لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

سنڌي شاعري ۾ جديديت پڄاڻان:

[b]سنڌي شاعري ۾ جديديت پڄاڻان:
[/b]جديد شاعريءَ ۾ جديديت پڄاڻان جو اڀياس ڪجھ حد تائين ڪري سگھجي ٿو. جديد شاعرن جديديت پڄاڻان معروضي صورتحال جا سماجي سياسي ۽ معاشي عڪس پنهنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪيا آهن.

[b]1) اياز گل:
[/b]اياز گل، شهري ڪلچر جي ڪردارن جي مصنوعيت کي پيش ڪيو آهي. اهڙا ڪردار جيڪي فطرت، همدردي، پيار، محبت ۽ پنهنجائپ جي احساس کان ڪٽيل گليئمر، فيشن ۽ ڏيکاءُ جي نمائش ۾ مصروف آهن. جيڪي مادي دنيا جي لذتن ۽ حاصلات پٺيان مقابلي واري ڊوڙ ۾ اکيون بند ڪري بغير ڪنهن شعور جي ڏينهن رات ڊوڙي رهيا آهن. اهڙا ڪردار جن جي منهن تي ڪيترائي نقاب پهريل آهن، جيڪي اڪيلا ۽ وائڙا آهن. اياز گل انهن احساسن کي هن ريت اظهاريو آهي:
ماڻهوءَ اڳيان، پويان پاڇا ڊوڙن ٿا،
نظرن ڏي هر روز تماشا ڊوڙن ٿا.
سچ، اصول ۽ احساسن کي دفنائي،
رستن تي بس، زندھ لاشا ڊوڙن ٿا.
ڪيئن ڪري سگھندا منزل کي پنهنجو هوُ،
خيال جيڪي چارئي پاسا ڊوڙن ٿا.

ٻار ڇا سوچن، جيون ڪهڙي ويڌن آ،
جنهن جي پويان امان بابا ڊوڙن ٿا.
هر شيءِ هُن کان ڪيڏي ڏور هلي وئي آ،
دل پسي بسِ يار، دلاسا ڊوڙن ٿا. (47)

ساڳين ئي خيالن جي عڪاسي فياض چنڊ ڪليري هنن لفظن ذريعي ڪري ٿو.
جذبا ۽ احساس شهر ڇڏيا ڳڙڪائي،
جسم سمورا ڪورا ڪاڳر جھڙا هئا.
هر چهري جي پنهنجي ٻولي واڪ هيو،
ڳوڙها ٽهڪ سڀئي، اوڌر جھڙا هئا. (48)

[b]2) ملڪ نديم:
[/b]سنڌيءَ ۾ ملڪ نديم جا تجريدي نظم به جديديت پڄاڻان جي صورت حال جي بهترين نمائندگي ڪن ٿا. سندس نظم ”ڪرسي“ اقتدار حاصل ڪرڻ جي مفادن، منافقين، ڪوڙ، دوکي، ٺڳي، فريب ۽ اصولن جي لتاڙ تي سخت تنقيد آهي. ملڪ نديم جا خيال لونءَ ڪانڊاريندڙ آهن رشتن، احساسن جي اهڙي تذليل ۽ ضمير جو موت جديديت پڄاڻان دؤر جي سياسي ڍانچي جي غير مرڪزيت ۽ ڪچائين جي بلڪل درست تصوير چِٽين ٿا. ملڪ نديم ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي ريت دنيا اندر ماڻهو وکري جانور بڻجي رهيو آهي.
ڳيري چيو،
مان رڳو ڪرسيءَ تي ويهان،
نيرن ستن نياڻين سان ڪندس،
لنچ تي اٺ ڀائر کائيندس،

ڊنر ٻارن جي گوشت جي،
سوپ سان شروع ٿيندي،
ڊرنڪ ته،
ڪرسيءَ جي،
هونءَ به انسان جو رت آهي. (49)
ساڳئي فڪري تسلسل ۾ جديد شاعر سعيد ميمڻ جون هي سٽون پڻ غور طلب آهن.
کيس عهدو مليون آهه جاڪُون وڏو،
هن جو لهجوئي آهي بدلجي ويو... (50)

[b]3) فياض چنڊ ڪليري:
[/b]جديد شاعر فياض چنڊ ڪليري جون سٽون پڻ جديديت پڄاڻان جي لحاظ کان بحث طلب آهن.
ڪاغذ جھڙا رشتا ۽ سڀ چهرا هئا،
تو به ته رانديڪو سمجھي، وندرايو مون کي،
ڀرت ڀريندڙ نيڻن پوڄيو، ٺڪرائي آيس،
انٽرنيٽ جي عادي اکڙين ڊاهيو مون کي،
گھر جون دريون، دروازا جت درد ڏين،
روبوٽن جيان، جيئن، کلڻ نه آيو مون کي،
مون وٽ ڏات، ڏياهئي، پر ڌن نه هو،
پٿر سمجھي، پارکوئن ٺڪرايو مون کي... (51)

