خيبر بئنڪ طرفان نارٿ ويسٽ هيريٽيج هوٽل ۾ آجياڻو
رات جا 8:45 ٿيا آهن. تاج ڪمري ۾ آيو چيائين يار! اڃا تيار نه ٿيا آهيو ؟جلدي ڪيو سيد ولي خيال ۽ ٻي سنگت هيٺ بيٺي آهي. ٿوري دير ۾ اسين گاڏين ۾ ويٺاسين. 9:00 وڳي اسين نارٿ ويسٽ هيريٽيج هوٽل تي پهتاسين. آءٌ رسيپشن تي آيس ٻيا دوست مٿي هليا ويا. جتي ڊنر جو بندوبست هو، رسيپشن تي ويٺل هڪ همراهه کي گذارش ڪئي ته يار ٽي وي تي خبرون ٻڌڻيون آهن. هن مون کي ڪمري جي چاٻي ڏني، هڪ بيرو به ساڻ ڏنائين. جنهن ڪمرو کولي ٽي وي هلائي ڏني. ٿوري دير ۾ آغا نور محمد، تاج جويو، ارشاد، لياقت جوڻيجو ۽ فرحان ڪمري ۾ آيا. خبرون هلي رهيون هيون، ٿوري دير ۾ ٽي وي تان وزيراعلى سرحد سان ٿيل ملاقات جي خبر هلي ۽ ساڻ تصوير به، منهنجي تصوير ۽ پنجاب جي اديبن جون صاف تصويرون آيون. اسين ڏاڍا خوش ٿياسين. ارشاد کلي ٽي وي تي تصوير نمايان اچڻ تي مبارڪ ڏني ۽ چيائين ته ٻين جا منهن ئي لهي ويا اٿئي يار! مان ٽهڪ ڏئي اڳتي وڌيم، ڪمري کان ٻاهر نڪري مٿي هال ۾ آياسين. اوپن ايئر هال ۾ سرحد صوبي جي ثقافت جون شيون موجود هيون. پشتو ۾ راڳ هلي رهيو هو. طبلي تي هڪ پشتون لباس ۾ ملبوس راڳي ٺاهوڪي ڌن هنئي هئي. جنهن تي پروفيسر غلام رسول آزاد صاحب نچي رهيو هو. آزاد صاحب ٻين دوستن کي آفر ڪئي ته هو به ناچ ۾ شريڪ ٿين. غلام رسول جي خواهش تي طبلچي پنجابي ڌن هنئي ۽ آزاد صاحب ڀنگڙا ناچ نچي رهيو هو. طبلي جي ٿاپ تي اسان به جھومي نچي رهيا هئاسين. مان ادل سومرو ۽ آغا نور محمد، ارشاد، تاج جويو، لياقت ۽ فرحان ڪوڙل مٿي ٺهيل اسٽيج تي طول وهاڻا ڏئي ويٺاهئاسون. ڀرسان گلن جون ڪونڊيون رکيل هيون. گلن مان اسين واس وٺي رهيا هئاسون. هيٺ ڪرسين تي پنجاب جا اديب ويٺل هئا. افغاني کاڌا اسان جي اڳيان رکيا هئا. اسان جي اڳيان چپلي ڪباب، مڇي، چڪن تڪا، مٽن روسٽ جيڪي ٺڪر جي ننڍڙي ڪنين ۾ ڍڪيل هئا. هي ڊنر اسان جي مان ۾ خيبر بئنڪ وارن ڏني هئي. اسان جو مختصر تعارف بئنڪ جي آفيسرن سان ڪرايو ويو، خيبر بئنڪ طرفان آجيان ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر محسن ۽ ٻيا بئنڪ آفيسر شامل هئا. ڊاڪٽر محسن صدارتي ڪرسي تي ويٺل هو. محسن صاحب ناڻي بابت اعلى ڊگري حاصل ڪئي آهي. هن اسان کي خيبر بئنڪ بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته خيبر بئنڪ اڪائونٽ هولڊرن جي خدمت کان سواءِ عوام جي ترقيءَ ۽ ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ به سرحد سرڪار جو ساٿ ڏئي ٿي. ڊاڪٽر محسن علم ۽ ادب جو به گهڻ گهرو آهي. هن پنهنجي مختصر لفظن ۾ وفد جي پشاور اچڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اديب قوم جي تقدير سنواريندا آهن. اهڙا مطالعاتي دورا هئڻ سبب سٺا رابطا پيدا ٿيندا. محبتون وڌنديون. ڊاڪٽر محسن صاحب جي تقرير کان پوءِ سيد ولي خيال ڪرسي تان اٿي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڪادمي اديبات پاڪستان طرفان خيبر بئنڪ جي سربراهه ڊاڪٽر محسن صاحب جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. جنهن اسان کي عزت ۽ مانُ ڏنو. آخر ۾ ڊاڪٽر محسن صاحب اسان سڀني کان موڪلايو. آسمان ۾ تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا. موسم ۾ ٿڌاڻ هئي، اسان نارٿ ويسٽ هيريٽيج هوٽل مان ٻاهر نڪري پيجارو ۾ ويٺاسين ٿوري دير ۾ ريسٽ هائوس پهتاسين ۽ سمهي پياسين.
