ڪتاب جو نالو: زنگجي ويل نِنڊ
مصنف: جاويد جبار دائودپوٽو
ڇپائيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 13 آڪٽوبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 446 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 174 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”زنگجي ويل ننڊ“ نوجوان شاعر ”جاويد جبار“ جو پهريون شاعراڻو پورهيو آهي. جاويد جبار مختصر عرصي ۾ تمام سٺي شاعريءَ ذريعي توجهه ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، سندس هي ڪتاب شاعراڻي صنف ”سانيٽ“ تي مشتمل آهي. سانيٽ اصل ۾ انگريزي ادب مان اسان وٽ آئي آهي ڪجهه صدين کان پرڏيهين ۾ مروج هن صنف ڪافي ترقي ڪري مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هي صنف سانيٽ انگريزي دؤر ۾ آئي هُئي هڪ صدي ۾ سنڌي ٻولي جي تمام ٿورڙن شاعرن هن صنف ۾ لکيو آهي، جاويد جبار نوجوان شاعرن ۾ پهريون شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ سانيٽ تي هي مڪمل ڪتاب لکيو آهي اها تمام سٺي علامت آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مُهاڳ : ڇَڻيل پنن جو سُرمو
  • رُوحَ ۾ رَچيل مجذوبِيت
  • چنڊ رُلي پيو ڄڻ ڪو لاشو!
  • گهنگهور ڪاريءَ گهٽا
  • جاوِيد بيچيني
  • سانيٽ

  • تون وَري آ
  • راهبا
  • پاڻ ٻئي
  • وينگس جو بدن
  • گُمنام ليکڪ جي نِنڊ
  • هيءُ حياتي
  • پياڪ ناهيون!
  • سانوري
  • وِساريو ڪونه آ توکي
  • صوماليه
  • چانڊوڪيءَ جو ماڳ
  • ميخاني تان
  • تون هلي وڃ
  • آڌيءَ جو ڇِرڪ
  • اڻ مِٽيل نقش
  • لُڙهي ويل اڌ
  • تو جڏهن
  • ڳوڙهن جي بندگي
  • تو سواءِ
  • منهنجو ڪنارو اُکڙيل
  • عشق تنهنجو
  • مزاجن جو ڦير
  • مُئي پُڄاڻان
  • ڪولهڻ جو رنگ
  • گُرگِلي
  • لاڙ
  • نِگاهن جون وحدتون!
  • ڌرتي.
  • ميلي ۾ وڃائجي ويل اک
  • ليبر ڪميونٽي
  • ڪفن
  • اڄ جو
  • الميو
  • سانوڻ ۾
  • بند درن جو ڀاڳ
  • تهذيب
  • تو ڏِٺو
  • تبديل ٿيندي پئي وڃين!
  • ڀاڪر اُڃ مري ٿو!
  • ٻکن جي جنت
  • تلاءُ، وڻ، پکي
  • سنڌ
  • چڱو آ
  • گهگهو آواز
  • بي گهر نِنڊ
  • اکين جي ڪائناتن ۾
  • نئون جنم
  • تو وِساري ڇڏيو
  • مُون ۾
  • تعزيت
  • تو ڇيهه ڪيو مونکان!
  • تصور جون چتيون
  • اذيتن جي ڳَلي
  • اونداهجي ويو آهيان!
  • تون به مريم جان!
  • ڪلهه رات!
  • عابده جي راڳ ۾
  • توکي خطن ۾ ساڙي
  • ڀاڳ جو مُرشِد
  • حَويليءَ پٺيان
  • عورت
  • حيات ڇڏ ته
  • لُڙڪَ
  • نِهارج تون نه موهيڙا
  • رات اَچي ٿي
  • پهاڙ جو اُداس نَغمُو
  • تماشبين
  • هڏڪِي
  • اڃان ته ڪونهي
  • خودڪشين جو شور
  • پير جي جُتي
  • ٻڪرار نينگرين جي
  • زنگجِي ويل نِنڊ
  • تُنهنجو ذِڪر
  • وڇوڙي ۾
  • وصال
  • اُڃايل اکيون!
  • توکي نه جاڳ ٿي
  • مَرينا
  • ڏيئي جي ساڻِي لاٽ
  • چِيڪلو
  • پوڙهو عَڪسُ

  • حق ۽ واسطا

    سامروٽي پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر: 04
    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: زنگجِي ويل نِنڊ!
    موضوع: شاعري، (سانيٽَ)
    ليکڪ: جاويد جبار ’دائودپوٽو‘
    ڇاپو: پهريون
    سال: 2016ع
    ڪاپيون: هڪ هزار
    ٽائيٽل: نعيم ديسوالي
    ڇپيندڙ: سامروٽي پبليڪشن، ٿرپارڪر
    قيمت: 200 روپيا


    Poetry (Sonnets)

    By: Javed Jabbar Daudpoto

    Edition: First
    Quantity: 1000
    Published By: Samroti Publication Tharparkar
    Ph:03333173584
    Price Rs. 200-00

    ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
    شاھ لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-
    شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-
    مهراڻ ڪتاب، کپرو-العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ-المدينه ڪتاب گهر، ڇاڇرو-
    ٿر ڪتاب گهر، مٺي-ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
    عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ-مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
    مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر-سنڌ ڪتاب گهر ، شڪارپور-وسيم ڪتاب گهر شڪارپور-
    سچل ڪتاب گهر، درازا-ڪنول ڪتاب گهر، مورو-
    سارنگ ڪتاب گهر ڪنڊيارو


    ارپنا

    پنهنجو هيءُ پهريون پورهِيو
    ارپيم
    جيجل امڙ، ڀائرن، ڀينرن
    ۽ ٻاجهاري، شفيق، دوست جهڙي بابا
    عبدالجبار دائودپوٽي کي،
    جيڪو منهنجو پهريون دوست،
    پهريون استاد ۽ پهريون محبوب آهي.

