ڪوئيٽا روانگي
وقت 12:30 ٿيا هئا. اسين بورڊنگ ڪارڊ ٺهرائي لائونج ۾ آياسين، ٻيا به مسافر ويٺل هئا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي بيٺل جھاز اسين لائونج جي شيشي واري درين مان ڏسي رهيا هئاسون، ٿوري دير ۾ اسان جي فلائيٽ PK-325 جو اعلان ٿيو. جھاز ۾ ويٺاسين، جھاز اندر منهنجي سيٽ اڪانومي ڪلاس ۾ پهرين صف ۾ هئي منهنجي پويان ارشاد جي ۽ آخر ۾ ادل سومري جي سيٽ هئي. جھاز 1:10 تي اسلام آباد ايئرپورٽ تان ڪوئيٽا لاءِ اڏام ڪئي، منهنجي هڪ پاسي کان ڏندن جو ڊاڪٽر ويٺل هو، ٻي پاسي هڪ پٺاڻ واپاري ويٺو هو. اسان اسلام آباد کي الوداع چيو. جھاز 10600 فوٽ بلندي تي مٿي هو. اسان سوا ڪلاڪ جھاز ۾ سفر ڪيوسين. جھاز اندر اسان کي لنچ ڪرائي وئي، جھاز ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي لهندي رن وي تي ڊس بئلنس ٿي ويو. مسافرن الله جا شڪرانا ادا ڪيا. هڪ نئين زندگي ملي وئي، اسين جهاز مان لهي هيٺ آياسين ته هلڪو مينهن وسي رهيو هو. مون آسمان ڏانهن نهاريو بادل آسمان تي ڇانيل هئا. موسم ۾ ٿڌاڻ هئي اسين سامان ڇڏائي جيئن ايئرپورٽ کان ٻاهر آياسين ته بلوچستان جي اديبن استقبال ڪيو ۽ اسان کي گلن جا هار پارايا. اسان جي آجيان ڪندڙن ۾ شيرمحمد، حسن جاويد، سلطان، ميڊم نجمه واحد، درويش دُراني، امداد سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي اديب شاعر ايئرپورٽ تي موجود هئا. اسان کي هڪ ويگن ۾ ويهاري بلوچي اڪيڊمي ڏانهن وٺي آيا. بلوچي اڪيڊمي جي مٿين حصي تي اسڪالر هاسٽل آهي جتي اسان کي رهائش ڏني وئي، بلوچي اڪيڊمي ۾ پهچڻ تي بلوچ اديبن ڀليڪار ڪئي، اسان کي ڪمرا الاٽ ڪيا ويا. منهنجي ڪمري ڀرسان ادل سومري ۽ فرحان دراني جو، ٻئي پاسي محسن ڀوپالي ۽ خيال آفاقي جو ڪمرو هو. اسين ڪمرن ۾ سامان رکي آرام ڪيوسين. شام جو 4:00 وڳي ارشاد کي چيم يار جيڪي گهمڻو اٿئي هينئر گهمي وٺ، هن کي منهنجي ڳالهه وڻي، هو اٿيو اسان تيار ٿي هيٺ لٿاسين، جناح روڊ تي گهمياسين اتان هڪ پي سي او تان ڳوٺ فون ڪئي.