ماورائي تحريڪ جي تاريخ ۽ پس منظر:
(History and Background of Surrealism)
ماورائيت اصطلاح کي سڀ کان پهريان يورپ جي ادبي دنيا ۾ 1917ع ۾ متعارف ڪرائيندڙ شخصيت گئليم اپولينيئر (1918-1880) جي هئي. هو مشهور فرانسيسي شاعر، افسانه ۽ ڊرامه نويس، ناول نگار ۽ ادبي نقاد هو. تنهن کان پوءِ ماورائيت اصطلاح ۽ ماورائي تحريڪ جو باقاعده بنياد فرانس جي ئي مشهور شاعر ۽ ليکڪ اينڊري برٽن، (Andre Breton) (1966-1896)، 1924ع ۾ ان وقت وڌو، جڏهن هن ماورائي تحريڪ جو منشور “The Surrealist Manifesto” لکي پڌرو ڪيو.
ماورائي تحريڪ جي تاريخ بابت ڪرسٽوفر بگس بائي لکي ٿو:
“Guillame Apollinaire coined the term in 1917 and Andre Breton, as the principal the oretician and chief propagator of the movement, immortalized it in his first surrealist manifesto published in 1924.” (6)
ترجمو: ”سرريئلزم جو اصطلاح 1917ع ۾ گئليم اپولينيئر ڏنو، جڏهن ته ان جا اصول ۽ قانون طئي ڪري، ان تحريڪ کي ڦهلائيندڙ اينڊري برٽن هو، جنهن سرريئلزم جي پهرين منشور جيڪو 1924ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين، ۾ انهن ڳالهين کي واضح ڪيو.“
ماورائي تحريڪ جي شروعات پهريئن مهاڀاري جنگ کان پوءِ تقريباً 1920ع کان ٿي. ماورائي تحريڪ داد ازم يا ڪيوب ازم تحريڪ مان اسريل آهي. بنيادي طرح سان پهرئين مهاڀاري جنگ جي خطرناڪ ۽ خوفناڪ حالتن ۽ صورتحال، انسان کي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن، ويڳاڻپ ۽ مايوسين جي ڪُنَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، جنهن جو منطقي نتيجو اهو نڪتو ته انسان اندر ئي اندر ۾ اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويو. تنهن کان پوءِ ان دور جي مڪينيڪل نظام انسان جي ذات جي دائري کي اڃان به سوڙهو ڪري ڇڏيو. اهڙين حالتن
دوران انسان بغاوت ڏانهن مائل ٿيو، اهوئي سبب هو جو داد ازم تحريڪ به ادب، موسيقي، فلسفي ۽ مصوري غرض دنيا جي هر شيءِ کان بغاوت کي جنم ڏنو. هي تحريڪ هر قسم جي سماجي، اخلاقي، مذهبي اصولن ۽ قدرن کان وانجهيل هئي. اهڙي بغاوت جو عڪس اسان کي وجوديت ۽ سرريئلزم ۾ به ملي ٿو، جنهن جو اهم مقصد ادب ۽ فن ۾ عقليت بجاءِ هڪ عجيب، بي ڍنگي ۽ مزاح سان ڀرپور مذاق کي جنم ڏيڻ ۽ لاشعوري تجريد کي ڀرڻ هو. ان جو بهترين مثال جڳ مشهور موناليزا جي تصوير ۾ منهن تي مزاح خاطر مڇون ٺاهڻ آهي. ان کان سواءِ ٻيا به کوڙسارا تجريدي عڪس پيش ڪرڻ آهي. مثال: ماڻهوءَ جو منهن گانگٽ ۽ بدن وڻ جي ٿڙ جهڙو ٺاهڻ وغيره. بهرحال دادا ازم تحريڪ ڪجهه وقت کان پوءِ غيرسنجيده، بي ترتيب خيالن، هسٽيريائي ۽ منفي رجحانن سبب پنهنجو اثر وڃائي ويٺي ۽ جلد ئي 1920ع دوران سرريئلزم تحريڪ ۾ ضم ٿي وئي.
