لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

سنڌي نظم جي ڀڃ گهڙ:

[b]سنڌي نظم جي ڀڃ گهڙ:
(Deconstruction of Sindhi Poetry)[/b]
سنڌي شاعري ۾ ساختيات پڄاڻان تنقيدنگاري ۽ ڀڃ گهڙ جي ادبي جائزي لاءِ شيخ اياز جون سٽون پيش ڪجن ٿيون.
اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان،
منهنجو ڪوئي ديس نه آهي، منهنجو سڀ جهان؛
منهنجو ڪوئي نانءُ نه آهي، مان آهيان انسان؛
منهنجو هي انجيل، نه منهنجي گيتا يا قرآن؛
............................... (40)

متن جي لفظي تفسير ڪنداسين ته، خبر پوي ٿي ته، اياز جون مٿيون سٽون پنهنجي تصور جي پاڻ ئي نفي ڪن ٿيون. مثال طور اياز چوي ٿو ته، نه منهنجو ڪو ديس آهي ۽ نه ئي وري ڪو نالو آهي، نه منهنجي گيتا آهي ۽ نه ئي وري قرآن، پر وري چوي ٿو ته منهنجو ديس جهان آهي ۽ منهنجو نالو انسان آهي. اهڙيءَ ريت ڏٺو وڃي ته هڪڙو خيال هڪ ئي وقت هڪ سلسلو بيان ڪري ٿو ۽ ان پٺيان ايندڙ ٻيو لفظ ۽ ٻيو خيال ان سلسلي جي وجود کان ئي انڪار ڪري ٿو ۽ سٽون پنهنجي تصور کي پاڻ ئي رد ڪن ٿيون.
اهڙيءَ طرح ٻوليءَ اندر جيڪو تضاد سمايل آهي، ان کان پوءِ ڪيئن اعتبار ڪجي ته ٻولي قطعي/مستقل معنيٰ جو ذريعو آهي. لفظي تفسير جي نفي ۽ تضاد وارا اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا، جيئن قمر شهباز جو هي نظم ڏسو:
آهي ناهي، ٺاهه ته آهي،
جهڙو تهڙو ساهه ته آهي،

اهڙو ساهه، جو گهوري سگهجي،
تارازيءَ ۾ توري سگهجي،
....................................... (41)
مٿين سٽن ۾ لفظ، آهي ۽ ناهي، هڪٻئي جي نفي ڪن ٿا، مطلب ته ساهه آهي به ۽ ناهي به. جيڪڏهن آهي ته پوءِ نه هجڻ وارو سوال ڪٿان ٿو پيدا ٿئي.
وڌيڪ سمجهاڻيءَ لاءِ امداد حسينيءَ جو نظم ’رشتو‘ جو تجزيو ڪريون ٿا.
مون به توسان لائون لڌيون آهن
جاڳ ۾ نه سهي
خواب ۾ ئي سهي
مون به ته تنهنجو مينديءَ رتو هٿ چُميو آهي
چپن سان نه سهي
نظر سان ئي سهي
مون به ته تنهنجي ڏٺي آهي واٽ
رات کان صبح تائين
صبح کان رات تائين
مون به جهوليو آهي تنهنجي ٻانهن جو جهولو
حقيقت ۾ نه سهي
خيالن ۾ ئي سهي. (42)

مٿئين نظم جو ٻٽن متضادن جي مناسبت سان جيڪڏهن تفسير ڪجي ته ان ۾ غير فوقيت وارن لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏنل آهي. جيئن خواب کي سجاڳيءَ/جاڳ تي ۽ خيال کي حقيقت تي. هي پڻ ساختيات پڄاڻان ۽ ڀڃ گهڙ جو اهم ۽ بنيادي نڪتو آهي، ڇاڪاڻ ته ساختيات پڄاڻان تنقيدنگاري، ساختياتي نظريي ۾ لفظن جي غلبي، فوقيت ۽ ابتڙن واري نظام کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿي. هن نظم ۾ غيرفوقيت يافته لفظ خواب ۽ خيال به ان ئي نڪتي جي نمائندگي ڪن ٿا. اهڙي طرح هن نظم جا تصور ان ڳالهه تي روشني وجهن ٿا ته هن لکڻيءَ جي ٻوليءَ جي پنهنجي هڪ الڳ دنيا آهي، جنهن ۾ لفظن جا تصور پنهنجو پاڻ ۾ تضاد رکن ٿا.
اهڙن ٻين مثالن ۾ سحر امداد جو نظم ”ٻرندڙ سورج“ جون ڪجهه سٽون پيش ڪري سگهجن ٿيون.
تنهن ڏينهن
جنهن ڏينهن
منهنجي اڱڻ تي ڪارو سورج اڀريل هو
ڏينهن ڏٺي جو اوندهه انڌوڪار ٿيو هو
................................................ (43)
هن نظم ۾ سج روشني نٿو ڦهلائي پر اونڌهه جي علامت ڏيکاريل آهي، اهو اڇو اُجرو ناهي، بلڪ ڪارو آهي. روشنيءَ جي بدران اونداهيءَ کي ۽ ڪاري رنگ کي فوقيت ڏني وئي آهي. ليکڪ مثبت روشنيءَ جي ڀيٽ ۾ منفي اونداهيءَ کي پيش ڪري ٿو. ڏينهن جو ڏيک آهي پر (نظم ڏينهن ڏٺي جو به رات جو) جو منظر بيان پيو ڪري.
اهڙيءَ ريت ساختيات پڄاڻان تنقيدنگاري ٻٽن متضادن واري تصور تحت غير فوقيت يافته لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي ۽ متن ۾ ساختيات پسنديءَ جي ابتڙ نفاق، بي ترتيبي ۽ غير هم آهنگيءَ جو ويجهڙائيءَ ۽ گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
لفظي تفسير کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ ساختيات پڄاڻان تنقيدنگاري، ڀڃ گهڙ جي عمل ذريعي سموري متن جي تسلسل کي معنيٰ، خيال، گرامر ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان جانچي ٿي. انهيءَ مطالعي لاءِ اياز گل جون سٽون ’منهنجي سوچن تي نه ڌاڙو آهي‘ پيش ڪجن ٿيون.
منهنجي سوچن تي نه ڌاڙو آهي،
اهڙو خالي نه ڏهاڙو آهي.
تنهنجو مايا ڏي جو لاڙو آهي،
پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو آهي.
ٻاهران ڪيڏو نه ڍڪيل آ ماڻهو،
اندران ڪيڏو نه اگهاڙو آهي.
پيار جنهن تي کڄن ٿا پٿر،
هي انهيءَ شخص جو پاڙو آهي.
تنهنجي شعرن ۾ ڪٿان سوز اچي،
جنهن جو اندر ئي ٻاڙو آهي. (44)

