لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

جديديت پڄاڻان جا اهم فلسفي:

[b]جديديت پڄاڻان جا اهم فلسفي:
[/b](Prominent Philosophers of Post-Modernism)

[b]1. جين فرانسس ليوٽارڊ: (Jean Francois Lyotard)
[/b]ليوٽارڊ (1998-1924) جو تعلق فرانس سان هو. هو فلسفي، سوشيالاجسٽ ۽ ادبي نظريي ساز هو. جديديت پڄاڻان جي فڪر کي هٿي وٺرائڻ ۾ ليوٽارڊ جو ڪردار سڀ کان اهم ۽ نمايان آهي. ويهين صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي کان پوءِ هن جي دلچسپيءَ جو موضوع جديديت پڄاڻان جو انساني حالتن تي اثر رهيو. جديديت پڄاڻان جي حوالي کان سندس راين، بحث مباحثن ۽ نظريي جو تفصيل سندس ڪتاب (The Post-Modern Condition: A Report on Knowledge) ۾ موجود آهي، جيڪو انگريزي زبان ۾ 1984ع ۾ ترجمو ٿيو.
“Jean Francois Lytord is one of the Key intellectual figures of our time. He achieved wide renown in the early 1980s as the author of the Post-Modern Condition, which quickly became a central text in post-modern theory.” (15)
ليوٽارڊ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ معاشري ۾ جديد ٽيڪنالوجي، مواصلاتي نظام ۽ جديد ميڊيا جي حوالي کان تيزيءَ سان ايندڙ تبديلي، انهن جي اثرن ۽ انقلاب کي هن ڪتاب ۾ تفصيل سان بحث هيٺ آندو آهي. ليوٽارڊ جو چوڻ آهي ته موجوده دور ڄاڻ (Knowledge) جي بجاءِ معلومات (Information) جو آهي.
گلوبل وليج ۽ ڪمپيوٽر ايج سبب دنيا سُسي تمام ننڍڙي ٿي وئي آهي، جنهن ڪري معاشري ۾ علم جي نوعيت بلڪل تبديل ٿي وئي آهي. هاڻي علم ذاتي شخصيت جو حصو هئڻ جي بجاءِ ڪمرشل دنيا جو وکر بڻجي ويو آهي، جنهن کي وڪڻي ۽ خريد ڪري سگهجي ٿو.
As Lyotard sees it, in the most highly developed contemporary societies, knowledge has become a commodity, bought and sold on the market. Knowledge is no longer regarded as an end in itself nor as something that contributes to the development of humanity or its freedom, rather its value is as a productive tool used to improve economic performance that is to increase efficiency and maximize profits. (16)
تنهن کان سواءِ جديد ٽيڪنالوجي ۽ ميڊيا جا سمورا ذريعا منفي اثرن سبب انساني زندگيءَ ۽ معاشي نظام کي اثرانداز ڪرڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ معاشي قدرن کي تباهه ڪري، معاشري ۽ ثقافت جو اڻ ٽٽندڙ حصو بنجي رهيا آهن.
ليوٽارڊ جو ٻيو اهم تنقيدي تصور عظيم بيانن (Meta-Narratives) بابت آهي. هي اصطلاح سندس ئي جوڙيل آهي.
سندس خيال آهي ته سمورا عظيم بيان (Meta-Narratives) جهڙوڪ ڏندڪٿائون، ديومالائي قصا، فلسفياڻا روايتون يا سمورا عالمي فڪر جيڪي ڊگهي عرصي تائين انساني زندگيءَ جو مرڪز ۽ ابدي سچ ۽ صداقت تائين پهچ جو فڪري تسلسل رهيا آهن، اهي سڀ هاڻ رد ٿي چڪا آهن. جديديت پڄاڻان ڪنهن به عظيم بيان، پوءِ اهو وجوديت هجي يا مارڪسزم، رومانويت هجي يا ڪلاسڪ ازم، تجربيت هجي يا وري عقليت، ڪنهن تي به يقين نٿي رکي، تنهن ڪري ليوٽارڊ جو مڃڻ آهي ته ڪابه حقيقت آخري ناهي ۽ نه ئي وري ڪو سچ حتمي آهي، ان ڪري هر سچ جي ڀڃ گهڙ ڪري سگهجي ٿي ۽ ڪنهن به مڃيل سچ کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو. جديديت پڄاڻان سڀني عظيم بيانن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿي.
ليوٽارڊ جو چوڻ آهي ته جديديت پڄاڻان سماج ۾ وحدانيت، يڪسانيت ۽ ابدي صداقت جو تصور ممڪن به ناهي، ڇاڪاڻ ته ان سماج جي خاصيت ئي ڪثرت، رنگيني ۽ غيرمرڪزيت تي رکيل آهي، جنهن ۾ گوناگون رنگ آهن، هر رنگ الڳ آهي. هر ڪنهن جي پنهنجي انفرادي سڃاڻپ ۽ حيثيت آهي. اهوئي سبب آهي جو جديديت پڄاڻان مفڪر جديديت جي برعڪس اجتماعيت جي بجاءِ انفراديت جي ڳالهه ڪن ٿا، عالميت جي بجاءِ مقاميت کي اهميت ڏين ٿا ۽ ڪُل جي بجاءِ جُز جي تصور کي بنيادي سجهن ٿا. انهن جو سمورو زور عظيم بيانن (Meta-Narratives) جي بجاءِ ننڍين ننڍين ڪهاڻين ۽ بيانن ڏانهن وڌيڪ آهي. سندن خيال آهي ته آرٽ سان گڏوگڏ ادب جي تخليق ۽ آزاديءَ لاءِ ننڍا بيان وڌيڪ بهتر ۽ مؤثر ڪردار ادا ڪن ٿا.