ماورائي تحريڪ جي تاريخ ۽ پس منظر بابت برٽينيڪا انسائيڪلوپيڊيا ٻڌائي ٿو:
“Surrealism movement in visual art and literature flourishing in Europe between world wars I & II. Surrealism grew principally out of the earlier Dada movement.” (7)
ترجمو: ”ادب ۽ فن جي تحريڪ سرريئلزم، يورپ ۾ پهرئين ۽ ٻي مهاڀاري جنگين جي وچ واري عرصي دوران اُڀري. سرريئلسٽ تحريڪ بنيادي طرح سان دادا تحريڪ مان ڦٽي نڪتي آهي.
تخليقي سطح تي دادا ازم کان پوءِ سرريئلسٽ تحريڪ جو نهايت وسيع اثر نظر اچي ٿو. ڪيترائي اديب ۽ شاعر جيڪي دادا ازم تحريڪ جا حامي هئا، بعد ۾ سرريئلزم سان وابسته ٿي ويا، انهن ۾ سرريئلزم جو باقاعده بنياد وجهندڙ ۽ منشور لکندڙ اينڊري برٽن (Andre Breton) سڀ کان مٿانهون آهي.
اينڊري برٽن جو خيال هو ته انساني دماغ کي منطق ۽ دليلن کان آزاد هئڻ گهرجي، هن فطرت جي بي پناهه قوتن خلاف فن جي بغاوت ۽ غيرعقلي قوتن جي مڪمل آزاديءَ جو اعلان ڪيو، يورپ اندرماورائي تحريڪ جو اهم مرڪز پيئرس رهيو پر پوءِ فوراً ئي ماورائي تحريڪ پوري دنيا جي ادب، موسيقي، مصوري، فلسفي، سماجي نظرين، سياست ۽ مختلف ملڪن ۽ ٻولين جي فلمي دنيا تي ڇانئجي وئي. هن تحريڪ انگلينڊ، ڊين مارڪ، فرانس، بيلجيم، آسٽريا، جاپان، جرمني، اٽلي، رومانيه، پرتگال، ڪينيڊا، رشيا، اسپين، ميڪسيڪو، سئزرلينڊ، ڪيوبا ۽ آمريڪا وغيره جي ادب، فن ۽ فلسفي تي ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ اثر ڇڏيا. ماورائي تحريڪ جو سڀ کان وڌيڪ اثر فرانسيسي شخصيتن ورتو. جهڙوڪ: فلپي سوپولت (Philippe Soupault)، لوئي ايراگون (Louis Aragon)، بينجمن پرت (Benjamin Pert)، پائول ايلائرڊ (Paul Eluard) ۽ ريني ڪريويل (Rene Crewel) وغيره. بريٽن ۽ سوپولت 1919ع ۾ گڏجي “The Magnetic fields” ڪتاب لکي، ادب ۾ خوابن جي بنياد تي بي ترتيب ۽ بي ساخته خيالن جي اظهار جي باقاعده فني طور سڀ کان پهريان شروعات ڪئي.
“The magnetic fields, considered by many to be the first surrealist text, was important to the movement’s developments.” (8)
ترجمو: ”‘Magnetic fields’ جو متن پهريون ماورائي متن سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو هن تحريڪ جي نشونما لاءِ اهم هو.“
خاص طور سان لاشعور ۽ تحت الشعور جي نظرين تحت انسان جي داخلي دنيا جي انتشار جي عڪاسي هن ڪتاب جو اهم موضوع آهي. ماورائيت جي نمايان ليکڪن ۾ اينٽونيو آرٽنڊ (Antonio Artand)، وليم بوروف (William Burroughs)، سموئيل بيڪٽ (Samuel Beckett)، جان جينٽ (Jean Genet) ۽ ايجين آئيونسڪو (Eugene Ionesco) شامل آهن، جن جي لکڻين کي اڳتي هلي بحث هيٺ آڻينداسين.