    (جاويد جبار)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (325) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”زنگجي ويل ننڊ“ خوبصورت شاعر جاويد جبار دائودپوٽي جي شاعريءَ جي صنف سانيٽ جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب نوجوان اڀرندڙ شاعر ”جاويد جبار“ جو پهريون شاعراڻو پورهيو آهي. جاويد جبار مختصر عرصي ۾ تمام سٺي شاعري ذريعي توجهه ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، سندس هي ڪتاب شاعراڻي صنف ”سانيٽ“ تي مشتمل آهي. سانيٽ اصل ۾ انگريزي ادب مان اسان وٽ آئي آهي ڪجهه صدين کان پرڏيهين ۾ مروج هن صنف ڪافي ترقي ڪري مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ هي صنف سانيٽ انگريزي دؤر ۾ آئي هُئي هڪ صدي ۾ سنڌي ٻولي جي تمام ٿورڙن شاعرن هن صنف ۾ لکيو آهي، جاويد جبار نوجوان شاعرن ۾ پهريون شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ سانيٽ تي هي مڪمل ڪتاب لکيو آهي اها تمام سٺي علامت آهي.
    هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪار پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري پرڪاش ڪرمواڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، ٿورا جاويد جبار صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    سامروٽي پبليڪيشن جو هي چوٿون ڪتاب آهي، جيڪو شاعريءَ جي صورت ۾ آهي. اسان جي شروع کان ئي اها ڪوشش ۽ خواهش رهي آهي ته نئين نسل، نئين ٽهي ۽ نئين ادب جي حوصلا افزائي لاءِ بامقصد ڪردار ادا ڪجي. علم ۽ ادب جي لاءِ وس آهر ڪي قدم کڻجن اُن حوالي سان اسان پنهنجو سفر جاري رکيو پيا اچون. هي ڪتاب نوجوان اڀرندڙ شاعر ”جاويد جبار“ جو پهريون شاعراڻو پورهيو آهي. جاويد جبار مختصر عرصي ۾ تمام سٺي شاعري ذريعي توجهه ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، سندس هي ڪتاب شاعراڻي صنف ”سانيٽ“ تي مشتمل آهي. سانيٽ اصل ۾ انگريزي ادب مان اسان وٽ آئي آهي ڪجهه صدين کان پرڏيهين ۾ مروج هن صنف ڪافي ترقي ڪري مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ هي صنف سانيٽ انگريزي دؤر ۾ آئي هُئي هڪ صدي ۾ سنڌي ٻولي جي تمام ٿورڙن شاعرن هن صنف ۾ لکيو آهي، جاويد جبار نوجوان شاعرن ۾ پهريون شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ سانيٽ تي هي مڪمل ڪتاب لکيو آهي اها تمام سٺي علامت آهي.
    جاويد جبار جي هن ڪتاب ڇاپڻ ۾ مون کي ٻه اعزاز حاصل ٿيا آهن، پهريون هي ته جاويد جبار منهنجو يونيورسٽيءَ جو دوست آهي، ٻيو هي ته سنڌي ادب ۾ سانيٽ جو هيءُ مڪمل پهريون ڪتاب ئي آهي، جنهن کي ڇاپڻ جو اسان جي اداري کي شرف حاصل ٿيو آهي. جيڪا يقينن خوشي جهڙي ڳالهه آهي.
    جاويد جبار جا غزل، نظم مگسي ڪينٽين جي وڏن وڻن هيٺ ٻڌا ۽ پڙهيا اٿم، جن مان سندس ڪنهن نظم جون چند سٽون منهنجي ذهن تي تري اچن ٿيون:

    ورسٽيءَ ڏانهن وِکون منهنجون بظاهر پي تکيون ڊوڙيون
    حقيقت ۾ پُٺيان تُنهنجي هزارين پير پي هاريم
    انڌيريون کوڙ درگاهون اُنهن ۾ ٿي ڏيئا ٻاريم
    ڪيمياگر پائلي ڪوهلي جي ناول ۾ رڍون چاريم.

    اُميد آهي ته هي ڪاوش ادبي حلقن ۾ قبولي ۽ ساراهي ويندي.
    سامروٽي پبليڪيشن نوجوانن قلمڪارن جي فن ۽ فڪر کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو منشور سمجهي ٿي، اسان کي توهان جي با مقصد صلاحن جو اوسيئڙو رهندو.

    پرڪاش ڪرمواڻي
    سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
    03333173584


