سنڌي ناول ۾ فيمينزم جو جائزو:
(Analysis of Feminism in Sindhi Novel)[/b]
[b](i زينت:
[/b]مرزا قليچ بيگ جو طبع زاد ناول ”زينت“ لبرل فيمينزم جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. هن ناول ۾ عورت جي تعليم حاصل ڪرڻ، شادي، هنر سکڻ، بهتر انداز ۾ گهر هلائڻ ۽ ٻارن جي سٺي پرورش ڪرڻ جهڙن موضوعن تي روشني وڌي وئي آهي.
هن ناول جو مرڪزي ڪردار زينت بانو آهي، جنهن بابت مرزا صاحب لکي ٿو:
”سرائيءَ پنهنجي پٽ حامد عليءَ کي ننڍي هوندي ئي اسڪول ۾ پڙهائڻ ويهاريائين جو پهرين سنڌي ۽ پوءِ انگريزي به پڙهڻ لڳو... پٽ جي ته ڳالهه ڇڏيو، پر پنهنجي نياڻي زينت بانوءَ کي به گهر ئي گهر ۾ تعليم ڏيڻ لڳو، ڪي سندس ڪوشش سان ڪي حامد جي سنگت مان ۽ ڪي هڪڙي پير مرد آخوند جي پڙهائڻ ڪري هوءَ قرآن ۽ ديني ڪتابن ۾ توڙي سنڌي فارسي پڙهڻ ۾ اهڙي چالاڪ ٿي ويئي، جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر.“ (18)
درحقيقت فيمينزم جي لبرل تحريڪ جو بنياد جان اسٽورٽ مل جي ان خيال تي رکيل آهي ته عورت کي علم ڏئي بهتر شهري بڻائي سگهجي ٿو. زينت جو ڪردار ئي ناول ۾ اڳتي هلي ٻين نياڻين جي بهتر تعليم، تربيت ۽ سکيا جو ذريعو بڻجي ٿو.
”پاڻ ۾ پهي، هيءُ ٺهراءُ ڪيائون ته.... هڪڙو زنانو اسڪول وجهجهي... تعليم فارسي، هندستاني ۽ انگريزيءَ ۾ ڏجي، انهن سان گڏ سبڻ، ڀرڻ ۽ ٻيو انگريزي سئي ۽ ڪنڍيءَ جو ڪم سيکارجي.... انهيءَ طرح هن زناني اسڪول جو ڪم تمام چڱيءَ طرح شروع ٿيو پوءِ ته مهيني سر مهيني ڇوڪرين جو ٿورو گهڻو تعداد وڌندو ويو.“ (19)
تنهن کان سواءِ شاديءَ بابت عورت جي راءِ جو احترام پڻ هن ناول جو موضوع آهي جنهن مان خبر پوي ٿي ته وجودي طور عورت جي ذات ۽ حيثيت کي تسليم ڪيو ويو آهي. زينت جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻي سندن ماءُ جي چوڻ تي کانئس شاديءَ بابت مرضي پڇا ڪري ٿي.
”بختاور- تڏهن پوءِ نيٺ ڪيئن ڪجي؟ توکي الائجي ڪهڙي قسم جو گهر، ڪهڙي قسم جو ماڻهو چڱو نظر ٿو اچي... زينت-دائي، گهر جو به گهڻو فڪر ڪونهي، غريب هوندو ته ڇا! دنيادار هوندو ته ڇا! پئسن ڏي ڏسڻو ناهي، غريبت ۽ شرافت ڏي ڏسڻو آهي. پوري پُني گذران وارو هجي، مگر آبرو ۽ شرافت وارو هجي، چڱي چال وارو هجي، علم ۽ هنر وارو هجي، پوريءَ عمر وارو هجي. پر امير جو پٽ نه هوندو ته به عيب ڪونهي، اهڙي ماڻهوءَ سان حياتيءَ جون ٻه ٽي گهڙيون گذاري ته سگهبيون.“ (20)
مجموعي طور سان زينت ناول ۾ اهي سمورا بنيادي نڪتا بحث هيٺ آندا ويا آهن، جيڪي فيمينزم جي پهرين يعني لبرل دور جو اهم جز هئا.
