لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

سنڌي شاعريءَ ۾ فيمينزم:

[b]سنڌي شاعريءَ ۾ فيمينزم:
(Feminism in Sindhi Poetry)[/b]
شاعريءَ ۾ عورت جا مختلف روپ پيش ڪيل آهن، لوڪ شاعريءَ ۾ جتي عورت جي مختلف احساسن ۽ جذبن جي عڪاسي ملي ٿي، اتي ئي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي رزميه داستانن ۾ عورت جي سورهيائي، بهادري جڏهن ته رومانوي شاعري ۽ داستانن ۾ سندس پنهنجي مقصد ۽ منزل لاءِ اڻٿڪ جدوجهد جو بيان به ملي ٿو. عورت جي جدوجهد جي اها جنگ ڪو پنهنجن حقن جي حاصلات جي جنگ ڪو نه هئي، پر پنهنجي وجود ۽ زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ۽ مفهوم ڏيڻ جي لاشعوري ڪوشش هئي.
”سنڌ مان موهن جي دڙي مان مليل مُهرن، مُجسمن، رسمن، قدرن، ساٺن سُوڻن مانَ ۽ اهڃاڻن مان عورت جي حيثيت جو بنيادي تصور ملي ٿو. قديم سنڌ ۾ مدري نظام جا اهڃاڻ ملن ٿا جنهن ۾ عورت قبيلي جي ياگهر جي وڏي هئي.“ (65)
هي اهو دور هو، جنهن ۾ عورت مڪمل طرح سان آزاد ۽ خودمختيار هئي، راڄ ڀاڳ جا فيصلا ڪندي هئي. اڄ به ٻهراڙي جي وڏيرڪن خاندانن ۾ گهر جي وڏي ڪاپيرسن عورت هوندي آهي، جيڪا سڄي راڄ سان اٿي ويٺي ۽ ڏيتي ليتي ڪندي آهي.
اڄ به سنڌ ۾ اها روايت موجود آهي، جيڪا مدري نظام ۾ عورت جي حڪمراني جي باقيات تصور ڪري سگهجي ٿي.

عربن جي دور کان پوءِ خاص طور سنڌ ۾ هڪ خاص ڪلچر تحت عورت جي حيثيت ثانوي ٿي وئي. هن دور ۾ عورت جو گهر ۾محدود ٿيڻ، پردي ڪرڻ ۽ ذاتي ملڪيت هئڻ جهڙن قدرن جنم ورتو تنهن کانپوءِ وري فيوڊل ۽ سرمائيدارانه نظام جو تضاد اڀري سامهون آيو، جنهن ۾ نون/ جديد ۽ پراڻن قدرن جو بحث موجود هو، سرمائيدارانه نظام عورت جي ڀرپور آزاديءَ ۽ حقن جي حاصلات لاءِ فيمينزم تحريڪ کي باقائده هٿي ڏياري بلڪ عورت جي آزاديءَ جي نعري، جي سڀ کان وڌيڪ حمايت ڪميونسٽن ڪئي. جنهن کانپوءِ عورت زندگيءَ جي هر ميدان ۾ اڳتي نڪري آئي، عورت کي ووٽ تعليم، شادي، طلاق، ٻار پيدا ڪرڻ، نوڪري ڪرڻ جهڙا حق مليا.
يورپ جي فيمينسٽ تحريڪ ٻين خطن جي ادب کي متاثر ڪيو، سنڌي ادب ۾ وري فيمينسٽ تحريڪ اردو ادب جي اثر هيٺ آئي، جنهن ڪري مڊل ڪلاس عورت گهر کان ٻاهر نڪري پڙهڻ لڳي ۽ شهر ۾ آئي سنڌي ادب ۾ عطيه دائود، امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح وغيره جو نالو ان حوالي کان ئي اچي ٿو.
ان کان علاوه ترقي پسند تحريڪ دوران سنڌي ادب جا ڪيترائي اهڙا ليکڪ، ليکڪائون هئا، جن پنهنجو پاڻ کي فيمينسٽ سڏرايو، جيڪي سيمون ڊي بوارا جي سارتر سان رشتي کان ڏاڍو متاثر هئا، ان سان دلچسپي تحت انهن فيمينزم کي صرف فيشن طور پنهنجايو.
هتي اهو پڻ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اهي اديب فيمينسٽ تحريڪ جي مڪمل لوازمات کان واقف آهن به يا نه؟ تنهن کان سواءِ اهو نڪتو پڻ بحث طلب آهي ته سنڌي ادب جا ڪجهه اهڙا ليکڪ پڻ آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ کي فيمينسٽ ته نٿا سڏرائين پر سندن لکڻين ۾ فيمينزم، جي دٻيل چڻنگ جي عڪاسي ضرور ملي ٿي. اهڙين ليکڪائن ۾ نورالهديٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جو نالو ڳڻائي سگهجي ٿو.
سنڌي ادب ۾ باقاعده فيمينزم جي فڪر تحت لکڻ ته هڪ الڳ مسئلو هو، پر هتان جي سرجندڙ ادب جي صورتحال اها هئي ته ڪابه عورت ليکڪا پنهنجي اصلي نالي سان ڪجهه لکي ڇپرائي نه سگهندي هئي، ڇاڪاڻ ته خاندان جي عزت ۽ وقار، نالي ۽ ناموس لاءِ اها هڪ بدنامي هئي ته فلاڻي خاندان يا گهر جي ڇوڪريءَ جو نالو اخبار يا رسالي ۾ ڇپجي، تنهن ڪري شروعاتي دور ۾ ڪيترين ئي نالي وارين ليکڪائن فرضي نالن سان لکڻ شروع ڪيو، جيئن عطيه لاڙڪ، عطيه دائود جي نالي سان، سلميٰ لاشاري امر سنڌو جي نالي سان، ڊاڪٽر فهميده حسين، تسنيم يعقوب جي نالي سان ۽ رضيه سلطانه شبنم گل جي نالي سان.
جيئن ته آءٌ اڳ به اها ڳالهه واضح طور چئي آئي آهيان ته، سنڌي ادب ۾ فيمينزم جو فڪر باقاعده هڪ تحريڪ جي صورت ۾ نٿو ملي، ڇاڪاڻ ته فيمينسٽ تحريڪ سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ بجاءِ تضاد، جهيڙي ۽ هڪ هٽي جي ورچڙهي وئي، ها باقي عطيه دائود، امر سنڌو، سلطانه وقاصي، مريم مجيدي، پشپا ولڀ ۽ ڪجهه ٻيون شاعرائون ملن ٿيون، جن عورتن بابت ڪجهه لکيو آهي، هتي انهن جي شاعريءَ جو هڪ مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

