لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب

ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب
ڪتاب جو موضوع: ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب
ليکڪ: هيرو شيوڪاڻي
ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪيشن، حيدر چوڪ، گاڏي کاتو حيدرآباد
سال: 2013ع
صفحا: 216
هي ڪتاب مختلف ادبي تحقيقي مقالن تي مبني آهي، جنهن ۾ تنقيد جي موضوع تي پڻ مقالا شامل آهن. جديد ادبي تنقيدي نظرين جي حوالي کان هن ڪتاب ۾ پڻ هڪ تحقيقي ۽ تنقيدي مقالو ”ڀڃ گهڙ“ (Deconstruction) تنقيد جو نسبتي تازه تر ميٿڊ“ جي نالي سان شامل آهي.
هن مقالي ۾ جديد ادبي تنقيدي طريقي ڪار Deconstruction لاءِ ’ڀڃ گهڙ‘ جو لفظ تجويز ڪيل آهي. ان کان اڳ ڀڃ گهڙ لاءِ ردِتشڪيل جو لفظ استعمال ڪيو ويندو هو، جيڪو اردو زبان سان تعلق رکي ٿو. تنهن کان سواءِ ڀڃ گهڙ جي وصف مقرر ڪرڻ لاءِ پڻ تفصيلي بحث ٿيل آهي. ڀڃ گهڙ جي طريقي ڪار تي به چڱو خاصو تبصرو ملي ٿو. ڀڃ گهڙ تنقيدي طريقي ڪار جي وڏي مفڪر جيڪ ڊريڊا (Jacques Derrida) جي فڪر جو احوال پڻ ڄاڻايل آهي. شيوڪاڻي صاحب لکي ٿو:
”’ڀڃ گهڙ‘جي سڌانت جي وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي ’زاڪ ڊريڊا‘ جي وصفي لفظ ڪم آندا آهن، انهن مان مون ٻه اڳيان ڏنا آهن: سگنيفاير (رچيندڙ) ۽ سگنيفائيڊ (رچيل معنيٰ سچ ڏانهن اشارو ڪندڙ). اهڙا ٻيا وصفي لفظ هي آهن: لوگو سينٽرڪ (Logo Centric) يعني ٻوليءَ ۾ اُڻيل سچ....“ (6)
تنهن کان سواءِ ليکڪ ڀڃ گهڙ طريقي ڪار کي شاهه جي چونڊ بيتن تي پڻ لاڳو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ آخر ۾ هند جي چونڊ اديبن جي ادبي ڪم تي پڻ انهيءَ حوالي کان پنهنجا ويچار ونڊيا آهن. هيرو شيوڪاڻي صاحب لکي ٿو:
”ڪجهه عرصو اڳ پشپ لعل، ايم.ڪمل جي هڪ غزل جي مصرع ’چڻنگون چڻنگون پل ٻرن ٿا‘ جي ويا کيا، ڪي قدر ڀڃ گهڙ جي طرز تي هڪ ننڍو مضمون لکي ڪئي هئي ۽ هر هڪ لفظ جي ڌار ڌار معنيٰ ڏيئي مفهوم تائين پهچڻ جي اها ڪوشش هئي پر منهنجي راءِ ۾ هُو اُن ۾ سڦل نه ٿيو هو.“ (7)


تحقيقي مقالا:
(i ’فيمينزم: (فڪري، نفسياتي، سماجي ۽ ادبي بحث)‘
جديد ادبي تنقيدي نظرين جي حوالي کان ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو تحقيقي مقالو ’فيمينزم: (فڪري، نفسياتي، سماجي ۽ ادبي بحث)‘ پڻ ذڪر جوڳو آهي. هي تحقيقي مقالو وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان نڪرندڙ ريسرچ جرنل ”ڪارونجهر“ جي پنجين شماري، سال ڊسمبر 2011ع ۾ ڇپيل آهي.
ڊاڪٽر صاحب هن مقالي ۾ فيمينسٽ تحريڪ جي مختلف رخن جو تنقيدي تجزيو پيش ڪيو آهي.
سڀ کان پهريان فيمينزم ڇا آهي؟ ان جي فڪري ۽ تاريخي پس منظر تي روشني وڌي ويئي آهي. فيمينسٽ فڪر جي شروعات ميري وال اسٽون ڪرافٽ (Marry Wollstone Craft) کان ٿئي ٿي، جنهن (A Vindication of the rights of Women) ڪتاب لکي، عورت جي تعليم جو مطالبو ڪيو. تنهن کان پوءِ سيمون ڊي بوارا جو عورت جي وجودي حيثيت وارو بحث کنيو ويو آهي.

