پشتو اڪيڊمي ڪوئيٽا
7:30 وڳي پشتو اڪيڊمي جي در اڳيان ويگن بيٺي. اڪيڊميءَ جي خوبصورت عمارت پشتو اديبن پاران گڏيل سهڪار سان ٺهرائي وئي آهي، جتي انتظامي ڪمرن کان علاوه لائبريري به آهي. جتي اردو ۽ پشتو ادب جا ڪتاب موجود آهن. اڪيڊمي ۾ پهچڻ تي اڪيڊمي جي صدر يوسف منصور خان اسان جي آجيان ڪئي. اسان کي هڪ هال ۾ ويهاريو ويو، جتي ڪوئيٽا جا پشتو اديب اڳواٽ ويٺل هئا. يوسف منصور پهريان پشتو اديبن جو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ آغا صاحب سنڌي اديبن جو تعارف ڪرايو. بريفنگ ڏيندي يوسف منصور خان ٻڌايو ته 1970ع ۾ پشتو اڪيڊمي جو بنياد پيو. اڪيڊمي اسان پشتو اديبن جي سهڪار سان هلي ٿي، اسان پشتو اديبن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا آهن. يوسف منصور خان اڪيڊمي جا مول ۽ متا اسان آڏو پيش ڪيا. آخر ۾ ريفريشمينٽ ٿي اسان پشتو اديبن کان موڪلائي واپس هاسٽل آياسين.
اسان ڪمرن ۾ پهتاسين. ٿورو آرام ڪري رات جي ماني لاءِ جناح روڊ تي مشهور سجي هائوس پهتاسين جتي اسان کي هڪ مشهور بروهي وڪيل پاران ڊنر ڏني وئي هئي، اسين هوٽل جي ٻاهران اوپن ائير ۾ ڪرسين تي ويٺاسين. پهريائين دوستن جو تعارف ٿيو ۽ پوءِ هڪٻئي سان ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. اسان جي آڏو ٻڪري جي سجي رکي وئي، هتي بروهي قبيلو پئسي وارو ۽ طاقتور آهي پر تنهن هوندي به هنن وٽ ڪافي سور ۽ تڪليفون آهن، ڪامريڊ برڪت آزاد جڏهن به خالد بروهي وٽ يا رستي تي ملندو هو ته پهريائين چوندو هو ته ”آءُ سورن جو سوداگر آهيان“ اسين پاڻ سورن جا سوداگر ٻيو وري سرڪاري مهمان ۽ وري پبلڪ پليس تي هاڻي هتي ڳالهايون ته ڇا ڳالهايون، سور ته سنڌين ۽ بلوچن جا ساڳيا آهن. اسين پئي ٻڌوسين. بروهي صاحب جيڪو اسان سان ڳالهائي رهيو هو، اُهو بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو ناميارو وڪيل آهي ۽ اڄ ئي نواز ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي اٿائين. اڄ اهڙو سدورو ڏينهن آهي جو ميان نواز شريف به هتي ڪوئيٽا ۾ آهي، جيڪو يوم تڪبير ملهائڻ جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي انتظامي گڏجاڻي واسطي هتي پهتل آهي. اسان ماني کائي، بروهي صاحب جا ٿورا مڃيا ۽ موڪلائي واپس هاسٽل پهتاسين.
رات 10:00 وڳي ادل سائين سان هاسٽل مان نڪري جناح روڊ تي آيم جتي ادل فون تي سکر گهر ڳالهايو. واپسي ۾ ادل ۽ مون سکر جي دوستن کي ياد ڪيوسين. خاص ڪري ايازگل کي. اسين ٽهلندا واپس هاسٽل تي پهتاسين ڪمري ۾ آيم ته ارشاد ساهي پٽڻ نه ڏني، چيائين ته موسم جو مزو وٺون. هل ته ٻاهر هلي گيٽ تي ويهون ٿا. رات جا 11:00 ٿيا هئا. چوڪيدار کي سڏ ڪيوسين ارشاد چيس يار اسان کي چانهه پيئار، مون ڏهه روپيا کير لاءِ ڪڍي چوڪيدار کي ڏنا. هو سائيڪل تي وڃي کير وٺي آيو، تيستائين اسين چوڪيدار جو ريڊيو ٻڌي رهيا هئاسين. اسين سُنسان رستي تي گيٽ ٻاهران زمين تي پلٿي ماري ويٺا هئاسون. ريڊيو انڊيا تي لتا سُر وکيري رهي هئي. ٿڌڙي موسم ۾ سيءَ جو احساس ٿي رهيو هو. ارشاد ۽ مان خاموش هئاسون. صرف انڊيا جا راڳ ٻڌي رهيا هئاسون.
ايتري ۾ چوڪيدار ٽي ڪوپ چانهه جا ٽري ۾ کڻي آيو. هڪ ڪوپ ارشاد کي ۽ ٻيو مون کي ڏنائين، ارشاد چوڪيدار کي مسڪرائيندي مهرباني چئي. چوڪيدار پنهنجو ڪوپ کڻي پلٿي هڻي اسان جي ڀرسان ويٺو ۽ چانهه پيئڻ لڳو. چانهه پيئڻ کانپوءِ لڱن ۾ گرمي محسوس ٿي، مون ريڊيو بند ڪيو، ريڊيو بند ڪرڻ تي ارشاد چيو ڇو بند ڪيئي؟ بس يار ڪچهري ٿا ڪريون. اسان مختيار ملڪ جي رويي، سنگت ۾ غير متحرڪ ڪردار تي ڳالهايو، ڪراچي جي دوستن غفار تبسم، رزاق سهتي ۽ رمضان نَول کي ياد ڪيوسين. رات جا 12:30 ٿيا هئا، مون ارشاد کي چيو يار هاڻي اٿي ته ننڊ هلي ڪريون. ڏاڪڻيون چڙهي مٿي ڪمري ۾ پهتاسين ۽ ڪمري جي بتي وسائي سمهي پياسين.
19.5.1999 اربع
اڄ صبح جو سوير ننڊ مان اٿياسين، تيار ٿي هيٺ آياسين، ويگن ۾ سوار ٿي فرح هوٽل تي پهتاسين، جتي ناشتو ڪري واپس ويگن ۾ سوار ٿياسين.