    مُهاڳ : ڇَڻيل پنن جو سُرمو

    سنڌ ۾ ٻاهران آيل ٻين کوڙ سارين شاعراڻه صنفن کي ڇڏي ڪري فقط ترائيل ۽ سانيٽَ ئي ٻه اهڙيون صِنفون آهن، جن کي آئون شاعراڻه احساسن کان عاري، بس اهڙيون صِنفون سمجهندو هئس، جيڪي محض ٽيڪنڪ تي آڌاريل آهن. ٻي سِٽ، چوٿين سِٽ سان هم قافيه هجي، ٽي سِٽ جو قافيو ڇهين سِٽ سان ملي، پنجين ۽ ستين سِٽ وري به هم قافيه هُجن، وغيره وغيره، يعني ڇهه ٽِڪان ارڙنهن، ٻِه چونڪ اٺ، ست ڏُون چوڏنهن. هِنن صِنفن جو اهڙو سِٽاءُ ڏسي مون سوچيو، هِنن صنفن ۾ شاعري گهٽ ڪرتب بازي وڌيڪ ڪري سگهجي ٿي. (۽ ڪرتب بازي ڪئي به ويئي آهي.) جيڪا تخليق وجدان، لاشعور ۽ احساساتي وهڪري کان بنهه ڪوري محض، عقل ۽ شعوري ڪوشش تي آڌاريل هجي، اُها لطيف جذبن ۽ آرٽ کان کوکلي ٿي ويندي آهي، ڇو ته اُن کي شعور جي مقرر ڪيل محدود سرحدن اندر ئي سفر ڪرڻو هوندو آهي ۽ ڪجهه سِٽن کي اڳتي پوئتي ڪرڻ، لکڻ جي هڪ مشق کي شاعريءَ جو نالو ڏيڻو پوندو آهي، مثال جي طور تي آئون سنڌ جي هڪ سينيئر شاعر جو هيءُ تراعيل ڏيئي سگهان ٿو.
    تو ڪڏهن رات کان پُڇيو آهي،
    ته ڪوي شام کان سحر تائين،
    لاٽ جيان ڪيترو لُڇيو آهي،
    تو ڪڏهن رات کان پُڇيو آهي.
    ***
    يا ڪڏهن رات ئي ڪُڇيو آهي،
    لفظ ڪو ڏينهن جي خبر تائين،
    تو ڪڏهن رات کان پُڇيو آهي،
    ته ڪوي شام کان سحر تائين.
    ٽي ايس ايليٽ چواڻي ”اهڙي شاعري جيڪا اجتماعيت بدران فقط تخليقڪار جو ئي آواز محسوس ٿيندي هُجي، اُها مستقبل ۾ ائين رد ٿي ويندي، جيئن ڪا پُرفريب شيءُ ختم ٿي ويندي آهي.“
    مون اسان جي سينيئر شاعرن جا هيل تائين جيڪي به ترائيل يا سانيٽَ پڙهيا آهن، اهي پڙهندي مونکي شدت سان محسوس ٿيو ته يورپ جي هِن ڪلاسيڪل صِنف کي اسان جي پريميچوئر جِدت شاعريءَ جي آرٽيفِشل ۽ غير فطري صِنف بنائي ڇڏيو هو، ڇو ته شاعري فقط داخلي، خارجي ۽ احساساتي وارتا جو نالو ناهي، پر اُها پنهنجي ثقافتي رنگ جي گُهر به ڪري ٿي، اُن جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ ۾ ناهن ته اُها فرد جي هڪ انفرادي جوڙجڪ ئي آهي.
    اسانجي سينيئر شاعرن اهي صِنفون پر خاص ڪري سانيٽَ لکندي پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي سان ناتا ڇني ڇڏيا هئا ۽ نئين کي پراڻو نه ڪري سگهيا ۽ انهن جيڪا سانيٽ جي يورپين هيئت ۽ طرزِ تحرير متعين ڪئي يا برقرار رکي، اها سنڌي شاعريءَ لاءِ ڏاڍي مُنجهائيندڙ ۽ پيچيده پڻ هئي ۽ جديد مغربي شاعريءَ جي لاڙن جي ڀرمار جي ڪري هِن صِنف کي سِنڌ ۾ اُها جوڳي موٽ ڪونه ملي سگهي، جيڪا ٻين صِنفن کي ملي ۽ گڏ هِن صِنف (سانيٽَ) کي ڪجهه مخصوص بحرن ۾ ئي لکيو ويو ۽ مختلف رُڪنن کي ائين ڇڪي تاڻي پورو ڪيو ويو جو اُهي پڙهندي اسان لاڙ جي پان کائيندڙ شاعرن جي زبان ئي ڏُکي ٿي پوي.
    سانيٽَ سڀ کان پهرين اٽليءَ ۾ لکيو ويو، پر هِن لاطيني صِنف کي اوج وليم شيڪسپيئر ئي ڏنو ۽ منهنجو ذاتي خيال آهي ته اگر شيڪسپيئر سانيٽَ نه لکي ها ته شايد هي صِنف اٽليءَ تائين ئي محدود هُجي ها، شيڪسپيئر ته باقاعده هِن صِنف ۾ پنهنجو گهاڙيٽو متعارف ڪرايو، جنهن کي شيڪسپيئرين گهاڙيٽو چئجي ٿو، سارنگا ۾ ڇپيل مشتاق گبول جي مضمون موجب شيڪسپيئرين گهاڙيٽي کانسواءِ پيٽرارڪن سانيٽَ ”اٽليءَ جو شاعر پيٽرارڪ Petrarch (1334 - 1304ع) جنهن سڀ کان پهرين سانيٽ لکيا ۽ سندس گهاڙيٽي کي پيٽرارڪن گهاڙيٽو چئجي ٿو.“ اُن کان علاوه هڪ ٻئي شاعر اسپينسر Spenser جي لکيل سانيٽن جي گهاڙيٽي کي اسپينسيرين گهاڙيٽو چئجي ٿو.
    اسان جي سينيئر سنڌي شاعرن انهن ٽنهي گهاڙيٽن تي سانيٽَ ته لکيا ۽ اُنهن ۾ قافين جي بيهڪ جي حوالي سان تجربا ته ڪيا، پر اُنهن ۾ اُها موضوعاتي همگيري پيدا نه ڪري سگهيا، جيڪا هِن صِنف جي مقبوليت جو ڪارڻ بڻجي ها يا اُن مان پنهنجائپ جو ساءُ اچي ها.
    پر ويجهي ماضيءَ ۾ وسيم سومري ۽ اسحاق سميجي جي سانيٽن کان پوءِ هاڻ هاڻ جيڪي احمد سولنگي، اشفاق آذر ۽ جاويد جبار دائودپوٽي جا سانيٽَ پڙهيا اٿم ته اُنهن ويساهه ڏياريو آهي ته هِن صِنف جي نالي ۾ ڪا شاعراڻي مشق نه پئي ٿئي، پر هيءَ باقاعدي شاعريءَ جي هڪ صِنف آهي، اهو سنڌي شاعريءَ جو الميو ئي چئجي جو لڳ ڀڳ سٺ سالن کان پوءِ هِن صِنف سنڌي ويس پاتو آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته ڪجهه وقت اڳ هڪ سنڌي مئگزين ۾ هلندڙ اُهو بحث ئي اجايو هو ته سنڌ ۾ سڀ کان پهرين سانيٽَ ڪنهن لکيو؟ اهو بحث انهن سانيٽن تي پئي ٿيو جيڪي مغربي شاعريءَ جي اطاعت جي ڪري سنڌي شاعري هضم نه پئي ڪري سگهي، ڇو ته اهي اسان جي نِج پنهنجي مروج قدرن سان رلمل نه ٿيل هُيا، بحث ته اُن ڳالهه تي ٿيڻ گُهرجي ها ته سانيٽ کي سڀ کان پهرين سنڌي رنگ ڪنهن ڏنو؟
    اڄ آئون هتي وسيم سومري، اسحاق سميجي، احمد سولنگي ۽ اشفاق آذر جي سانيٽن کي ڇڏي جاويد جبار جي اُنهن سانيٽن تي ڳالهائيندس جيڪي سندس ڪتاب ۾ موجود آهن.
    اهي سانيٽَ هڪ هڪ ڪري پڙهندو آئون حيرت جي جهان ۾ گُم ٿيندو ويس. جاويد جبار دائودپوٽي پنهنجي هِن ڪتاب ۾ سانيٽن کي ائين سليس ۽ آسان ڪري لکيو آهي، جو مونکي مٿن نظم جو گُمان ٿيڻ لڳو ۽ جيڪڏهن آئون اُنهن کي هڪ مڪمل نظم چوان ته به حق بجانب آهيان ۽ وڏي ڳالهه ته هُن رڳو سانيٽن جي مخصوص هيئت کي ناهي قبوليو، پر اُن ۾ ڪافي فني تجربا به ڪيا آهن ۽ سندس اُهو تجربو ايترو ته سڀاويڪ ۽ وڻندڙ آهي جو هِن صِنف سان جيڪا مُنهنجي دُشمني هئي اُها دوستيءَ ۾ بدلجي ويئي ۽ پهريون ڀيرو مون به سانيٽ لکڻ جو سوچيو، اسانجي سينيئر شاعرن جيان هِن ڪجهه مخصوص بحرن ۾ سانيٽَ ناهن لکيا، پر سنڌي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيترن ئي بحرن کي هن پنهنجي سانيٽن ۾ سمايو آهي.
    جيستائين منهنجي ڄاڻ آهي ته ترائيلن جو سنڌيءَ ۾ مڪمل ڪتاب هند ۾ هريڪانت جو ڇپجي چُڪو آهي، پر سنڌيءَ ٻولي ۾ سانيٽن جو هيءٌ پهريون مڪمل ڪتاب آهي، جنهن جو اعزاز جاويد جبار دائودپوٽي کي وڃي ٿو، جنهن ڪنهن به مصنوعيت کان آجا تخليقيت سان ڀرپور ههڙا پُراثر سانيٽ لکي ڄڻ سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئون ڳهه پارايو آهي، سندس سانيٽن جي ڪيترن ئي سِٽن جي معنويت تي سوچي آئون سچ ته حيران ٿي ويس، ڇو ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ههڙيون سِٽون ورلي نظر مان گُذرنديون آهن.

    تو کجين جي باغ ۾ مونکي چيو،
    ناچڻيءَ جي پير ڏانهن ڏسبو نه آ.
    ***
    نانگ جوڳڻ جي بدن ۾ ويو لِڪي،
    ڄڻ نديءَ جي هو ڪپن ۾ ويو لِڪي.
    ***
    بستر ۾ گرم انب اچي پال وِڌا ڪنهن؟
    ***
    نِهاريو تو جي سارين ڏانهن هراڙي شام ٿي ويندي.
    ***
    مون پهاڙين تي سُمهي سوڙهي ندي جانچي ڏٺي.

    توڻي جو جاويد جبار دائودپوٽو اسان جي ڪيترن ئي پڙهندڙن لاءِ بنهه نئون نالو هوندو، پر سندس شاعراڻه رياضت کي ڏسي/ پڙهي چئي سگهجي ٿو ته پنهنجي ڊڪشن کان وٺي مُشاهدي ۽ ذاتي تجربي تائين وٽس پنهنجو هڪ نئون ۽ نرالو رنگ ڍنگ آهي.

