جديديت پڄاڻان جا سماجي اثر ۽ جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا:
(Social Effects of Post-Modernism and Electronic Media)
جديد سُڌسماءَ جي ذريعن ميڊيا، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون دنيا کي هاڻي ننڍڙي ڳوٺڙي (Global Village) ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هزارين ميلن جي مفاصلي جون خبرون ۽ صورتحال سيڪنڊن اندر دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پهچي وڃن ٿيون، پر جديد سُڌسماءَ جي ذريعن انسان کي جيترا فائدا پهچايا آهن، اوترائي نقصان پڻ، ڇاڪاڻ ته بنيادي ڳالهه ڪنهن به شيءِ جي ايجاد جي نه پر ان جي استعمال جي هوندي آهي. پهريان ميڊيا مختلف واقعن ۽ حالتن جون خبرون ڏيندي هئي، پر هاڻ ميڊيا هٿرادو مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻ خبرون ٺاهيندي آهي. خبرن کي سنسني خيز ٺاهڻ لاءِ اصل پيش آيل واقعن کي ٽوڙي مروڙي حقيقت ۽ سچ جي اصل صورت ئي تبديل ڪري ڇڏيندي آهي ۽ عوام اهوئي ڪجهه ڏسندو آهي، جيڪو هن کي ميڊيا ڏيکاريندي آهي. ميڊيا هٿرادو اشوز ٺاهي ماڻهن جي راءِ هموار ڪندي آهي. جيئن سنڌ ۾ ڌرڻن، جرڳن، قبائلي جهيڙن، ٽارگيٽ ڪلنگ، سوسائيڊ بمبنگ، ڪاروڪاري ۽ پريمي جوڙن جو ڪلچر ميڊيا جو پيدا ڪيل آهي.
جديد ميڊيا سڌي توڙي اڻ سڌيءَ طرح عوام جي زندگين تي اثرانداز ٿئي ٿي. ان حوالي کان واپاري توڙي ملٽي نيشنل ڪمپنين، جديد ميڊيا کي پنهنجي مفادن خاطر خوب استعمال ڪيو آهي، پنهنجين شين کي وڪڻڻ لاءِ ڪهڙيءَ ريت مشهوري ڪرڻي آهي جو اهي ماڻهن جي ضرورت بڻجي وڃن. K&Ns، KFC، McDonalds، Samsung ۽ Nokia موبائيل فون، يوفون سم ۽ ڪارڊ، Dove شيمپو، Pampers جا ڊائيپر، HP جا ليپ ٽاپ، evo ۽ Wingle جا نيٽ پيڪيج، سڀ گليمر جو حصو ۽ ڪمائيءَ جا ڌنڌا آهن. مختلف ايجادن کي مشهور ڪري ماڻهن جي ضرورت ڪهڙي ريت بڻائڻو آهي، ميڊيا اهو فن ڄاڻي ٿي. ميڊيا ذريعي جڙتو ڪردار فيشن جي نالي ۾ پيدا ڪيا وڃن ٿا. ٽي ويءَ جي دنيا ۾ ڪهڙي اسٽائيل جا ڪپڙا پائڻا آهن، ڪهڙو ميڪ اپ ڪرڻو آهي، وار ڪهڙي اسٽائيل ۾ ٺهرائڻا آهن، سڀ نقلي گليمر جو حصو ۽ اصلي فطرت کان ڪٽيل ٿئي ٿو، پر عام ماڻهو بغير سوچڻ سمجهڻ جي ميڊيا جي انڌهي پيروي ڪري ٿو ۽ خاص طور سان نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون انهن Trends کي فيشن جي نالي ۾ پنهنجائيندي فخر محسوس ڪن ٿا. مختصر طور ميڊيا، مايا جي دنيا پيدا ڪري ماڻهن کي ايترو ته منجهائي ڇڏيو آهي، جو سچ ۽ ڪوڙ، اصل ۽ نقل جي فرق کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
Many Social observers speak of television as representing the post-modern psychological and cultural condition. It presents a multitude of images that are readily detached from their reference to reality, images that circulate and interact in a ceaseless, center less flow. (11)
انهيءَ جو سبب اهو آهي ته جديديت پڄاڻان سچ ۽ ڪوڙ ۽ صحيح ۽ غلط جي فلسفي کي سِري کان ئي رد ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري سماج تي انهيءَ جا اثر تمام گهڻا اگرا پيا آهن. ڪنهن به سماج جو جوهر ان جا طئي ٿيل اصول ۽ قدر ئي هوندا آهن، جيڪي سچ ۽ ڪوڙ جي فڪر جي چؤگرد گهمندا آهن، پر جڏهن قدر ئي رد ٿي وڃن ته پوءِ ماڻهوءَ جو ڪوبه ضمير ۽ دين ايمان نٿو رهي.
مطلب ته انسانيت جو بنياد کوکلو ٿيو پوي ۽ انسان ۽ انسانيت جو فڪر ڪابه معنيٰ نٿو رکي، پوءِ فقط ذاتي ۽ وقتي مفاد وڃي بچن ٿا، جيڪي انارڪي پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. اِهوئي سبب آهي جو موجوده سماج ۾ تمام گهڻي انارڪي ۽ بيچيني ڦهلجي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سماج جو بنياد جن اصولن ۽ ضابطن تي رکيل هو، اهي ٽٽي فنا ٿي ويا آهن.
جيتوڻيڪ جديديت پڄاڻان اها دعويٰ ڪري ٿي ته ماضيءَ ۾ ضدن جو فلسفو طبقن، نسلن ۽ جنسن جي استعمال لاءِ ٿيندو هو، تنهن ڪري اهو اهڙن ضدن کي ئي رد ڪري ٿو، پر ڏٺو وڃي ته هن نئين دور ۾ خود پنهنجي بيهڪ ۽ ضابطي جي ڪا سگهه ناهي، تنهن ڪري ضدن جي خاتمي ٿي وڃڻ تي ٻنهي کي صحيح ۽ ٻنهي جي فتح ٿيڻ لاءِ win+win جو فلسفو ڏنو ويو، جيڪو سماج اندر وڏي انارڪي ڦهلائي رهيو آهي، ڇو ته چور ۽ ڀاڳيو ٻئي کٽن ته آخر غلط ڪير آهي، پر غلط جو فڪر جديديت پڄاڻان رد ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هر شيءِ جائز ٿي ويئي يا هر شيءِ غلط ٿي.
انهيءَ ڪري ليوٽارڊ (Lyotard) چيو هو ته:
”جڏهن مارڪس غلط ٿي سگهي ٿو ته هر شيءِ غلط ٿي سگهي ٿي.“