پرائيم هوٽل، فيصل آباد
اهڙي طرح نيو لاهور، پينسره کان ٿيندا تقريباً 3:15 وڳي منجھند جو فيصل آباد پهتاسين. فيصل آباد شهر پلاننگ تحت ٺهيل آهي هي پاڪستان جو مانچسٽر آهي هتي ٽيڪسٽائل ملون جام آهن اسان جي وين علامه اقبال روڊ تي ڌوٻي گهاٽ سامهون پرائم هوٽل وٽ بيهي ٿي. اسين هوٽل اندر داخل ٿي رسيپشن ڀرسان صوفن تي ويٺاسين، هوٽل جا بيرا اسان جو سامان وين مان لاهي، هوٽل اندر کڻي اچن ٿا. ٿوري دير ۾ ڪمرن جون چاٻيون اسان کي هٿن ۾ ڏين ٿا. ارشاد ۽ مون کي چوٿين فلور تي ڪمرو ملي ٿو. اسان جي سامهون فرحان دراني ۽ درويش دراني کي ڪمرا ملن ٿا باقي ٻين کان ٽئين فلور تي ڪمرا ملن ٿا هوٽل نهايت شاندار آهي فائيو اسٽار هوٽل جيان سڀ سهولتون موجود آهن مون فرج مان پيپيسي جي بوتل ڪڍي پيتي ۽ ڪرسيءَ تي ڪنڌ لٽڪائي ٿورو آرام ڪيو. اوچتو درکڙڪيو جميل آيو چيائين ته منگي صاحب ڪا تڪليف ته ڪانهي. مون وراڻيو نه جميل مهرباني، چيائين ته ماني تيار آهي. محسن ڀوپالي ڪارن فليڪس کي ترجيع ڏئي رهيو هو. سفر دوران ڪارن فليڪس ۽ ڏهي پئي کاڌائين. اسين ڪمرن ڏانهن وياسين ته قاضي صاحب رسيپشن وٽ اسان کي چيو شام 7:00 وڳي تيار رهندا، ارشاد چيو ته بشير سمهين ٿو ڇا؟ چيم هائو. چيائين ته جيڪڏهن توکي فيصل آباد شهر گهمڻو آهي ته ننڊ نه ڪر هي وقت اٿئي پوءِ نه ملندئي مون به مناسب سمجھيو ته قسمت سان آيا آهيون ٻيهر شايد اچون الائي نه ، تنهن ڪري موقعي مان فائدو وٺجي. مون ارشاد کي هائو ڪئي اسين ٻئي هوٽل کان ٻاهر آياسين ساڻ فرحان دراني کي به کنيوسين. تاج جويي ملتان ۾ سرگرمين جي خبر ٺاهي ڏني هئي. جيڪا مون رسيپشن تان حيدرآباد ڪاوش اخبار کي فيڪس ڪئي. هوٽل ۾ فون فيڪس ۽ ٽيليڪس جي سهولت موجود آهي اسين هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين ارشاد چيو ته ٻه ٽي خط پوسٽ ڪرڻا آهن. مون پوسٽ آفيس بابت فٽ پاٿ تي بيٺل همراهه کان پُڇا ڪئي. ان همراهه سان گڏ ٻيا دوست بيٺل هئا، هو بئنڪ جا ملازم هئا، بئنڪ جي گيٽ تي بيٺا هئا. اسان هنن سان اردو ڳالهائي رهيا هئاسون پر هو يارڙا مسلسل پنجابي ۾ جواب ڏيئي رهيا هئا حيرت ٿي ته اسان وٽ ڪو به ڌاري ٻوليءَ جو مهمان شهر ۾ ايندو آهي ۽ ماڳ مڪان جي پُڇا ڪندو آهي ته اسان ان کي اردو ۾ جواب ڏئي راهه ڏسيندا آهيون. هي يارڙا اردو سمجھن ٿا، پر ڳالهائن ڪو نه ٿا. اسين پوسٽ آفيس جو پتو وٺي اڳتي وڌياسين، بازار لتاڙي ارشد مارڪيٽ ۾ پهتاسين، جتي پوسٽ آفيس آهي پوسٽ آفيس جي گيٽ تي سيمينٽ جا ٺهيل ٻه دٻا لڳل هئا، جن ۾ ارشاد اهي خط وڌا، مون سيمينٽ جا ٺهيل دٻا صرف فيصل آباد ۾ ڏٺا. باقي عام طور