مٿيئن سٽن ۾ معنوي توڙي خيال جي حوالي سان ڪوبه تسلسل ڪونهي، جيڪو عنوان سوچن تي ڌاڙي نه هڻڻ جي مڪمل عڪاسي ڪري سگهي ۽ سموري ڳالهه يا واقعي کي ڪنهن محفوظ فريم ۾ قيد ڪري سگهي، سواءِ پهرين مصرع جي. جڏهن ته پويان ايندڙ هر مصرع ۾ هڪ الڳ خيال ۽ معنيٰ سمايل آهي، جيئن مايا گڏ ڪرڻ ڏانهن لاڙو هئڻ، ماڻهوءَ جو اگهاڙو هئڻ يا تخليق ۾ سوز جو عنصر نه هئڻ وغيره.
اهڙي ريت سموري شاعريءَ ۾ خيالن، معنيٰ توڙي هيئت جو تسلسل هر مصرع کان پوءِ ٽٽي پوي ٿو، جڏهن ته وقت يا زمان جي بيان کي جيڪڏهن ڏسنداسين ته شروع کان وٺي آخر تائين سمورين مصراعن ۾ هڪڙو ئي زمان يعني زمان حال استعمال ٿيل آهي. ان کان سواءِ پهرين مصرع ۾ ضميرحاضر (منهنجي)، جڏهن ته ٻي مصرع ۾ ضمير متڪلم (تنهنجو) ۽ آخري مصرع ۾ ضمير غائب (تنهن جي) استعمال ٿيل آهي.
تنهن کان پوءِ آخري مرحلي ۾ ساختيات پڄاڻان تنقيدنگاريءَ ۾ لساني تفسير جو جائزو ورتو ويندو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي انهن لوازمن کي مطالعي هيٺ آندو ويندو آهي، جيڪي معنيٰ ۽ مفهوم کان گمراهه ڪندا آهن، پڙهندڙ کي معنوي راند جي ميدان ۾ ڀٽڪڻ تي مجبور ڪندا آهن.
انهيءَ حوالي کان اياز گل جو ئي نظم ’خوشي‘ پيش ڪجي ٿو:
ڪنهن چيو هو ته:
”هوءَ هتان لنگهندي“
۽ انهيءَ موڙ تي مان
ڪيترا سال ائين بيٺو رهيس
جو سڄو انتظار بڻجي ويس
ٻئي اکيون، ديپ هُن جي راهن جا
۽ خيال جون سڀ مُندون
هُن جون
ڪالهه پر هوءَ جڏهن هتان گذري
اوپرائپ هيس نگاهن ۾
هڪ گهڙي ڀي نه ترسي
منهنجي لاءِ
”مان توکي نٿي سڃاڻا!“
چئي،
سڀ مندون، سڀ خيال
مون کان کسي
هوءَ هوا وانگر آئي
گذري وئي! (45)
مٿئين نظم جو عنوان آهي ’خوشي‘، جڏهن ته سمورو نظم ڏک، انتظار، بي چيني۽ بي وفائيءَ جي افسردگيءَ ۾ ورتل آهي ته پوءِ ڪنهن به خوشيءَ جو تاثر ڪٿان ٿو پيدا ٿي سگهي.
اهڙي ريت ساختيات پڄاڻان تنقيدنگاري اها ڳالهه واضح ڪري ٿي ته ٻوليءَ جي ساخت ۾ ئي اهڙا جوهر سمايل آهن، جيڪي سندس ئي تسلسل ۽ ايڪتا کان نابري وارين ٿا ۽ پنهنجي اندر ئي ان جو ردِ به سمائي رکن ٿا.