شيراز هوٽل
يونيورسٽي روڊ تي شيراز ان هوٽل تي پهتاسين. اسين رسپيشن کان نڪري هڪ هال ۾ صوفن تي ويهون ٿا، هوٽل جي هڪ ٻئي هال ۾ افغان فيملي جي شاديءَ جي تقريب هلي رهي هئي. مان پنهنجن دوستن کان جان ڇڏائي ان افغان فيملي جي شاديءَ جي تقريب واري هال اندر گهري ويس، مون ڏٺو ته افغان ناريون ميوزڪ تي ڊانس پيش ڪري رهيون هيون. جن کي ڏسي منهنجو ته مٿو ئي چڪرائي ويو. منهنجي اڳيان هڪ اهڙي ناري گذري جنهن جي حسين ادا موهي وِڌو. اها جڏهن اسان اديبن واري هال ڏانهن پئي وئي ته اديب به ان تي موهجي پيا، هڪ اديب هلڪي آواز ۾ سبحان الله پئي چيو. پشاور جا افغان مالدار آهن ۽ سرحد جي پٺاڻن کان اُٿڻي، ويهڻي، رهڻي، ڪهڻي ۽ واپار جي حوالي سان تمام گهڻو اڳتي آهن. هنن افغانن جا گهڻا مِٽَ مائٽ آمريڪا سميت يورپ جي ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا، واپار ۽ تعليم ۾ به سرحدي پٺاڻن کان تمام گهڻو ايڊوانس آهن. مان ان هال مان موٽي اچي پنهنجي دوستن ڏانهن آيم، جتي راج ولي خٽڪ ۽ سرحد جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري، پشتو ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين اعظم خان آيل اديبن جي آجيان پئي ڪئي. اسان کي هتي ڊنر جي دعوت اعظم خان پاران ڏني وئي آهي. راج ولي خٽڪ ۽ نثاراحمد خان اسان آيل اديبن جا ٿورا مڃيا. ڊنر کان پوءِ راج ولي خان اسان کي الوداع چيو، اسين هوٽل کان نڪري ٻاهر آياسين، مون مٿي آسمان ڏانهن نهاريو، رات جا ٽمڪندڙ ستارا مرڪي رهيا هئا. ڪارا ڪڪر غائب هئا، اسين گاڏيءَ ۾ ويهي ريسٽ هائوس پهتاسين. تاج ۽ادل سان ڪمري ۾ وڃي سوات جي سفر بابت حال احوال ڏنا ۽ ورتاسين. رات جا 11:00 ٿين پيا سمهي پياسين.
15.5.1999 ڇنڇر
اسين پشاور کي الوداع چوڻ وارا هئاسين. تيار ٿي هيٺ ڊائنگ هال ۾ پهتاسين، ناشتو ڪري رهيا هئاسين ته پنجاب سنڌ ۽ بلوچستان جا اديب به اچي پهتا. اڄ ڏاڍو خوش هئاسين، ڀاڪر پائي ملياسين، آغا نورمحمد مون کان شفيقاڻي انداز ۾ پڇا ڪئي، بشير ڪلهوڪو سوات وارو سفر ڪيئن رهيو؟ سائين زبردست مزو آيو، ميزباني به سٺي ٿي. زندگي ۾ پهريون ڀيرو سرحد صوبي ۾ اچڻ جو موقعو مليو جنهن لاءِ تمام وڏي مهرباني.
اسان سڀئي اديب سامان کڻي هيٺ گاڏين ۾ ويٺاسين ۽ ريسٽ هائوس جي ملازمن کان موڪلايوسين. هلڻ وقت ڪجھه پشاور جا شاعر ملڻ آيا انهن مان سجاد بابر، اباسين يوسف زئي، يوسف عزيز زاهد، اسيرمينگل، ياسر علي سيد شامل هئا. سجاد بابر چيو ته جيستائين گاڏيون اچن تيستائين ننڍڙو مشاعرو ٿي وڃي. صبح جو وقت هو مشاعرو شروع ٿي ويو، ادل سومرو، تاج جويو، لياقت جوڻيجو، ارشاد، درويش دُراني، حسن جاويد ۽ پوءِ سجاد بابر سان گڏ آيل پشاور جي شاعرن پنهنجو ڪلام ٻڌايو ۽ آخر ۾ سجاد بابر خوبصورت شعر ٻڌائي اسان کي جھومائي ڇڏيو. اسان جنهن ويگن ۾ ويٺاسين سجاد ۽ سندس پشاور جو ٻيو شاعر دوست اسان سان همسفر ٿيا. تقريباً 7:00 وڳي صبح جو اسلام آباد لاءِ روانا ٿياسين. 8:15 تي اسين درياهه سنڌ تي اٽڪ قلعي کان چند قدم اڳيان انڊس ويو هوٽل تي پهتاسين، هن هوٽل وٽ سنڌؤ جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. هوٽل سنڌو جي ڪناري تي هيو، جتي ڏاڍو مزو پئي آيو، اتي چانهه پيتي سين. اسين هتي ڪافي دير ترسڻ کان پوءِ 9:10 منٽن تي هوٽل مان نڪتاسين. هرڪو پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺو ادل سومرو ننڍڙي ٽيپ ڪڍي سفر بابت دوستن جا تاثرات رڪارڊ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. تاج جويو، ارشاد ۽ آغا صاحب ۽ پوءِ مون کان تاثرات رڪارڊ ڪري ورتائين.