لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

نتيجو:

نتيجو:
مجموعي طور فيمينزم جي جائزي مان اهونتيجو اخذ ٿئي ٿو ته فيمينزم جو اصطلاح سنڌ ۾ يورپ کان آيل آهي. جهڙي ريت سنڌ۾ ٻيا به ڪيترائي نظريا جهڙوڪ رومانويت، وجوديت، ترقي پسندي ۽ مارڪس ازم وغيره يورپ کان آيل آهن، سنڌي ادب ۾ وري فيمينزم اردو ادب جي اثر تحت آيل ڏسجي ٿو. جيئن اردو ادب ۾ فهميده رياض ۽ ڪشور ناهيد جو نالو ملي ٿو. اهڙي طرح سنڌي ادب ۾ عطيه دائود ۽ امر سنڌو فيمينسٽ هئڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون.
درحقيقت سنڌي ادب جي صورتحال اها آهي ته فيمينزم جو فڪر تنقيدي نظريي جي حيثيت حاصل ڪرڻ بجاءِ ٻن ڌرين جي وچ ۾ تڪراري بحث ۽ جهيڙي جو محاذ بڻجي ويو آهي، هڪ ڌر ۾ عورتن جو اهو گروپ شامل آهي، جيڪو پاڻ کي فيمينسٽ سڏرائي ٿو، جنهن ۾ عطيه دائود، امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح وغيره شامل آهن جڏهن ته ٻي ڌر اها آهي جيڪا انهن فيمينسٽ عورتن جي سخت خلاف آهي.
پهرين ڌر جي فيمينسٽ عورتن جو چوڻ آهي ته مرد ظالم آهي، عورت کي آزادي نٿو ڏئي، عورت مظلوم آهي مٿس تشدد ڪيو وڃي ٿو، عورت کي ٻئي درجي جي مخلوق سمجهي ٿو، عزت ۽ غيرت جهڙا تصور فقط عورت جي ذات سان منسوب ڪري کيس ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو. جڏهن ته مرد پاڻ ٽي ٽي، چار چار شاديون ڪري ٿو، ست ست سريتيون رکي ٿو. عورت اڄ به غلاميءَ واري زندگي گذاري رهي آهي، هي سماج پدري نظام جي حڪمراني تحت هلي رهيو آهي جنهن ۾ عورت جي حيثيت ثانوي آهي کيس مرد جي برابر حق حاصل نه آهن، نه ته کيس مناسب تعليم ڏني وڃي ٿي نه کيس نوڪريءَ جي اجازت ملي ٿي نه ئي وري کيس پنهنجي پسند سان شاديءَ جو حق ڏنو وڃي ٿو، عورت کي ملڪيت تصور ڪيو وڃي ٿو. اها عورت بدي ۾ ڏني وڃي ٿي، پئسن تي جانورن وانگر وڪرو ٿئي ٿي، سندس بي جوڙ شادي ڪرائي وڃي ٿي، حق بخشايو وڃيس ٿو، هن ڌر جي عورتن جو مطالبو آهي ته عورت کي مرد جي برابر حق ڏنا وڃن.
