”ساخت“ لفظ جو مفهوم/تصور:
(Concept of word “Structure”)
ساختيات جي فلسفي ۾ لفظ ساخت جي تصور کي سمجهڻ نهايت ئي ضروري آهي. ساخت، شڪل يا بناوٽ جي تصور کي اسان ٽرئفڪ سگنل جي هن مثال ذريعي آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا.
ٽرئفڪ سنگل ۾ ٽن ڦڪي، ڳاڙهي ۽ سائي رنگن جون بتيون ٿينديون آهن، جن مان اسان تيار رهڻ، بيهڻ ۽ وڃڻ جو مطلب وٺندا آهيون، پر اهو انهن رنگن جو عام رواجي مطلب نه آهي. دنيا جي مختلف ثقافتن ۾ رنگن جي مختلف معنيٰ هوندي آهي، جيئن ڳاڙهو رنگ خوشي، جوش، خطري ۽ انقلاب جي نشاني آهي، ساڳئي وقت سائو رنگ زرخيزي، اڪثريت ۽ بزرگيءَ وغيره جي، پر ٽرئفڪ جي نظام ۾ سگنل جي انهن رنگن جو مفهوم ان معنيٰ کان بلڪل الڳ ۽ منفرد آهي، جيڪو عام طور تي ورتو ويندو آهي. هتي غور ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته بذات خود فطري طور ڪنهن به رنگ جو ڪو هڪ مخصوص طئي ٿيل مفهوم نه آهي. شين ۾ مفهوم ۽ رشتو تڏهن ئي پيدا ٿئي ٿو، جڏهن اهي ڪنهن نظام هيٺ هڪٻئي سان رابطي ۾ اچن ٿيون. ساڳئي وقت پوءِ اهو رشتو، ربط ۽ هم آهنگيءَ وارو به ٿئي ٿو ته تضاد جو به. جيئن ٽرئفڪ سگنل ۾ ڳاڙهي، سائي ۽ ڦڪي بتي، هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم بنجي وڃن ٿيون، ڪنهن به هڪ بتيءَ جي غير موجودگي، ٽرئفڪ سگنل جي نظام کي اڻپورو بڻائي ڇڏي ٿي، پر ساڳئي وقت اهي ٽئي بتيون هڪٻئي جو ضد به آهن. ڳاڙهي رنگ جي بتي، ڦڪي رنگ جي بتيءَ جو ڪم نٿي ڏيئي سگهي ۽ ڦڪي رنگ جي بتيءَ مان سائي رنگ جي بتيءَ جي علامت نٿي وٺي سگهجي. تنهن ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته ٽرئفڪ سگنل جي انهن ٽنهي رنگن جي بتين جي پاڻ ۾ گڏيل رشتي، ميلاپ ۽ تضاد سبب جيڪا تجريدي شڪل اسان جي سامهون اچي ٿي، اها ان جي ساخت، شڪل يا بناوٽ آهي.
هتي اها ڳالهه پڻ واضح ٿئي ٿي ته مختلف رنگن جي معنيٰ اصل ۾ ساخت سبب ئي پيدا ٿئي ٿي، جنهن نظام ۾ اهي موجود هجن ٿا، نه ته ٻي صورت ۾ ڪوبه رنگ بذات خود الڳ ۽ منفرد طور ڪا به معنيٰ ۽ مفهوم نٿو رکي.