انهيءَ حوالي کان ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:
”سيمون ڊي بوارا جي اها ڪوشش هئي ته، عورت جي اصلي حقيقت ۽ سڃاڻپ کي ڳولجي. عورت جي اها ڪهڙي حقيقي سڃاڻپ هئي، جيڪا پدري سماج ۾ گُم ٿي ويئي، انهيءَ جو جواب ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇوته عورت پدري سماج جي ثقافتي عمل ۾ جيڪو روپ اختيار ڪيو، انهيءَ کي بدلائڻ لاءِ هڪ نئين ثقافتي عمل جي ضرورت آهي.“ (8)
تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب، مذهب ۾ عورت جي تصور کي پيش ڪيو آهي. مختلف مذهبن ۾ عورت جي ثانوي ۽ لبرل حيثيتن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. سماجي حوالي کان عورت جي نفسيات جو ارتقائي دور کان موجوده دور تائين جي پس منظر ۾ تنقيدي نظريو پيش ڪيل آهي.
مقالي جي آخر ۾ سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ فيمينزم جي صورتحال ۽ فيمينسٽ فڪر تي ڀرپور تبصرو ٿيل آهي. ڊاڪٽر صاحب، فيمينزم کي گلوبل ڪمرشل سماج جي ضرورت سمجهي ٿو، جيڪا سنڌ ۾ به تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. سندس خيال آهي ته فقط عورتن جي مسئلن تي ڳالهائڻ فيمينزم ناهي، عورت ۽ مرد هڪ سِڪي جا ٻه پاسا آهن، ان ڪري ڪو خالص مرداڻو يا عورتاڻو ادب ٿي نٿو سگهي. جنهن سماج جو عڪس ادب ۾ موجود آهي، ان ۾ عورت ۽ مرد ٻئي موجود آهن. مجموعي طرح سان ڊاڪٽر صاحب فيمينسٽ فڪر جا مختلف پاسا تجزيي هيٺ آڻيندي ان نتيجي تي پهچي ٿو ته سنڌ ۾ فيمينسٽ تحريڪ ايئن ناهي، جيئن يورپ ۾ هئي. سنڌي ادب ان حوالي کان تضادن ۾ گهيريل آهي.
عورت جي آزاديءَ جو نعرو سرمائيداري نظام پنهنجي مفادن جي پورائيءَ لاءِ اڀاريو آهي. بنيادي طرح سان سنڌ جو اهم مسئلو طبقاتي جنگ آهي، جنهن ۾ عورت ۽ مرد ٻئي مظلوم آهن. انهيءَ صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ نئين ثقافتي نظام جي ضرورت آهي.

(ii ’مابعد جديديت (فڪر کان ادب تائين)‘
ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو ٻيو تحقيقي مقالو ’مابعد جديديت (فڪر کان ادب تائين)‘ جي نالي سان تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ جي تيرهين جلد جي ٻئي شماري، سال ڊسمبر 2012ع ۾ ڇپيل آهي. مابعد جديديت يا جديديت پڄاڻان، جديد ادبي تنقيدي نظرين ۾ اڄ ڪلهه سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ ايندڙ فڪر آهي.
ڊاڪٽر صاحب هن مقالي جي شروعات جديديت پڄاڻان جي ابتدائي دور ۽ وصف کان ڪئي آهي. هُو ٻڌائي ٿو ته:
”مابعد جديديت جي مڪمل وصف ته اڄ تائين ڪنهن به نه ڏني آهي، پر ايترو ضرور آهي ته مابعد جديديت هڪ ئي وقت ۾ مختلف تضادن وارا تصور ۽ هاڃا کڻي آئي.“
هُو مابعد جديديت جو سائنسي بنياد ڪوانٽم فزڪس، جديد ميڊيا، ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي ۽ غيرمادي معيشت تي مبني ڏيکاري ٿو. مختلف ناليوارن يورپي ڏاهن جي وصفن تي پڻ تنقيد هن مقالي ۾ شامل آهي. تنهن کان پوءِ جديديت ۽ جديديت پڄاڻان جي وچ ۾ فرق به هن مقالي ۾ بحث هيٺ آندو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:
”جديديت ۽ مابعد جديديت ۾ فرق اسان هيئن ڪنداسين ته جديديت ۾ مرڪزيت هئي، تاريخ ۽ ڪلچر هو، رٿابندي ۽ تخليق هئي، پر مابعد جديديت ۾ لامرڪزيت، مايا، عدم تعين، هٿرادو موضوع، انتشار ۽ رينڊم اسٽائيل موجود آهي.“ (9)
تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب هن مقالي ۾ جديديت پڄاڻان جي معروضي، معاشي، سماجي، جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا، سائنسي ۽ سرمائيداراڻا حوالن کان حالتن جو تجزيو ورتو آهي. يورپي ادب جو مختصر تجزيو پڻ ورتو ويو آهي، خاص طور سان جديديت پڄاڻان تي لکيل ڪجهه چونڊ ناولن تي ادبي تنقيدي تبصرو به هن مقالي ۾ شامل آهي.
ڊاڪٽر صاحب جديديت پڄاڻان لکڻين جي مختلف ٽيڪنيڪس کي به ڄاڻايو آهي، پر انهن بابت ڪي به تفصيل ناهن ڏنا. جيڪڏهن مختصر طور ئي سهي انهن تي ڪجهه مواد ڏين ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. بهرحال هي تحقيقي مقالو تمام گهڻي محنت سان لکيو ويو آهي.
جديديت پڄاڻان جهڙي موضوع تي هڪ مڪمل پي.ايڇ.ڊي ٿي سگهي ٿي يا ڪو ضخيم ڪتاب لکي سگهجي ٿو. انهيءَ جي باوجود ڊاڪٽر صاحب هن مقالي ۾ جديديت پڄاڻان جي ڪافي رخن کي نڀايو آهي. هن مقالي جي آخر ۾ سنڌي ادب ۾ جديديت پڄاڻان جي ڪجهه سماجي عڪسن جي اپٽار ٿيل آهي.