    اکّ تنهنجي شهر هِن ڪيئي ڪکيا،
    ٽهڪ تنهنجا ڪونه ٿا ڪنهن کان کَڄن.
    ***
    وڻن جي ڇڻيل پنن جو سُرمو،
    بهار بيٺي اکين ۾ پائي.

    جاويد جي سانيٽن ۾ اسان اهڙا ڪيئي منظر ڏسي سگهون ٿا، جيڪي هونئن ته عام رواجي چئي سگهجن ٿا، پر سندس قلم جي گرفت ۾ اچڻ کان پوءِ اهي غير روايتي ٿيو پون ۽ گڏ سندس سانيٽَ اهو به محسوس ڪرائين ٿا ته هُن محض شوقيه طور سانيٽ کي ناهي اپنايو پر وٽس اُهو اظهار جو ذريعو بنجي آيو آهي ۽ سندس اهو تخليقي تجربو ايترو ته ڪامياب ويو آهي، جو اُهو هر پڙهندڙ کي پنهنجو تجربو ٿو محسوس ٿئي.

    ڪهڙو فرق پوي ٿو سانئڻ،
    تون به ته ڌرتيءَ تي ئي آهين.
    ***
    چنڊ چڙهي ٿو پوٺا ٻهڪن،
    رات اچي ٿي ڪوٺا سهڪن.
    ***
    پير تنهنجا لاڙ کي ايڏو وڻيا،
    ڪونه ٿو مونسان ملڻ لاءِ ڀي ڇڏي.

    هن ڪتاب ۾ هيءُ جاويد جا سانيٽَ ئي ناهن پر اُهو سڀ ڪرب به موجود آهي، جيڪو هن جي تخليقي جوهر جو بنيادي ڪارڻ آهي ۽ اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، ان جا گهڻا تلخ رنگ به سندس سانيٽن ۾ سمائجي ويا آهن، پنهنجي فڪري سطح تي هُو اُنهي شخص جي ڀوڳنا به محسوس ٿو ڪرائي، جيڪو هر پل جيئندي مرندي به زندگيءَ مان مايوس ناهي ۽ ڪجهه بهتر ڪرڻ جي جستجو ۾ مگن آهي.

    ڪير عيسيٰ کي ٽنگي ٿو مون اندر،
    لڙڪ مريم جا ٿو ڪو تاڙو جهٽي،
    ميگهه موسم ۾ ڀڳل گوڙي مندر،
    مون ۾ ڪو سيّاحَ پوڙهو پيو تڪي.
    ***
    ڪير وڇوڙن کي سمجهائي،
    پنهنجو وقت وڃائن ٿا پيا،
    توسان عشق اُهوئي آهي،
    ڇا تي زور لڳائن ٿا پيا.
    ***
    ڪو ڪاڙهن ۾ لابارن تي،
    ٿي جسم ڪڙهيو ڪنهن مومل جو،
    هر ٿاڪن تي هر چارن تي،
    بس ٻاگهل جو ٿي ڪنڌ ڪُٺو.

    جاويد جا سانيٽَ پڙهي، مجموعي راءِ اهائي ڏئي سگهجي ٿي ته ننڍي وهيءَ ۾ ئي هُن جا شاعراڻه قدر ايترا ته پُختا ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن، جو ڪنهن به نقاد وٽ انهن کي رد ڪرڻ جا جواز سامهون نٿا اچي سگهن ۽ انهن ۾ جيڪا جذبي جي اُڇل ۽ خيالن جي بي ساختگي آهي، اُها ڪنهن نئين شاعر وٽ گهٽ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، دعا آهي ته سندس هي فني ۽ فڪري سفر اڃان به گهڻيون منزلون طئه ڪري، ڇو ته اهو سفر فقط جاويد جو ئي سفر ناهي، پر جديد سنڌي شاعريءَ جو به سفر آهي...!


    فراق هاليپوٽو
    ٽنڊوباگو
    03462917484


    رُوحَ ۾ رَچيل مجذوبِيت

    زان پال سارتر پنهنجي هڪ ڪتاب (What is Litrature) ۾ لکيو آهي ته شاعري وقت جو زيان آهي.
    سو مون به هيءُ ڪجهه سانيٽَ لکي پنهنجي زندگيءَ جو ڪجهه حصو زيان ڪري ڇڏيو آهي، پر مونکي اُن تي ذرو به پڇتاءُ ڪونهي نه ئي وري وقت زيان ٿي وڃڻ جو ڪو ڏُک!
    سارتر اِها ڳالهه ڪهڙي بنياد تي چئي ۽ ڇو چئي؟ اُن تي ڳالهائي آئون پنهنجو رهيل وقت زيان نٿو ڪرڻ چاهيان ۽ جي ائين ڪيم ته پوءِ يقين ڄاڻو مونکي پڇتاءُ به ٿيندو ۽ ڏُک به.
    آئون بس اِهو ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته منهنجا هيءُ سمورا سانيٽَ هڪڙي اهڙي سرمستي آهي، جنهن کي آئون”عثمان مرونديءَ“ جيان پاڻ تان اُکيلي نٿو سگهان.
    مون جڏهن به روئڻ چاهيو آهي ۽ جڏهن گهڻو چاهڻ جي باوجود به هڪڙو لُڙڪ ناهي ڪريو، تڏهن منهنجو ڪو نه ڪو سانيٽُ ڦُٽي پيو آهي، منهنجي اکين جيڏانهن به ۽ جتي جتي به نهاريو آهي ته اُتي مونکي گوتم جو ”سروم دکم دکم“ ايترو ته ويجهو نظر آيو آهي، جو مون پنهنجي ساهه کي به روڪي ڇڏيو هوندو.
    معاشراتي اڪثريت رجعتي رستن تي انڌن وانگي هٿوراڙيون هڻندي نظر آئي آهي، پر ڪجهه فرد (Master Morality) سان سموري معاشي وسيلن کان ويندي فطرت تائين مڪمل قابض آهن، باقي ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا (Thinking is better job) تي چنبڙيل آهن.
    ڪنهن ٻُڌايو هو ته (Five fingers not are equal) تڏهن مون اهو ڄاڻي ورتو ته دنيا ۾ ڪابه اهڙي (Statement) ناهي، جيڪا اهو ٻُڌائي سگهي ته سڀ شيون ساڳيون آهن ۽ هڪ ئي آهن، پر جڏهن (Cause & Effect) تي ويچارجي ٿو ته هر هنڌ تضاد (Contradictions)ئي نظر اچن ٿا. جيئرا جاڳندڙ انسان مُئل ۽ الاءِ ته ڪڏهوڪا مري ويل اڃان تائين زنده آهن، انهن ڳالهين تي سوچي ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم، بهرحال ڏُک هميشه سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ذهن جي حصي ۾ ايندو آهي، اِها هڪڙي تلخ حقيقت آهي، جنهن کان قطعي انڪار نٿو ڪري سگهجي.
    يوناني ڏاهي سُقراط ڪنهن هنڌ چيو هو ته:
    (Know thy yourself) يعني ”پنهنجي پاڻ کي سڃاڻو“
    اِهو جملو مون جڏهن به پاڻ ۾ ورجايو آهي ته منهنجي اندر ۾ هڪڙي حقيقت جو نزول ٿيو آهي ۽ جڏهن به اُن حقيقت سان ٽڪرايو آهيان ته مُنهنجي مِٽي ڀُري پئي هوندي ۽ جڏهن به ڀُريو آهيان ته مُنهنجي چؤطرف هڪڙي ئي رڙ ٻُڌڻ ۾ آئي هوندي، اُها رڙ ”زان زاڪ روسو“ جي آهي، جيڪو واڪا ڪندو چوندو ٿو رهي ته (Go back to nature go back to nature) ۽ پوءِ آئون فطرت ڏانهن ڊِگهي لُوهَه پائي پُڄي ويو هوندس ته فطرت مونکي ٻاجهارا رنگ ارپيا هوندا ۽ مون جڏهن جڏهن به اُنهن رنگن ڏانهن نِهاريو هوندو، ڇُهيو هوندو ته اچانڪ مون وٽ شاعري ڄَمي پئي هوندي! منهنجي اُن سڄي سفر ۾ ڪوبه ڪمال ڪونهي، ڪمال آهي، اُنهن اکين جو جن جا اوجاڳا مُنهنجي قد کان اِلاهي وڏا آهن.
    جنهن کي مون ميلن ۾ کُليل وارن سان ڳائيندي ڏِٺو آهي، پر منهنجي تصور ۾ جڏهن به آئي آهي ته هميشه ”منٺار فقير راڄڙ“ جي اجرڪ اوڍي آئي آهي.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوالهيار جي پليٽ فارم تان منهنجي ذهني اوسر ٿي آهي، اُن جي ئي ڪنهن دستوري گڏجاڻيءَ ۾ هڪ دفعي سائين ڊاڪٽر محمود مغل صاحب مونکي اکين ۾ اکيون وجهي چيو هو ته ”جاويد....تنهنجي پُٺيان جيڪا بيٺي آهي نه؟ توکي اُن جي ئي دعا آهي، هوءَ هينئر به تنهنجي پُٺيان بيٺي آهي ۽ تولئه دعا پئي ڪري.“
    اُن وقت ته آئون چُپ چاپ خاموش ويٺو رهيس، پر جڏهن اُٿي روانا ٿيا هئاسين ته مون هُن کي ڏاڍو ڳوليو هو ۽ اڄ تائين بستري تي پاسيرو ٿي رُڳو اُن ڪري سمهندو آهيان جو منهنجي پُٺيان بيٺل هُن جي نِنڊ ڪِٿي زنگجي نه وڃي!
    وقت ٿيو آ هُن کي ڳوليندي، اڃان تائين ته سامهون نظر نٿي اچي، سوچيان ٿو اگر سامهون نظر اچي وڃي ته کيس ”البرٽ ڪاميو“ جون هيءُ سِٽون ٻُڌايانس.
    ”منهنجي پُٺ نه وٺ
    ڇو ته مون ۾ اڳواڻيءَ جي صلاحيت ناهي“