لوهه جا ٺهيل هوندا آهن. جيڪي ملڪ ۾ عام آهن. ارشد مارڪيٽ ڪپڙن جي هول سيل جو وڏو مارڪيٽ آهي، هتي پري پري کان ڪپڙن جا واپاري اچي ڪپڙو خريد ڪندا آهن، هن مارڪيٽ ۾ ڪپڙوسستو ۽ سٺو ملي ٿو بازار گهمندي لگيج جي دوڪان لڳ فٽ پاٿ تي بيٺاسين، اتي هڪ ريڙهي تي روزمرهه جي استعمال جون شيون رکيل هيون، قيمتون پڇائڻ لڳاسين، ريڙهي واري چيو ته اوهين سنڌ کان آيا آهيو. اسين هائو ڪئي، هن چيو ته اجرڪ جي هتي گهڻي گهرج آهي، هتي اجرڪ مهانگي اگھه تي وڪامي ٿو، ريڙهي واري ٻڌايو ته هر سال قلندر شهباز جي ميلي تان واپسي وقت سکر مان درجن جي حساب سان اجرڪ وٺي هتي وڪڻندو آهيان، مون کي اجرڪن مان سٺي ڪمائي ٿيندي آهي. ڀاڙو به نڪري ايندو آهي چيائين ته سکر ۾ مان ڪجھه عرصو رهيو آهيان. هن اسان کي پنهنجائپ مان چانهه جي آفر ڪئي. اسين هن کان موڪلائي اڳتي هلياسين، هو هلڪي ڦلڪي اسان سان سنڌي ڳالهائي پيو.
پاڪستان چوڪ مرڪز آهي جتي سموري فيصل آباد شهر جا اَٺَ رستا ملن ٿا. بازار منجھه ڦٽ پاٿ تي ڀاڄين وارن جا ريڙها آهن، لڳي ٿو ته سبزي مارڪيٽ هتي شايد ڪونهي، هتي ئي سڀ ڪجھه وڪامجي ٿو مون ڦٽ پاٿ تي ريڊي ميڊ ڪاٽن جي ڪپڙن جي جوڙن کي ڏسڻ شروع ڪيو، جيڪي فٽ پاٿ جي لوهي گرل تي ٽنگيل هئا. ارشاد وڃي شرث جي ريڙهي تي بيٺو جتان هن ٻه شرٽس خريد ڪيون. شرٽس سستيون مليس ٿورو اڳتي هلياسين ته ڪتابن جو دڪان هو ارشاد ڪتاب جاچڻ لڳو. تقريباً ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ ارشاد اڃان تائين ڪتاب ڏسي رهيو هو. مان ۽ فرحان دراني رستي تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي ڏٺو پئي. هتان جون عورتون قدآور سهڻيون ۽ بلوري اکين واريون آهن. مرد قداور، پهلوان ۽ فراخدل آهن. اسين دوڪانن ۽ ماڻهن کي ڏسي تنگ ٿي پياسين، ڄنگهن مان ساهه ڇڏي ويو پر ارشاد ڪتابن جي پچر نه ڇڏي. اوچتو فرحان کي پيٽ ۾ تڪليف ٿي، جنهن ڪري فرحان چيو ته منگي ڀائي هاڻي هل! ارشاد کي چيم يار فرحان کي پيٽ ۾ تڪليف آهي، مان هن کي هوٽل تي پهچايان. ارشاد کان دڪان تان موڪلائي، اسين هوٽل تائين پنڌ آياسين. واٽ تي فرحان چيو ڪيئن رهي ارشاد کان جان ڇڏائڻ واري ٽل، مان حيران ٿيس ۽ اڳتي هلڻ لڳس اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ارشاد به ڪمري ۾ آيو. جنهن کي هٿن ۾ ڪتاب جون ٻه ڀريل ٿهيليون هيون. مون ڪتابن تي هڪ نظر وڌي ۽ ارشاد ٽي وي ڏسڻ لڳو.
اسان تيار ٿي شام جو 7:00 وڳي هيٺ پهتاسين وين ۾ ويٺاسين، گرمي جوش ڇڏي چڪي هئي. سج شام جي گهونگهٽ واري پردي ۾ هو. اسين فيصل آباد شهر جي عمارتن کي وين جي شيشن مان ڏسي رهيا هئاسون.