[b](i عطيه دائود:
[/b]عطيه دائود فيمينسٽ شاعره هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”شرافت جي پل صراط“ نثري نظمن تي مشتمل آهي. هن عورتن جي مختلف موضوعي مسئلن تي لکيو آهي، خاص طور سان سنڌي سماج ۾ عورت جي ثانوي، غلامانه ۽ ملڪيت هئڻ واري حيثيت سان مٿس ٿيندڙ غيراخلاقي روين جي عڪاسي ڪئي آهي. سندس نثري نظم ”راز“ جو موضوع عورت جي جنسي تفريق تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن فيمينزم جي ٻي لهر مطابق عورت جي آزاد انساني ۽ وجودي حيثيت جي اهميت جي عڪاسي ڪئي آهي.تنهن کان پوءِ پدري سماج جي مختلف رائج قدرن مطابق هن عورت جي مختلف روپن کي پڻ نروار ڪيو آهي، جيڪي مرد جا بخشيل آهن ۽ غيرانساني روين جي نمائندگي ڪن ٿا.
”راز“
تون انسان جي روپ ۾ مرد
مان انسان جي روپ ۾ عورت آهيان،
انسان اکر ته آهي هڪڙو
پر تو ان کي ڪيئي معنائون ڏنيون
منهنجي جسم جي جدا شناخت جي ڏوهه ۾
هڪ انسان جو نالو کسي
ٻيا ڪيڏا نالا ڏنا آهن.
مان زال آهيان، وئشيا آهيان
محبوبه آهيان، داشته آهيان
تو لئه، هر روپ ۾ هڪ نئون راز آهيان.
تون جهڙي به اينگل کان ڏسندين
توکي ان مطابق نظر ايندس
ڳجهه جي نظر سان ڏسندين ته
گوشت جو ڍير آهيان
ميٽرنٽي هوم جي ٻلي جي نظر سان
ڏسندين ته خون جو تلاءُ آهيان،
ٻار جيان رانديڪو ٽوڙي ڏسندين ته
اندران ڪجهه نه آهيان.
منهنجي جسم جي نماين تان سفر ڪندي
تون لذت جي جنهن منزل تائين پهچين ٿو
اتان ئي منهنجو راز شروع ٿئي ٿو
تون ٽٻي هڻڻ سان سمنڊ جي ٻئي ڪناري کي
ڇهي نٿو سگهي:
’جي سمجهي سگهين ته راز آهيان‘
’جذب ڪري سگهين ته قطرو آهيان‘
’محسوس ڪري سگهين ته پيار آهيان.‘(66)
سندس ٻيو نظم ”پيار جون سرحدون“ آهي، جنهن ۾ هن ازدواجي رشتي جي سخت مذمت ۽ محبت جي فلسفي جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. سندس خيال آهي ته عورت جي غلاميءَ جو هڪ وڏو سبب ازدواجي رشتي جو ٻنڌڻ آهي، جنهن ۾ هوءَ مرد جي تابع ٿي وڃي ٿي، جڏهن ته محبت ۾ شادي ”محبت“ جو موت ثابت ٿئي ٿي، جنهن ۾ عورت جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت کي ڇيهو رسي ٿو.
عطيه دائود جي هن نظم ۾ عورت جو اڱڻ جو کوهه بنجڻ، ڀولڙيءَ ۽ مداري جي وچ جو ناتو ۽ خواهش جي گهاڻي ۾ چاڪي جي ڏاند جيان ڦرڻ جهڙا عڪس نهايت انوکا ۽ دل ڇهندڙ آهن. عطيه دائود جي هن نظم ۾ سيمون ڊي بوارا ۽ سارتر جي رشتي کان متاثر ٿيڻ جي عڪاسي پڻ ملي ٿي.
”پيار جون سرحدون“
منهنجا محبوب، مونکي توسان محبت آهي
پر مان تنهنجي اڱڻ جو کوهه بنجڻ نٿي چاهيان
جيڪو تنهنجي اُڃَ جو محتاج هجي
جيترو ان مان پاڻي ڪڍجي ته شفاف ٿئي
جي نه ڪڍجي ته ٻاڙو ٿي وڃي.
مان ڪڪر جيان وسڻ چاهيان ٿي
منهنجو اندر تو لاءِ آتو آهي
پر اهو ناتو جيڪو ڀولڙيءَ ۽
مداريءَ جي وچ ۾ هوندو آهي
سو مان نٿي چاهيان.
تنهنجي قرب جي ڪشش مون کي ڏاڍو موهي ٿي
پر تنهنجي خواهش جي گهاڻي ۾
چاڪيءَ جي ڏاند جيان ڦرڻ نٿي چاهيان،
تنهنجي اچڻ تي ڀرم جي ڪلي سان ٻڌجي
وفائون ڀؤنڪڻ نٿي چاهيان
لولي لنگڙيءَ سوچ سان لانئون لهي
انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن ٻارن کي جنم ڏيڻ نٿي چاهيان
مان سڀ حواس رکندڙ آهيان
سو لوچيان به ٿي ۽ سوچيان به ٿي
بک، ڏک ۽ خوف، موت جا پاڇولا بڻجي
منهنجي رت سان راند پيا ڪن
۽ تون منهنجي اکين ۾ حيا ڏسڻ ٿو چاهين
ٻاهر جي درد جا ڀڀڙ پيا ٻرن
سا لمس ته مون کي به لڳي آهي
تون منهنجي چمڙي کي گلاب جيان ٽڙيل ڏسڻ ٿو چاهين
مان تنهنجي خيالن جي ڪينوز تي
ٺاهيل ڪا تصوير نه آهيان
جنهن ۾ پنهنجي مرضيءَ سان رنگ ڀريندو رهين
مان تنهنجي ڪٿيل فريم مان ٻاهر نڪري نه سگهان
ڄاڻان ٿي تو کان سواءِ مان ڪجهه به نه آهيان
مون کان سواءِ تون ڪجهه نه آهين
محبت جو ماڳ ماڻڻ لاءِ،
اچ ته هڪٻئي لاءِ آئينو بڻجي وڃون
منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي
مون سان چنڊ متعلق نه ڳالهاءِ
منهنجا محبوب مون سان اهي ڳالهيون ڪر
جيڪي دوستن سان ڪندو آهين. (67)
سندس نظم ”رسمن جي صليب تي لٽڪندڙ جيوُ“ مڪمل طرح سان عورت جي بيوسي، مجبوري ۽ لاچاري جي تصوير ڪشي ڪندي، عورت جي غلاميءَ جي مختلف سببن تي روشني وجهي ٿو. هن نظم جو اهم موضوع پهرين زال جي موجودگي ۾ مرد جو بغير اجازت جي ٻي شادي ڪرڻ آهي. اها عورت پنهنجو پاڻ وڻائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ مڪمل طرح سان پنهنجي ذات کي مرد جي معيار جي سانچي ۾ سمائي ڇڏي ٿي، پر تڏهن به سماج جا قدر، مذهب، قانون، ريتون رسمون سندس حقن جي حفاظت نٿا ڪري سگهن. عطيه دائود ٻڌائي ٿي ته سنڌي سماج جي عورت نهايت مظلوم آهي، هوءَ پاڻ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين تي ماتم ته ڪري سگهي ٿي، پر پنهنجن بنيادي حقن جي جنگ جي حاصلات لاءِ ٻڙڪ به ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي. سندس اهڙو ئي هڪ ٻيو نظم ”پرائي شرافت جي پل صراط“ آهي.
”رسمن جي صليب تي لٽڪندڙ جيوُ“
مذهب کي تلوار بڻائي،
خواهش جي انڌي گهوڙي تي چڙهي
منهنجي مَنَ اڱڻ تي ڀَيلَ ڪئي!
منهنجي ويساهه کي ٽياس تي ٽنگي
تو ٻي شادي ڪئي
توسان گهاريل سمورين گهڙين کي،
مون کل وانگر ماسَ تي چنبڙايو آهي
تو سان پلئه ٻڌي، ابي جو اڱڻ اورانگهي،
تنهنجي آندل سانچي ۾
مون پنهنجو پاڻ ماپايو هو.
پيار ڇاهي مان نٿي ڄاڻان
پر تنهنجي گهر، بڙ جي وڻ جيان
مون تي ڇانوَ ڪئي
زماني جي اکين مان وسندڙ تيرن کان بچايو
انهيءَ سانچي ۾ رهڻ ڪاڻ
پنهنجي وجود کي ڪپيندي، ڪوريندي گهڙيندي رهيس
تنهنجي رت کي پنهنجي ماس مان جنم ڏنم
اولاد به تنهنجو منهنجو ٻنڌڻ نه بڻيو،
ٻنڌڻ ڇاهي مان نٿي ڄاڻان
مون کي فقط هڪ سبق پڙهايو ويو هو
ته تنهنجو گهر منهنجي آخري پناه آهي
مون طلاق کاڌل عورت کي
زماني جي نظرن سان سنگسار ٿيندي
ڪئين ڀيرا ڏٺو آهي،
سو مينهن کان ڊنل ٻليءَ وانگر
گهر جي هڪ ڪنڊ ۽ تنهنجي نالي استعمال ڪرڻ تي
قناعت ڪٿي اٿم
جنت ڇاهي...؟ جهنم ڇاهي...؟
آئون نٿي ڄاڻان پر پڪ اٿم ته
جنت ويساهه کان وڌ ناهي
۽ جهنم پهاڄ جي ٽهڪن کان ڳرو ناهي
ماڻهن جي ٽوڪن ۽ رحم ڀريل نظرن کان سنگين
ڪا پلصراط ناهي!
ڪڏهن مون کي پهاڄ جو چهرو
پاڻ جهڙو نظر ايندو آهي،
بي اعتباريءَ جا گهنج
هن جي نرڙ تي به ڏٺا اٿم
مون ڏانهن نهاريندي، خوشي سندس سيني ۾
هٿن ۾ جهليل ڪبوتر وانگر ڦٿڪي پوندي آهي.
مان هن سان وڙهي نٿي سگهان
۽ ان سان گڏ تون آهين
توسان وڙهي نٿي سگهان
مذهب، قانون ۽ سماج تنهنجا ساٿي آهن
ريتون ۽ رسمون تنهنجا هٿيار آهن
دل چئي ٿي ته زندگيءَ جي ڪتاب مان
اهي سڀ باب ڦاڙي ڦٽا ڪريان
جيڪي پنهنجي مفاد ڪاڻ
منهنجي مقدر ۾ تو لکيا آهن. (68)
مجموعي طرح سان عطيه دائود جي شاعريءَ جي تجزيي مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته عطيه دائود فقط عورت جي موضوعي جذبن، احساسن، گهٽ ٻوسٽ، ويڳاڻپ ۽ مايوسين جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. عطيه دائود فيمينسٽ هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ باوجود عورت جو ڪيس وڙهڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ڇاڪاڻ ته فيمينسٽ تحريڪ جو مطلب فقط عورت جي موضوعيت کي پيش ڪرڻ نه آهي، پڙهيل ڳڙهيل، نوڪري ڪندڙ، گهر کان ٻاهر نڪرندڙ عورت جا ڪهڙا مسئلا، مونجهارا ۽ معاشري ۾ سندس ڪهڙا حق آهن، انهن جي عڪاسي عطيه دائود ڪٿي به نه ڪئي آهي. جديد سرمائيداري نظام عورت جي آزادي جي نعري پٺيان کيس ڪهڙي ريت رانديڪو بڻائي ڇڏيو آهي. مقابلي جي ڊوڙ ۾ عورت پنهنجو پاڻ کي ڪهڙي ريت مارڪيٽ جو وکر بڻائي ڇڏيو آهي. عطيه دائود انهن موضوعن کي ڇهيو ئي ناهي. محسوس ايئن ٿئي ٿو ته عطيه دائود فيمينزم جي نالي ۾ ذاتي فرسٽيشن ۽ مونجهاري کي اوڳاڇيو آهي.