    منهنجي هِنن سانيٽن لاءِ آئون پاڻ وٽ ڪابه راءِ محفوظ نٿو رکان ۽ نه ئي آئون اِهو سمجهڻ جي حق ۾ آهيان ته سنڌي ادب ۾ سانيٽن جو مڪمل مجموعو ڏئي مون ڪو وڏو ڪم ڪيو آهي، مون سچ پُڇيو ته بس پنهنجو اکيون واڪيون آهن ۽ بس..... مون درگاهن جي وڏن وڻن هيٺان منجيءَ تي رکيل مَٽن جو پاڻي جڏهن به ٻُڪن ۾ پيتو آهي ته مُنهنجي رُوح ۾ هڪڙي مجذوبيت ”مِٺي فقير“ جي ڍير جيتري وڌندي محسوس ٿي آهي ۽ پوءِ آئون آسمان جيڏو حيران ٿي ويو آهيان پر جڏهن ”گليلو“ چئي چُڪو آهي ته ”دنيا گول آهي.“ ته مونکي پنهنجي لاٽونءَ وانگي ڦِرڻ تي ڪابه حيرت ناهي ٿيندي!
    ۽ انهن ڪيفيتن جي سموري سفر ۾ جڏهن به شاعريءَ سان ٻکين پيو آهيان ته انهن مان سانيٽَ مونتي جيئن جيئن لٿا آهن ۽ مون اُنهن کي تيئن ئي ڊائري تي سُڪائي ڇڏيو آهي، ڇو ته اڄ به مونکي ائين محسوس ٿئي ٿو ته منهنجا ڪجهه سانيٽَ ڳوڙهن هاڻا آهن، منهنجي اکين ته اُنهن جو ذائقو چکي ڏٺو، هاڻي اِهو اوهان سڄڻن تي ڇڏجي ٿو ته ڪيترا ڪڙا آهن ۽ ڪيترا مِٺا؟ اِهو اوهان تي ئي آهي!
    آئون سامروٽي پبليڪيشن جو انتهائي ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجو هيءُ ڪتاب ڇاپڻ جو ذمو کنيو.
    محترم سائين ڊاڪٽر محمود مغل ۽ ڀاءُ وفا مولا بخش قمبراڻيءَ جو بيحد شاڪر آهيان، جن مونکي هر قدم تي اُتساھ بخشيو ۽ هن ڪتاب آڻڻ ۾ الاهي ساٿ ڏنو.
    آئون بيحد ٿورائتو آهيان ڀاءُ فراق هاليپوٽو جو جنهن ڪتاب جو مُهاڳ لکي ڏنو سندس وڏيون محبتون. سائين حاجي ساند بيڪ ٽائيٽل لکيو ان جي محبتن جو به آئون قرضي آهيان. اُن کان علاوه مختيار سهتي، اعجاز شا، ريحان ابڙي جا به وڏا وڙ جن تاثر لکي ڏنا، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوالهيار جي سيڪريٽري فقير محمد ڍول ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي آڊيٽر فقير محمد انڙ ۽ شاخ جي سڀني دوستن جو آئون بيحد مشڪور آهيان، جن مونکي هر قدم تي اُتساھ بخشيو!. اُن کان علاوه فرهاد جروار، غلام رسول نهڙيو، سرفراز بوزدار، منظور احمداڻي ۽ عابد حسين ڍاٽيءَ جو پڻ ٿورائتو آهيان جن ڪتاب ۾ ساٿ نڀايو.
    باقي منهنجن هِنن سمورن سانيٽن مان ڪير ڪنهن به ڳاڙهي انقلاب جي توقع نه رکي نه ته بعد ۾ اُن دوست کي خواه مخواه جو ڏُک ٿيندو ۽ ان ڏُک جو آئون ذميوار ڪونه هوندس ۽ نه ئي وري اُن ڏُک ۾ برابر جو شريڪ....
    البته هيءُ سانيٽَ هڪڙي رُوح رچندي آهي، هڪڙي رولاڪي آهي بس!
    ڪنهن کي قبول پوي ته بِسم الله، جي ڪير اُنهن کي Reject ڪرڻ چاهي ٿو ته به Most Welcome مونکي اُن تي ڪو به اعتراض ڪونه هوندو.
    ڇو ته باروخ اسپائنوزا (Baruch Spinoza) ته چئي چُڪو (Virtue is its own reward) ”نيڪي خود پنهنجو سلو پاڻ آهي.“

    جاويد جبار دائودپوٽو
    0308-2660803
    0345-2262559
    Javedjabbar93@gmail.com


    چنڊ رُلي پيو ڄڻ ڪو لاشو!