[b](ii پياسي ڌرتي رمندا بادل:
[/b]سراج صاحب جو لکيل مشهور ناول آهي. سراج ادبي دنيا ۾ تاريخي ناول نگار جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. سراج جي لکڻين جو مقصد سنڌي سماج ۾ برائين جي عڪاسي ۽ اصلاح آهي. سنڌ ۾ نياڻيءَکي ست قرآن سمجهيو وڃي ٿو، نياڻين جو ميڙ وٺي وڃڻ تي خون به معاف ٿيو وڃن. اها سنڌي قوم جي هڪ خاص روايت رهي آهي، پر نياڻيءَ کي ڪاري ڪري مارڻ، حق بخشائڻ، ملڪيت بچائڻ خاطر قرآن پاڪ سان نڪاح ڪرائڻ يا وري بدي ۾ ڏيڻ جهڙيون ڪڌيون رسمون به موجود آهن، سراج انهيءَ موضوع تي تمام گهڻو لکيو آهي. سنڌ جي رئيسن، زميندارن ۽ وڏيرن جي برين عادتن، پرائين نياڻين ۾ اکيون وجهڻ، انهن کي سريتون ڪري ويهارڻ، کين زوري کڻائڻ ۽ نڪاح ڪرڻ، قيد ۽ بند ۾ رکڻ ۽ بدي جي شاديءَ جهڙن مسئلن کي سراج هن ناول ۾ پيش ڪيو آهي. سراج لکي ٿو ته:
”رئيس گلڻ خان جڏهن کان توکي ڏٺو آهي، تڏهن کان چت چريو ٿي پيو اٿس... کيس ٻانهن جي ڪا کوٽ ڪانهي، هينئر به سوني ڪنڀارڻ کي ويهاريو ويٺو آهي، جنهن جي انگ انگ ۾ اهڙي سونهن آهي، جو هلي ٿي ته ڌرتي ٿي ڌٻي... پر توکي ڏٺو اٿس ته منهنجو ويهڻ وهه ڪري ڇڏيو اٿس.... اها ٻانهن نه ملي، ته آءٌ زهر کائي مرندس...“ (21)
اڳتي هلي لکي ٿو ته:
”وڏيري گهرام جا اهي اکر.... تيرهن تاريخ مونکي اوهان جي قبوليت نه پهتي ته پوءِ مون تي ميار نه رکجو، ٻانهن آءٌ زوريءَ کڻي ويندس.!“ (22)
مجموعيءَ طور سان سراج سنڌي سماج جي روايتي قدرن مطابق عورت ذات جي جيڪا عزت ۽ حيثيت آهي ان کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ ريتن رسمن جي نالي ۾ عورتن سان ٿيندڙ ڪڌن ۽ قهري ظلمن جي مذمت ڪئي آهي، انهيءَ ساڳئي سلسلي جي ڪڙي سندس هڪ ٻيو ناول ”مرڻ مون سين آءٌ“ پڻ آهي.
[b](iii بُولي:
[/b]هي سماجي ۽ اصلاحي ناول شيخ محمد حسن جو لکيل آهي، هن ناول جو مرڪزي ڪردار ”بُولي“ هڪ عورت آهي، جيڪا پنهنجي عزت ۽ عصمت کي بچائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندي نظر اچي ٿي، سندس زندگي انتهائي ڪشمڪش واري حالت ۾ گذري ٿي، انهيءَ سان گڏوگڏ هي ڪهاڻي عزت ۽ ناموس، غيرت ۽ شرافت جي نالي ۾ اهڙي طبقي جي ماڻهن جي آهي جيڪي پيسن خاطر پنهنجو شرم ۽ ايمان وڪڻن ٿا، جن جا بي شرم ڪن، بند ڪوٺين مان ايندڙ آواز تي ٺهي ويا آهن، جيڪي نيڪ فطرت عورت کي پنهنجي معاش جو ذريعو بڻائين ٿا.
شيخ محمد حسن اهڙن ڪردارن بابت لکي ٿو ته:
”آءٌ تنهنجي مجبور عصمت ڏانهن وڌندڙ هٿ کي ڪاٽي ڇڏيندس، اهو وقت به ايندو جڏهن بي زبان نياڻين جي نڪن ۾ زبردستي ناڪيليءَ جي لعنت وجهڻ وارن کي مجبور عصمتن جو خوني قرار ڏيئي، حق ۽ انصاف جي تلوار سان کانئن قصاص ورتو ويندو.“ (23)
مجموعي طور هن ناول ۾ پڻ سماج جي مختلف قدرن ۽ پهلوئن جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ عورت جي مظلوميت جي واضح تصوير چٽي کيس آهن ۽ دانهن، درد ۽ سوز جي چڪيءَ ۾ پيڙجندي ڏيکاريو ويو آهي.
