پنهنجي پاران
انسان جي زندگي هڪ سفر آهي. جيڪا ننڍپڻ، جواني ۽ پوڙهائپ کان پوءِ ختم ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح انساني زندگيءَ ۾ به ڪيئي سفر شامل هوندا آهن، جتي انسان زندگيءَ جا عجيب واقعا ۽ منظر ڏسي دنيا کي مزي سان گهمي ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو. انسان کي ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري سفر لازمي ڪرڻو پوي ٿو. جنهن مان هو تاريخي مشاهدا ۽ تجربا حاصل ڪري وٺي ٿو. درياهه هُجن يا ڍنڍون، ملڪ هجن يا تاريخي عمارتون، آثارِ قديمه هجن يا عجوبه، جزيرا هجن يا جھنگ، برف پوش پهاڙ هجن يا برپٽ، سمنڊ هجن يا عجيب برفاني گليشيئر هجن. انسان انهن شين کي ڏسي شوق پورو ڪرڻ جي آس اندر ۾ رکي ٿو.
راورٽي، اليگزينڊربرنس، جين فيئرلي، سنڌو درياهه جي منڍ کان ڳولهڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍي درياههِ سنڌ جي پڇڙيءَ تائين سفر ڪيو. سنڌ مان نڪرندڙ درياهن ۽ ڍنڍن جي ڄاڻ ڏني. رچرڊ برٽن ۽ ڪيپٽن جي_ ايڇ_ سپڪ اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ درياءِ نيل جو گهڻين تڪليفن کان پوءِ منڍ ڳولهي لڌو. سپڪ ڪراچي منگهو پير ۾ به اچي پهتو، جتي هن خطرناڪ مانگر مَڇن مٿان ٽپا ڏئي پنهنجي هڪ انگريز دوست کان سؤ روپئي جي شرط کٽي ورتي هئي. رچرڊ برٽن هندستان کان علاوه عرب ملڪن جو به سفر ڪيو. ايتري قدر جو هن مسلمانن جو ويس پائي حج جي موقعي تي مَڪي شريف کي به گهمي ڏٺو. برٽن عربي زبان سِکي ورتي ۽ ڪتاب ”الف ليلى“ جو پهريون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. انهيءَ ڪاوش ڪري هن کي ”سَرِ“ جو خطاب مِليو. اهڙي طرح ڪيپٽن اسڪارٽ 18 جنوري 1910ع ۾ سوين ميلن ۾ برفاني گليشيئر پار ڪري قطب جنوبي وڃي پهتو. جتي انسان جي ناممڪن پنڌ کي مُمڪن بڻايو. اهڙي طرح رابرٽ ايڊون پيئري قـطب شمالي تي 6 اپريل 1909ع تي آمريڪا جو جھنڊو لهرايو. واسڪوڊي گاما هڪ ملاح هو، هن پنهنجو سفر 8 جولاءِ 1497ع تي شروع ڪيو، جيڪو سفر ٻه سال ٻن ڏينهن تي مشتمل آهي. هن ان ٻن سالن ۾ چويهه هزار ميل فاصلو طئه ڪيو. روزانو تقريباً 35 ميل سفر ڪندو هو. 1503ع ۾ وفات ڪري ويو. سفر جي دنيا ۾ ڪولمبس جو وڏو نالو آهي. جيڪو هندستان ڏانهن دولت جي تلاش ۾ نڪتو پر اوچتو وڃي سانُ ڊياگو جزيري آمريڪا تي وڃي پهتو. ڪولمبس پنهنجو سفر 3 آگسٽ 1492ع تي سانتاميرا جھاز ذريعي شروع ڪيو هو.
الطاف شيخ جنهن سموري دنيا لتاڙي سفر نامو لکڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. هن دنيا اندر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي باري ۾ معلومات ڏني آهي ۽ هن جي سفر جو سنڌ ئي محور رهي آهي. اهڙي طرح اشتياق انصاري، انورپيرزادو ۽ بدرابڙو درياهه سنڌ جو سفر به يادگار سفرن منجھه شامل آهي، جنهن ۾ هنن سنڌؤَ درياهه جي ڪنارن تي رهندڙ قومن ۽ قبيلن جي ڪلچر کان واقف ڪيو آهي.
منهنجي هن سفر نامي لکڻ جو سبب اهو آهي ته مختلف صوبن جي ماڻهن جي ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻيءَ کان آگاهه ڪرڻو اٿم. اسان پاڪستان جا چارئي صوبا گهمي ائين محسوس ڪيو ته اسان هن ڪائنات جي زميني ٽڪري تي هڪ ننڍڙي خوبصورت جزيري جو سير ڪري رهيا هجون. جتان جا ماڻهو خوبصورت، جتان جو ڪلچر شاهڪار، جتان جون ٻوليون مٺڙيون، جتان جي تهذيب هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ هجي، جتان جا درياهه نيل ۽ دجلا کان وڌيڪ خوبصورت ۽ پوتر هجن، جتان جا اولياءَ، درويش ڪامل ۽ صوفي منش هئڻ سان گڏ روحاني رمزون رکندڙ هجن، معدنيات، ميوات، اناج جا ڍير، ماڻهن جي خوراڪ لاءِ ڪافي هجن، اهڙي خوش نصيب ڌرتيءَ جي ڪيتري به تعريف ڪجي اها گَهٽِ آهي.
اڪادمي ادبيات پاڪستان پاران اسان کي اهو اعزاز بخشيو ويو جو پهريون ڀيرو پاڪستان جي سمورن صوبن جي اهلِ قلم، اديبن ۽ دانشورن کي ”بين الصوبائي مطالعاتي دؤري“ جي نالي سان پاڻ ۾ ملڻ ۽ گڏجي سفر ڪرڻ جو موقعو ڏنو، جتي پاڻ ۾ ملڪ جي بقا، هم آهنگي، پيار، امن ۽ ايڪي جو کُليءَ دل سان اظهار ڪيو ويو. هن سفر جي وڏي خوبي اها هئي جو مختلف صوبن جي عام ماڻهن جي زندگي ۽ خيالن بابت ڄاڻ ملي. هي ملڪ زرخيز ۽ معدنيات سان مالامال ضرور آهي، هن ملڪ جي تقدير سنوارڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ خاص اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان جو عوام پنهنجي تقدير بدلائڻ ۾ پاڻ اڳتي نڪري اچي ته هي ملڪ دنيا جي مالا مال ملڪن ۾ شمار ٿيندو.
ڪتاب جا پروف ڏسڻ ۾ مريد سنڌيءَ جون به ڪاوشون شامل آهن. اُميد ته منهنجو هي سفرنامو دوستن کي هن ملڪ جي ماڻهن جي سياسي، سماجي، مزاجن، ريتن، رسمن، ثقافت ۽ خوبصورت علائقن بابت بهترين ڄاڻ فراهم ڪندو.
[b]بشيرمنگي[/b]
III/7 بئراج ڪالوني، سکر
bashirmanig2000@gmail.com
0333-2927374
0345-3900325