لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

ھي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ ڊي جي لکيل ٿيسز آھي جيڪا ڊاڪٽر ساجدہ پروين پاران ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي. ڊاڪٽر ساجدہ لکي ٿي:
”هي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ منهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا مون مسلسل پنج سال جاکوڙ ۽ تحقيق ڪندي لکي آهي. هن ٿيسز تي مون کي ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي هئي. در اصل هي موضوع پنهنجي مواد ۾ تمام ڏکيو موضوع آهي، هن ۾ نه ڪنهن شخصيت جا پيرا کڻڻا آهن، نه وري ڪو هن موضوع تي اڳ ۾ ڪو ڪم ٿيل آهي. هي منهنجي لاءِ هڪ وڏي چئلينج هو ته هن موضوع تي مان تحقيق ڪريان. اڄ جي دور جي صورتحال عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي جو فطرتي ڪلچر نه رهيو، نه وري انساني قدر رهيا آهن. رشتا ناتا صرف مفادن جي چوڦير گهمن ٿا. آخر انهيءَ دور کي ڇا چئجي انهيءَ دور جي ڪهڙي اپسٽيم آهي؟ اهو ئي چئلينج هو جنهن کي مون قبول ڪري هن تحقيق ۾ هٿ وڌو.“
Title Cover of book جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر

سنڌي نثر ۾ ماورائيت:

[b]سنڌي نثر ۾ ماورائيت:
(Surrealism in Sindhi Literature)[/b]
دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هر ادبي تحريڪ جا ڪي نه ڪي اوائلي اهڃاڻ اسان کي ضرور اڳ ئي موجود ملندا آهن. اسان ڏٺو ته ماورائيت لاشعور سان وابسته ٽڙيل پکڙيل منجهيل ۽ ڌنڌلن عڪسن ۽ خيالن جي عڪاسي جي تحريڪ آهي. سنڌي ادب جو ان حوالي سان جڏهن مطالعو ڪجي ٿو، ته خبر پوي ٿي، ته يورپ جي باقاعده ماورائي تحريڪ کان گهڻو اڳ سنڌي ادب ۾ ماورائي فڪر جا اهڃاڻ ملن ٿا، جڏهن ته باقاعده تحريڪ طور سنڌي ادب ۾ ماورائيت جي فڪر تحت اهڙو ڪو خاص ادبي ڪم اڃان تائين ناهي ٿي سگهيو. باقي اوائلي اهڃاڻن ۾ سنڌي ادب جا داستان، قصا ۽ ڪهاڻيون جن ۾ جنن، ديون، پرين، سونن وارن واري شهزادي، اڏام کٽولي، جادوئي شيشي، جادوئي مَڻ، سليماني ٽوپي وغيره جو ذڪر اچي ٿو، انهن کي اسان ماورائيت جي عنصرن ۾ ڳڻائي سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته اهي اُهي عڪس آهن جن جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ناهي اهي خالص انسان جي تخيل جي پيداوار آهن. اهي مافوق الفطرت عنصر ۽ تخيل ۾ گڏيل عڪس مونجهاري واري حالت ۾ جڏهن ظاهر ٿيا ته ماورائي تاثر پيدا ڪري رهيا هئا. ان حوالي سان ڊاڪٽر گيان چند لکي ٿو:
”حالانڪ جديد دور ۾ مافوق الفطرت عنصرن تي ٽوڪون ڪيون وينديون آهن پر قديم ادب ۽ ڪلاسيڪي ادب ۾ ڏٺو وڃي ته مافوق الفطرت عنصر عام جام نظر ايندا.“ (18)
خاص طور سان لوڪ ادب سهيڙڻ جي رٿا تحت سنڌي ادب جا ڪيترائي قصا ان حوالي سان مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا، جيئن ”سونن وارن واري شهزادي“ واري قصي ۾ اڏام کٽولي بابت ڄاڻايل آهي:
”ٿوري اشاري تي اڏام کٽولي فرش ڇڏي، عرش تي اُٿي اڏاڻي. هيٺان ويچارو ڪاڻو شهزادو لولاٽ ڪندو رهجي ويو.“ (19)
يا وري ساڳئي قصي ۾ جادوئي مڻ بابت لکيل آهي:
”مهيني ڏيڍ کان پوءِ هڪ ڏينهن اها پوڙهي، شهزاديءَ کي وهنجڻ جي بهاني سان درياءَ تي وٺي آئي جڏهن راڻي ميٽ مٿي ۾ وجهي مٿو ڌوئڻ لڳي تڏهن ڌوتيءَ چيو ته شهزادي، مون کان ڦڻي آڻڻ ته وسري ويئي! مڻ ته ڏينم ته وانءِ ٽپي محلات مان وڃي کڻي اچان.“ (20)
تنهن کان سواءِ سنڌي ادب جي ستن مشهور رومانوي داستانن ۾ به ماورائيت جا عنصر ڳولهي سگهجن ٿا. جهڙوڪ: مومل راڻي جي داستان ۾ ڪاڪ محل جو ٽڪساٽ وغيره.