[b](ii مريم مجيدي:
[/b]مريم مجيديءَ ستر جي ڏهاڪي کان لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس شاعريءَ جو مجموعو ”سروم دکم دکم“ آهي. مريم مجيدي فيمينسٽ شاعره نه آهي، پر سندس شاعريءَ جي اڀياس مان اسان کي فيمينزم جا ڪجهه اولڙا پسجن ٿا. سندس نظم ”عورت آهين مورت ناهين“ کي ڏسو:
عورت آهين مورت ناهين،
سکڻي سهڻي صورت ناهين،
لاکيڻي تون پاڻ وهيڻي:
مور نه آهين هيڻي جهيڻي.
تنهنجا جذبا جُنگ جوان،
سوچون سهڻيون سوڀياوان،
ٿي نه ڳهيلي پاڻ سڃاڻ:
پنهنجو ماڳ ۽ منزل ڄاڻ.
راڻو اڄ ڀي راڻو آهي،
ٺاهه ٺڳي جا جو ٿو ٺاهي،
چاڳ چنيسر جو عياشي:
عزت تنهنجي ڪنهن نه سڃاتي.
ڪانئر ڪَپ تي، سير ۾ سهڻي،
ٻوڙي کوٽ وفا، من مُهڻي:
پيار پنهل جو ڪهڙو ڀوري؟
نار نِماڻي جنهن تان گهوري.
ڪوبه تماچي اچڻو ناهي،
آس اجائي ڇڏ تون لاهي،
دوڌ دغا جو هي جنسار،
مورئون پسجي ڪين پيار.
ڇو ٿي پنهن جو پاڻ وڃائين،
سپنن کي ٿي ساڀيان ڀانئين،
پنهن جن سوچن کي بدلاءِ:
پاڻ کي پنهنجو پاڻ بناءِ. (69)