    سارا ڳوٺ لڏيندا مون ۾،
    منهنجي نِنڊ پرڻجي ويندي!
    توکي عڪس سڏيندا مون ۾!
    مون تي تنهنجي بارش ٿيندي!

    جاويد جبار جون مٿيون سِٽون مون سندس سانيٽُ ”تون وري آ“ مان کنيون آهن، جن کي پڙهي وڪٽرهيوگو جي ڳالهه ياد اچي وئي، جنهن چيو ته موسيقي ذريعي اهو اظهاري سگهجي ٿو، جيڪو لفظن ۾ اظهارڻ ممڪن ناهي ۽ خاموش به نه ٿو ٿي سگهي.
    شاعري آهي ئي اظهار جي خوبصورت ترين طريقي جو نانءُ، ڀلا عام ذهن نِنڊ جي پرڻجي وڃڻ جهڙو تصور ڪهڙن خيالن جي ڄڃ مان کڻي اَچي؟
    جاويد جبار جا سانيٽَ پڙهندي مون پنهنجي ڪيفيتن جي بدلاءُ کي به محسوس ڪيو ته جُمود کي به!!
    جاويد ساڳئي ئِي سانيٽُ ۾ هيئن به لِکي ٿو.

    منهنجو عشق مهانگو ڪونهي،
    پر تون ڪونه خريدي سگهندين،
    رستو ڪو به اڙانگو ڪونهي،
    پر تون ڪونه ڪٿان ڀي لنگهندين.

    مٿين سِٽن ۾ هن نوجوان شاعر جي عشق جي اهڙي جهلڪ پسي سگهجي ٿي، جيڪا 23 سالن جي الهڙ جوان کي مايوسيون اظهارڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي ته ساڳئي ئي سانيٽُ جي آخر ۾ وَرِي هي ٻه سِٽون شاندار هوندي به اندر جي آنڌ مانڌ کي هڪ مُنجَهه تائين مِحدُود ئي پسائن ٿيون.

    مون ۾ ڪيڏي آڳ ٻري آ،
    بارش ڪونهي تون ته وري آ.

    فقط چئن سالن جي رياضت سان جاويد جبار ڪجهه اِهڙين شين تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪئي آهي، جن لاءِ گهڻا ئي وقت خور شاعر بهتر طريقي سان طبع آزمائي به ناهن ڪري سگهندا، خُود سانيٽ جهڙي صنف تي سندُس مڪمل ڪتاب جو اَچَڻ به انهن مان هڪ آهي.
    سِنڌي شاعري جي جهوليءَ ۾ جاويد جو هيءُ ڪتاب جاويد کي ۽ سنڌي سانيٽَ کي اَمرِت پياري ويندو، اِن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهجي.
    جاويد جبار وٽ جيڪا تشبيهن جي نواڻ آهي، سا سندُس شبد ڀنڊار ۽ جي وُسعت کي ظاهر ڪري ٿي يا وري سندس پيشڪش کي ڏسجي ته اُن ۾ به ڪافي حد تائين تازگي نظر ايندي.

    تُربتن تي بارشون ڏاڍيون وُٺيون،
    بادلن مان نيڻ هيڪاندا ڪريا.

    بادلن مان نيڻن جو ڪِرڻ اَڇوتو خيال ۽ پيشڪش آهي، ساڳئي ئي سانيٽ “مئي پُڄاڻان” ۾ هيٺيون سِٽون

    نِنڊ ۾ هِن زندگيون ڪيڏيون سُتيون،
    فاصلا ناهِن مٽيءَ جا ايترا.

    وجداني ڪيفين جا خيال آهن جيڪي شايد شاعر کي به خبر نه هجي ته ڪٿان ڪيئن ۽ ڇو لکجي ويا آهن، ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ آئون ته اهڙن خيالن کي ئي مي رقصم ڏسان ٿو!!
    فڪري حوالي سان ساڳئي سانيٽُ جو هي بند ڪيڏو نه اعليٰ آهي.

    آسمان جي ڇانءُ آ قبرن مٿان،
    وڻ سَمورا مقبرن کان مٿڀرا،
    رُوح پروازون پياڪن ڪڪرن مٿان،
    بس حياتي ۾ لڳون ٿا اوپرا.

    يا ورِي هيٺيون بند
    مُئي پُڄاڻان سونهن مٽي ٿيو پَوِي،
    سُونهن شايد آهه مٽي جي رُڳو،
    پهريون سجدو ڀي مٽي کي ٿو مِلي،
    هو فرشتو نه مڃئين ابليس ٿيو.

    مٿين بندن مان هن نوجوان شاعر جي پهرين قدمن جي مضبوط ۽ پختگي کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ڪجهه انفرادي خصوصيتون جيڪي مون محسوس ڪيون ۽ جاويد تي پيار اچي ويم اهي به پڙهندڙن آڏو پيش ڪندو هلان. هي سانيٽُ ”ڌرتي“ جون ڪجهه سِٽون آهن.



    رِڻ تي بادل جو ڪو پاڇو،
    ناهي ڇالاءِ وقت ٿيو آ،
    چنڊ رُلي پيو ڄڻ ڪو لاشو،
    مون وٽ اُن جو ساهه پيو آ!

    ڏاڍيون شاندار سِٽون آهن، انتهائي خوبصورت علامتي انداز سان پيش ڪيون ويون آهن يا وري هيٺ پڙهي ڏِسو.

    ساهه کڻان تون ٿَڪّ ڀڃي آ،
    ڌرتي ۽ آڪاس پُڄايون،
    رِڻ جا ٻَرندڙ اَڪّ ڀڃي آ،
    اُن جي ٿڃ سان اُڃ کُٽايون.

    ***

    وراڙو تنهنجي ساهن جو پُڳو منهنجي چپن آهي،
    وصل جي چور لمحي کان ورائي ڪا چُمي ويندو،
    چُگهن تي گِهم چوڌاري، چپن جي ڀي ڪپن آهي،
    اکين جو ڳوٺ کيپن ۾، پڇين ٿي تون ڪڏهن ايندو.

