لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

سنڌي شاعريءَ ۾ ماورائي عڪس:

[b]سنڌي شاعريءَ ۾ ماورائي عڪس:
(Surrealistic images in Sindhi Poetry)[/b]
سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن ماورائي فڪر جي جاچ ڪجي ته اها ڳولها جديد شاعريءَ جي تجريدي نظم جي صنف تي پهچي دنگ ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته تجريدي شاعريءَ ۾ ماورائيت جا عڪس نهايت چٽي نموني ڏسي سگهجن ٿا.
ظفر عباسي، تجريدي نظم بابت لکي ٿو:
”هن صنف ۾ تجريدي آرٽ جيان پنهنجن جذبن، اڌمن، چاهنائن، خواهشن ۽ سنديشن کي اهڙي ته ابتي سبتي نموني پيش ڪيو ويندو آهي، جيئن پڙهندڙ جي ذهن کي ڇرڪائي وجهن ۽ کيس تمام گهڻو متاثر ڪن.“ (32)

[b](i ڊاڪٽر ملڪ نديم:
[/b]جديدي سنڌي شاعريءَ ۾ هن صنف جو باني ڊاڪٽر ملڪ نديم آهي، جنهن تازو ئي هن صنف کي سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي، نهايت ئي پختا فني ۽ فڪري تجريدي نظم سنڌي شاعريءَ جي هنج ۾ وڌا آهن. ڊاڪٽر ملڪ نديم جي تجريدي نظمن جي اهم خاصيت اها آهي ته اهي ماورائي ادب جي فني ۽ فڪري تقاضا کي ته پورو ڪن ئي ٿا، پر ان سان گڏوگڏ اهي انساني سماج جي هر مثبت توڙي منفي موضوع، مسئلي ۽ تعميري توڙي تخريبي عنصر کي وائکو ڪندي نظر اچن ٿا.
ڊاڪٽر ملڪ نديم جي ماورائي فڪر مان بي مقصديت جي بجاءِ ترقيءَ پسنديءَ جا اهڃاڻ واضح نموني محسوس ڪري سگهجن ٿا جيڪي انساني سوچ کي جهنجهوڙيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ آهن، سندس شاعريءَ جا عڪس، علامتون، تشبيهون، استعارا ۽ اسٽائيل بنهه نرالو آهي.