مريم مجيدي، سنڌي اساسي شاعريءَ جي رومانوي داستانن جو حوالو ڏيندي خاص طور عورت کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ۽ پنهنجي حيثيت مڃرائڻ جي ڳالهه ڪندي نظر اچي ٿي. هوءَ عورت جي عظمت کي تسليم ڪندي، کيس درس ڏيئي ٿي ته تون ڪمزور، هيڻي ۽ لاچار ناهين. عورت جي زندگيءَ جو مقصد ۽ حاصل صرف مرد جي رضا ۽ پيار ماڻڻ ناهي، صرف آسن، اميدن سپنن جي نالي ۾ دغا ۽ فريب کائڻ ناهي، عورت کي گهرجي ته هوءَ پنهنجي قديم روايتي ۽ رواجي، سماجي، خانداني، سوچن جي ٻنڌڻن کان پنهنجا پلؤ آجا ڪرائي هڪ نئين نڪور، منفرد ۽ آزاد سوچ جي آڌار تي صرف پنهنجي ذات کي مرڪز بڻائي سوچ جي هڪ نئين ڌارا کي جنم ڏيئي، جنهن جو مک ۽ مرڪزي ڪردار سندس پنهنجي ذات هجي.
مريم مجيدي پنهنجي ٻئي نظم”سنڌ نياڻي آيل ڀيڻ“ ۾ سنڌي سماج جي عورت جا مختلف روپ پيش ڪياآهن. خاص طور سان سنڌي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ ڪاروڪاري جو ظلم، بي جوڙ شاديءَ جو آزار، گهر توڙي ٻني ٻاري ۾ جانورن وانگر پورهئي جي پچار ڪندڙ، مشين بڻجي پنهنجي وَس ۽ وِت کان وڌ ٻارن ڄڻڻ جهڙن عنوانن کي هن نظم جو اهم
موضوع بڻايو ويو آهي. مريم مجيدي هن نظم ۾ سنڌي سماج جي عورت کي ”ٻاگهل ٻائي“ جو لقب ڏنو آهي، جيڪا نهايت بهادر عورت هئي، جنهن پنهنجو وطن ۽ سَتُ بچائڻ لاءِ دشمن سان مقابلو ڪيو ۽ آخرڪار شهيد ٿي وئي.
سنڌ نياڻي آيل ڀيڻ- سور سهين ۽ سؤ سؤ ويڻ،
وگهرين پگهرين ڄڻ ڪا ميڻ- پر نه لڄائين پنهن جا سيڻ،
بيشڪ آهين ٻاگهل ٻائي- جيئين جيئين سنڌ جي ڄائي،
جس هجي ڀل توکي مائي.
ديس ڌڃاڻي هارياڻي تون- پورهيت ساٿي سانگياڻي تون،
جهوراڻي ۾ جهانگياڻي تون- پيار وفا جي پانڌياڻي تون،
کيرون لهڻين ۽ واڌائي- جيئين جيئين سنڌ جي ڄائي،
جس هجي ڀل توکي مائي.

جاڙ جياپو جهاڳين جيڏل- ڪيڏا توتي قهري ڪر ڳل،
ڪاڪ ڪڙيل ۽ ماندي مومل- چاهت چکيا چاڙهي چنچل،
ريت وفا ڪيئي روه توائي- جيئين جيئين سنڌ جي ڄائي،
جس هجي ڀل توکي مائي.
هيڏي توتي هاڃا ڪاري- توتي پنهنجن جي پر ماري،
پوڙهو پرڻو ڪارو ڪاري- ٻال جتي کان ڳڻتين ڳاري،
توسان ڏاڍن جي ڏاڍائي- جيئين جيئين سنڌ جي ڄائي،
جس هجي ڀل توکي مائي. (70)


[b](iii سلطانه وقاصي:
[/b]سلطانه وقاصي به لکڻ جي شروعات ستر واري ڏهاڪي کان ڪئي، کيس ”احساسن جي شاعره“ جو لقب حاصل آهي. جتي سندس شاعريءَ ۾ ٻيا مختلف رنگ ملن ٿا، اتي ئي سماجي ۽ عورت پڻي جي خودداريءَ وارو گهرو ۽ چڀندڙ احساس به ملي ٿو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”دونهاٽيل درشن“ آهي. نورالهديٰ شاهه سندس شاعريءَ تي تبصرو ڪندي لکي ٿي:
”سلطانه جي شاعريءَ ۾... اسان کي سنڌي سماج جي هاڃيڪار روايتن سان لاڳاپيل اها عورت به پڙهڻ ۾ محسوس ٿئي ٿي جيڪا هڪڙي پاسي پنهنجي من منجهان اٿندڙ ننڍڙين ننڍڙين ڪلپنائن جي دکدائڪ پڄاڻيءَ کي سهي ٿي ۽ ٻي پاسي ٻاهر جي حالتن سان جهيڙيندي ٿي اچي.“ (71)
سلطانه وقاصي جي شاعريءَ جي خاص خوبي اها آهي ته سندس عورتاڻا ڪردار ڪمزور، هيڻي ۽ غلام هئڻ باوجود حالتن سان سمجهوتو ڪندي نه، پر بغاوت ڪندي نظر اچن ٿا. سنڌي سماج جي انهن ريتن ۽ رسمن خلاف جيڪي عورت جي انساني حيثيت کان انڪاري آهن، جيڪي عورت جي وجود کي خاندان ۽ معاشري تي بار سمجهن ٿا، کيس ڪلي ۾ ٻڌل ڪنهن ڍور ڍڳي کان وڌيڪ مخلوق جو درجو نٿا ڏين، جنهن کي پنهنجي مفادن خاطر پالي تاتي، وڏو ڪري هڪ ڏينهن ڪاسائيءَ جي حوالي ڪريو ڇڏين.
سلطانه وقاصي جو هي نظم عورت جي وجود جي اهڙي تذليل تي کليل بغاوت جو هڪ اهم باب آهي، جنهن ۾ هوءَ عورت جي انساني حيثيت جي اهميت کي محسوس ڪرائيندي نظر اچي ٿي.
مان ڊڄندي به آهيان
پنهنجو پاڻ کان
مان بي ڍنگهي بي چئي
ڪنهن کي ڪين وڻان
ٿي پوندس سڀ ڪنهن تي بوجهه
بيزار ٿي سڀ چوندا
هجين ها ڍور ڍڳو
کائي کپائي ڇڏيونءِ ها
پر ڇا ڪجي
ٿي پئي آهين انسان. (72)
سلطانه وقاصي جو ٻيو نظم سنڌي سماج جي ان عورت تي هڪ ڀرپور تنقيد آهي، جيڪا پنهنجي وجود جي اهميت ۽ هڪ انسان جي حيثيت سان پنهنجن حقن کان بي خبر ۽ اڻ واقف آهي. سلطانه وقاصي هن نظم ۾ ان عورت جو ذڪر ڪيوآهي، جيڪا شعور جهڙي نعمت کان محروم آهي، جنهن جي سوچ جو محور صرف گهر جي چؤديواري تائين محدود آهي، کيس ڏاهپ جا ڏنگ پاڻ سان ٿيندڙ زياديتن تي نٿا ستائين. هوءَ بديءَ ۾ ڏنل هجي يا پئسن تي ورتل هجي، پر پاڻ سان ٿيندڙ ظلم کي پنهنجي قسمت تصور ڪري، پنهنجو پاڻ کي حالتن جي آڌار تي ڇڏي ڏئي ٿي ۽ هڪ پرسڪون زندگي گذاري ٿي.
سلطانه وقاصي جو هي نظم بغير ڪنهن سياسي نعري بازي جي عورت جو فيمينسٽ ڪيس انتهائي ڪاميابيءَ سان وڙهي ٿو. جيتوڻيڪ سلطانه وقاصي فيمينسٽ هئڻ جي دعويٰ نٿي ڪري، پر ان جي باوجود سندس شاعريءَ ۾ عورت جي وجودي حيثيت ۽ اهميت تي تمام گهڻو زور ڏنل آهي.