[b]2. جين بوڊريلارڊ: (Jean Baudrillard)
[/b]جديديت پڄاڻان جي حوالي کان ٻيو اهم نالو جين بوڊريلارڊ (2007-1929) آهي. هن جو تعلق به فرانس سان هو. جديديت پڄاڻان جي حوالي کان سندس مشهور نظريو حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper Reality) جو آهي. سندس اهم ڪتاب (Simulacra and Simulation) آهي، جيڪو انگريزي زبان ۾ 1994ع ۾ ترجمو ٿيو. Simulacra لفظ جو مطلب آهي ڪنهن به اصل شيءِ جي نقل، هي Simulacrum لفظ جو جمع (Plural) آهي.
بوڊريلارڊ جو چوڻ آهي، ته جديديت پڄاڻان دور ۾ جديد ميڊيا، ڪنزيومر سوسائٽي، سرمائيداراڻا نظام ۽ سائنسي ترقيءَ سبب شين جي حقيقت (Reality) وارو تصور بلڪل وڃائجي ويو آهي ۽ ان جي جاءِ اصل شين جي نقل (Simulacra) والاري ڇڏي آهي. اهو سڀ نشانن واري نظام (Sign System) سبب ممڪن ٿي سگهيو آهي. جديد ميڊيا انهن ذريعي اهڙن نون نشانن، عڪسن ۽ ڪوڊن جو ڪلچر تخليق ڪري ٿي، جن جي ڪري اصل ۽ نقل جي وچ وارو سنڌو ختم ٿي وڃي ٿو بلڪ پوءِ اصل ان مخصوص شيءِ جي نقل ذريعي ئي سڃاتو وڃي ٿو.
بوڊريلارڊ انهيءَ اصل جي نقل واري عمل کي (Simulation) سڏيو آهي.
“Baudrillard chooses the term “Simulacrum” a word that denotes representation but also carries the sense of a counterfeit, shame or fake simulacra seem to have referents, but they are merely pretend representations that mark the absence not the existence of the objects they purport to represent.” (17)
بوڊريلارڊ (Simulation) جا چار مختلف مرحلا ٻڌائي ٿو.
(i پهرين مرحلي ۾ اهڙو عڪس هوندو آهي، جنهن ۾ اصل شيءِ جي نمائندگي هوندي آهي.
(ii ٻئي مرحلي ۾ اصل عڪس ۾ ٿورو بگاڙ شامل ڪيو ويندو آهي، جنهن ڪري اصل عڪس آهستي آهستي گم ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي.
(iii ٽئين مرحلي ۾ حقيقي شيءِ جي عڪس کي مڪمل طور سان بگاڙيو وڃي ٿو، جنهن ڪري اصل ۽ نقل واري عڪس جو فرق بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو.
(iv چوٿين ۽ آخري مرحلي ۾ اهڙو عڪس پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو اصل سان ڪوبه تعلق نٿو رهي.
انهيءَ آخري مرحلي کي بوڊريلارڊ حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper Reality) سڏيو آهي، جنهن ۾ حقيقت جو ڪوبه تصور ناهي هوندو. اهڙي ريت جديديت جي برعڪس جديديت پڄاڻان ۾ حقيقت منطق کان بالاتر ٿي Hyper Reality ذريعي هڪ نئين شڪل اختيار ڪري ٿي.
بوڊريلارڊ جو خيال آهي ته (Simulacra) ۽ حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper Reality) جهڙن تصورن کي مضبوط بنياد فراهم ڪرڻ ۾ جديد ميڊيا، معاشي نظام ۽ ملٽي نيشنل سرمائيدراڻا نظام جو تمام وڏو هٿ آهي.
“We know that we are living in a mediated world, but as a result of the ubiquity of the simulation life is now “spectralised… the event filtered by the medium the dissolution of T.V. into life, the dissolution of life into T.V.” (18)