914.5.199 جمعة المبارڪ
اڄ صبح جو سوير هميشه وانگر ڪوئل جي ڪوڪ تي اک کلي. دري کولي باغ ڏانهن نهاريم ڪوئل جو مٺڙو آواز ائين لڳو، ڄڻ اڌ رات جو سَکي، سنهڙي آواز ۾ سڏيندي بيدار ٿيڻ لاءِ چئي رهي هجي. مان ڪرسيءَ تي اکيون ٻوٽي ڪوئل جي ڪوڪ کي ٻڌندو رهيس. اوچتو ڪمري جو در کڙڪيو، مون دروازو کوليو ته تاج هو. چيائين، تيار آهين؟ چيم هائو، تاج ڪمري مان هليو ويو، ڪمري ۾ گهڻي ٿڌاڻ هئڻ ڪري اي سي کي بند ڪيم. اسان تيار ٿي هيٺ ڊائننگ هال ۾ پهتاسين، جتي محسن ڀوپالي، آغا نور محمد، خيال آفاقي ناشتو ڪري رهيا هئا. اسان به سلام ڪري ويهي رهياسين. سامهون پيجارو تيار بيٺي هئي. ايتري ۾ پنجاب جا ساٿي به اچي پهتا، ساڻ سيد ولي خيال ڪار ۾ اچي پهتو. مون ارشاد کي چيو ته پيارا پيجارو ۾ نه ويهنداسين. پنجابي اديبن جي ويگن ۾ ويهنداسين. اها خلاصي ۽ آرامده آهي. ارشاد کي منهنجي صلاح وڻي، اسان پنجاب جي ساٿين سان ويٺاسين. گاڏين جو قافلو ريسٽ هائوس کان سوات لاءِ روانو ٿيو. گاڏيون باچا خان چوڪ کان مڙي چارسده روڊ تي ڊوڙڻ لڳيون. مون وقت ڏٺو صبح جا 7 ٿيا هئا. اسان جو قافلو 7:30 وڳي چارسده شهر مان لانگهائو ٿيو هن شهر کان ٻاهران ڊيره ولي ڳوٺ آهي جيڪو خان عبدالولي خان جو ڳوٺ آهي. سياست جي حوالي سان چارسده مکيه شهر آهي. آفتاب شيرپائو جو ڳوٺ به هن علائقي ۾ آهي. اسين شهر مان نڪري اڳتي نڪري آياسين. اڳيان رڄڙ، تخت ڀائي کان ٿيندا 8:00 وڳي صوابي ۾ پهتاسين. صوابي شهر منهنجي اباڻي شهر نئون ديرو جھڙو آهي. روڊ سان لڳ آهي. تنهنڪري صوابي شهر جي اهميت آهي. اسين 8:10 تي شير ڳڙهه شهر ۾، 8:25 تي سخه ڪوٽ شهر ۾، 8:35 تي درگئي شهر ۾ پهتاسين.