اُن عورت جي نالي
جنهن جي سوچ ڏاڍي محدود آ
هن گهر جي چوديواريءَ
کان سواءِ
نه ڏٺو آ ڪجهه ٻيوجڳ ۾
ڪجهه نه سوچيندي آ اُها
ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪٽبي آ
پئسن تي ڳنهيل هوندي آ
يا وري بدي تي ڏنل هوندي
رات جو جڏهن مڙس سان سمهندي آ
ته کيس اهو ياد نه هوندو آ
انهن پيار ڪندڙ هٿن
کيس سڄو ڏينهن ڪٽيو آ
پيار ڀريا لفظ ٻوليندڙ زبان
سڄو ڏينهن گارين سان وڍيو آ
ڏاڍو سک محسوس ڪندي آ
مڙس جي هنج ۾
ان عظيم عورت کي منهنجو سلام
جيڪا ڪجهه به نه ٿي سوچي
رات جا چار پهر
سک جون ننڊون ٿي ڪري. (73)

[b](iv پشپاولڀ:
[/b]پشپا ولڀ جي شاعريءَ جي مختلف رخن ۾ هڪ رخ فيمينزم جو پڻ پسجي سگهي ٿو. پشپاجو ڇپيل شعري مجموعو ”دريءَ کان ٻاهر“ آهي، جڏهن ته پاڻ مختلف ادبي رسالن جهڙوڪ مهراڻ، پره ڦٽي، ماهه نو ۽ جفاڪش ۾ پڻ وقت بوقت لکندي رهي آهي، سندس نثري نظم ”ڪولهڻ“ ۾ فيمينزم جي فڪر جا ڪجهه اهڃاڻ ملن ٿا، جنهن ۾ هندو ازم مذهب جي مختلف ڏندڪٿائن ۾ جتي هڪ طرف ديوين جهڙوڪ لڪشمي، سرسوتي، درگا ۽ ڪالي ماتا جهڙن روپن ۾ عورت جي پوڄا ٿئي ٿي، ته ٻئي پاسي ان ساڳئي عورت جو روپ هڪ غلام ۽ مرد جي مرضيءَ جي تابع هلڻ وارو به آهي، جنهن جي عظمت ۽ اعليٰ مرتبو صرف مندرن ۾ سندن بتن آڏو سر جهڪائڻ تائين محدود آهي. پشپا لکي ٿي:
”پراچين سمي جي مان ڪا هستي آهيان
منهنجو من موهن جي دڙي جي مورتي،
آئون ئي اها ناچڻي آهيان
جنهن جا نرت ڪندڙ هٿ
ٻن سفيد اڏامندڙ ڪبوترن جيان
پنهنجون چهنبون ملائي بيٺا آهن،
منهنجي پايل جي جهنڪار سان
مندر جون گهنٽيون سجاڳ ٿين
آسمان مان مُک ڪڍي سوريه
دنيا ۾ صبح جي پيامبر آهيان
آئون ئي لڪشمي
آئون ئي سرسوتي
آئون ئي درگا آهيان،
جي سچ پڇو
ته ڏاڍ جي ڀوت کي ناش ڪندڙ
آئون ئي ڪالي آهيان
پوڄي رڳو مندرن ۾ ويندي آهيان!
ٻاهر ته ڄڻ
راهه جي ڌوڙ آهيان
اک جو ڪَک آهيان
رات جي ڪاري چادر
۽ ڏينهن جو چلهه ۽ چوڪو آهيان
آئون ان اڇن ڪپڙن، پٽڪي واري، ڪوٽ پاتل
بوٽ پهريل ماڻهوءَ جي پويان
ٻانڌڻي پڙي ۾
کهنبي اوڍيل
پيرن اُڀراڻي!
ويندڙ ڪولهڻ آهيان.“ (74)

[b](v نورالهديٰ شاهه:
[/b]نورالهديٰ شاهه شاعريءَ کان وڌيڪ نثر جي افسانوي صنف تي تمام گهڻو لکيو آهي، پر شاعريءَ به سندس سڃاڻپ جو هڪ حوالو آهي. سندس شاعريءَ جي موضوعن جو ڪئنواس وسيع آهي، جنهن ۾ سياسيات، سماجيات، قوم پرستي، وطن پرستي ۽ فيمينزم
جهڙا فڪر سمايل آهن. نورالهديٰ شاهه ڪڏهن به فيمينسٽ هئڻ جي دعويٰ ناهي ڪئي، پر ان جي باوجود سندس شاعريءَ ۾ فيمينزم جو رنگ سمايل آهي، جنهن ۾ بغاوت جو عنصر تمام گهڻو ملي ٿو.
نصير مرزا سندس فيمينسٽ شاعريءَ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو:
”هن سنڌ ۾ ٿرڊ ورلڊ جي عورت لاءِ، اُن جي حقن لاءِ، ان کي سمجهڻ جي ڏس ۾ مرد جي رويئي کي تبديل ڪرڻ لاءِ به يُڌ ڪئي آهي... نورالهديٰ شاهه پنهنجي نثري نظمن جو هڪڙو ڀرپور حصو، عورت کي مزاحمت لاءِ اُڀارڻ جي ڏس ۾ به لکيو آهي، اهڙن نظمن ۾ نورالهديٰ شاهه، هندستان جي امرتا پريتم ۽ ڪملا داس، پاڪستان جي فهميده رياض ۽ ڪشور ناهيد وانگر، حيرت انگيز بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي.“ (75)
ان جو بهترين مثال سندس نثري نظم ”شڪست کان پوءِ“ آهي، جنهن ۾ عورت صدين جي غلاميءَ کان پوءِ آخرڪار بغاوت جو عَلمُ بلند ڪري ٿي، نئين روايتن کي جنم ڏئي ٿي، جيڪي سماج جي اصولن خلاف آهن ۽ پنهنجي شخصي آزاديءَ جي حق جو ٻج پوکي ٿي.
نورالهديٰ شاهه لکي ٿي:
منهنجي ڌيءَ
منهنجي غلاميءَ جو آخري پل آهي
هوءَ
منهنجين اکين جي کيتن منجهه
وحشتن کي جانورن جيان ڊوڙندو ڏسندي آهي
۽ انهن جي پيرن هيٺان لتاڙجندڙ منهنجي هستيءَ کي
پن پن ٿي
ڇڻندو
ڀرندو
ڏسندي آهي......
ڌيئرون سوال نه ڪنديون آهن
پر هوءَ مون کان پڇندي آهي
”ماءُ!“
ڇا اهي ڀوائتا جانور
منهنجن اکين جي کيتن منجهه به ايئن ئي ڊوڙندا!؟
۽ منهنجا خواب به هنن جي پيرن هيٺان لتاڙجي
ايئن ئي هوا ۾ ڪک پن ٿي
اُڏري
وِکري
ويندا!؟
مان
موٽ ۾
ڌيءَ کي بغاوت جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي آهيان
هر ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي هوءَ مون کان پڇندي آهي
”ماءُ!“
تو ڇو بغاوت ڪانَ ڪئي!؟
چوندي آهيانس
”ان ڪري جو منهنجن پيرن هيٺان
منهنجي ماءُ شڪست جو ٻج پوکي ڇڏيو هو
مان تنهنجن پيرن هيٺان بغاوت ٿي پوکيان.“ (76)
نورالهديٰ شاهه عورت هئڻ جي ناتي نئين پيڙهيءَ جي عورت کي استحصال خلاف مزاحمت لاءِ اُڀاري ٿي ۽ جيئڻ جو هڪ نئون پيغام ڏئي ٿي.
نورالهديٰ شاهه عورت ۽ مرد جي فطري ۽ لطيف جذبن جي عڪاسي پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪئي آهي، پر ان جو مقصد رومانوي عڪس چٽڻ ناهي، بلڪ سماج جي انهن قدرن جي مذمت آهي، جيڪي انسان کي ۽ خاص طور سان عورت کي شخصي آزادي ۽ چونڊجي حق کان محروم ڪن ٿا. سندس نظم، ”حدود آرڊيننس“ ان جو اهم مثال آهي.
اِنهيءَ
ڀَوَ کان
توکي
بي آواز چمي ڏيئڻ لاءِ مجبور آهيان
جو
چُميءَ جو آواز ٻڌڻ کان پوءِ
توکي
مون کي
سنگسار ڪيو ويندو. (77)
نورالهديٰ شاهه جي سموري فيمينسٽ شاعريءَ ۾ عورت جو ڪهڙو به روپ هجي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ، زال يا محبوبا، پر هوءَ ڪٿي به عورت کي وقت ۽ حالتن جي آڌار تي سمجهوتي ڪرڻ جو درس نٿي ڏئي. سندس شاعريءَ جو اهم فڪر صدين کان قائم روايتن
خلاف بغاوت آهي، جنهن لاءِ هوءَ عورت کي تيار ڪرڻ چاهي ٿي. سندس هر نثري نظم ۾ عورت لاءِ آزاديءَ جو هڪ نئون پيغام سمايل آهي، جنهن جو پرچار ڪرڻ هوءَ پنهنجو فرض ڀانئي ٿي.