مثال طور هي نظم ڏسو:
تنهنجي منهنجي ڌرتي کي،
110 ڊگري ٽائيفائيڊ جو بخارآهي،
تنهنجو منهنجو وطن مليريا ۾ ورتل آهي،
پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ کي،
ڊپريشن ٿي پيو آهي،
پنهنجا سالار ۽ سرواڻ،
سازشن جي ميڊيڪل اسٽورن تان،
انجيڪشنون ۽ گوريون وٺڻ ويا آهن. (33)
مٿيئن نظم ۾ جتي ڌرتيءَ کي ٽائيفائيڊ ٿيڻ، ماءُ جي لوليءَ کي ڊپريشن ٿيڻ، وطن کي مليريا ٿيڻ ۽ سازشن جو ميڊيڪل اسٽور جهڙا عڪس فني حوالي کان ماورائيت جي نمائندگي ڪن ٿا اتي ئي فڪري حوالي کان هن نظم ۾ وطن پرستيءَ جي احساس کي ضربجندي ڏيکاريو ويو آهي. ڪهڙي ريت موجوده سياسي وايو منڊل ۾ ذاتي مفادن خاطر پنهنجائي اڳواڻ ڌرتيءَ کي اڏوهي جيان کائي کوکلو ڪري رهيا آهن ان احساس جي خوبصورت عڪاسي پر ماورائي انداز ۾ ملي ٿي.
جنهن به بيروزگار نوجوان جي،
هڪ کيسي ۾ وڏيري جو ڀونڊو،
۽ ٻئي ۾ گارآهي،
ان کي پهرين کان پندرهين گريڊ تائين نوڪري،
ملي سگهي ٿي.
جنهن به پڙهيل ماڻهو جي
هڪ فائيل ۾،
ايم پي اي جون مڇون،
۽ ٻي ۾ ايم اين اي جا جوتا آهن،
ان کي Revolving چيئر جو،
چسڪو ملي سگهي ٿو. (34)
ملڪ نديم جو هي تجريدي نظم فڪري لحاظ کان موجوده سماج جي وايومنڊل ۽ نظام تي هڪ ڀرپور تنقيد آهي. ملڪ نديم ڏاڍو بيباڪ ۽ کرو شاعرآهي، هن وٽ منافقي ناهي، جهڙي طرح هن ماورائي علامتون پيش ڪيون آهن، اهي رڳو ذهن جو فطور ناهن نه وري رڳو وکريل لاشعوري خيال آهن، پر سماج جي حقيقت آهن، جنهن ۾ گزيٽڊ ۽ نان گزيٽڊ نوڪرين حاصل ڪرڻ لاءِ اهليت جي لتاڙ کي جائز ۽ سفارش ۽ رشوت جي کلي عام حمايت ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته فني لحاظ کان کيسي ۾ ڀونڊي ۽ گار جو هئڻ، فائيل ۾ ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي مڇن ۽ جوتن جهڙا تصور ماورائيت سان ڀرپور هئڻ جي باقاعده هامَ هڻندي محسوس ٿين ٿا. درحقيقت ماورائيت جي پس منظر ۾ ملڪ نديم جو فڪر گهڻ رخو آهي جيئن نظم ”بسڪوٽ پٽي آءٌ“ ۾ غربت، بک، بدحالي ۽ هيٺيئن طبقي جي استحصاليءَ جو منظر ملڪ نديم هن ريت چِٽي ٿو.
ٻٻر جي وڻ مان،
بسڪوٽ پٽي آءُ،
ٿوهر جي ٻوٽي مان ڊبل روٽي،
روح ڪاڙهي،
مان چانهن ٺاهي آهي،
اچ ته پٽ!
نيرن ڪيون ۽
وڏيري جي بيگر تي هلون. (35)
ملڪ نديم وٽ مختلف نوعيت جي سماجي مسئلن جي ايتري ته گهڻائي آهي جو شايد ئي ڪو موضوع سندس قلم جي پهچ کان ٻاهر رهيو هجي. ملڪ نديم هر ننڍي
سياسي سماجي معاشي ۽ اقتصادي موضوع کان وٺي هر انساني رويي ۽ نفسيات جو ايترو ته گهرو مشاهدو پنهنجي تجريدي نظمن ۾ پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي جو عام ماڻهو جو عقل دنگ رهجيو وڃي. ملڪ نديم جو نظم ”ڪرسي“ ان جو بهترين مثال آهي جنهن ۾ ملڪ نديم عهدي ۽ ڪرسي جي حاصلات لاءِ انسان جي لالچ ۽ هوس جي انتها ڏيکاري آهي. ذاتي مفادن خاطر رشتن ناتن ۽ انسانيت جي لتاڙ جي اپٽار ڪئي آهي ۽ ساڳئي وقت ماورائيت جي فني تقاضا کي پنهنجي بي مثال تخيل ذريعي نئين زندگي بخشي آهي.
ڳيري چيو،
مان رڳو ڪرسيءَ تي ويهان،
نيرن ستن نياڻين سان ڪندس،
لنچ تي اٺ ڀائر کائيندس،
ڊنر ٻارن جي گوشت جي،
سوپ سان شروع ٿيندي،
ڊرنڪ ته،
ڪرسيءَ جي،
هونءَ به انسان جو رت آهي. (36)

