جھنگ ۽ ڊاڪٽر محسن مگهيانه
مون وقت ڏٺو ته 11:40 ٿيا هئا، جھنگ روڊ تي هڪ هوٽل ڀرسان وين کي قاضي صاحب روڪرايو وين مان لهي اسين هوٽل تي ويٺاسين. هوٽل مين روڊ تي هو، ڊرائيور اندر گهڙي آيو آغا نور محمد کي چيائين ته وين ٽائر پنچر آهي، تنهنڪري ٿوري دير لڳندي، اسين آرام سان هوٽل اندر ويٺاسين، گرمي هئي، آغا نور محمد پڪوڙا گهرايا ۽ ساڻ چانهه به بيرو کڻي آيو. پڪوڙا ڪي خاص ڪو نه هئا پر بک سبب کائي وياسين، مون بوتل پيتي ۽ وري حال احوالن ۾ دوستن سان لڳي وياسين. اسين ملتان ۾ ٿيل آجياڻن ۽ استقبالن جو ورجاءُ ڪري رهيا هئاسين، مون ادل سومري کي چيو ته ادل هل ته ٿورو شهر کي گهمي وٺون. ادل ۽ مان اٿڻ وارا هئاسين ته مٿان جھنگ شهر جو شاعر اديب ۽ ڪالم نويس ڊاڪٽر محسن مگهيانه هوٽل ۾ گهڙي آيو، قاضي جاويد اُٿي سندس ويلڪم ڪيو ۽ ڀاڪر پاتو. محسن جي هٿ ۾ هڪ ڪتابن جو بنڊل هو، جنهن ۾ سندس ڪالمن تي مشتمل ڪتاب (مسئله هي کوئي نهين) هيو.
اسان سڀني اٿي کيس آڌرڀاءُ ڪيو، هو هڪ ڪرسي تي آغا نور محمد ڀرسان ويٺو ۽ ڪتابن تي نالا لکي دوستن کي اعزازي ڪاپي ڏيندو رهيو ۽ واندو ٿي ڪچهري ۾ شامل ٿي ويو، مختصر تعارف ٿيو مون ادل کي هڪ ڀيرو وري چيم ته ادل هل ته ٿورو شهر گهمون، اسين هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين بازار ۾ گهڻي ڀاڳي سائيڪلن جي هول سيل جا ننڍا وڏا دوڪان هئا، مون هڪ اسٽال تان بال پين خريد ڪري ڪجھه ٽافيون به ورتيون. اسين واپس اچي وري مين روڊ تي آياسين، ادل چيو ته ڪڏهن چدي واري بوتل پيتي اٿئي، چيومانس ته مون نه ڏٺي آهي نه وري ڪڏهن پيتي آهي سامهون ريڙهي تي ڏس، ان تي چدي واريون بوتلون وڪامجن ٿيون. اسين اڳتي وڌي ريڙهي وٽ پهتاسين، ادل ٻن بوتلن لاءِ بيري کي چيو بيري اسان جي هٿ ۾ بوتلون ڏنيون. چدي کي مُڪَ هنئي ته هڪ ٺڪاوَ سان چدو بوتل اندر هليو ويو. اسان بيهي بوتلون پيئڻ لڳاسين ۽ روڊ تي هلندڙ ٽانگن ، ويگنين ۽ سوزوڪين ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏسي رهيا هئاسون، گرمي وڌيل هئي، هتي عورتون گوڏ ۾ نظر آيون، هتي گوڏ پائڻ عيب ناهي پر ثقافت آهي، عورتون ٽانگن ۾ يا بسن ۾ مردن سان گڏ ويهڻ ۾ عيب يا حجاب نٿيون ڪن. اسين بوتل مان مزو وٺي رهيا هئاسين. سامهون هڪ مذهبي جماعت جو دفتر آهي، دفتر جي ڀت تي ٽين جو سائن بورڊ لڳل آهي. مون اتي ڪنهن دوست کان پڇيو ته هتي مذهبي جھيڙا ڇو ٿا ٿين؟ تنهن تي ان دوست چيو ته هتي مذهبي جھيڙا سياستدانن ۽ مذهبي اڳواڻن طرفان ڪرايا وڃن ٿا.
عوام مذهبي جھڳڙن کان بيزار آهي. عوام سوچي ٿو ته هي جھڳڙا نه ٿيڻ کپن. ادل ۽ مون چدي واري بوتل پي مزو ورتوسين. ادل چيو ته هن بوتل جا سنڌ ۾ وڏا چرچا هوندا هئا هي بوتل پيٽ جي سور ۽ هاضمي لاءِ بهتر آهي. بوتل پي اسين وين جي ڊرائيور وٽ آياسين، جتي هو ٽائر کي ٺهرائي رهيو هو، مون ڊرائيور کان پڇا ڪئي ته گهڻي دير لڳندي؟ چيائين بس 10 منٽ لڳندا. اسين واپس هوٽل ڏانهن آياسين، ڊاڪٽر محسن کي دوست غور سان ٻڌي رهيا هئا. وارث شاهه جي هير بابت ڳالهيون ٻڌائي رهيو هو. هير رانجھي جي تاريخي ڪردار بابت قاضي صاحب به تفصيل سان ٻڌائي رهيو هو. ايتري ۾ وين آئي ته اسين اٿڻ لڳاسين ته هڪ پنجابي پوڙهي مون کي هٿ ۾ ڪتاب ڏسي پڇيو ته سائين هي ڪتاب ڊاڪٽر جو آهي؟ مون وراڻيو جي چاچا.... هن ڪتاب ۾ بيمارين جا نسخا هوندا؟ چاچا بلڪل، هن ڪتاب ۾ وڏين بيمارين جا نسخا موجود آهن. مان کلي ڪري هوٽل مان ٻاهر نڪتس، چاچو ڪراڙو اڳتي وڃي هوٽل جي ڪرسي تي ويهي حيرت سان اسان کي نهارڻ لڳو. اسين سڀ وين ۾ چڙهياسين.