[b](vi امر سنڌو:
[/b]سنڌي ادب جي ميدان ۾ فقط ٻه ليکڪائون ملن ٿيون، جيڪي پنهنجو پاڻ کي فيمينسٽ سڏرائين ٿيون، هڪ عطيه دائود ۽ ٻي امر سنڌو. امر سنڌو اخبارن ۾ ڪالم لکڻ سان گڏوگڏ نثري نظم جي صنف ۾ شاعري پڻ ڪئي آهي، سندس شاعريءَ جو مجموعو ”اوجاڳيل اکين جا سپنا“ آهي، جنهن کي عطيه دائود اردوءَ ۾ پڻ ساڳئي ڪتاب ۾ ترجمو ڪيو آهي. هتي سندس فيمينسٽ شاعريءَ جو تجزيو پيش ڪجي ٿو. سندس نظم ”آدرشي عورت“ ڏسو:

”چيائون
جيڪڏهن سماج سان هلڻو اٿئي ته
پنهنجا
سمورا سپنا، آدرش ۽ جيئڻ جو احساس
گند ڪچري ۽ فالتو سامان جيان
ٻاهر ڦٽا ڪري اچ
نه ته ڏاڍي ڏکي ٿيندينءَ
اڄ سماج
گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي
۽ سماج جي ڇڏيل ڌوڙ ۾
مان پنهنجي
سپنن، آدرشن ۽ جيئڻ جي احساس سان
اڪيلي بيٺي آهيان. (78)
هن نظم ۾ امر سنڌو فقط موضوعي ڪيفيتن تي لکيو آهي. هي نظم اُن عورت جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي پنهنجي ذات ۽ وجود جو شعور آهي، جيڪا سماج جي قدرن ۾ پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت کي وڃائڻ نٿي چاهي. اها عورت سماج کان بغاوت جي نتيجي ۾ اڪيلي رهجي وڃي ٿي. امر سنڌو کي گهرجي ها ته هوءَ ان عورت جي عمل تي ورشني وجهي ها ته، ذات جو شعور رکندڙ اها عورت، سماج کان بغاوت ڪهڙي ريت ڪري ٿي؟ کيس پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت کي قائم رکڻ لاءِ ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا ته پوءِ شايد هي نظم فيمينسٽ فڪر جي ڪنهن حد تائين نمائندگي ڪري ها. سندس ٻيو نظم ”اک جو فوڪس“ آهي.
”هن جي اک جو فوڪس
فقط جسم جي دائرن تائين ئي محدود آهي
اڳتي لکي ٿي:
۽ ”اڌ“ هوندي به
سزائن جو ورثو پورو کڻان ٿي
جو، جنس جي ترازو ۾
منهنجو گناهه پورو ۽
سچ جي گواهي اڌ ماپي ويئي آهي. (79)
هن نظم ۾ امر سنڌو عورت جي ثانوي حيثيت تي لکيو آهي، جنهن ۾ عورت مرد لاءِ فقط هڪ جسم آهي، جنهن مان هو لذت ۽ تفريح حاصل ڪري ٿو. ان موضوع تي تقريباً سنڌي ادب جي سمورن ليکڪن لکيو آهي، انهن به جيڪي فيمينسٽ هئڻ جي دعويٰ نٿا ڪن، سندس هي نظم ڏسو:

”اڪيلي وک ڳوري ئي نه
ڏنگيندڙ هوندي آهي
پنهنجي وک ڏي ته
زندگيءَ ڏانهن
پنڌ ڪريان.“ (80)
امر سنڌو جو هي نظم وري فيمينسٽ فڪر جي بلڪل ابتڙ آهي، جنهن ۾ هوءَ عورت جي آزادي ۽ خودمختياري واري نعري ۽ حق جي نفي ڪندي نظر اچي پئي. هن نظم ۾ هوءَ اهو پرچار ڪري پئي ته، عورت ته وري به مرد تي ئي انحصار ڪري ٿي ۽ مرد جي ساٿ کان سواءِ زندگيءَ جو سفر ڏکيو آهي.
جيڪڏهن امر سنڌوءَ جي شاعريءَ جو نفسياتي ڇيد ڪجي ته ان ۾ فيمينزم جي فڪر بجاءِ وجودي ۽ موضوعي جذبن احساسن، محرومين، مايوسين جو ذڪر گهڻو ملي ٿو، جنهن جا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. مثال طور:
”مون ۾ لهڻ ڄڻ ته
رڃ جي مسافري
جتي پير ئي نه پر
روح به پٿون ٿي پون.“ (81)
يا وري لکي ٿي:
”جيڪا جنگ،
بغير لڙڻ جي هارائبي آهي
اها منهنجي اندر ۾ آهي.“ (82)
ان کان سواءِ هي نظم ڏسو:
”سمنڊ يا مٽي سان سمهي پوڻ به ته
اڪيلائي آهي
ڊگهي اڪيلائپ
جنهن ۾ ڪنهن جي به ياد
نٿي اچي.“ (83)
محسوس ايئن ٿئي ٿو ته امر سنڌوءَ فقط پنهنجي ذات جو ڪيٿارسزم ڪيو آهي. هن به عطيه دائود جيان فقط عورت جي جذبن ۽ احساسن جي وجودي رنگن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽيو آهي. فيمينسٽ هئڻ جي دعويٰ تحت هن جيڪا شاعري ڪئي آهي، اها به فقط عورت جي ثانوي ۽ غلامانه حيثيت تي روشني وجهڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به رخ جي عڪاسي نٿي ڪري، تنهن ڪري اسان امر سنڌوءَ کي فيمينسٽ شاعره نٿا چئي سگهون.
ها البته فيمينزم جي دعوديدار امر سنڌو کي سندس ذات جي ڪجروين ۽ مونجهارن کي فيمينزم ڪو سهارو ڏئي سگهي ٿو ته ان جو تعلق سنڌي ادب سان ڪونهي، باقي جيڪڏهن عورت جي مظلوميت جي ڳالهه آهي ته، فيوڊل دور کان وڌيڪ موجوده ڪمرشل سماج ۾ عورت مظلوم آهي، جيڪا مارڪيٽ جو وکر بنجي چڪي آهي. جيڪڏهن امر سنڌو انهيءَ تي روشني وجهي ها ته عورت ڪيئن موجوده جديد سرمائيداري ۾ استعمال پئي ٿئي ته شايد سندس اهو ادبي ڪردار مثبت هجي ها.