[b](i شيخ اياز:
[/b]سندس ڪهاڻين جي مجموعي سفيد وحشي جي ٻن ڪهاڻين ”ڪارو رنگ“ ۽ ”شرابي“ لاءِ دعويٰ ڪئي هئي ته اهي سرريئلسٽ آهن. هُو ڪتاب جي شروعات ۾ لکي ٿو:
”منهنجون باقي ٻه ڪهاڻيون ”ڪارو رنگ“ ۽ ”شرابي“ ان ادب جو مثال آهي جنهن کي يورپ ۾ (Surrealism) يا ”حقيقت کان دوري“ چيو وڃي ٿو.“ (21)
هاڻي شيخ اياز جي ڪهاڻين جو جائزو وٺي ڏسون ٿا ته انهن ۾ سرريئلزم واقعي موجود آهي يا نه.
”ڪارو رنگ“ ڪهاڻي هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا رنگ جي بلڪل ڪاري آهي. شيخ اياز ان جي بدصورتيءَ مان خوبصورتيءَ جي پهلوءَ کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شيخ اياز لکي ٿو ته:
”هوءَ رنگ جي ڪاري هئي ڄڻ تئي جي پٺ ڏٺيءَ. جڏهن وهنجي سهنجي منهن کي ڪريم لائي نڪرندي هئي ۽ اها اُس ۾ رِجي ويندي هئي، تڏهن هن جو منهن ٻهڪندو نظر ايندو هو. ڪارو ڪارو خوبصورت رنگ ڄڻ ٽڙي پوندو هو، تون ضرور تعجب ۾ پيو هوندين ته مون هن جي رنگ کي خوبصورت ڪيئن ڪوٺيو!“ (22)
يا وري ٻي جڳهه تي لکي ٿو:
”مان جڏهن به هن کي ڏسندو هوس ته ايئن محسوس ڪندو هوس ته اسين صديون اڳي ڪٿي مليا هئاسين ڪنهن بڙ جي درخت ۾ جهولا ٽنڱيل هيا جن ۾ اسان گڏجي جهوليو هو، ڪنهن نديءَ جي ڪناري تي هڪ ٻئي جي پٺيان ڊوڙيا هياسين، سندس وار هوا ۾ لهرايا ٿي.... هن جو ڪارو رنگ چمڪندو نظر ايندو هو ۽ هوءَ مون کي خوبصورت لڳندي هئي، بي حد حسين!“ (23)
اها آفاقي حقيقت آهي ته ڪاري رنگ سان خوبصورتيءَ ۽ ڪشش جو ڪوبه تصور لاڳاپيل ناهي هوندو، پر ڪارو رنگ اڻ وڻندڙ، اونداهي ۽ مايوسيءَ جي علامت ضرور آهي. اهو شيخ اياز جو تخيل آهي، جنهن ڪاري رنگ مان خوبصورتيءَ جا عڪس ڳولهي ڪڍيا آهن ۽ هڪ بدصورت بي ڍنگي ۽ بدنما شيءِ کي نهايت حسين و جميل ڪري پيش ڪيو آهي.