جڏهن ته اينٽي فيمينسٽ ڌر جو موقف آهي ته عورت مظلوم نه آهي بلڪ عورت آزاد آهي، کيس سمورا بنيادي انساني حق حاصل آهن، سنڌ ۾ عورت جي عزت ۽ اهميت هميشه تمام مٿانهين رهي آهي اهوئي سبب آهي جو اڄ به اسان وٽ نياڻي ست قرآن جهڙو اصطلاح رائج آهي، باقي ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم بلوچستان کان ميرن ذريعي آيل آهي جيڪا پهرين اتر ۽ پوءِ لاڙ ۾ پهچائي وئي، اڄ جي سنڌي سماج جي عورت ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، وڪيل ۽ پائليٽ بڻجي چڪي آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي وڏو تعداد سنڌي ڇوڪرين جو پهچي چڪو آهي، اها سنڌي عورت ڪميشن پاس آفيسر به آهي ته پوليس ڊيپارٽمينٽ ۾ به ڀرتي ٿيل آهي، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هر سال وڏو تعداد سنڌي ڇوڪرين جو اچي ٿو. مختصر طور سنڌي عورت زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پهچي چڪي آهي، اها عورت پنهنجي پسند سان نوڪري به ڪري ٿي ته شادي به، پوءِ غلامي ڇا جي ۽ ڪنهن جي.....؟ آخر عورت مرد کان اڃان وڌيڪ ڪهڙي آزادي چاهي ٿي....؟
ٻي ڌر جو مڃڻ آهي ته فيمينزم درحقيقت آزاد ۽ امير شهري عورت جو مسئلو آهي جيڪا سهولتن واري پرآسائش زندگي گذاري ٿي وٽس ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم نه آهي، اهڙيون امير بيگمات فقط ٽائيم پاس لاءِ ايئرڪنڊيشن ڊرائنگ روم ۾ ويهي فيمينزم تي بحث مباحثي جو مشغلو هڻنديون آهن. باقي ٻهراڙين جي عورت جيڪا واقعي ظلم جو شڪار آهي ان کي فيمينزم آزادي ۽ پنهنجن حقن جو ڪو شعور ئي ناهي. تنهن ڪري فيمينزم جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت ته ٻهراڙين ۾ آهي. هيءَ ڌر عورت جي سماجي ناهمواريت، پسماندگي ۽ ظلم جو سبب مرد کي نه بلڪ موجوده جاگيردارانا ۽ طبقاتي نظام کي سمجهي ٿي، جنهن ۾ وڏيرو هاريءَ تي ۽ شاهوڪار غريب تي ظلم ڪري ٿو، اهڙي رياست ۾ مرد به مظلوم آهي ته عورت به ظلم جو شڪار ٿئي ٿي، ضرورت ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ جي آهي. باقي سماجي ادارن جون اهي سربراهه عورتون جيڪي لکين رپيا خرچ ڪري شهر جي مشهور هوٽلن ۾ عورتن جي حقن تي امير بيگمات يا فيمينسٽ ليکڪائن کان تقريرون ڪرائين ٿيون، اهي عورتون جاگيردار وڏيري خلاف نٿيون ڳالهائن، نه ئي ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ واقعن خلاف احتجاج ڪن ٿيون نه ئي وري عملي طور اتان جي عورتن جا ڪي مسئلا حل ڪن ٿيون، نه ئي ملڪ جي سياسي سماجي ڍانچي کي چئلينج ڪن ٿيون، ان عورت جو اصل حريف فقط پڙهيل لکيل مرد، اديب ۽ شاعر آهي جنهن خلاف هوءَ دل کولي ڳالهائي ٿي. ٻي ڌر جو مڃڻ آهي ته فيمينزم درحقيقت ڪجهه عورتن جي نفسياتي مونجهاري جي پناهه گاهه آهي، اهي عورتون جيڪي قبول صورت ناهن جن ۾ ڪو مرد دلچسپي نٿو وٺي يا ڪو مرد بي وفائي ڪري ٿو يا اهي سماج جون ٺڪرايل آهن سي احساس ڪمتري ۽ جنسي ڪجروي جهڙن لاڙن سبب نفرت جي احساس تحت فيمينزم کي پنهنجائن ٿيون، اهي اندر جي ڪاوڙ ۽ بدلي جي باهه مرد جي خلاف ڳالهائي ڪڍن ٿيون. باقي سگريٽ ۽ شراب پيئڻ، مردن جي اسٽائيل وارا وار ڪٽرائڻ، جينز جي پينٽ پائڻ کي فيمينزم نٿو چئي سگهجي. باقي جيڪو ادب فيمينسٽ ليکڪائن تخليق ڪيو آهي جيڪڏهن ان جو نفسياتي ڇيد ڪجي ته سواءِ ابتي سبتي لڪيرن جي ٻيو ڪجهه به نه آهي ٻين لفظن ۾ چئي سگهجي ٿو ته کين فيمينزم جي فڪر جي الف ب جي به خبر ناهي.
هاڻ جڏهن اسان سنڌي ادب ۾ فيمينزم جي صورتحال ڏسون ٿا ته خبر پوي ٿي ته سواءِ ٻن ليکڪائن عطيه دائود ۽ امر سنڌو جي ڪابه ٽئين شخصيت فيمينسٽ هئڻ جي دعويٰ نٿي ڪري جڏهن اسان انهن ٻنهي ليکڪائن جي تخليق جو تنقيدي جائزو ورتو ته خبر پئي ته انهن وٽ ته فيمينزم فقط نالي ماتر آهي. اسان وٽ سنڌي ادب ۾ فيمينسٽ تحريڪ يورپ واري تحريڪ وانگر نٿي ملي. ڇاڪاڻ ته عورتن جي جذبن، احساسن، معروضيت، تعليم ۽ تربيت، اخلاق ۽ سيرت بابت ته انهن ليکڪن به لکيو آهي جيڪي فيمينسٽ هئڻ جي دعويٰ نٿا ڪن. مثال طور مرزا قليچ بيگ، بادام ناتوان، خيرالنساء جعفري، ماهتاب محبوب ۽ نورالهديٰ شاهه وغيره.
غورڪيو وڃي ته فيمينسٽ تحريڪ جي پهرين ۽ ٻي لهر نهايت مثبت رخ ۾ سفر ڪري رهي هئي جنهن ۾ عورت کي تعليم، ووٽ، پسند جي شادي، طلاق، ٻار ڄڻڻ، نوڪري ڪرڻ، جائداد ۾ حصي جهڙا بنيادي انساني حيثيت وارا حق حاصل هئا. فيمينزم جي ٽئين ۽ چوٿين لهر ۾ انتها پسنديءَ وارا لاڙا شامل ٿيڻ کان پوءِ فيمينزم جو فڪر تباهيءَ واري ڪناري تي پهچي چڪو آهي جنهن ۾ عورت لزبن هئڻ جو حق، جنس تبديل ڪرڻ جو حق، ڪنهن به مرد سان جنسي تعلق رکڻ جو حق ۽ دنيا تي حڪمراني جو مطالبو ڪري ٿي. سنڌي ادب م اسان کي فقط پهرين ۽ ٻي لهر جا عڪس ملن ٿا. خاص طور سان بادام ناتوان جي مضمونن جي مجموعي خوش خصلت خاتون ۽ مرزا قليچ بيگ جي طبع زاد ناول زينت ۾، ان کانسواءِ سنڌي ادب ۾ باقي عورتن جي مسئلن جهڙوڪ ڪارو ڪاري، بي جوڙ شادي هم جنس پرستي، جنسي گهٽ يا ٻوسٽ، حق بخشائڻ، عورتن کي تعليم نه ڏيارڻ ۽ بدي ۾ ڏيڻ وغيره جي جيڪا عڪاسي ملي ٿي، اها درحقيقت سنڌي سماج جي جاگيرداراڻانظام جو حصو آهي، ان جو فيمينزم سان ڪوبه واسطو ناهي.
ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب ۾ فيمينزم جو فڪر اُسري نسري وڌي ويجهي ئي ناهي سگهيو. مثال طور سنڌي ادب ۾ پڙهيل ڳڙهيل ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، وڪيل، ڪميشنڊ آفيسر، ميڊيا سان تعلق رکندڙ، گهر کان ٻاهر نڪرندڙ ۽ نوڪري پيشه عورتن جو ڪوبه ذڪرنٿو ملي، سواءِ هڪ ناول ”جڏهن ٽڙندا ڳاڙها گل“ جي جيڪو شگفته شاهه جو لکيل آهي. پر اهو هڪ مثال اٽي ۾ وار برابر آهي، اهي عورتون انهن مختلف ادارن ۾ ڪهڙن مسئلن جو شڪار ٿين ٿيون؟ مرد جو رويو انهن طرف ڪهڙو آهي؟ جديد سرمائيدارانه نظام ۾ عورت جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ انساني حقن جي عالمي تحريڪ جي منشور تحت جيڪي حق کين مليل آهن انهن تائين آسانيءَ سان سندن پهچ ٿئي ٿي يا نه......! سنڌي ادب ان کان بلڪل وانجهيل آهي.
سنڌي ادب ۾ فقط ٻه فيمينسٽ نالا ملن ٿا، جن جي شاعري به پابند هئڻ بجاءِ آزاد نثري صنف تحت لکيل آهي، جيڪا ڪا ڏکي ڳالهه ناهي، تنهن کان سواءِ فيمينسٽ فڪر تحت ڪيل اها شاعري نهايت سطحي آهي، جنهن ۾ عورت جي موضوعي ڪٿا کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.