[b](vii سحر امداد:
[/b]سحر امداد به فيمينسٽ شاعره نه آهي، پر ان جي باوجود سندس شاعريءَ جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته وٽس شاعريءَ ۾ نسائي شعور موجود آهي. هن سنڌي سماج جي عورت سان ٿيندڙ زيادتين، حق تلفي ۽ خاص طور سان معاشري جي مرد جو عورت ڏانهن رويي جو هڪ ڳوڙهو اڀياس پيش ڪيو آهي.
سحر امداد جي شاعريءَ تي تبصرو ڪندي فهميده رياض لکي ٿي ته:
”سحر، ڪڏهن به فيمينسٽ هئڻ جي دعويٰ به ناهي ڪئي، ان جي باوجود پندرهن ويهه سال پهرين جڏهن فيمينزم جي تحريڪ جو ڪنهن نالو به نه ٻڌو هوندو، سحر جي سچي ۽ مضبوط قلم اسان جي سماج ۾ عورت جي ڪريل حيثيت تي ايڏا ته مؤثر نظم لکيا آهن جو وڌيڪ ماڊرن شاعرائون لکي سگهن ته سندن خوش نصيبي ٿيندي.“ (84)
سحر امداد جا ڪيترائي نظم ان ڳالهه جو حوالو آهن، جهڙوڪ زنا بالجبر، ريپ، اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ وومين، آسڻ جن اريج، روبوٽ، تابوت، ڪجهه سِڪن خاطر وغيره.
هتي سندس چونڊ فيمينسٽ شاعريءَ جو تجزيو پيش ڪجي ٿو. سندس نظم ”تابوت“ ازدواجي رشتي جي نالي ۾ عورت سان ٿيندڙ تذليل ڏانهن اشارو ڪري ٿو. هن نظم ۾ سحر اهو بسترو تخليق ڪيو آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي ڪيترين ئي عورتن جي قسمت آهي، جيڪو آهستي آهستي سوڙهو ٿيندي قبر بڻجي ويندو آهي.
حقيقت اها آهي ته ٽين دنيا جي مسلمان ملڪن جي هر عورت پيدا ٿيڻ کان مرڻ گهڙيءَ تائين پوليس ٿاڻي واري زندگي گذاري ٿي، جتي سندس زندگي ٿرڊ ڊگري ٽارچرسيل مثل آهي، سندس جذبا، احساس، مرضي ۽ منشا ڪابه حيثيت ۽ اهميت نٿا رکن، هوءَ جيئري ئي پنهنجي پوري زندگي تابوت ۾ ليٽيل گذاري ٿي.
تابوت
هي گهر
منهنجو مقبرو آهي
۽ ان گهر جو هڪڙو ڪمرو
بند تابوت
ان ڪمري ۾
هي بسترو منهنجو مدفن آهي!
ڪي ورهيه
صديون
۽ جنم اڳي
منهنجي جيئري وجود کي
”مشڪ“ سان مهڪايل پاڻيءَ جو غسل ڏيئي
”پروفيسي“ ۽ ”پوائزن جي“
مڌر خوشبوئن سان واسي
ڳاڙهي ڪمخواب جو ڪفن ڏيئي
ڳڱريل ڳلن تي آخري چمي ڏيئي
بند تابوت جهڙي ڪمري ۾ لاٿو ويو هو!
۽ ان رات رڳو تارا ئي هئا
جيڪي پوئين پهر
منهنجي موت تي رنا هئا
۽ ان رات
جا رات
سڀني راتين کان وڌ سهڻي هوندي آهي
چوڏهينءَ جي چنڊ پنهنجي مڌر جوڀن جو
نور گگن تان هاريو پئي
ها، ان رات
ان سڀاڳي سدوريءَ رات
بستري جي گهنجيل قبر ۾
دفن ٿي ويئي هئس مان!
اننت اونداهي قبر ۾
هر رات
ڏڦن جيڏا نُنهن ٽُنبي
منهنجي مئل هردي کي جيئاريو ويندو آهي
۽ منهنجي گذريل اعمالن جو
پڇاڻو ٿيندو آهي
پوءِ اها قبر مون تي
سوڙهي ٿيندي ويندي آهي
تان جو منهنجون پاسراٽيون پاسراٽين سان
ڀچي وينديون آهن
پر منهنجون ڪيڪراٽيون
قبر کان ٻاهر
هيڏي گهور سناٽي ۾ به
ڪير سُڻي نه سگهندوآهي! (85)