شيخ اياز جي هن ڪهاڻيءَ جو موضوع توڙي ڇوڪريءَ سان وابسته احساسن ۽ خيالن جي عڪاسيءَ جي لحاظ کان ته سرريئلسٽ ادب ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، پر ڪهاڻيءَ جو
ڊڪشن مڪمل طور سرريئلزم جي نمائندگي نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته هن ڪهاڻيءَ ۾ تجريديت جو عنصر نمايان طور نظر اچي ٿو، ان جي باوجود شيخ اياز جي هيءَ ڪهاڻي سنڌيءَ ۾ اوائلي سرريئلسٽ ادب جو پهريون تجربو ضرور آهي خاص ڪري جنهن وقت
هيءَ ڪهاڻي لکي وئي. اِهو اُهو دور هو، جڏهن ننڍي کنڊ جي ادب ۾ يورپي ادبي تحريڪن بابت اڃا تمام گهٽ ماڻهن کي ئي ڄاڻ هئي. باقي انهيءَ فڪر تحت لکڻ ته شايد شيخ اياز جهڙي ڏاهي ۽ سڄاڻ ماڻهوءَ جي وس جي ئي ڳالهه ڀائنجي ٿي.
شيخ اياز جي ٻي ڪهاڻي ”شرابي“ فڪري لحاظ کان نهايت ئي پختي ۽ ڇرڪائيندڙ آهي. هيءَ ڪهاڻي هوبهو سرريئلزم جي فن ۽ فڪر جو حسين امتزاج آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ شرابي شخص جو ڪردار ڏيکاريل آهي، جنهن جون ٻه مختلف دنيائون آهن، ٻه مختلف ڪيفيتون آهن، هڪ مدهوشيءَ واري جڏهن هو شراب واپرائي ٿو ۽ ٻي هوش ۽ زندگيءَ جي تلخ حقيقت واري. پهرين دنيا سندس موضوعي عڪسن جي نمائندگي ڪري ٿي جڏهن ته ٻي دنيا سندس معروضيت ڏانهن رويي تي روشني وجهي ٿي، هوش واري ڪيفيت ۾ جيڪي جذبا، خيال، احساس ۽ سوچون کيس بي مقصد، اجايا، وقت جو زيان، بدصورت ۽ بدنما لڳن ٿا اهي ئي عڪس مدهوشيءَ واري ڪيفيت ۾ کيس خوبصورت، دل ڪش، جماليات سان ڀرپور ۽ زندگيءَ جي مثبت رويي ڏانهن لاڙن ٿا. مثال طور شيخ اياز لکي ٿو:
”هو پيئندو هو ته جيئندو هو نه ته سندس زندگي موت جيئن خاموش هوندي هئي... شراب سندس جان ۾ عجيب جوش پيدا ڪندو هو، هو اٿي جهومندو هو، ڳائيندو هو، سيٽيون وڄائيندو هو، هوش ۾ کيس شاعرن کان نفرت هئي، جي لفظن جي بازيگريءَ ۾ عمر وڃائي کڳيون هڻن تن سان محبت ڪيئن هوندي! شاعر، اهي خود فريب مداري! پر جڏهن، هو پيئندو هو تڏهن کيس راڳ مان بيحد لطف ايندو هو، سندس روم روم ۾ راڳ جي لهر ڊوڙي ويندي هئي... هوش ۾ هن کي مصورن لاءِ ڌڪار هئي، ڀلا ڇا رکيو آهي شفق جي رنگ ۾! پر جڏهن شراب جي چڪي چاڙهيندو هو تڏهن سندس دل ٿيندي هئي ته وڃي سمنڊ جي ڪناري تي ڊوڙون پايان، سج جي پوئين رنگ جي جهلڪ ڇني وٺان، ڇولين جي جواني ۽ مستي کسي وٺان، جهوليان، لهرايان ناچ ڪريان.“ (24)
ٻين لفظن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته شيخ اياز هن ڪردار ذريعي پڙهندڙن کي ٻن مختلف دنيائن هڪ ريئلزم يا حقيقت واري ۽ ٻي سرريئلزم يا حقيقت کان دوري واريءَ جو ڀرپور سير ڪرايو آهي، هن ڪهاڻيءَ جي صرف هڪ ئي ڪچائي آهي، ڪهاڻي جي انجام، ڪهاڻيءَ جي سموري تاثر کي خراب ڪري ڇڏيو آهي. شايد ليکڪ کي ڪهاڻيءَ جو انجام سمجهه ۾ ناهي آيو ته ڪيئن ۽ ڪهڙيءَريت ڪرڻ گهرجي. ٻليءَ جي ٻلونگڙي کي اجايو موت ڏيڻ جو ڪو خاص سبب سمجهه ۾ نٿو اچي، شايد اها ئي ماورائيت آهي.