[b]3. فريڊرڪ جيمس: (Fredric James)
[/b]فريڊرڪ جيمس، جديديت پڄاڻان جو ادبي ۽ مارڪسي نظريي جو سياسي تنقيدنگار آهي. سندس تعلق آمريڪا سان آهي، ادبي لحاظ کان سندس ٻه مشهور تصنيفون آهن:
i. Postmodernism: The Cultural Logic of Late Capitalism
ii. The Political Unconscious
جديديت پڄاڻان تي سندس ڪتاب 1991ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ جديديت پڄاڻان تي مارڪسي نطقئه نظر سان ڀرپور تنقيد ٿيل آهي. فريڊرڪ جيمس جي سڃاڻپ جو هڪ اهم حوالو مختلف همعصر ثقافتي لاڙن جو تجزيو پڻ آهي.
“Jameson was recognized as one of the major Marxist Cultural Theorists of his era. His 1984 essay on Postmodernism and the subsequent book, Postmodernism or the Cultural Logic of Late Capitalism (1991) gained Jameson a global reputation and readership.” (19)
جيمس عظيم بيانن (Meta Narratives) جي ختم ٿيڻ تي شڪ جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته عظيم بيانن جو مڪمل طور سان ختم ٿي وڃڻ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته جيڪا شيءِ اسان جي اجتماعي زندگيءَ جي ساخت آهي، اها پاڙن کان پٽي جدا ڪري به نٿي سگهجي. درحقيقت اهي سمورا عظيم بيان (Meta Narratives) اسان جي اجتماعي لاشعور جو حصو بڻجي چڪا آهن ۽ مختلف حوالن ذريعي اهي اسان جي عمل کي متاثر ڪندا رهندا آهن.
جيمس، معاشيات جي ماهر ارنيسٽ مينڊل جي ماڊل کي بنياد بڻائيندي جديديت پڄاڻان جو تجزيو پيش ڪيو آهي. سندس خيال آهي ته جديديت پڄاڻان سائنسي ۽ ائٽمي انقلاب سان گڏوگڏ سرمائيداريءَ سان پڻ لاڳاپيل آهي، جنهن ڪري سماج جي اندر معاشياتي رشتن جي شڪل ۽ نوعيت ئي تبديل ٿي چڪي آهي. سرمائيداري، صارفيت جو ڪلچر، ميڊيا ۽ ڪمرشلائيزيشن اسان جي اجتماعي لاشعور کي مسلسل متاثر ڪري رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪالونيل ازم کي وڌڻ ويجهڻ جو ڀرپور موقعو مليو آهي.
“Following Ernest Mandel’s periodization in his book Late Capitalism (1975). Jameson claims that “there have been three fundamental moments in capitalism, each one marking a dialectical expansion over the previous stage.
These are marked capitalism the monopoly stage or the stage of imperialism and our own, wrongly called postindustrial, but what might better be termed multinational capital.” (20)
جيمس، جديديت پڄاڻان کي تاريخي دور سڏيو آهي. هو جديديت پڄاڻان جون ٻه اهم خاصيتون ٻڌائي ٿو. هڪ (Pastiche) ۽ ٻي (Crisis in History). جديديت پڄاڻان جي ٻين اهم فلسفين ۾ رچرڊ رورٽي (Richard Rorty)، ڊوگلس ڪيلنر (Douglas Kellner)، لنڊا هچئن (Linda Hutcheon) ۽ احاب حسن (Ahab Hassan) وغيره جا نالا سرفهرست آهن.