ڪمشنر مالاڪنڊ ڊويزن
12:00 وڳي اسين ڪمشنر مالاڪنڊ ڊويزن جي آفيس ۾ پهتاسين. منجھند جو وقت هو آفيس ۾ ڪافي گهما گهمي هئي. ائين ڪو نه هو، جيئن اسان وٽ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي آفيسن ۾ وٺ وٺان لڳي پئي هوندي آهي. مون ڏٺو ته آفيس ۾ ڪم سان ايندڙ هر ماڻهو خوش هو. ڪا پريشاني يا ڀڄ ڀڄان ڪا نه هئي. اسان کي ڪمشنر جي آفيس ۾ ويهاريو ويو. پر ڪمشنر راز محمد خان سرڪاري ميٽنگ جي حوالي سان پشاور وڃي چڪو هو. ڊپٽي ڪمشنر، شاهه صاحب اسان کي ڀليڪار ڪئي. شاهه صاحب سنهڙو سيپڪڙو، قد جو هلڪو نوجوان آهي. اسان جو مختصر تعارف ڪرايو ويو. هن پنهنجي مختصر آجياڻي ۾ چيو ته اسان کي اوهان جي خدمت ڪندي خوشي ٿئي ٿي. هن علائقي ۾ مهمان نوازيءَ کي هتان جا ماڻهو ڀلو ڀاڳ سمجھن ٿا. اسان سرڪاري طور اوهان کي پنهنجي ايجنسي ۾ مڪمل پروٽوڪول ڏنو آهي. ذاتي طور تي مون کي خوشي ٿي آهي جو اوهان ملڪ جا ڏاها اديب هن علائقي ۾ اسان جا مهمان بڻيا آهيو. اديب قومن جي تقدير سنواريندا ۽ سُڌاريندا آهن. شاهه صاحب بريفنگ دوران ٻڌايو ته پوري ڊويزن ۾ 42 لک آبادي آهي. هن ڊويزن ۾ ڇهه ضلعا، بونير، اپردير، لوئردير، سوات، چترال، شانگلا شامل آهن. ڇهه ضلعا خوبصورتي جي لحاظ کان جنت نظير آهن ۽ دنيا جا سياح هتي اچن ٿا. هي علائقا سياحت جي حوالي سان وڏي اهميت رکن ٿا. هو جڏهن ڳالهائي رهيو هو ته ٻاهر ڊگهن وڻن تان ڪوئل ۽ پکين جون لاتيون اسان کي ٻڌجڻ ۾ پئي آيونڊپٽي ڪمشنر جي بريفنگ کان پوءِ اديبن پاران سوال جواب ڪيا ويا. اهي به اڪثر پنجاب جا دوست سوالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا هئا. باقي اسين سنڌ ۽ بلوچستان جا اديب ٻڌون پيا. سرحد صوبي واري سموري سفر ۾ اسان هميشه ڪنن کان ڪم ورتو، باقي زبان بندهئي. چوڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه هوندي به نه چئي سگهندا هئاسون. آخر ۾ سيد ولي خيال پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مان اڪادمي ادبيات پاڪستان ۽ اديبن پاران جناب راز محمد خان ڪمشنر مالا ڪنڊ ڊويزن ۽ شاهه صاحب ڊپٽي ڪمشنر سوات جو ٿورائتو آهيان، جنهن اسان کي هتي مان ڏنو ۽ عزت بخشي. اهڙي طرح اسين ڊپٽي ڪمشنر کان موڪلائي ٻاهر آياسين، موسم ٿڌي هئي. اسين چنار ۽ صنوبر جي ڊگهن وڻن هيٺيان ٿڌڙي هوا جو مزو پئي ورتوسين ٿوري دير ۾ اسين وين ۾ ويٺاسين، وين هلي ٿي اڳيان پوليس موبائيل گاڏي پروٽوڪول ڏئي اسان کي مرغزار ڏانهن وٺي پئي هلي. اسين سيدو شريف شهر جو وين مان درشن ڪري رهيا هئاسين شهر جي رستن تي عورتون گهٽ آهن. باقي مرد ئي مرد ها. جيڪي عورتون رستن تي نظر آيون اهي برقعي ۾ ڍڪيل هيون. منهنجي ڀرسان وين ۾ ويٺل پروفيسر ارماني کان مون پڇا ڪئي ارماني صاحب ”هتان جي خاص ڳالهه ڪهڙي آهي؟“ جواب ڏنائين ته سائين هتان جي خاص ڳالهه عورت جو پردو آهي. ٻيو آهي هتان جو شرعي نظام. اهو جواب ٻڌي وري مان وين جي دريءَ ڏانهن منهن ڪري شهر جي عمارتن کي ڏسندو رهيس. اسان جون گاڏيون تيزيءَ سان پهاڙن جي وچ مان ڊوڙنديون رهيون.