تنهن کان پوءِ جديديت جي ادبي تحريڪ هيٺ وجوديت جي فڪر سان سلهاڙيل ڪجهه اديب ملن ٿا جن جي ادبي ڪم کي پڻ اسان ماورائيت جي اهڃاڻڻ ۾ شامل ڪري سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته جڏهن اديب پنهنجي معروضيت کان ڪٽجي داخليت ۾ ٻڏي وڃي ٿو ته پوءِ هو خارجي حقيقت ۽ سچ کي نظرانداز ڪري پنهنجي شعوري ۽ لاشعوري دنيا ۾ گُم ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ بي شمار ڪي واضح ته ڪي ڌنڌلا عڪس ۽ تصور موجود رهن ٿا، انهن عڪسن ۽ تصورن کي ڪوبه ربط يا ترتيب نٿي ٿئي، ڪنهن ڳالهه جو منڍ ته ڪنهن جو وري پُڇ مطلب ته ڪنهن به شيءِ جو ڪو مخصوص سِرو هٿ نٿو ڪري سگهجي. چنڊ جي جوڀن جو ذڪر ڪندي اوچتو ڳالهه الٽي ۽ اٻڙڪن تائين وڃي پهچندي آهي، ڪنهن جوان ناريءَ جي دلڪش انگن جو ذڪر ڪندي وجودي اديب جنسي عمل جي ڪراحت جي نقاشي شروع ڪري ڇڏيندوآهي. اهوئي سبب آهي جو وجودي فڪر ۾ سرت ۽ ساڃاهه جي بجاءِ بي ترتيب ٽڙيل پکڙيل ۽ منجهيل خيالن ۽ جذبن جي اپٽار سڀ کان وڌيڪ هوندي آهي جنهن جي ڪري بي مقصديت جو عنصر وجودي ادب مان واضح طور جهلڪندي محسوس ٿيندو آهي. اهو ئي فڪر ماورائي ادب جو بنياد به آهي، جنهن تي يورپي ماورائي ادب جي سڄي عمارت تعمير ٿيل آهي.

[b](ii مشتاق احمد شورو:
[/b]مشتاق احمد شوري جي ڪهاڻي ”من جي مونجهه ۽ ٻوساٽ“ ان حوالي کان پيش ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ هڪ رولو ڇوڪري جو ڪردار آهي. هي ڪردار مسلسل پريشان، منجهيل ۽ حالتن جي وهڪري ۾ لڙهندي نظر اچي ٿو، سندس زندگيءَ ۾ ڪوبه اتساهه، اميد ۽ معنويت ڪونهي. ننڍي هوندي پاڻ سان استاد پاران ٿيل زوريءَ سبب کيس هر شيءِ مان ڪراهت ٿئي ٿي ۽ پنهنجو پاڻ سميت هر وجود کي گندگيءَ جو ڍير ڀانئي ٿو.
”پر منجهس به ته گندآهي، ڪنو گند، جيڪو رنڊين ۾ آهي، اهو استاد جمن جو هو، هو اٻڙڪا ڪري ٿو ويهي ۽ ايئن ڪري هو استاد جمن جو گند پاڻ مان ڪڍڻ ٿو چاهي.“ (25)

[b](iii مدد علي سنڌي:
[/b]وجودي ادب ۾ شعور جي وهڪري يا مونو لاگ اسٽائيل ۾ جيڪي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، انهن کي پڻ اسان ماورائيت جي اوائلي اهڃاڻڻ ۾ ڳڻائي سگهون ٿا. مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي ”کنڊر“ ان حوالي سان نهايت ئي موثر آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار، جيڪو ذهني مريض آهي، خود ڪلاميءَ وسيلي پنهنجي ذهني حالت کي بيان ڪري ٿو. هن ڪهاڻيءَ جي اهم خاصيت اها آهي ته هن ڪهاڻيءَ جو ڊڪشن ڪافڪا جي ميٽامورفوسس (METAMORPHOSIS) وارن ٽڪرن تي مشتمل آهي.
”۽ منهنجي هن جيون کي ڪوئي انت ناهي!!
