هنه ــ هوڙڪ ڍنڍ جو سير
اڄ هنه هوڙڪ ڍنڍ جو سير ڪرڻو هو، ويگن ڪينٽ واري علائقي منجھان هلي رهي هئي. ويگن ڊرائيور بروهي نوجوان هو جيڪو گاڏيءَ کي تيزي سان هلائي رهيو هو، هڪ هنڌ فوجي جوانن اسان جي ويگن کي روڪيو، ڪينٽ جي رهائشي علائقن مان عام گاڏين جي گذرڻ تي پابندي آهي. شير محمد انهن فوجي جوانن کي ٻڌايو ته سنڌ جا اديب بلوچستان جي مطالعاتي دوري تي آيل آهن. ان سلسلي ۾ اڄ هنه ڍنڍ ڏانهن وڃي رهيا آهيون. فوجي جوان مسڪرائيندي چيو ته معاف ڪجو، اوهان اسان جا مهمان آهيو. اديبن واري وفد جون ”بلوچستان“ ۾ علمي ۽ ادبي سرگرميون اڄ صبح سان ڪيترن اخبارن ۾ پڙهيون آهن. فوجي جوان اسان کي اڳتي وڃڻ ڏنو. اسين ڪوئيٽا ڇانوڻي مان گذري رهيا هئاسون، ڪوئيٽا ڇانوڻي جو علائقو خوبصورت آهي ۽ رستا صاف ۽ ويڪرا آهن. امير ماڻهو هن علائقي ۾ رهائش پذير آهن. ڪوئيٽا کان نڪري چڪا هئاسون. هنه ڍنڍ ڪوئيٽا کان 15 ڪلوميٽر پري آهي، اسين ڍنڍ هنه تي پهتاسون، ويگن مکيه دروازو ٽپي هڪ هوٽل اڳيان بيهي ٿي. اسين ويگن مان لٿاسين. ڇا ته خدا جو رنگ آهي! هنه ڍنڍ جو نظارو ڏسندي مون کان بي اختيار لفظ نڪتا. هنه ڍنڍ پهاڙن جي گود ۾ ستل آهي. جيئن ڪنواري پنهنجي محبوب جي ٻانهن ۾ آرامي هجي. پاڻيءَ جون هلڪيون لهرون ائين هيون جيئن وينگس هٿ آڱرين سان پريميءَ جي وارن کي ڦڻي ڏيندي هجي، ڍنڍ تي چند ٻيڙيون ۽ هڪ وڏو ٻيڙو ڪناري تي بيٺل آهي. اسان سڀ وڏي ٻيڙي تي چڙهي ڪجھه پل گذارياسين، مون ادل سائين کي چيو ڏس يار! قدرت جو حُسن. اُتي هوٽل تي هندوستان جي مشهور ڳائڻي اناڊا جي ڪيسٽ هلي رهي ”اونچي نيچي هي گهگهريا، پتلي هي موري ڪمريا، او ذرا ڌيري چلو“ آغا نور محمد مون کان پڇيو بشير! هي ڳائڻي ڪير آهي؟ چيم سائين انڊين سنگر اناڊا آهي. اناڊا جو هي گانو جيڪو هاڻي هلي ٿو، اهو تمام گهڻو مشهور اٿس. آغا صاحب چيو ته يار ڳائي سٺو ٿي، آغا صاحب گاني جي هر لفظ کي ڌيان سان ٻڌو پئي، مون چيو سائين جيڪڏهن اوهان کي ڳائڻي وڻي ٿي ته اها ڪيسٽ ڪوئيٽا مان وٺنداسين ۽ اوهان جو شوق پورو ڪنداسين. بهرحال اوهان هنه ڍنڍ کي انجواءِ ڪيو، هنه ڍنڍ جي خوبصورتي جي واکاڻ جيتري ڪجي اها گهٽ آهي، رات جو هتي گهمڻ ۾ مزو ئي ٻيوآهي. اسين صبح جو آيا آهيون اسان کي خبر نه پئي ته صبح جو هنه ڍنڍ تي گهمڻ لاءِ شيڊيول ڪيئن ٺاهيو ويو آهي؟ اديبن کي صبح جو هنه جھيل تي مزو ايندو ڇا؟ مون سمجھيو ته بس وقت پورو ڪرڻو آهي، صبح جو ته هتي خاموشي کانسواءِ ٻيو ڪجھه به نه هوندو آهي. ڪو ماڻهو ئي ڪونهي، سواءِ چند هوٽل وارا. هاڻي ته ٻيڙي تي سير ڪرائڻ وارا به ڪو نه آهن، رات جو ڍنڍ تي ماڻهن جي وڏي رش هوندي آهي. جتي ستارن جي روشني جڳمڳائيندي آهي. اصل ۾ هن ڍنڍ جي سونهن رات جو ڏسڻ وٽان آهي، جتي عاشق ٿڌڙين هوائن ۾ رات جو پنهنجي خوابن جي دنيا ۾ هوندا آهن. ڪجھه وقت ترسڻ کان پوءِ اسين واپس ويگن ۾ ويٺاسين، ويهه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي هڪ ٻي خوبصورت هوڙڪ ڍنڍ آهي جتي قدرتي آبشار آهن، آرڊي شيرمحمد خبر ناهي ڪهڙي سبب ڪري آرميءَ وارن کان هوڙڪ آبشار جي گهمڻ جي لاءِ پرمٽ وٺي نه سگهيو يا پنهنجي هلڻ جو موڊ نه هوس! بلوچستان دوري دوران اسان جو زيارت گهمڻ جو پروگرام شيڊيول ۾ شامل هو، پر اهو به شيدول مان خارج ڪيو ويو، جنهن تي افسوس ضرور ٿيو پر جيئن ته شير محمد اسان سان گڏ پاڪستان جي هن ادبي سفر ۾ شامل هو، تنهنڪري انتظام تڪڙ ۾ ڪري نه سگهيو، وري ملڪ جو وزيراعظم نواز شريف به ڪوئيٽا ۾ آيل هو، تنهن ڪري اسان جون اڪثر سرڪاري دعوتون ڪينسل ٿي ويون. بهرحال اسين هوڙڪ ڍنڍ جي ٻاهرين گيٽ تي ويگن روڪي سين. هوڙڪ ڍنڍ فوجي علائقي ۾ آهي، جنهن جي وڃڻ لاءِ خاص پرمٽ فوجي انتظاميه کان وٺڻي پوي ٿي. افسوس آهي جو خوبصورت ماڳ مڪان فوجي علائقن ۾هئڻ ڪري عام ماڻهو جو ماڳ تي وڃڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. اسين گيٽ تي ويگن مان لٿاسين، آبشار ڀرسان هوٽل تي ويٺاسين، آبشار وٽ گروپ فوٽو ڪڍراياسين. محسن ڀوپالي ڪباب کائڻ پسند ڪيا. اتي امداد سومرو ڪپڙا لاهي، گوڏ ٻڌي آبشار جي ٿڌي پاڻي ۾ تڙ ڪرڻ لڳو، اسين حيران ٿي وياسين ته ههڙي ٿڌي پاڻي کي اسين هٿ جي آڱر سان مس ڇهي سگهياسين سو امداد ان ٿڌي پاڻيءَ ۾ تڙ ڪري رهيو هو، هي ماڻهو آهي يا جِنُ؟ مون قدرتي حسن سان مالا مال علائقي تي نظر ڊوڙائي ۽ مٿي آسمان ڏانهن نهاريو. صوف، آڙو، ناشپتي، جي باغن سان هي علائقو وڪوڙيل آهي، هتي اهو مشهور آهي، ته جيڪڏهن صوف چوري پٽي کاڌو ۽ ڀاڳئي ڏسي ورتو ته پوءِ زبردست جھيڙو ٿيندو آهي. هتي باغ تقريباً پٺاڻن جا آهن. تنهنڪري جيڪڏهن گهري کائبو ته پٺاڻ عزت سمجھندا آهن ۽ پاڻ صوف پٽي کائڻ لاءِ ڏيندا آهن. حسن جاويد اسان کي ٻڌائي رهيو هو. هتي رات جو زبردست مزو ٿيندو آهي، دل چوندي آهي ته سڄي رات هتي گذارجي. اسين ريفريشيمينٽ کانپوءِ واپس ويگن ۾ ويٺاسين، واپسي ۾ اسين باغن جي وچ مان لنگهياسين، اسين هن خوبصورت علائقي کان نڪري ڪينٽ واري رهائشي علائقي ۾ پهتاسين حسن جاويد ويگن واري کي روڪي ڪجھه وقت ترسڻ لاءِ چيو اسان کي چيائين ته هيٺ لهي ڪوهه مردار جي چوٽي تي ”سليپنگ ڪوئين“ جو ديدار ڪيو. اسين ويگن مان هيٺ لهي روڊ جي ساڄي پاسي تي ڏٺوسين ته خوبصورت خيالي دوشيزه ڪوهه مردار جي پهاڙ جي چوٽي تي ستل آهي، سندس وار پوئتي وکريل آهن ۽ اکيون بند آهن، بند اکين ۾ سپنا آهن، اهو قدرتي منظر ڏسي واپس ويگن ۾ ويٺاسين.