لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ساختيات پڄاڻان۽ ڀڃ گهڙ (Post Structuralism and Deconstruction)

پوسٽ اسٽڪچرلزم کي اردوءَ ۾ پسِ ساختيات جڏهن ته Deconstruction کي ردِتشڪيل چيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ Post-Structuralism لاءِ سنڌيءَ ۾ ساختيات پڄاڻان بهترين اصطلاح آهي، ڇاڪاڻ ته “Post” لفظ جي معنيٰ آهي ’کان پوءِ‘ يا ’بعد ۾‘، يعني ساختيات کان پوءِ يا بعد ۾، جڏهن ته Deconstruction لاءِ ڀڃ گهڙ جو اصطلاح مون تازو ئي هيري شيوڪاڻيءَ جي ڇپيل تنقيدي مضمونن جي ڪتاب ”ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب“ تان کنيو آهي، جيڪو انگريزي توڙي اردوءَ واري مفهوم جي بهترين ترجماني ڪري ٿو.
هيري شيوڪاڻي صاحب پاڻ اهو اصطلاح گهڙيو آهي، جنهن بابت هُو لکي ٿو:
”اول ته ڊي ڪنسٽرڪشن (Deconstruction) فقري جو سنڌيءَ ۾ جيڪو متبادل ترجمو، دوست آنند کيماڻيءَ ڏنو آهي، اُهو مون کي غلط ٿو ڀاسي، هُن ان کي ’ردِتشڪيل‘ سڏيو آهي... مون جيئن ان سڌانت کي سمجهيو آهي ته ان ۾ ساهتيڪ پاٺ (Literary Text) ۾ رد ڪجهه ڪونه ٿو ٿئي يا ڪجي... البت اِن پرڪريا سان، ساهتيه پاٺ جي گهڙت ۾ سمايل سچ معنيٰ، توڙي اظهاري قوتن (ڪمزورين به) تائين پهچڻ جي ڀڃ گهڙ ڪري، وري گهڙڻ، پرولي سلڻ جهڙي هڪ سنجيده ڪوشش ڪجي ٿي. ان ڪري مون اِن لاءِ ’ڀڃ گهڙ‘ جو فقرو سمجهايو آهي.“ (1)
ساختيات پڄاڻان ۽ ڀڃ گهڙ ويهين صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي جا جديد فلسفياڻا ۽ ادبي تنقيدي نظريا آهن، جن جي شروعات پڻ ساختياتي نظريي وانگر فرانس کان ۽ ساختياتي نظريي تي ئي تنقيد جي ردِعمل سان ٿي آهي.
“Post-Structuralism is a critique of structuralism conducted from within that is, it turns certain of structuralism’s arguments against itself and points to certain fundamental in consistencies in their method which structuralists have ignored.” (2)
ترجمو: ”ساختيات پڄاڻان نظريو، ساختيات تي تنقيد جي ردِعمل ۾ پيدا ٿيو، جنهن جا مضبوط دليل ساختيات جي اندر سندس بنيادي ساخت ۽ طريقي ڪار ۾ موجود هئا، جن کي ساختياتي تنقيدنگارن نظرانداز ڪري ڇڏيو هو.“
هي ٻئي نظريا ساختيات پڄاڻان ۽ ڀڃ گهڙ تقريباً گڏوگڏ اسريا آهن. ساختيات پڄاڻان تنقيدي نظريو، هڪ اهم فڪري ڌارا آهي، جنهن مان ٻين به ڪيترن ئي ادبي تنقيدي نظرين جو جنم ٿيو آهي. مثال طور پڙهندڙ جي موٽ واري تنقيد (Reader’s Response Criticism)، تحليل النفسيءَ جو نظريو (Psychoanalytic Theory)، سائيبر ادبي نظريو (Cyber Literature)، نئين تاريخيت ۽ ثقافتي ماديت تنقيدي نگاري (New Historicism & Cultural Materialism)، بيٺڪيت پڄاڻان ۽ ڊائسپورا تنقيد نگاري(Post colonialism and Diaspora Criticism) ۽ ليکڪ جو موت تنقيدنگاري (Death of Author) وغيره.
اهي سمورا ادبي تنقيدي نظريا پنهنجي جوهر ۾ ساختيات پڄاڻان فڪر رکندڙ آهن، جن تي تفصيلي تبصرو، هن باب جو موضوع پڻ آهي، جڏهن ته ڀڃ گهڙ نظريو، ساختيات پڄاڻان فڪر رکندڙ نظرين جي تجزيي ۽ مطالعي جو هڪ طريقي ڪار آهي. ٻين لفظن ۾ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته ساختيات پڄاڻان تحريڪ فڪر آهي ۽ ان جو فن ڀڃ گهڙ نظريو آهي.
“The Post-Structuralist literary critic is engaged in the task of ‘deconstructing’ the text: This process is given the name ‘deconstruction’ which can roughly be defined as applied Post-Structuralism.” (3)
ترجمو: ”ساختيات پڄاڻان ادبي تنقيدنگار جيڪي متن جي ڀڃ گهڙ جي عمل ۾ رُڌل هئا، انهن انهيءَ عمل کي ڀڃ گهڙ جو نالو ڏنو، جنهن کي عام طور ”عملي ساختيات پڄاڻان“ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو.“
ڀڃ گهڙ نظريي جو باني جيڪ ڊيريڊا (Jacques Derrida) آهي، جڏهن ته ٻين اهم ادبي شخصيتن ۾ رولينڊ بارٿز (Roland Barthes)، جيڪ لاڪان (Jacques Lacan)، جوليا ڪرسٽيوا (Julia Kristeva) ۽ مشعل فوڪو (Michel Foucault) جا نالا گهڻا اهم آهن. اهي مفڪر پهريان ساختياتي نظريي سان وابسته هئا، پر پوءِ جلد ئي کين ساختياتي نظريي جي مختلف اوڻاين جو احساس ٿي ويو ۽ پنهنجو احتساب ڪندي انهن مفڪرن ئي ساختيات پڄاڻان تنقيدنگاريءَ جو بنياد وڌو.
“Barthes, Lacan and Foucault, for example were identified as Post-Structuralists, who had gone beyond structuralism narrowly conceived.” (4)
ترجمو: ”بارٿز، لاڪان ۽ فوڪو، ساختيات پڄاڻان جا مڃيل پوئلڳ هئا، جن ساختياتي تصورن کان تمام گهڻو اڳتي سوچيو.“