ڪائي معنيٰ به آهي ڪنهن چيز کي؟
؟ ؟ ؟
اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن به ڪوئي پنهنجو چهرو آرسيءَ ۾ ڏسي ٿو، ته ڪجهه نه هئڻ جو احساس ٿئي ٿو! ڪجهه نه هئڻ جو احساس؟
؟ ؟ ؟
نه هئڻ جو احساس به ته ڪجهه هئڻ جو احساس آهي، ڇا غور سان هرڪوئي آرسيءَ ۾ پنهنجي چهري کي ڏسي به سگهي ٿو؟“ (26)
سندس اهڙين ٻين ڪهاڻين ۾ ”احساسن ۽ جذبن جو موت“ ۽ ”اڏوهي جيئن ڏکڙا“ شامل آهن.

[b](iv رزاق مهر:
[/b]تنهن کان پوءِ رزاق مهر جي ڪهاڻي ”سڪون ڪٿي آهي“ ۾ به مرڪزي ڪردار داخلي طور سخت اذيت ۽ پيڙا سبب ٻڏتر واري ڪيفيت ۾ مبتلا ڏيکاريل آهي، کيس هڪ ئي وقت ڪيترائي منجهيل ۽ اڻ ٺهڪندڙ شعوري ۽ لاشعوري خيال وڪوڙي رکن ٿا، جنهن سبب سندس سوچ جي ڌارا ۾ ڪوبه ربط ۽ تسلسل نظر نٿو اچي. ڪڏهن ڪردار شعور جي وهڪري تحت بلڪل ئي پنهنجن خيالن ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو ته ڪڏهن وري وکريل ذهني ڪيفيت سبب ذهني مريض بڻجي خود ڪلامي ڪرڻ لڳي ٿو.
”هن جي ذهن ۾ آوازن جو هڪ وڏو طوفان گهڙي آيو، جنهن سان هن جي دماغ جي تندن واروسرشتو ڄڻ ٽڻڻ لڳو...... اسپتال جي مخصوص دوائن جي پکڙيل بوءِ واري ماحول ۾ زندگي ۽ موت جي سرد جنگ جاري هئي، هن جي ڀر ۾ ويٺل ماڻهو سياست تي ڳالهائي رهيا هئا ۽ لسي فرش مٿان ٿڪل ٿڪل قدم اچي وڃي رهيا هئا..... ۽ تڏهن هن کي پنهنجي ٽن سالن جي ڌيءَ ياد اچي وئي جا اڪثر بيمار رهندي آهي.“ (27)

[b](v منير احمد ماڻڪ:
[/b]ماڻڪ جي ناوليٽ ”رُڃ ۽ پڙاڏا“ ۾ به سرريئلزم جا اهڃاڻ محسوس ڪري سگهجن ٿا. ناوليٽ جو اهم ڪردار زندگيءَ جي بي معنويت ۽ بي مقصديت سبب ذهني انتشار جو
شڪارآهي ۽ ٽٽل وجود کڻي ڀٽڪندي نظر اچي ٿو. نفسياتي طور هو پاڻ کي سماج ۾ اڻ ٺهڪندڙ محسوس ڪري ٿو. هن ناول جو اسلوب پڻ شعوري وهڪري وارو ۽ ڪهاڻي خود ڪلامي واري انداز ۾ لکيل آهي، جنهن سبب خيال بي ربط ۽ حقيقت کان ڏورانهان ۽ عڪس گهڻو ڪري تخيلاتي، منفي ۽ منجهائيندڙ آهن.
”ست پيا ٿين اڳو پوءِ ماني به کائي اچان ۽ سگريٽ وٺي اچان، ڀانيان ٿو، سڄي رات جاڳڻو پوندو، جهڙو سوچ رخ اختيار ڪيو آهي.
لڳاتار راتين جي هيءَ جاڳ، هون، علاج ٿيڻ گهرجي ٽرنڪو لائيزر بهتر آهي پر، اوچتو، جيڪڏهن خود ڪشيءَ جو خيال...
