ساختیات، پس ساختیات اور مشرقی شعریات
ڪتاب جو موضوع: ساختیات، پس ساختیات اور مشرقی شعریات
ليکڪ: گوپی چند نارنگ
ڇپائيندڙ: ایجوکیشنل پبلشنگ ہاؤس دہلی
سال: 1993ع
صفحا: 590
گوپي چند نارنگ صاحب جو تعلق هندوستان سان آهي. هو جامعه مليه اسلامي يونيورسٽي، نئين دهليءَ ۾ اردو ادب جو پروفيسر رهي چڪو آهي. ادب ۽ تنقيد سندس مهارت وارا شعبا آهن. ادبي تنقيد بابت هي ڪتاب ايوارڊيافته آهي، جيڪو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي.
هن ڪتاب جو پهريون حصو ساختيات، ٻيو حصو ساختيات پڄاڻان ۽ جڏهن ته ٽيون حصو مشرقي شعرن ۽ ساختياتي فڪر تي مشتمل آهي.
پهريون حصو ”ساختيات“ وري وڌيڪ پنجن بابن ۾ ورهايل آهي، جنهن مان ساختيات لفظ جي وصف ۽ تشريح کان ويندي اصطلاح ۽ پوءِ تحريڪ تائين منتقل ٿيڻ جو پورو سفر مطالعي هيٺ آندو ويو آهي، تنهن کان سواءِ ساختيات جي باني سوسيئر جي لساني ماڊل جي تشريح ۽ وضاحت کان سواءِ ٻين اهم مفڪرن جهڙوڪ رومن جيڪب سن، نوم چومسڪي، ليوي اسٽراس، نارٿروپ فرائي، جوناٿن ڪلر ۽ تودروف وغيره جي فڪر تي تفصيلي بحث مباحثو ٿيل آهي، جڏهن ته هر حصي جي آخر ۾ وري هر باب ۾ استعمال ٿيل مددي ڪتابن جي فهرست پڻ ڄاڻايل آهي.
هن ڪتاب جو ٻيو حصو ”ساختيات پڄاڻان“ لاءِ مخصوص ٿيل آهي، جنهن کي وري وڌيڪ ڇهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب جي هن حصي ۾ ليکڪ ساختيات پڄاڻان فڪر جي پهرين شخصيت رولينڊ بارٿز جي فلسفي کان شروعات ڪندي جيڪ لاڪان، مشل فوڪو ۽ جوليا ڪرسٽيوا جي فڪر کي تفصيلي طور تبصري ۽ تنقيد هيٺ آندو آهي. تنهن کان پوءِ جيڪ ڊريڊا ۽ ڀڃ گهڙ طريقي ڪار جو تعارف، تفصيل، ڊريڊا جا سوسيئر سان اختلاف، ڀڃ گهڙ طريقي ڪار تي آمريڪي تنقيد جو احوال ۽ اعتراض، تنهن کان سواءِ ساختيات ۽ ساختيات پڄاڻان جا مارڪسيت تي اثر، پڙهندڙن جي موٽ واري تنقيد (Readers Response Criticism) جو تفصيلي احوال، مفڪرن جي فڪر جي روشنيءَ ۾ ۽ سندس مظهريت سان تعلق ۽ هڪجهڙائيءَ کي مطالعي هيٺ آندو ويو آهي.
گوپي چند نارنگ، رولينڊ بارٿز بابت لکي ٿو:
رولان بارتھ فرانس کے ساختیاتی ادبی نقادوں میں سب سے زیادہ اہمیت اس لیے رکھتا ہے کہ موجودہ عہد میں ادب کے بارے میں کسی مفکر نے اتنی بحثیں نہیں اٹھائیں جتنی رولان بارتھ نے، ساختیات کے حوالے سے نئے نئے نکات پیدا کرنے میں وہ اپنا جواب نہیں رکھتا۔ (11)
ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ ليکڪ مختلف مشرقي ٻولين جهڙوڪ سنسڪرت، فارسي ۽ عربي شعرن جو ساختياتي فڪر جي حوالي کان تجزيو ۽ تنقيد پيش ڪئي آهي، گڏوگڏ انهن مختلف شعري روايتن تي ساختيات پڄاڻان ۽ ڀڃ گهڙ فڪر تحت پڻ نظر وڌل آهي. جڏهن ته آخر ۾ ليکڪ جديديت پڄاڻان جي بحث کي پڻ موضوع بڻايو آهي ۽ مختلف مفڪرن جي فڪر جو تجزيو پيش ڪيو آهي، جن ۾ فرانسس ليوٽارڊ ۽ فريڊرڪ جيمسن وغيره شامل آهن ۽ اردو تنقيد جي موجوده صورتحال تي به چڱو تبصرو ڪيو اٿس.
مجموعي طور هي ڪتاب پنهنجي موضوع جي حوالي کان تمام وسيع آهي، جنهن جي مختلف پهلوئن کي ليکڪ ڀرپور نموني سهيڙيو آهي. تقريباً هر موضوع کي نهايت ئي سهڻي نموني تفصيل سان مختلف حوالن ذريعي سمجهايو ويو آهي. ليکڪ گهڻي ڀاڱي انگريزي ڪتابن تان مدد ورتي آهي، جن جو مڪمل تفصيل ببليوگرافيءَ ۾ ڄاڻايو اٿس. ڪٿي ڪٿي حوالن ۾ صفحو نمبر ناهي ڄاڻايل، انهيءَ جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
بهرحال هن ڪتاب تي Plagarisim جا به تمام گهڻا الزام لڳا آهن، جن بابت ڪابه حتمي راءِ نٿي ڏيئي سگهجي، پر انهيءَ جي باوجود هي ڪتاب پنهنجي موضوع جي حوالي کان نهايت منفرد ۽ مڪمل هئڻ جو ڀرپور تاثر ڏيئي ٿو. مستقبل ۾ انهيءَ موضوع جي حوالي کان وڌيڪ تحقيق ڪرڻ وارن جي لاءِ هي ڪتاب لاڀائتو ثابت ٿيندو.