سنڌي نثر جي ڀڃ گهڙ:
[/b]سنڌي نثر جي جائزي لاءِ اسان مختلف ڪتابن مان ڪي نثري جملا يا ٽڪرا کڻي، انهن جي ڀڃ گهڙ (Deconstruction) ڪريون ٿا ۽ ڏسون ٿا ته، مختلف متن پنهنجي اندر ڪهڙا تضاد رکن ٿا، انهن سٽن اندر ڪهڙا پيغام لڪايل آهن ۽ ڪهڙيءَ ريت ٻولي، معنيٰ جي لحاظ کان ڀٽڪندڙ ۽ ڀروسي جوڳي ناهي.
هي جملو ڏسو:
”آپا خديجه باذوق ۽ اديب ماڻهو آهي.“ (36)
هن جملي جي لفظي ڀڃ گهڙ ڪجي ته ان جا مختلف مفهوم نڪرندا، جيئن فقط آپا خديجه ئي آهي، جيڪا باذوق ۽ سلجهيل، پڙهيل لکيل عالم ۽ اديب عورت آهي، باقي ان جي آس پاس جيڪي به ماڻهو رهن ٿا، اهي بدذوق، اڻ پڙهيل ۽ جاهل آهن يا وري جيڪڏهن باذوق ۽ پڙهيل لکيل آهن به تڏهن به شايد اهي آپا خديجه جي معيار کان گهٽ آهن ۽ ساڻس مقابلو نٿا ڪري سگهن. يا ان جملي جو اهو مطلب به نڪري ٿو ته آپا خديجه جيئن ته ليکڪا جي آپا آهي، ساڻس پنهنجائپ جو رشتو آهي، تنهن ڪري کيس فقط آپا خديجه ئي باذوق ۽ اديب ماڻهو لڳي ٿي ۽ ٻيا کيس نظر ئي نٿا اچن.
تنهن کان پوءِ هن جملي جي متن جي ڀڃ گهڙ ڪجي ته ’آپا خديجه باذوق ۽ اديب ماڻهو آهي‘، ان جا مختلف مفهوم اهي نڪرن ٿا ته موجوده وقت يا زمان حال ٻڌائي ٿو ته هوءَ هن وقت اديب آهي، پر ماضيءَ ۾ شايد ڪونه هئي. اهڙي ريت ’باذوق‘ صفتي لفظ آهي، جيڪو ماڻهوءَ سان لڳي پيو. هي لفظ اهو مفهوم ادا ڪري ٿو ته فقط اديب ماڻهو ئي باذوق ٿيندو آهي، ڪوبه عام ماڻهو باذوق نٿو ٿي سگهي.
اهڙي طرح ساختيات پڄاڻان تنقيدنگاري، ڀڃ گهڙ جي عمل ذريعي اهو ٻڌائي ٿي ته ڪنهن به متن جي طئي ٿيل معنيٰ آهي ئي ڪونه. هر متن جي جڏهن اکيڙ ڪجي ٿي ته ان جون ڪيتريون ئي معنائون سندس ئي پسمنظر ۽ پيش منظر مان اڀري نروار ٿيو بيهي رهن.
ٻيو مثال هن ريت آهي:
”ساڌو نولراءِ شوقيرام آڏواڻي پهريون سنڌي هو، جنهن سنڌ ۾ برهمو سماج جو بنياد وڌو آهي.“ (37)
هنن سٽن ۾ لفظ ”پهريون“ هڪ سلسلي وار تسلسل جي عڪاسي ڪري ٿو. جيڪڏهن چيل آهي پهريون ته ان جو مطلب ٿيو ته ٻيو، ٽيون، چوٿون، پنجون وغيره به هوندا، پر اهي ٻيا ڪٿي آهن. انهن جي ڪابه خبر ڏنل ڪانهي. تنهن کان پوءِ زمان ماضيءَ جو جملو آهي. هن جملي جو متني جائزو وٺجي ته، ساڌو نولراءِ پهريون سنڌي هو، جنهن برهمو سماج جو بنياد وڌو. جيڪو اهو مفهوم بيان ڪري ٿو ته، ساڌو نولراءِ کان اڳ ۾، سنڌ ۾ ڪوبه سنڌي ڪونه هو ۽ سنڌي قوم جي شروعات ئي ساڌو نولراءِ کان ٿي آهي، ۽ هو ڌرتيءَ تي پهريون سنڌي شخص هو، يا هڪ مفهوم اهو به نڪري ٿو ته، جيڪڏهن ساڌو نولراءِ کان اڳ ۾ پهريون سنڌي شخص نه هو، ۽ ان کان اڳ ڪي ٻيا سنڌي ماڻهو هئا به ته، انهن کي برهمڻ سماج سان ڪابه دلچسپي نه هئي ۽ نولراءِ ئي برهمو سماج جي شروعات ڪئي هئي.
اهڙي ريت هي سٽون پنهنجي ئي بيان کان ناڪاري وارين ٿيون. اها نفي ئي ساختيات پڄاڻان نقادن کي موقعو مهيا ڪري ٿي ته درحقيقت ٻولي ۽ لفظ معنوي لحاظ کان ڀٽڪائيندڙ ۽ اعتبار جوڳا آهن ئي ڪونه.
امر جليل جي ڪهاڻي ”چرٻٽ ۽ هڪ نرس“ جو مڪالمو آهي:
”سائين مان قد ۾ بندوق کان بندور آهيان، مهرباني ڪري مون کي پستول سان پريڊ ڪرائيندا ڪريو. سائين وراڻيو: تون نه فقط بندرو آهين چرٻٽ، پر ڪجهه ڪجهه بيوقوف به آهين.“ (38)
هنن سٽن ۾ لفظي تفسير تحت چرٻٽ ۽ بيوقوف جهڙا لفظ اڻ سڌيءَ طرح اهو پيغام اظهارين ٿا ته فقط استاد ئي عقل مند، ڏاهو ۽ ساڃاهه وند شخص آهي. هو جيتوڻيڪ اها دعويٰ ڪونه ٿو ڪري ته فقط هُو ئي عقل مند ۽ ڏاهو آهي، پر غيرواضح طور سندس چوڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته سندس شاگرد صفا ڪو ڄٽ، چرٻٽ، بيوقوف ۽ جاهل آهي ۽ هُو
ئي پڙهيل لکيل ۽ دانا آهي. يا وري هن متن جو ٻيو مفهوم اهو به نڪري ٿو ته، سڀئي بندرا ماڻهو چريا ۽ بيوقوف ٿيندا آهن، جڏهن ته ڊگها ماڻهو عقلمند ۽ ڏاها هوندا آهن. تنهن کان سواءِ اها به متني تفسير نڪري ٿي ته، ”ڪجهه ڪجهه بيوقوف آهين“، معنيٰ شاگرد ڪن ڳالهين ۾ بيوقوفيءَ جو مظاهرو ڪري ٿو، هميشه بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ناهي ڪندو.
هاڻي هنن مثالن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
1. کارايو مانس
2. وڃ (39)
هي لفظ گرامر جي اصول تحت اڻپوري خبر وارا فعل سڏجن ٿا ۽ ڀڃ گهڙ عمل جو بهترين مثال پيش ڪن ٿا، جيئن ساختيات پڄاڻان نقادن جو چوڻ آهي ته هرمتن يا بيان پنهنجي پاڻ ۾ گهڻو ڪجهه لڪائي ٿو. اهڙي ريت ”کارايو مانس“ ۽ ”وڃ“ به لفظي توڙي معنوي تفسير طور پنهنجي پاڻ ۾ گهڻو ڪجهه لڪائين ٿا، جيئن ڪنهن کي کارايو، ڪنهن کارايو، ڪڏهن کارايو، ڇو کارايو، ڇا کارايو، يا ڪير ويو، ڪيڏانهن ويو ۽ ڇا لاءِ ويو ۽ ڪنهن سان ويو وغيره.
اهڙي ريت هيءَ تنقيدنگاري متن کي اُڊيڙي ٿي ۽ ٻڌائي ٿي ته متن جو ايڪو ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙيءَ ريت ٽٽي ٿو. جيئن هنن فعلن ’کارايو مانس‘ ۽ ’وڃ‘ جا اسم، ضمير فاعل توڙي مفعول، سڀ لڪل/ڳجها آهن، ڪنهن جي ڪا خبر ڪونه ٿي پوي، فقط اڻ چٽا اشارا ۽ حوالا آهن، جيڪي ڪيترائي معنوي توڙي لساني گمان پيدا ڪن ٿا.
تنهن کان پوءِ پاڻ عام طور ڳالهايل ڪجهه جملن جي ڀڃ گهڙ ڪيون ٿا، جيئن اڪثر اسان جا سياستدان اهو بيان ڏيندا آهن ته:
”اسان آمريت نه بلڪ جمهوريت چاهيون ٿا.“
هن جملي ۾ جيڪا ڳالهه لڪل آهي، اُها اِها آهي ته ڪو ملڪ آهي، جيڪو آمريت چاهي ٿو، يا اسان تي اهو الزام هڻي ٿو ته، اسان آمريت چاهيون ٿا، پر اسان انهن کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان آمريت نه بلڪ جمهوريت چاهيون ٿا، يا وري هڪ مفهوم اهو به نڪري ٿو ته ڪي طاقتور قوتون چاهين ٿيون ته اسان جي ملڪ ۾ آمريت قائم ٿئي، پر اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي آمريت نه بلڪ جمهوريت کپي.
اهڙي ريت ساختيات پڄاڻان تنقيدنگاري ڀڃ گهڙ واري عمل ذريعي اهو واضح ڪري ٿي ته ٻوليءَ جي ڦيرگهير ۾ ڪهڙي شيءَ تشريح کان رهجي وئي آهي.
اڄ ڪلهه اسان کي سياسي منظرنامي ۾ گو نواز گو “Go Nawaz Go” جو نعرو عام جام ملي ٿو، جنهن جي ڀڃ گهڙ ڪجي، ته ان جو مثبت توڙي منفي مفهوم اهو آهي ته، ماڻهو هاڻ پنجاب ۽ پنجابي اڳواڻن جي حڪمرانيءَ کان بيزار ٿي چڪا آهن. انهن کي فقط نواز شريف کان ڇوٽڪارو نه گهرجي، بلڪ هُو چاهين ٿا، ته حڪومت ۽ اقتدار ۾ ڪو نئون چهرو سامهون اچي ۽ جيڪڏهن مثبت تفسير ڪجي ٿي، ته ان جو مفهوم اهو نڪري ٿو ته Go Nawaz Go، مطلب ته نواز شريف جا عمل، ملڪ ۽ قوم جي فائدي ۾ آهن. ماڻهو چاهين ٿا ته نواز شريف اڃا به سياسي منظرنامي تي موجود رهي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ لاءِ وڌيڪ ڪردار ادا ڪري ۽ عوام، نواز شريف کي ڄڻ ته Go Nawaz Go جي نعري ذريعي وڌيڪ همٿائي رهيو آهي.
جيڪڏهن ڪجهه اشتهارن جي ڀڃ گهڙ ڪجي ٿي ته هن ريت ٿي سگهندي. مثال طور جيئن ٽيلي نار سِم جو اشتهار آهي، “سچی یاری سب پہ بھاری”، ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته دنيا ۾ فقط سچي دوستي ئي آهي، جيڪا هر شيءَ تي فتح حاصل ڪري سگهي ٿي، توهان جا سڀ مسئلا بغير رشوت، سفارش جي فقط دوستي ۽ ياري باشي ذريعي حل ٿي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ يار دوست ناهن ته اهو ڪجهه نٿو ڪري سگهي ۽ عملي طور ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت به ناهي، توهان فقط ياري دوستيءَ تي ڀاڙي هٿُ هٿَ تي رکي ويهي رهو. توهان جو سڄو نظام، سياست، تعليم، صحت، ثقافت، سماج ۽ معاش سڀ ياري دوستيءَ جي بنياد تي هلندا رهندا، ڇاڪاڻ ته بقول سِم جي نعري ته سچي ياري هر شيءَ تي حاوي آهي ئي.
يا وري ٽي. وي تي کاڌي پچائڻ واري تيل تَلو جو اشتهار هلندو آهي، “اماں تلو میں پکاؤ، ہمیں صحت مند بناؤ”، ان جو مطلب اهو ٿيو ته صحت جوتعلق فقط تَلو تيل سان آهي، جيڪڏهن توهان تَلو تيل ۾ پچيل کاڌو کائيندا ته صحتمند رهندا نه ته بيمار ٿي پوندا. توهان کي ڀلي ميرا ۽ گندا ڪپڙا پهريل هجن، توهان هفتن جا هفتا نه وهنجو، نهن ۽ وار وڌيل هجن ۽ مٽيءَ ۾ ڀريل هجن، پر ان سان صحت تي ڪو اثر نٿو پوي. ڀلي توهان کي مليريا هجي، توهان سخت بيمار هجو، مري رهيا هجو، پر ڊاڪٽر ڏي نه وڃو، تَلو تيل کائو، بلڪل صحتمند ٿي ويندا يا وري فقط امان ئي تَلو تيل ۾ کاڌو پچائي کارائي، جيڪڏهن ڀيڻ، زال يا ڌيءَ کارايو ته اهو ته صحت بخش نه هوندو وغيره وغيره.
اهڙيءَ ريت مٿي ڏنل متن مان اڃا به گهرائيءَ ۾ لڪل کوڙ ساريون مختلف معنائون ڳولي سگهجن ٿيون، جيڪي محدود معنيٰ جي تصور کي بلڪل رد ڪري ڇڏين ٿيون.
اهڙيءَ ريت آمريڪا، برطانيه ۽ چين جهڙا ملڪ اسان جي چونڊيل حڪمرانن توڙي مختلف اين. جي. اوز کي هر سال ڪروڙين اربين روپين جا فنڊ ڏيندا آهن، جنهن جي پٺيان اهو پيغام لڪل آهي ته اسان نهايت امير، اعليٰ ۽ خيرات ڏيندڙ آهيون ۽ دنيا مفلس، ادنيٰ ۽ اسان جي رحم و ڪرم تي پلجندڙ آهي يا فقط اسان ئي سڄي زندگي نيڪي، ڀلائي ۽ فلاح جا ڪم ڪيون ٿا، جيڪڏهن اهي بند ڪري ڇڏيون ته سڀ بک ۽ بدحاليءَ سبب مري ويندا ۽ ماڻهو اسان جي مدد کان سواءِ جِي ئي نٿا سگهن.