سحر جو لکيل نظم ”اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ وومين“ عورتن جي حقن جي عالمي ڏهاڙي 8 مارچ جي پس منظر ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ خاص طور سان گهر کان ٻاهر نوڪري ڪندڙ عورتن کي ڪم واري جاءِ تي جنهن مختلف معاشي، جنسي يا ذهني دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، تنهن خلاف مذمت ملي ٿي.
سحر امداد عورت کي همٿائيندي هڪ نئون عزم ۽ حوصلو پنهنجي اندر پيدا ڪرڻ جو درس ڏيندي نظر اچي ٿي. جنهن مان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ سماج جي هر محاذ تي عورت جي عزت ۽ عظمت جي ڀرپور حمايتي آهي، هن نظم ۾ سحرامداد باقاعده عورتن جي حقن لاءِ نعري بازي ڪندي نظر اچي ٿي.
اسٽاپ هريسنگ وَرڪنگ ومين
اٺين مارچ جي ڏينهن او جيڏي!
ٻن اکڙين مان لڙڪ اُگهي ڇڏ
مُرڪي مُرڪي، مَرڪي مَرڪي
هٿ ۾ هڪڙو بينر کڻ تون
۽ پوءِ هڪڙو نعرو هڻ تون
”اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ وِمين!
اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ وِمين!“
سسئي، سهڻي، سورٺ مومل
مارل، نوري، ليلا، ٻاگهل
پنهنجي لوئيءَ جو جهنڊو
اُڀ تائين جهولائي جادل
جهنڊو اُڀ تائين جهولائي
پٽ تي پنهنجا پير کپائي
۽ پوءِ اوچي سُر ۾ ڳائي:
”اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ وِمين!
اسٽاپ هريسنگ ورڪنگ وِمين!“ (86)
سحر امداد جو نظم ”آسڻ جن اريج“ پنجاب صوبي جي مختاران مائيءَ جي نالي سان منسوب ٿيل آهي، جنهن کي جرڳي جي گڏيل فيصلي تحت صرف ان ڪري اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، ڇاڪاڻ ته سندس ڀاءُ علائقي جي ناظم جي ڌيءُ سان پيار ڪندو هو ۽ ضلعي ناظم جي ڌيءَ ساڻس پرڻي لاءِگهران نڪري وئي هئي. سحر امداد، مختاران سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ ظلم جي نهايت دردانگيز انداز ۾ عڪاسي ڪئي آهي. سحر امداد سماج جي بيمار ماڻهن جي بيمار سوچ جي سخت مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ مرد جي بالادستيءَ وحشيانه تشدد، غيرانساني، غيراخلاقي ۽ ٻٽن معيارن تي مشتمل روين، عورت جي سماجي حيثيت کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو آهي. سحر امداد هن نظم ۾ ان فڪر جي نمائندگي ڪئي آهي ته اڄ به اسان جي سماج جي مرد جي سوچ ۽ رويو عورت جي حوالي کان تنگ نظري، غلامانه ۽ ملڪيت وارو آهي.
هوءَ ته پٿر مان ڦُٽي ٿوهر جيان
هوءَ ته رڻ پٽ ۾ وڌي
اَڪ جي ڦُلڙيءَ جيان
هوءَ ته هئي مِٽي
سندس سارو بدن مٽي رڳو
جنهن جو مُلهه ٽڪو به ڪينهي!
*****
اهوئي جسم بي وقعت
بنهه بيڪار
ٿوهر وانگيان ڪنڊا ڦٽل جنهن تي
انهيءَ بيڪار ٿوهر جسم کي هٿ لائبو ڦٽرائبو
۽ سندس چپ
اَڪَ جي ڦلڙيءَ جيان
جو اَڪ جي ڦُلڙي ڄٻاڙيندو
ته اُن جي ساهه کي سوگهو جهليندو
اَڪ جي ڦُلڙيءَ جو زهري کير!
*****
سو
پئنچن جا قانون به پنهنجا:
هٿ جي بدران هٿ
اک جي بدران اک
۽ لڄ جي بدران لڄ!
”او نِرلَڄ!“
هن جي رڙ ٻوڙن ڪنن ڪانه سُئي
پوءِ به هن
اُنهن نر لڄ ماڻهن آڏو ڪيڏو ليلايو هو:
”اي ڀِرا مين تيڏي ڀيڻ هان!“
”اي اَبا مين تيڏي ڌي هان!“
*****
۽ هن جون رڙيون
هُن جون ڪُوڪُون
هن جون دانهون ڪنهن ڪونه ٻڌيون
سڀ ٻوڙا ها!
هن جا ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙڻ ڪنهن ڪو نه ڏٺا
سڀ انڌا ها!
*****
۽ هوءَ وستر هيڻ
سندن ئي وِچ مان
ڪيڏي اسٿرتا سان گذري ويئي
*****
ڇو ته هوءَ فينڪس جيان
پنهنجي لئه باه ۾ سڙي کامي
پنهنجي ئي رک مان ٻيهر ڄمي هئي
۽ هاڻ هوءَ اُها نه هئي
جا هوءَ هئي اڳ ۾
۽ هاڻ هن جي وِهه جو وَرن ٻيو هو!
(آسڻ جن اَريج، تن جي وِهُه جو وَرن ٻيو!) (87)

[b](viii رخسانه پريت چنڙ:
[/b]ڊاڪٽر رخسانه پريت چنڙ جي شاعريءَ ۾ به نسائي شعور محسوس ڪري سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ هن ٻين موضوعن تي به تمام گهڻو لکيو آهي جنهن ۾ سياسيات، سماجيات، رومانويت، جاگيرداراڻا توڙي سرمائيداراڻا قدر شامل آهن، تنهن جي باوجود سنڌي سماج جي ڪلچر جو حصو بڻجي ويل جاگيرداراڻي نفسيات، جنهن ۾ سنڌ جي ناري غير انساني ورتاءُ جو شڪار بڻيل آهي، جي هڪ ڀرپور جهلڪ رخسانه پريت جي شاعريءَ ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿي، سندس هي شعر ڏسو.
لفظ خواهش لغت مان ويو نڪري
هاڻي ڪجهه تي قناعتون آهن
دل ته ڇا ڇا ڪرڻ ٿي چاهي پر
ايڏيون ڪاٿي اجازتون آهن!؟ (88)
بنيادي طرح سان رخسانه پريت جا هي خيال نهايت ئي سادا ۽ سليس آهن، پر انهن سٽن اندر جنهن درد جي احساس، محرومي ۽ تشنگي جو احساس سمايل آهي، اهو پڙهندڙ جي اندر کي جهوري وجهي ٿو. خاص طور سان سنڌي سماج جي عورت لاءِ جنهن جو ماحول گهٽ ۽ ٻوسٽ سان ڀريل آهي، جنهن ۾ عورت جي ٽهڪن ۽ مرڪن تي پابنديون آهن، اها عورت جيڪا اڄ به پڙهيل لکيل هئڻ جي باوجود آزاد ۽ خودمختيار ناهي ۽ مختلف سماجي، خانداني ۽ گهريلو پابندين، ريتن رسمن جي ڪوٽ ۾ قيد آهي.
رخسانه پريت جو نظم”عورت ۽ عقل“ به تمام گهڻو اهم آهي. هوءَ لکي ٿي:
”چوندا آهن ته
عورت جو عقل
پير جي کڙيءَ ۾ هوندو آهي،
ته پوءِ ڇا؟
مائي بختاور
موتيه چوڌري
ليلا خالد
جميلا بوپاشا
زويا انا طوليه
لاگوئن ٿي چائو
اهي سڀ عورتون ناهن؟“ (89)
رخسانه پريت هن نظم ۾ سنڌي سماج جي پدري نظام جي ان سوچ جي نفي ڪئي آهي، جيڪو درحقيقت عورت کي اڌ ماڻهو تصور ڪري ٿو.
اڄ به اسان جي معاشري ۾ اهي چوڻيون عام طور رائج آهن ته ”عورت جو عقل سندس کڙيءَ ۾ هوندو آهي ۽ رات جو اهو به ختم ٿي ويندو آهي.“
بنيادي طرح سان مرد جي اهڙي سوچ پٺيان صدين جي پراڻي حاڪميت واري نفسيات لڪل آهي، جنهن سبب سندس رويو عورت ڏانهن غيرمنصفاڻو ٿيو وڃي. رخسانه پريت جو هي نظم اهڙن مردن لاءِ هڪ آئينو آهي، جيڪي مختلف قسم جون تاويلون گهڙي پنهنجي حاڪميت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ان سان گڏوگڏ هي نظم هڪ پيغام پڻ آهي، جيڪو ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ جي سوچ جي تبديليءَ جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿو.