي نظريي کي نئين سر هڪ فلسفياڻو موڙ ڏنو، جنهن جو اهم ۽ مرڪزي نڪتو عورت جي وجودي حيثيت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ثقافتي عمل سبب معاشري ۾ سندس ثانوي ۽ دٻيل حيثيت کي بحال ڪرڻ هو.
[b](viii پنڪ فيمينزم: (Punk Feminism)
[/b]هن جي شروعات فيمينسٽ تحريڪ جي ٽيئن دور سان گڏوگڏ ئي واشنگٽن ۾ ٿي. پنڪ درحقيقت ري آٽ گرل “Riot Girl” نالي ڇوڪريءَ جو موسيقيءَ جو گروهه هو، جن زنا، گهريلو تشدد، جنس، نسل، پدري نظام ۽ عورت جي روحاني، سماجي ۽ معاشي مضبوطي جهڙن موضوعن کي پنهنجي گيتن ذريعي پيش ڪيو.
[b](ix مٽيريل فيمينزم: (Material Feminism)
[/b]19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ عورتن جي مالي حالتن کي بهتر بنائڻ جي هڪ تحريڪ جنهن ۾ کين گهريلو ذميوارين کان آجو ڪري، پنهنجي لاءِ پئسن ڪمائڻ جي آزادي ڏياري وئي.
[b](x سائيڪو اينالائٽڪ فيمينزم: (Psychoanalytic Feminism)
[/b]نفسياتي ڇنڊڇاڻ فيمينزم تحريڪ جو بنياد سگمنڊ فرائيڊ جي جنسي تفريق واري نظريي تي رکيل آهي، جنهن ۾ فرائيڊ خاص طرح سان عورتن ۾ مردن جي مخصوص عضوي سان حسد، عورتن جي جنسي طور جي جسماني ۽ جذباتي اذيت مان خط وٺڻ جي عادت، پيءُ جي حوالي کان ڌيءُ جو ماءُ سان ساڙ محسوس ڪرڻ ۽ مرد جي مردانگي واري احساس کي لاشعور جي بنياد تي اجاگر ڪيو فيمينسٽ عورتن نفسياتي ڇنڊڇاڻ فيمينزم تحريڪ ۾ سگمنڊ فرائيڊ جي انهن اهم نڪتن کي ئي بنياد بڻايو.
[b](xi لپ اسٽڪ فيمينزم: (Lipstick Feminism)
[/b]هن قسم جو تعلق فيمينسٽ تحريڪ جي ٽئين دور سان آهي. Lipstick فيمينزم عورت کي مختلف قسمن جي جنسي آرائشي لوازمات جهڙوڪ ميڪ اپ، ڪپڙن، چنچل ادائن وغيره جي استعمال کي عورت جي عظيم طاقت تصور ڪري ٿو. نفسياتي، سياسي ۽ سماجي حوالي کان عورت انهن سڀني شين جي استعمال سان پنهنجي جنس مان بهرپور فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي.
(xii لزبن فيمينزم: (Lesbian Feminism)
Lesbian فيمينزم تنقيدي پس منظر ۾ ثقافتي تحريڪ طور 80-1970ع واري ڏهاڪي دوران سڀ کان وڌيڪ اُڀري سامهون آيو. هن تحريڪ ۾ عورتن توڙي مردن جي هم جنس پرستيءَ واري سوال کي اٿاريو ويو آهي ۽ سماجي طور ان نقطه نظر کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. يورپ ۾ هم جنس پرستيءَ جي لاڙي کي شروع ۾ غيرفطري رويو قرار ڏنو ويو هو پر پوءِ بعد ۾ ان کي قانوني حيثيت ڏني وئي. لزبين ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن. خاص طرح سان اُهي احساس ڪمتريءَ جون شڪار عورتون هم جنس پرستيءَ ڏانهن مائل ٿين ٿيون، جيڪي بدصورت ٿين ٿيون ۽ معاشري ۾ مردن جو ٺُڪرايل هجن ٿيون.
تنهن کان سواءِ نفسيات جي ماهرن مطابق ٻيو نقطه نظر اهو به آهي ته جنسي فعل ۾ مرد جي بدتر حيثيت کان لاشعور طور ساڙ محسوس ڪندي عورت مخصوص عضوي رکڻ جي خواهش ڪري ٿي، جنهن جي نه هئڻ سبب هو مرد جي خصلتن ڏانهن مائل ٿي، انهيءَ کوٽ کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
لزبين عورتون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن، اهي جيڪي مرد جي وجود کان خوفزده ٿي هم جنس پرستيءَ ۾ پناهه وٺن ٿيون ۽ ٻيون جن جي ذهن ۾ ننڍي هوندي کان لاشعوري طور مرد جي برتري وارو احساس موجود رهي ٿو. اهڙي صورت ۾ عورت خود مرد بڻجي مردانگي ظاهر ڪرڻ خاطر عاشق بڻجي ٿي ۽ هم جنس عورت سان عشق ڪري ٿي، اهڙي طرح سماجي قدرن ۾ ريتن رسمن جي پابندي جي ڪري اهي عورتون جن کي ٻاهر مردن سان دوستي ڪرڻ جي اجازت ناهي. قدرن جو ڊپ ۽ دٻاءُ محسوس ڪندي پنهنجي رومانس جا احساس ۽ جذبا هم جنس عورتن سان ونڊي پاڻ ۾ تعلق قائم ڪري وٺن ٿيون، مطلب اهو ته جنسي پابنديون به هم جنس پرستيءَ واري لاڙي کي هٿي ڏين ٿيون.
[b](xiii پوسٽ ڪالونيل فيمينزم: (Post-Colonial Feminism)
[/b]پوسٽ ڪالونيل فيمينزم، فيمينسٽ فلسفي جي اها شڪل آهي جنهن جو تعلق ٽئين دنيا جي فيمينسٽ تحريڪ سان آهي، پوسٽ ڪالونيل فيمينسٽ فڪر سان وابسته گروه ان مرڪزي نڪتي جي چوگرد گهمي ٿو ته نسل پرستي ۽ آبادياتي نظام جا سياسي معاشي ۽ ثقافتي اثر، نوآبادياتي نظام جي پيچيدگين سان گهڻي حد تائين سلهاڙيل رهن ٿا.
پوسٽ ڪالونيل فيمينسٽ ان ڳالهه تي تنقيد ڪن ٿا، ته مغربي تحريڪ ٽئين دنيا جي عورتن جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي مسئلن کي سمجهڻ ۾ مڪمل طرح سان ناڪام رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ايشيا کنڊ سان وابسته عورت جو معاشرو، ماحول ۽ مسئلن جي نوعيت يورپ ۾ رهندڙ عورت کان يڪسر مختلف آهن. اهوئي سبب آهي جو يورپ جي فيمينسٽ تحريڪ عورتن جي مسئلن جي گلوبل سطح تي نمائندگي ڪرڻ بابت ڪيترين ئي غلط فهمين جو شڪار آهي.
[b](xiv پوسٽ فيمينزم: (Post Feminism)
[/b]پوسٽ فيمينزم جي ڪابه حتمي وصف هن وقت تائين سامهون نه اچي سهگڻ جي ڪري ان کي غيرمستقل طريقن سان استعمال ڪيو پيو وڃي. پوسٽ فيمينزم مان مراد آهي. ”فيمينزم پڄاڻان“. بنيادي طرح سان پوسٽ فيمينزم مشاهداتي تضادن جي ردعمل واري تحريڪ آهي جنهن ۾ مختلف فيمينسٽ نظرين کي بحث هيٺ آڻيندي، اهو چيو ويو ته هاڻ اسان جي دلچسپي ماڻهوءَ/ انسان ۾ آهي، عورت ۽ مرد ۾ نه.
پوسٽ فيمينزم اخلاقي، معاشي، سماجي ۽ سياسي معيارن کي ڪنهن به مخصوص جنس تائين محدود نٿو ڪري بلڪ مجموعي طور هر حوالي سان انسان ذات جي ڀلائي ۽ مفاد کي اهميت ۽ اوليت ڏئي ٿو.
[b](xv پوسٽ ماڊرن فيمينزم: (Post Modern Feminism)
[/b]پوسٽ ماڊرن فيمينزم جي شروعات ان خيال سان ٿي ته، “Women is a debatable category” يعني عورت بحث طلب موضوع آهي، جنهن کي جنس، اخلاقيات، ڪلاس ۽ ذاتي سڃاڻپ جهڙن مختلف رخن جي مونجهارن ۾ جڪڙيو ويو آهي، تنهن ڪري سندس سڃاڻپ معاشي ۽ ثقافتي پهلوئن بجاءِ، مرد سان مختلف رشتن جي حوالي سان ڪئي وڃي ٿي. اهوئي سبب آهي جو مجموعي طور اهو نتيجو اخذ ڪيو ويو ته عورت جي گهٽ حيثيت ۽ سندس مسئلن جو ڪو هڪ مخصوص سبب ۽ حل نه آهي.