فياض ڪيتري خوبصورتيءَ سان سنڌي سماج جي اخلاقي توڙي سماجي قدرن جي ٽٽڻ ۽ فنا ٿيڻ جو اطلاع ڏنو آهي. علم، ڏاهپ ساڃاھ ۽ شعور جي بيگانگيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. جتي ذهانت، ڏاهپ ۽ شعور جو مذاق اڏايو وڃي ٿو. جتي خوشامندڙين، سڌڙين ۽ چاپلوسي ڪندڙن جي واھ واھ ٿئي ۽ مڪار مفادي ماڻهو اڳيان اڳيان هجن ۽ عالم ڏاهو ماڻهو ڪا ڪنڊ وٺي ويهي رهي، يا بک مري.
جديديت پڄاڻان جا ڪيترائي رخ آهن. هر لمحي جي پنهنجي الڳ ڪهاڻي آهي، هر ڪهاڻيءَ جو پنهنجو الميو آهي.

[b]4) ايس. نسيم ميمڻ:
[/b]جديديت پڄاڻان جي هڪ ٻي اهم خاصيت حيران ڪندڙ واقعا آهن. جديد ميڊيا انهيءَ حوالي کان نهايت منفي ڪردار ادا ڪيو آهي. جديد ميڊيا ماڻهن جي ڏکن ۽ المين کي ملهائي (Celebrate) ٿي. مثال طور ظالم کي مظلوم، ڪوڙي کي سچو، بد کي نيڪ، رهبر کي رهزن ڪري پيش ڪرڻ ميڊيا لاءِ رواجي ڳالھ آهي. زلزلو يا ٻوڏ اچي، آپگھاتي بم ڌماڪو ٿئي يا لکين ماڻهو بک اڃ وگھي مري وڃن، پر جديديت پڄاڻان ۽ ميڊيا لاءِ اِهو هڪ زبردست اشو آهي، جنهن مان سياست چمڪائڻ سان گڏوگڏ اربين روپيا ڪمائڻا آهن. ايس. نسيم ميمڻ انهيءَ جي عڪاسي هن ريت ڪري ٿو.
ڏاڍو ڏاڍ ڪري ٿو ڄاڻي،
هوڏي هيڻن جا ٿيا ماري.
هر ڪو رهبر رهزن ٿي پيو،
ڪو به نه ڏيندو آ دلداري.
حق نا حق جي نسبت جڙيل،
ڪير چڱو آ ڪير ڏوهاري.
هيءَ ڪهڙي روشن خيالي آهي،
اڄ به هلي پئي ڪارو ڪاري. (52)

يا امداد حسينيءَ جون هي سٽون ڏسو...
منهنجو ايمان وطن شان وطن آنُ وطن،
اڄ ڏکيو آهه بکيو آهه اَگھو آهه اگھاڙو آهي،
سو وطن محب وطن ميت ۽ منٺار وطن،
سنڌ جنهن کي ٿا چون سو اِهو دلدار وطن،
اَنَ ۾ پاڻ ڀرو، آب اَگوندر جنهن ۾،
بُکَ ۾ اُڃَ ۾ اڄ ٻار مرن پيا تنهن ۾،
ست رڇيون کائي ڀري ڀَڀُ چوي ٿو هڪڙو،
’ٻار بُک کان نه مئا‘ ٻار اگھائيءَ ماريا،
ٻيو چوي ٿو، ڏڪر ناھ مُڪو مون ٿرتي،
هڪ ڦٽي ٿو، ٻيو ٿو لوڻ ڦٽن تي ٻُرڪي. (53)

[b]5) سعيد ميمڻ:
[/b]جديديت پڄاڻان جيئن ته رينڊم اسٽائيل رکندڙ صورتحال آهي، تنهن ڪري هر شيءَ پنهنجي اصليت وڃائي چڪي آهي. ويتر ضدن جي فلسفي کي ختم ڪرڻ سبب ڪا شيءَ مرڪز ۾ ناهي رهي. فن، علم، ڏاهپ، ادب، نظرين، روايتن، قدرن، تاريخ ۽ ڪلچر جو خاتمو ٿي چڪو آهي. تنهن ڪري عدم تعين، انارڪي، ڇڙواڳي ۽ غيرمرڪزيت جو وڻ وڌي، پنهنجيون پاڙون پختيون ڪري چڪو آهي. حقيقت ۽ سچ گم ٿي ويو آهي مافيائن جي دؤر ۾ رڳو ڪوڙ، دوکي ۽ فريب جي جنگ پئي هلي ماڻهن کي ايترا ته رخ ڏيکاريا ويا
آهن جو انسان ذات منجھي دائمي بحران ۾ ڦاسي چڪي آهي، جنهن مان ٻاهر نڪرڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ نه ٿيندو. جديديت پڄاڻان جي اها صورتحال سعيد ميمڻ جي هنن سٽن وانگر آهي:
اکين ٻڌل هجوم پئي نعرن پٺيان هليو،
ڪنهن کي پتو نه هو ته هِن ڪاڏي وکون کنيون. (54)

يا هي خيال ڏسو جديديت پڄاڻان جي ڪيتري نه خوبصورت ترجماني ڪن ٿا.
ماڻهو ماڻهو ڍڪيو پيو آهي
يار هيڏا نقاب ڪير ڳڻي. (55)