هن سانت ۽ اوندهه ۾ ڪيڏي نه مانويت واري پنهنجائپ ٿي لڳي! دل ٿي چوي، زندگيءَ جو سمورو سفر ايئن ئي گذري وڃي زندگيءَ جو سفر، اڪيلو ئي اڪيلو، ڪيڏو اڻانگو، خاموش. (28)

[b](vi اخلاق انصاري:
[/b]سنڌي ادب ۾ اخلاق انصاري اهڙو ليکڪ آهي، جنهن جي ڪهاڻي ”مان ڪائنات آهيان“ بلڪل سرريئلسٽ ادب جي فني تقاضائن مطابق لکيل آهي. هن ڪهاڻيءَ مان تجريديت باقاعده جهلڪندي محسوس ٿئي ٿي، ڪنهن به ڳالهه جو ڪو سروهٿ نٿو اچي، نه ئي خيالن جي ڪا منطق آهي نه ئي ڳالهين ۽ واقعن ۾ ڪو ربط ۽ تسلسل آهي نه ئي ڪهاڻيءَ جي ڪا مقصديت آهي، جيڪو خيال جيڪو واقعو جنهن وقت ليکڪ جي لاشعور تي اُڀريو آهي، ان کي بغير ڪنهن گرامر جي لحاظ کان پني تي اتاريو ويو آهي.
”پياري جهرڪي... تون چُون چُون نه ڪر، منهنجي مٿي تي هٿوڙا ٿا لڳن... اڙي ڏسو نه مڙي، هوءَ منهنجي پين مٿان چڙهي، سڄي ٻانهن تان گهمندي ڪن ۾ گهڙي وئي آهي... امان..... او... امان... تون جهرڪي ته نه آهين... پوءِ ڪن ۾ نه وڃ... منهنجي ڀرسان ويهي ڳالهيون ٻڌاءِ... هو بيڊ نمبر پنجين وارو رات مون کي زوريءَ ڪري ويو، ان جي ته... اڙي جنهن کي گاريون ڏنم اهو ته ٽيون ڏينهن مري ويو... سسٽر مون کي وڻندي اٿئي، هوءَ کلندي آهي، ڪاڪوس ڪرائيندي آهي، ڪاڪوس مان پئسا نڪرندا آهن... چئي پئي جڏهن تون گهر ويندين، اهي سڀ پئسا گڏائي کوڙ ساترا ڏيندي مانءِ... (29)
ساڳي ريت اخلاق انصاري جي ناول ”اڏوهي“ ۾ به ماورائي (سرريئلسٽ) ادب جا ٽڪرا موجود ملن ٿا.
جيڪڏهن سرريئلسٽ ادب جو تنقيدي مطالعو ڪجي ته خبر پوندي ته فن ۾ ته ڪنهن حد تائين سرريئلزم قابل قبول آهي. مختلف الجهيل عڪس، مختلف رنگ ۽ تصويرون وري به ڪو نه ڪو ڌنڌلو تصور يا پيغام ڏسندڙن جي ذهن تائين پهچائين ٿيون، پر ادب ۾ خاص طور سان تخليق اهو ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ مڪمل طرح سان ناڪام ٿئي ٿي. لفظ ليکڪ جي خيالن، احساسن ۽ لاشعور جي عڪسن کي ايترو واضح انداز ۾ نٿا چٽين، سنڌي ادب ۾ به فن يا آرٽ جي حوالي کان سرريئلزم جي فڪر تحت تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. اڄڪلهه خاص طور سان ڪتابن ۽ مئگزين جي ٽائيٽل واري صفحي تي سرريئلسٽ آرٽ تمام گهڻو نظر اچي ٿو، تنهن کان سواءِ ڪجهه مصورن جي سڃاڻپ ئي سررئيلسٽ آرٽ آهي، جيئن خدا بخش ابڙو وغيره، پر ادب ۾ سرريئلزم جي فڪر تحت اڃا تائين ڪو اهڙو خاص ڪم منظرعام تي ناهي اچي سگهيو. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا جيڪي نالا موجوده وقت ۾ ملن ٿا، اهي به سرريئلسٽ ادب جي فڪر کي اڃا صحيح معنيٰ ۾ سمجهي ناهن سگهيا.