[b](iv لاش:
[/b]هي ناول ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي، جيڪو مسڪينن، غريبن ۽ بيواهن جي غربت ۽ مفلسيءَ سان پُر زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. فيمينزم جي عنوان تحت هن ناول کي ان ڪري بحث هيٺ آندو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته غربت سبب هيٺئين طبقي جي عورت سماج ۾ ڪهڙي ريت ڀوڳنا جو سفر طئي ڪري ٿي، ان مرڪزي نڪتي تي روشني وجهي سگهجي.
هن ناول جو مرڪزي ڪردار زينب سندس ڌي ”مريم“ ۽ پٽ ”عباس“ آهي، زينت هڪ شاهوڪار ماڻهوءَ جي زال هئي جيڪا بيواه ٿي وڃڻ کان پوءِ دوکي سبب ملڪيت کسجڻ ۽ تعليم نه هئڻ ڪري پيٽ گذر لاءِجهنگ وڃي، ڪاٺيون ڪري پنهنجي ٻارن جي پرورش ڪري ٿي، هن ڪردار لاءِ ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو:
”زينب سجاڳ ٿي مالڪ جا احسان مڃي اٿي ويٺي.... هوءَ پنهنجي عصمت سلامت رکڻ ڪنهن نامعلوم جڳهه ڏانهن وڃڻ لاءِ خيال ڪري چڪي هئي، هڪ ته جواني ۽ ٻيو مسڪيني هو هن ظالم زماني کي ڦٽڪارڻ لڳي، جنهن کيس چند عرصي اندر سرمائيدار مان هڪ بيوس پينو گدا بنائي ڇڏيو هو.“ (24)
مريم، زينب جي جوان ڌيءَ آهي جيڪا ماءُ جي وفات کان پوءِ زماني جي گردش جو شڪار ٿئي ٿي. مختلف سماجي ادارا ۽ سرمائيدارنه نظام کيس هڪ Commodity بنجڻ تي مجبور ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته هوءَ جوان، خوبصورت، غريب ۽ يتيم آهي ۽ ڪوبه سندس اڳ پُٺ ڪرڻ وارو نه آهي.
مريم پنهنجي ڪهاڻي ٻن طوائف عورتن کي (جن جي ڄار ۾ هوءَ ڦاسي ٿي) ٻڌائيندي چوي ٿي:
”منهنجي ڪهاڻي به انهن مظلومن مان هڪ جهڙي آهي، اسان جهڙيون غريب ڇوڪريون، زميندارن ۽ سرمايه دارن لاءِ کيل ۽ راند جو سامان آهن... اسان جي عزت ۽ عصمت انهن لاءِ هڪ معمولي شيءِ آهي... مان به انهن وانگر هڪ غريب آهيان جيڪي روزانه تونگرن جي ڄارن ۾ ڦاسجن ٿيون، آءٌ به گهڻن جي نظرن ۾ اچي ويس، هن حسن ۽ جوانيءَ مونکي به برباد ڪيو آهي.“ (25)
هوءَ ڪوٺي تان ڪنهن نه ڪنهن نموني فرار جو رستو اختيار ڪري هڪ يتيم خاني پهچي ٿي، پر اتي به ساڳئي روش اها به هڪ عورت هٿان ٿيندي ڏسي تمام گهڻي بد دل ٿئي ٿي، انهيءَ حالت جو بيان هن طرح ڪيل آهي:
”هي جڳهه هڪ يتيم خانو هئي جنهن ۾ يتيم ڇوڪرين کي علم ۽ هنر جي سکيا ڏني ويندي هئي، ليڪن هي ڏائڻ عورت هنن نوجوانن نياڻين جي عصمت، سرمايه دارن جي حوالي ڪندي هئي. پيسي جي لالچ ۾ انهن جي باغ جي سونهن ٻين جي حوالي ڪندي هئي مجبوريءَ جي حالت ۾ شهري بدمعاشن جي خوف، زميندارن جي ظلم جي ڊپ کان، هي يتيم عورت چار ديواريءَ اندر پنهنجون عصمتون برباد ڪرائيندي خاموش رهنديون هيون.“ (26)
بلآخر جڏهن مريم هر جاءِ تي ساڳئي حالت ڏٺي تڏهن محسوس ڪيائين ته ڪٿي به شريف، غريب ۽ يتيم نياڻي جي عزت جو تحفظ ڪونهي ۽ واپس ڪوٺي تي وڃي ناچ گانو سکي ٿي.
مجموعي طور هن ناول مان اهو تاثر اُڀري سامهون اچي ٿو ته هيٺئين طبقي جو فرد پوءِ چاهي اهو مرد هجي يا عورت پنهنجي جياپي لاءِ هر لمحي سخت ولوڙ ڪري ٿو پوءِ چاهي هو جاگيردارانه نظام ۾ ساهه کڻندو هجي يا سرمائيدارانه نظام ۾، خاص طور سان هن طبقي جي عورت پنهنجي جنس سبب ٻٽي ويل ۽ ويڌن جو شڪار آهي. الانا صاحب هتي ان ڳالهه کي پڻ واضح ڪيو آهي ته مظلوم عورت نه بلڪ هيٺيون طبقو آهي.
هُو مريم جي ڪردار ذريعي چورائي ٿو ته:
”اگر آءٌ ڪنهن دولت مند جي ڌيءَ هجان ها، يا ڪنهن سرمائيدار سيٺ جي صاحبزادي هجان ها ته ڪنهن کي به مون ڏانهن نهارڻ جي همٿ ئي نه ٿئي ها.“ (27)
مطلب ته الانا صاحب هن ناول ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته عورت جي گهٽ سماجي حيثيت ۽ مٿس ظلم جو سبب سماجي قدرن جي ٻٽي معيار ۽ طبقاتي فرق جي ڪري آهي، عورت جي جنس جي سبب نه!
[b](v خواب خوشبو ڇوڪري:
[/b]هي ناول ماهتاب محبوب جو لکيل آهي، جنهن ۾ صنم جي ڪردار ذريعي، جديد شهري قدرن، وجود جي اڇل، نون جنسي قدرن، اڻ کٽندڙ هَوس ۽ مارڪيٽ جي گليمر جهڙن موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويوآهي. فيمينسٽ تحريڪ جو اهم نعرو عورت جي آزادي هو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت کي آزادي ته ملي، پر ان آزاديءَ جو استعمال ڪيئن ڪجي، ان جو تعين يا ڪا راهه فيمينسٽ تحريڪ نه ڏئي سگهي. اهوئي سبب هو جو آزاديءَ جي وجدان ۾ عورت جو وجود اُڇل کائي ويو ۽ هوءَ پنهنجي وجود جي جوهر کي سمجهڻ بجاءِ سرمائيدارانه نظام جي چمڪ جي وَر چڙهي وئي، جنهن سندس جنس کي استعمال ڪري، کيس ڇڙواڳيءَ واري زندگي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. اهڙي زندگي، جنهن ۾ اڻ کٽندڙ هَوس هئي، مارڪيٽ جو گليمر هو، سماجي قدرن کان بغاوت هئي. ماهتاب به صنم جي ڪردار ذريعي انهن پهلوئن جي عڪاسي ڪئي آهي. صنم، سماجي قدرن جي برعڪس فهد سان عشق ڪري ٿي، جيڪو بغير ڪنهن رشتي جي جنسي تعلق تائين پهچي ٿو.
”جيستائين ڪو ٻيو بلو ٿئي تيستائين ته ملاقات جو ذريعو رڳو تنهنجي اسڪول جو در آهي. جنهن کي به اڄڪلهه ڪنهن جي تقدير جيان تالا پيل آهن... يقين ڪر مان توکي ڪڏهن به نه وساريندس.تون منهنجي پهرين ۽ آخري محبت آهين... سچ ته اهو آهي منهنجي جان ته مان تنهنجي ديدار لاءِ ترسي ۽ تڙپي رهيو آهيان. رات ڏينهن يادن جي ڪوهيڙي ۾ اڪيلي سر ڀٽڪندو رهان ٿو.“ (28)
اڳتي هلي ليکڪا ساڳئي ڪردار جي جنسي تعلق بابت لکي ٿي:
”تون سڀ ڪجهه ٿي ڪري سگهين... منهنجي بي لباس روح کي پنهنجي روح جي ڇانو سان ڍڪي ڇڏ...“ هن پنهنجي لفظن کي برکا جو ويس ڏيئي کيس ڇهڻ ٿي چاهيو.
”مون کي ڊپ ٿو لڳي.... ڪجهه ٿي نه پئي....“
”ڪجهه نه ٿيندوءِ جان... دنيا ايڏي ترقي ڪري وئي آهي ۽ تون ويٺي اجايا خوف پالين... هي ڏس، مون وٽ هر مسئلي جو حل موجود آهي. هن جينز جي پوئين کيسي مان “Durex” ڪڍي کيس ڏيکاريندي چيو... ڪنڊوم زنده باده ۽ پوءِ... سڀ ڪجهه ٿي ويو... سڀ ڪجهه سمورا ليڪا لتاڙجي ويا...“ (29)
سندس شادي به مرضيءَ کان سواءِ هڪ اهڙي شخص سان ٿئي ٿي جنهن سان سندس ڪابه ذهني هم آهنگي نه آهي ۽ بلآخر گهريلو ناچاقين سبب ڳالهه وڃي طلاق تائين پهچي ٿي. اهو نڪتو پڻ فيمينزم جو هڪ اهم جز آهي. جنهن کي ليکڪا هن ناول ۾ بحث هيٺ آندو آهي.
”امان زمانو بدلجي ويو آهي، پراڻا قدر ميسارجن پيا.اڄ جو حساس انسان انهن روايتي ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي، پنهنجي ذات ۽ آزاديءَ واري پيدائشي حق تي ڪنهن جي اجاره داري يا زبردستي برداشت نٿو ڪري سگهي. اهي رشتا ناتا اعتماد، پيار ۽ هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ بنا قائم نٿا رهي سگهن... مون کي اهڙي تنگ ذهن شخص کان پلئه آجا ڪرائڻ ۾ ڪابه شرمساري نه ٿيندي.“ (30)
تنهن کان پوءِ ليکڪا مرڪزي ڪردار کي مختلف عشقن جي ناڪامي ۽ سچي پيار نه ملڻ جي ڪرب کي ظاهر ڪندي کيس مارڪيٽ جو وکر ٿيندي ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ صنم جو ڪردار مارڪيٽ جي گليمر جي وَر چڙهي وڃي ٿو ۽ هڪ اڻ کٽندڙ هوس جو سلسلو جاري ٿي وڃي ٿو، جنهن جو ڪو به انت نه آهي.
”جڏهن کان فائيو اسٽار هوٽل ۾ هن اظهار جو بوتيڪ سنڀاليو هو، تڏهن کان کيس ماڻهن سان ڊيلنگ جو ڏانءُ پڻ اچي ويو هو، پرڪشش چهري، مقناطيسي شخصيت ۽ وڻندڙ ماڊل جي حيثيت ۾ ڪسٽمر وٽس ڇڪجي ڇڪجي اچڻ لڳا، هن جنهن مرد ڏي نگاهه ٿي اڇلي، اهو سندس ديوانو بڻجي ٿي ويو! پنهنجي طبيعت جي ڪيترين ئي ڪوتاهين جي باوجود هوءَ ڀرپور عورت هئي، جنهن جي باري ۾ ديو مالائي ڪهاڻين ۾ لکيل هوندو آهي ته اهڙي عورت پنهنجي اکين جي ڪشش، جسم جي لچڪ ۽ لڱن جي مناسبت، گفتگوءَ جي شيريني، آواز جي ترنم ۽ مسڪراهٽ جي بجلين سان مرد کي جلائي رک ڪري ڇڏيندي آهي!“ (31)
جيئن ته مارڪيٽ جو گليمر مقابلي جي هڪ منجهائيندڙ ڊوڙ آهي، تنهن ڪري ليکڪا، صنم جي ڪردار کي جنسي حوالي کان مستقل طور ڇڙواڳيءَ ۽ بي راهه روي واري زندگي ڏانهن راغب ٿيندي ڏيکاريو آهي، جيڪو پڻ سرمائيدارانه نظام جو هڪ اهم نعرو آهي ته عورت جي جنس کي استعمال ڪيئن ڪجي. صنم ذاتي مفادن سبب اهڙن ڪيترن ئي مردن سان جنسي لاڳاپا قائم ڪري ٿي ۽ بلآخر پنهنجي جواني، حسن ۽ زندگي تباهه ڪري ايڊز جهڙي موذي مرض جو شڪار بڻجي، موت جي هنج ۾ وڃي پناهه وٺي ٿي.
هن ناول ۾ وڏيرو شهمير پڻ هڪ اهڙو ڪردار آهي، جيڪو صنم سان ڪجهه وقت تفريح خاطر گذاري ٿو. عورت جي آزادي ۽ حقن جي حوالي کان ليکڪا هن ڪردار جي واتان فيمينسٽ تحريڪ جي خلاف نهايت اهم مڪالما چورائي ٿي.
”مٺا بغاوت يا عورت! ڳالهه مڙئي هڪڙي هروڀرو جهان جون سموريون بدڪردار رنون اچي ڇتيون ٿيون آهن ته اسان کي جنسي آزادي، ٻار ڪيرائڻ ۽ هر هنڌ منهن ڪارو ڪرڻ جا حق ڏيو، وس هلين ته هوند مردن کي ئي خصي ڪرائي ڇڏين، ڇڙواڳ رنن جا ڪم ته ڏسو پيٽ ڀرائيءَ جون ڳالهيون ٿيون ڪن..... ٻيا حق وڃي ڌوڙ پائين، سمورو زور ئي رڳو ان ڳالهه تي آ ته عورت کي آزادي ملي، اهو ته آهي مغرب وارن جو هڪ فضول ۽ محبوب سلوگن ۽ اسان اوڀر وارا ته هونءَ به اولهه کان هميشه مرعوب رهندا اچون، جيڪي Sex free zone وارو شوشو ڇڏي، اسان جهڙن سُڃن ڀينگين ۽ نالي ۾ عياش ملڪن ۽ انهن جي معاشري کي تباهي ڏي ٿا ڌڪڻ چاهين.... پر سندن پنهنجي سوسائٽي هاڻ سيڪس فري زون جي هلاڪتن، بربادين ۽ تباهين کان پاڻ بچائڻ لاءِ متحرڪ ٿي چڪي آهي.“ (32)
مجموعي طور هن ناول ۾ ماهتاب محبوب، سرمائيدارانه نظام جي منطقي نتيجي طور عورت جي وکر بڻجڻ واري حيثيت جي نهايت ڀرپور نموني عڪاسي ڪئي آهي، خاص طور سان عورت مارڪيٽ جي گليمر جو حصو بڻجي، پنهنجي زندگي ڪهڙيءَ ريت تباهه ۽ برباد ڪري ٿي، ان جا چٽا عڪس ملن ٿا. هي اهو وقت پڻ هو، جڏهن فيمينزم تحريڪ، انتها پسنديءَ واري لاڙي ڏانهن مائل هئي. عورت، آزادي ۽ حقن جي جنگ جي آڙ ۾ منفي رجحانن ڏانهن راغب پئي ٿي. هن ناول جي آخري مڪالمن ۾ ليکڪا انهيءَ فڪر جي کليل مذمت پڻ ڪئي آهي.
[b](vi جڏهن ٽڙندا ڳاڙها گل:
[/b]هي ناول شگفته شاهه جو لکيل آهي، شگفته شاهه مصوره، ڪمپيئر ۽ شاعره هئڻ سان گڏوگڏ سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي پڻ لکيو آهي. شگفته جي هن ناول جي ڪهاڻي موضوع جي لحاظ کان نهايت منفرد آهي. بنيادي طرح سان هي ناول هڪ اهڙي ڪردار
(رابيل) جي ڪهاڻي آهي، جيڪو سماج ۾ محض طلاق يافته هئڻ سبب ڌڪاريل آهي، جيتوڻيڪ رابيل هڪ پڙهيل ڳڙهيل باصلاحيت عورت آهي ۽ يونيورسٽي جي فائن آرٽس جي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي، پر سماج هن کي ان ڪري نظرانداز ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هوءَ طلاق يافته ۽ عمر ۾ ميچوئر ٿي وئي آهي. شگفته هن ڪردار ذريعي سماج جي ٻن اهم جنسن مرد ۽ عورت لاءِ قائم ڪيل الڳ الڳ معيارن کي موضوع بڻايو آهي. شگفته ٻڌائي ٿي ته مرد عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٻه يا ٽي شاديون ۽ پيار ڪري سگهي ٿو، پر عورت جي سماجي زندگي هڪ دفعو شاديءَ کان پوءِ طلاق ٿيڻ سبب اڏوهيءَ جي ور چڙهي وڃي ٿي. اهڙي عورت کي ٻيهر پيار ۽ شادي ڪرڻ جو سماج ڪوبه حق نٿو ڏئي. شگفته سوال اٿاري ٿي ته ڇا عورت انسان ناهي...؟ کيس اهڙي صورت ۾ سماج تنها ۽ ڪنڊائتو ڪري، نفسياتي مريضه بڻائي، مايوسين جي ڄار ۾ ڇو ٿو وڪوڙي ڇڏي.
”آئون هڪ طلاق يافته عورت آهيان ۽ مون کي هن سوسائٽيءَ ۾ هڪ هڪ قدم ڪيڏو سوچي سمجهي ٿو کڻڻو پوي، اها مون کي ئي خبر آهي. ائين کڻي سمجهو ته ان سماج جي گپ ۾ هلندي سڄي عمر بس پنهنجو دامن ان جي غليظ ڇنڊن کان بچائيندي ئي گذري آهي، ڪو به اسڪينڊل منهنجي پوري زندگي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ڇو ته اڪيلي عورت هن System سان اڪيلي سر وڙهي نٿي سگهي...“ (33)
شگفته هن ڪردار ذريعي ان فڪر جي نمائندگي ڪري ٿي ته عورت کي سماجي حوالي کان مختلف رشتن ناتن جي تارازي ۾ توريو وڃي ٿو... عورت ماءُآهي، ڌيءَ آهي، ڀيڻ آهي، زال آهي ۽ بس. جيڪڏهن هوءَ رشتن ناتن جي ان فريم ۾ فڪس نٿي ٿئي ته پوءِ هوءَ ڪجهه به ناهي، عورت جي پنهنجي ذات وجود ۽ شخصيت ڪابه معنيٰ نٿي رکي، جيڪڏهن ڪا عورت باصلاحيت آهي به ته معاشري جو مرد ان کي قبول نٿو ڪري. هو عورت جي انفرادي شخصيت کي Male Dominating معاشري ۾ ذاتي احساس ڪمتري جي خيال سبب يڪسر رد ڪري ڇڏي ٿو.
”رابيل اها ڳالهه محسوس ڪئي ته ادب ۽ آرٽ سان واسطو رکندڙ ڇوڪرين کان متاثر ٿيڻ وارا ته گهڻا هوندا آهن ۽ دوستي ته سڀ رکڻ چاهيندا آهن پر پوءِ به هنن کي سٺين نظرن سان نه ڏٺو ويندو آهي ۽ ٺيڪ ٺاڪ انٽليڪچوئل ماڻهو به ڪنهن نمايان حيثيت رکڻ واري عورت سان شادي ڪرڻ کان نٽائيندا آهن ته متان ان جي شخصيت ۽ حيثيت آڏو سندن شخصيت دٻجي وڃي.“ (34)
هن ناول ۾ شگفته عورت جي نفسياتي مونجهارن سان گڏوگڏ مردجي نفسيات جي ڇنڊڇاڻ پڻ پيش ڪئي آهي. شگفته ٻڌائي ٿي ته عورت باصلاحيت، ميچوئر، آزاد ۽ معاشي حوالي کان مستحڪم ڇو نه هجي، پر مرد ۽ معاشرو سندس انفرادي شخصيت ۽ حيثيت کي ساراهڻ ۽ همٿائڻ بجاءِ سندس ذات تي سماجي قدرن، اصولن قاعدن ۽ قانونن جي دَز چاڙهي سندس ذات جي مڪمل تشهير ڪن ٿا، جنهن سبب عورت جي شخصي انفراديت کي اسرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ جا متناسب موقعا نٿا ملن، بلڪ مرد ۽ معاشرو عورت جي ذات ۽ ڪردار سان اهڙا غليظ ۽ شرم جوڳا تصور قائم ڪري ڇڏي ٿو، جنهن سبب عورت مرد جي بالادستيءَ ۾ ئي پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿي. اهڙي ئي هڪ ڪردار واتان شگفته، رابيل لاءِ چورائي ٿي ته:
”اهڙيون محبتون ۽ دوستيون ته اسان جهڙا مرد ڪندا ئي رهندا آهن، باقي شادي مون کي ڪنهن سادي سودي ۽ گهريلو ڇوڪريءَ سان ڪرڻي آهي، ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ سان نه، جنهن جو تعلق ميڊيا جي ڪنهن شعبي سان هجي، نه ئي فن و ادب سان ڇو ته منهنجي زال کي فقط منهنجو هئڻ گهرجي، اها پبلڪ پراپرٽي نه هجي.“ (35)
هن ناول ۾ شگفته جو ڪمال اهو آهي ته هوءَ صرف معاشري جي هڪ مسئلي ۽ غلط روايت جي نشاندهي نٿي ڪري، پر هڪ غيرروايتي ڪردار جي جذباتي، نفسياتي ۽ سماجي مسئلن کي بيان ڪندي، ڪردار جي فعل وسيلي رائج روايتن کي ٽوڙي نيون مثبت ۽ اتساهيندڙ راهون تلاش ڪندي نظر اچي ٿي. سندس ناول جو مک ڪردار رابيل، فيضان جي سچي محبت ۽ توجهه حاصل ٿيڻ کان پوءِ سمورن جذباتي، نفسياتي ۽ سماجي مونجهارن مان نڪري هڪ دفعو ٻيهر ڀرپور نموني پنهنجي شخصيت جي تمام تر صلاحيتن سميت اڀري منظرعام تي اچي ٿو.
”هاڻي هوءَ نه فقط شهر جي پر صوبي ۽ ملڪ ۾ به سوشل ورڪر جي طور مشهور شخصيت بڻجي چڪي هئي ۽ فن جي دنيا ۾ پڻ وري اچي چڪي هئي ۽ پنهنجين تصويرن جا نماءَ به ڪرائي چڪي هئي، فيضان جي قائم ڪيل ٽرسٽ تحت ڪجهه پروجيڪٽ تمام سٺي طرح ڪم ڪري رهيا هئا. هاڻي هوءَ هڪ بهتر ۽ مصروف زندگي گذاري رهي هئي.“ (36)
جنهن مان ان ڳالهه جو اندازو ٿئي ٿو ته شگفته شاهه معاشري ۾ هر فرد جي فعال ڪردار ۽ صحتمندانه ماحول جي قائم ڪرڻ لاءِقلم کان تعميراتي ڪم وٺڻ جو گُر ڄاڻي ٿي. شگفته پنهنجي هڪ ڪردار ذريعي هي مڪالما ادا ڪرائي ٿي، جيڪي هڪ نئي روايت جي پيڙهه جو پٿر ثابت ٿين ٿا.
”جڏهن هن سماج ۾ عورتن کي ذهني سڪون ملندو ۽ پنهنجن ڀائرن ۽ پيئرن ۽ شادي شده عورتن کي پنهنجي گهروارن طرفان ڀرپور Support ملندي، تڏهن ئي هو پراعتماد ٿي سگهنديون ۽ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري سگهنديون ۽ سوسائٽيءَ جا هٿ ٺوڪيا ٺيڪيدار به اهڙين ڇوڪرين يا عورتن تي آڱر کڻي نه سگهندا آهن بلڪ هر جاءِ تي کين عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو.“ (37)
مجموعي طرح سان شگفته شاهه هن ناول ذريعي ان فڪر جي نمائندگي ڪري ٿي ته اسان جي روايتي معاشري ۾ مرد ۽ عورت جي ذات لاءِ مختلف ماڻ ۽ ماپا آهن، سماج جي رائج قدرن ۾ عورت جو تصور يا ته غلام وارو آهي يا وري ذاتي ملڪيت وارو. ان کان سواءِ ڪو ٽيون رُخ نه آهي، جنهن ذريعي عورت جي وجود جي تشريح ڪري سگهجي. شگفته شاهه عورت بابت ان رويي جي سخت مذمت ڪندي نظر اچي ٿي ۽ سماج ۾ عورت جي نئين روپ کي پنهنجي ڪهاڻيءَ ذريعي آئيڊيا طور پيش ڪري ٿي. سندس خواهش آهي ته عورت کي پنهنجي ذات ۽ انفرادي شخصيت جي آڌار تي پرکيو وڃي، پر لاشعوري طور شگفته شاهه هن ناول ۾ رابيل جي ڪردار کي Disqualify ڪيو آهي، جيڪا هن ناول جي ڪچائي آهي، ڇو ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن هڪ عورت ميچوئر آهي يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر آهي، يعني سماجي توڙي معاشي حوالي کان خودمختيار آهي، ته پوءِ هن کي مايوسين جي ڪُن مان نڪرڻ لاءِ وري به هڪ مرد ڪردار جي ئي سهاري جي ضرورت ڇو ٿي پوي؟
مطلب ته جيڪڏهن فيضان سندس زندگيءَ ۾ نه اچي ها ته رابيل پنهنجي حالتن کي تبديل ئي نه ڪري سگهي ها. ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته شگفته شاهه پاڻ ئي وري به عورت جي انفرادي ذات ۽ حيثيت جي نفي ڪري ٿي، تنهن کان سواءِ شگفته شاهه، رابيل جي ڪردار کي ميچوئر هئڻ باوجود سندس عمل ۽ فعل ذريعي ناول ۾ نهايت جذباتي ڏيکاريو آهي، جيڪا ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڪاوڙجي نفسياتي طور انتشار جو شڪار ٿي پوي ٿي.