[b](ii حسن درس:
[/b]جديد شاعرن ۾ حسن درس جا نثري نظم به فني ۽ فڪري لحاظ کان ماورائيت جي نمائندگي ڪن ٿا. سندس نظمن ۾ ڪيترائي انوکا عڪس ۽ نقش چٽيل آهن جيڪي نواڻ ۽ تاثر جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهن، سندس عنوان، موضوع، تشبيهون، توڙي عڪس پڙهندڙ کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪندڙ، ڇرڪائيندڙ ۽ ماورائيت جي عجيب و غريب خواب آور دنيا جي سير ڪرائيندڙ آهن، خانم گگوش نظم ان جو بهترين مثال آهي.
خانم گگوش جي تصوير جي
فريم ۾
هڪ ملڪ بندآهي
جتي جي سرحدن ۾
جواني مني آهي
تاريخ جي سگريٽ کي
تيليءَ چميو ته
وقت دکي پيو
۽ هڪ ڊگهي ڪش ۾
درد جو سرمئي دونهون
هوا ۾ اڏرندو ويو،
خميني تون هڪ ڦلي وانگي
پنهنجي قبر جي ايش ٽري ۾
بي معنيٰ ٿي ڇڻي پوندين،
گگوش جي اکين ۾
هڪ ڪربلا ڇرڪ کائي جاڳي
اُٿي
۽ خوابن جا حسين
پنهنجي قتل جي بي واجبيءَ تي
هر يزيد
جو ابدي موت
اورانگهي
من جي نين موسمن جا
نوان عنوان بنجي ويا
درد جي هن پراڻي ڍنڍ تي
ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي
جڏهن گڏجي اڏرندا
۽ چٽي اس ۾ به
پکين جو هڪ ڪڪر
ڍنڍ تي ڇانورو ٿيندو
ته ڪرورِن ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون
جوانيءَ جي ٽاريءَ تي
زندگيءَ جي چيلهه ۾ ٻانهون
وجهي
مسلسل ٽهڪ ڏيندا
۽ انهن ٽهڪن ۾
گگوش سدائين جوان رهندي. (37)
مٿئين نظم ۾ فريم ۾ ملڪ بند هئڻ، تاريخ جو سگريٽ، وقت جو دکي پوڻ، درد جو سرمئي دونهون، قبر جي ايش ٽري، اکين ۾ ڪربلا جو ڇرڪ کائي جاڳي پوڻ، جوانيءَ جي ٽاري ۽ زندگيءَ جي چيلهه جهڙا خوبصورت ۽ نوان عڪس ماورائي نظريي جي مڪمل عڪاسي ڪن ٿا. حسن درس جي هن نظم کي جيڪڏهن پينٽنگ جي شڪل ڏني وڃي ته ماورائي پينٽنگ جو حسين شاهڪار ٿي پوندو. حسن درس جي ٻين نظمن ۾ ”ننگي سرمد جي حضور ۾“ ۽ ”سردين جو هڪ نظم“ پڻ ماورائي ادب جا مثال آهن.

[b](iii چندر ڪيسواڻي:
[/b]چندر ڪيسواڻيءَ جي ڳڻپ پڻ جديد فڪر جي شاعرن ۾ ٿئي ٿي سندس نثري نظمن جو مجموعو ”زندگي خواب خودڪشي“ آهي. جيڪو 1998ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، چندر جا ڪجهه نثري نظم ماورائي ادب جي عڪاسي ڪن ٿا. ادل سومرو، چندر جي اهڙن نظمن بابت تنقيدي راءِ ڏيندي لکي ٿو:
”چندر ڪيسواڻي پنهنجي دور جو سياسي، سماجي شعور رکندڙ اهڙو سرجڻهار آهي، جيڪو تمام ٿورن لفظن ۾ ڳوڙهن ويچارن کي بيان ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هو ڪٿي به فن يا آرٽ کان پاسيرو نٿو ٿئي. نظم ”گرهڻ- 90“ هن جي سياسي سجاڳيءَ جو مثال آهي اتي سندس اظهار انداز ڪجهه تجريدي محسوس ٿي رهيو آهي.“ (38)
هتي سندس نظم ”گرهڻ 90“ جو جائزو پيش ڪجي ٿو ته واقعي ان ۾ تجريديت جا عڪس موجود آهن يا نه،
4 آگسٽ جي شام
اٺين ترميم جي
آئيني گرهڻ
سج تي ڍڪ رکيو
شڪر پُڙيان جي جواري
ضابطن جون ٽوپي
اکيون
وري پڙ کنيو
”آڌي رات جا گدڙ“
آئين جي ڊسٽ بن ۾ رکيل
ووٽ جي پرچي سان،
ريپ ڪري
قانون جي ونگار
وهن ٿا
۽
ريس ڪورس جي ڊوڙ
وارا گهوڙا،
مقدس قسم جي آڙ ۾
لتاڙين ٿا
ماڻهن جي ويساهه کي
اسطنبل ۾ رکيل
رياستي نصاب
هڻڪار جي ور چڙهي
ويو آهي،
آرڊيننس جي پوک
اسان جي بک کي
آٿت ڏيئي ٿي. (39)
هن نظم ۾ چندر مختلف تجريدي ۽ ماورائي عڪس پيش ڪياآهن. جهڙوڪ آئيني گرهڻ جو سج تي ڍَڪُ، آئين جي ڊسٽ بن، ووٽ جي پرچيءَ سان ريپ، اسطنبل ۾ رکيل رياستي نصاب ۽ آرڊيننس جي پوک وغيره. سندس ماورائي فڪر نواڻ سان ڀرپور خيالن جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن ۾ تخيل جي خوبيءَ سان گڏ، لهجي جي سادگي به آهي، سندس اهي خيال ۽ عڪس ڪنهن به طرح اها اولڙ ناهن جن تي اڄ جي جديد دور جو نوجوان اديب گهڻو تڻو ڀاڙي ٿو.