ادب ۾ سرريئلزم کي ڪيئن پيش ڪجي اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ڇو ته سرريئلزم جو مطلب صرف تجريديت ناهي، سرريئلزم ۾ به هڪ فڪري ربط آهي، صرف سندس پيشڪش فني طور مختلف ضرور آهي، باقي چرئي جو ڌمچر هرگز ناهي، جديد نفسيات دانن انهيءَ ڳالهه کي واضح ڪيو آهي ته منجهيل۽ ڊپريشن جو شڪار ذهن، لاشعوري خيالن جو شعور ۾ ايندڙ لاڳيتي سلسلي کي روڪي نه سگهندوآهي. درحقيقت انهن خيالن جو ڪو نه ڪو مقصد هوندو آهي، اهو لاشعور جو سونامي هوندو آهي، پر ادب ۾ شعوري وهڪرو صرف ماورائيت ناهي. ماورائي ادب ۽ تجريديت ۾ فرق آهي. اچو ته انهيءَ کي سمجهون:
“Abstract art deals with expressing an idea or feeling in a nonfigurative way. Surrealism is a bit more complex. It largely deals with the ideas of psychology made popular by Sigmund freud, Surrealism can be summarized as anything which deals with the sub conscious through the act of automatism, The Surrealists were famous for depicting figurative paintings of their dreams. But surrealism is not limited to this, but the point of surrealism is to explore the subconscious mind.” (30)
ترجمو: ”تجريدي فن، خيال ۽ فڪر کي ظاهر ڪري ٿو يا انهن احساسن کي جن جي ڪابه معروضي شڪل ناهي. ماورائيت ٿوري گهڻي منجهيل آهي، اها گهڻو ڪري نفسياتي خيالن سان ڏي وٺ ڪري ٿي، جيڪي سگمنڊ فرائيڊ جي ذريعي مشهور ٿيا. ماورائيت کي اسان هن طرح ڏسنداسين ته ڪابه شيءِ تحت الشعور جي ذريعي خودڪار عمل ڪري ٿي. ماورائيت وارا انهيءَ ڪري مشهور هئا ته هنن مصوريءَ ۾ سندن خوابن وارين شين کي شڪل ۾ آندو، پر ماورائيت انهيءَ تائين محدود نه آهي، بلڪ ماورائيت جو اهم نڪتو آهي ته تحت الشعور ۽ لاشعور جي کوج لڳائجي.“

وري ٻئي هنڌ تي لکيل آهي.
“Influenced by the theories of the pioneer of psychoanalysis, Sigmund Freud (German, 1856-1939) the images found in surrealist works are as confusing and startling as those of dreams. Surrealist works can have a realistic, thought irrational style, precisely describing dream like fantasies, it could have a more abstract style, in Surrealism writers invent spontaneous techniques, modeled upon the psychotherapeutic procedure of ‘free association’ as a means to express the workings of the unconscious mind, such as exquisite corpse.” (31)
ترجمو: ”جديد نفسياتي ڇيد ڪندڙ سگمنڊ فرائيڊ جي ٿيوري جي اثر پذيري ۾ تجريدي عڪس جيڪي ماورائيت پسندن ٺاهيا اهي مونجهاري جو شڪار آهن. ڄڻ ته اهي انهن جي خوابن کان شروع ٿين ٿا. ماورائيت وٽ حقيقت نگاري غيرعقلي انداز سان موجود آهي. جيڪا خيالي، خوابن نما، عڪسن کي ٺيڪ طرح تشريح ڪري ٿي سندس انداز ڪجهه تجريدي آهي. ماورائيت ۾ ليکڪن قبر تي خودڪار فنڪاري واري انداز کي پنهنجايو جيڪا ڄڻ ته تحليل نفسيات وارو طريقي ڪار هو، جنهن ذريعي هنن شعوري ڪنٽرول کي رد ڪري تخليق کي لاشعوري محرڪات جو بنياد بنايو، جيئن هڪ شاندار نفيس لاش جو تصور.
انگريزي ادب جيئن “Alice in the wonder land” ۽ “Matrix” جنهن تي فلمون به ٺهي چڪيون آهن، ماورائي خاني ۾ اچن ٿيون، تنهن ڪري اخلاق انصاريءَ جي ڪهاڻي ”مان ڪائنات آهيان“ ۾ ماورائي زمان و مڪان جي بجاءِ نفسياتي مونجهاري کي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن مان غيرعقلي منطق ٺهي ٿي، جيڪا ڪنهن حد تائين ماورائي آهي ۽ شيخ اياز جي ڪهاڻي ”شرابي“ به ماورائيت جي خاني ۾ اچي ٿي.