    جاويد جبار جي شاعري ۾ مستقبل جي هڪ خوبصورت شاعر جون سڀ نشانيون پختيون نظر اچن ٿيون، هن نوجوان وٽ ڏات به آهي ته ڏانءُ به، علم به آهي ته عقل به وڏي ڳالهه عُمر به!! ڇو ته جاويد جبار اڃان ڦُوهه جوانيءَ جي لهرن ۾ ئي آهي، کيس اَڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، سنڌي سانيٽَ جي پهرين صاحبِ ڪتاب جو سَهرو ته سندس مٿي تي اَچي چُڪو.
    مون شروعات ۾ لکيو هو ته جاويد جي شاعري پڙهندي ڪيفيتن ۾ بدلاءُ به محسوس ڪيم ته جمود به، سو واضح ڪندو هلان ته بدلاءُ سانيٽ جي بدلي ٿيڻ سان يا ڪٿي ڪٿي ٽيسٽ تبديل ٿيڻ سبب به آيو ٿي يا وري وزن تي ڪيل تجربن سبب ردم ۾ بدلاءُ ۽ جمود اڪثر سانيٽن ۾ ملندڙ جلندڙ خيالن ۽ تشبيهن، تمثيلن سبب جاري رهيو، موضوع جي يڪسانيت کي به رد نٿو ڪري سگهجي، منهنجي خيال ۾ جاويد کي هر قدم ڦُوڪي ڦُوڪي کڻڻ گهرجي.
    ڇو ته آئون سمجهان ٿو ته جاويد ۾ پوٽينشل تمام گهڻو آهي، اُن کي ڪنهن ٽرينڊ جي ور نه چڙهي وڃڻ کپي، ڇو ته اهڙا ئي نوجوان خود ٽرينڊ سينٽر ثابت ٿي سگهندا آهن.

    اعجاز شا
    ٽنڊو غلام علي
    03342561305
    2016-10-17


    گهنگهور ڪاريءَ گهٽا

    گهنگهور ڪاريءَ گهٽا جي اڳيان اُڏامندڙ سفيد پکين جهڙو شاعر جاويد جبار دائودپوٽو

    معرفت جو علم لاشعوريءَ طور تي حاصل ٿيڻ کان وٺي سوچ جي پُختي ٿيڻ تائين زندگيءَ جي سمورن پهلوئن تي غور وَفڪر جا اڻ کٽ سلسلا اڄ تائين سوال بڻيل آهن، زندگيءَ جي ڳجهارت کي ڀڃڻ لاءِ ڪنهن ماڻهوءَ جو من بار بار پلصراتون اُڪري ٿو، ته ڪڏهن ستن آسمانن جون وَساورنيون ڄڻ گڏائي ڇڏيندو آهي، ڌرتيءَ جي آسمان جي وَساورنيءَ هڪ شاعر جي روح جهڙيءَ هُجي ٿي، پر ٻين آسمانن جي انڊلٺن جو هُجڻ يا نه هُجڻ سائنسيءَ طور ڀلي نه کڻي به هجي، پر تصور ۾ اندر جي اک ضرور ڏسي ٿي.
    هر ماڻهو تصور ڪري ٿو تصور ۾ دنيا گُهميءَ سگهجي ٿو، تصور ۾ سڄيءَ دنيا گهمڻ لاءِ ڪنهن به ويزا جي ضرورت ناهي، تصور ۾ دنيا جو هر ماڻهو چميءَ سگهي ٿو، تصور ۾ هر ظالم تي بار بار ٿُڪي سگهجي ٿو، تصور ۾ دنيا جا سڀ هٿيار سمنڊ ۾ اُڇلي ”هيج مان هلو“ کي ترانو ڪري ڳائي سگهجي ٿو.
    تصور ۾ سرمائيداري نظام کي ٿڏو هڻي گڏ ڪيل دولت پوري انسانيت ۾ برابريءَ جي بنياد تي ورهائي سگهجي ٿي.
    تصور ۾ سڄي دنيا بدلجي وڃي ٿي، پر تصور مان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ اندر جي اک سان ملي ٻن اکين سان هڪ شاعر ڏسي ٿو ته پاڻ ۾ جوالا مُکي ڦاٽندي ڏسي ٿو ۽ هڪ شاعر ۾ روز آتش فشان ڦاٽندا رهن ٿا.
    نتيجي ۾ دنيا جي هر درد کي زوم ڪري ڏسڻ جي سگهه فقط اندر جي اک کي ئي ملي ٿي، اها اک فقط هڪ لِکاريءَ کي ملي ٿي،
    وڻن جي شهر ٽنڊو غلام علي ۽ ٽنڊوالهيار جي بلڪل وچ تي آباد هڪ پسمانده نگريءَ ۾ اکيون کوليندڙ جاويد جبار دائودپوٽو ڪجهه سال پهرين مونسان مليو ته هُن جي اکين ۾ مون اها ٽيءَ اک به ڏٺي هئي، جيڪا ڪاريءَ برساتيءَ رات ۾ سمنڊ ۾ طرف ٻُڌائي سگهي ٿي، بقول هُن جي ته هُن کي منهنجي ڳولا، اصل ۾ هُن کي منهنجي نظمن سان ملڻو هو.
    پر جڏهن هُن جي شاعريءَ ٻڌندي پسنديدگيءَ جي غير يقيني جي عالم جو شڪار ٿي ويس، ائين جيئن پرفيوم خريدڻ وقت سنگهڻ جو حواس، رانديڪو خريد ڪرڻ وقت ڪو ٻار فيصلو نه ڪري سگهي، جاويد جي شاعريءَ رسالن کان وٺي سوشل ميڊيا تائين تمام گهٽ پهتي آهي.
    جاويد جي شاعريءَ ۾ غزل، نظم ۽ نئين ڪويتا ۾ هُن جو فڪر، هُن جي ڏاهيءَ ڏات روايت کان باغيءَ ۽ جدت سان علمبردار آهي، پر انهي سفر ۾ سڀني صِنفن تي طبع آزمائي ڪندي، ڪجهه ڏينهن ۾ هُن اهيو انڪشاف به ڪيو ته هُن سنڌي ادب ۾ سانيٽن جو پهريون مڪمل مجموعو ترتيب ڏئي ورتو آهي.
    سانيٽ تي طبع آزمائيءَ جي سفر ۾ احمد سولنگي، نقاش علواڻي، اسحاق سميجو ۽ ٻيا ڪجهه اصل روح ڦوڪڻ ۾ ڪامياب ويا آهن، پر پورو مجموعو ڏيڻ يقينن هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي، يقينن هِن نوجوان شاعر هڪ قلعو فتح ڪري ورتو آهي ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ سنڌي ادب جي چاهيندڙن کي اوس ڪرڻ گهرجي.
    جاويد جا ڪافي سانيٽَ نون خيالن جي جذبي جي نواڻ سان واڳيل آهن، وڏي ۽ خاص ڳالهه هنن سانيٽن ۾ اها آهي ته هنن ۾ هر اهو رنگ موجود آهي، جو ٻن رنگن جي ميلاپ جو مظهر آهي ۽ نج نئون نبار آهي، يقينن هيءَ روايت کان باغيپڻو نئين جهان سان روشناس ڪرائي ٿو، جيڪو شاعريءَ ۾ شاعر لاءِ سڀاويڪ ۽ اهم قدم پڻ آهي، هنن سانيٽن ۾ اڻ ڏٺل سپنا به آهن، حيرت ۾ وجهندڙ تشبيهون به آهن، طلسمي عنصر به آهن، ڪٿي ته نيون راهون به دريافت ڪيل آهن، مجموعي طور تي پاڻ کي سهيڙيندڙ هُن ڄڻ پوري جڳ کي سهيڙيو آهي.
    هِن جي شاعريءَ جو ترڪيبيءَ، تشبيهيءَ ۽ استعاراتي نظام سڄي جو سڄو پنهنجي ڌرتيءَ جي تهذيب، سماجي قدرن ۽ فطرت سان هم آهنگ آهي، سندس شاعريءَ ۾ معصوميت ۽ گهرائيءَ جابجا نظر اچي ٿي، سندس سمورا سانيٽ هڪ نئين دنيا طرف کلندڙ دريءَ مثل آهن.
    ڇاڪاڻ ته اُهي وسيع تصور ۾ پنهنجي داخليت جي ڀوڳنا توڙي خوشيءَ جو امتزاجي داستان به آهن ته خارجيت تي ڪيل طويل رولاڪيءَ پڻ.
    سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ سانيٽن جو پهريون مڪمل ڪتاب ڏيڻ تي جاويد جبار دائودپوٽي جي هيءَ هڪ پهرين ۽ ڪامياب وِک آهي. ڪو به سانيٽ ڪوٽ ڪرڻ بجاءِ پورو ڪتاب توهان قارئين جي آڏو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ هر سانيٽ جو عنوان به حسين پس منظر پيش ڪري ٿو، سمورا سانيٽ بار بار پڙهڻ جهڙا آهن.


    مختيار سهتو
    0346-3926630
    30 سيپٽمبر 2016ع


    جاوِيد بيچيني

    نظر جي پهرئين شاٽ سان، دل تي نقش ٿيندڙ هُن جي تصوير ۾ بيچيني صاف نظر آئي، قلم جي واسطي کان وِک اڳتي وڌي درد جي رستي کان سندس تصوير کي ويجهو ٿي ڏٺم ته هن جي تانگهه، تڙپ ۽ لوچ جو ڪو انت ئي نظر نٿي آيو، سندس وجود جي ڪوزي ۾ درد جو دريا، تِک ۽ تار سان روان هو، پر ان جي اونهائي ڪير ڄاڻي.
    ايتري ننڍي عمر ۾ ايڏو ڳوڙهو هجڻ اڪثر انسان کي سماج کان ڪٽي ڇڏيندو آهي، پر هن آرٽسٽڪ نوجوان پاڻ کي جيئن جو تيئن رکي به سماج جو سڀئي ذميواريون نڀايون آهن، هڪ سٺو پٽ، هڪ وڏو ڀاءُ، هڪ محنتي شاگرد ۽ هڪ ذميوار عاشق، زندگيءَ جي ٿيٽر ۾ هن پنهنجا سڀ جا سڀ ڪردار ڪمال سان نڀايا آهن.
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ جڏهن پهريون دفعو سندس غزل ٻڌڻ جو موقعو مليو هو ته دل هن جي شاعرانه هنر جي معترف ٿي وئي هئي، ويتر مختلف صنفن تي سندس ساڳئي انداز جي گرفت ڏسي، دل هن جي گرفت ۾ اچي ويئي، جڏهن پهريون دفعو مونکي پنهنجو سانيٽُ ٻڌايائين ته هن جي فن تي ايمان پُختو ٿي ويو، ڏسندي ئي ڏسندي اهڙو وقت آيو جو مون پارا دوست کيس ”سانيٽَ جو مجموعو“ ڇپرائڻ جو مشورو ڏيڻ لڳا، سڀني مخلص دوستن جو اهو خواب پورو ٿي رهيو آهي، جيڪو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون موقعو آهي.
    هڪ ڪلاسيڪل مغربي صنف ۾ پنهنجي منفرد اسلوب، تشبيهن ۽ استعارن سان سنڌ کي چٽيو ويو آهي، جنهن ۾ لاڙ به آهي ته اتر به، ڪاڇو ۽ ٿر به، ڪنڀارڻ به آهي ته اوڏڻ به، تاريخ به آهي ته حال به.
    سندس اسمن ۾ هو ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ وارو شاهه صاحب جو ڪردار نظر اچي ٿو، جنهن کي بيچيني ماءُ پيٽان مليل آهي، دنيا جي ميلي ۾ هُو هر وقت وڃايل ٻار وانگي رُلندو ۽ رڙندو رهي ٿو، ڪو به هِن کي دلاسو نٿو ڏئي سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس منزل تائين ڪنهن جي به اک نٿي پُڄي ۽ هن جي بيچيني زندهه ۽ جاويد رهي ٿي، دعا آهي ته اڳتي به هُو ائين ئي درد جي ترجماني ڪندو رهي.


    محبتن مان
    ريحان ابڙو
    0301-2564718
    نصرپور
    اپريل 2016ع


    سانيٽ

    تون وَري آ

    سارا ڳوٺَ لَڏيندا مُون ۾!
    مُنهنجي نِنڊ پرڻجي وِيندي!
    توکي عڪسَ سَڏيندا مُون ۾!
    مُون تي تُنهنجي بارِش ٿِيندي!

    مُنهنجو عِشق مهانگو ڪونهي!
    پر تُون ڪونه خَريدي سگهندين!
    رَستو ڪو به اَڙانگو ڪونهي!
    پر تُون ڪونه ڪِٿان ڀِي لنگهندين!

    تُنهنجا پيرَ اَکين تي مُنهنجي!
    ڪيڏو ڀاڳَ ڀَريو مان آهيان!
    مُونکي رقصَ سنواريو تُنهنجي!
    سَمجهي جهان چَريو مان آهيان!

    مُون ۾ ڪيڏِي آڳُ ٻَري آ!
    بارِشُ ڪونهي تُون ته وَري آ!


    راهبا

    راهبا جي وِرد جو هو ڊٻ منڊيل،
    چرچَ ۾ ها سڀ ڪَبُوترَ کيت جا!
    هر دُعا ۾ هئا گَهڻن جا هٿ ڳنڍيل!
    ڄڻ ڪي ٿُوهر هئا ٻَکيل ڪنهن ريت جا!

    ڪيرُ عيسيٰ کي ٽنگي ٿو مُون اندر؟
    لُڙڪ مريم جا ٿو ڪو تاڙو جَهٽي!
    مِيگههُ موسم ۾ ڀڳل گوڙي مندر!
    مون ۾ ڪو سَيّاح پوڙهو پِيو تَڪي!

    تو عقيدت سان هُيون جيڪي ڏِٺيون!
    سي مَزارون مُون ۾ هِن ساڳِيون اَڃان!
    چادَرُون مُون ۾ وِڇائي تو رَکيون!
    وَقت کان ٽاڪو وَجد جو پيو هَڻان!

    تو ٻُهاريءَ سان ٻُهاري هو ڇَڏيو!
    راهبا هر رنگُ مُنهنجي عِشق جو!


    پاڻ ٻئي

    زِندگي آ ٻُسي!
    تو سِواءِ ڇا چَوان؟
    دَردُ آهي اَڃان!
    مُستقِل عارضِي!

    مُون ڪَئي روشنِي!
    هر جَڳهه، هرَ سَمي،
    تو اڳيان هرَ لمحي،
    تو پُڇيو زِندگي؟

    پاڻ ٻئي رُوبرو،
    ڪونه ڪِٿ هُون مِليا!
    ڪيترو هُون رُليا!
    آ ڪَئي جُستجُو!

    نِنڊ ۾، جاڳُ ۾!
    پيا ڪَڙهون آڳُ ۾!


    وينگس جو بدن

    تُون لاڙ هَلي آءُ پَريئين پارُ مِلڻ لاءِ،
    ڪينجهَر جي مَٿان ماڪ ڇَڻي ڏُور هَلي وَئي،
    بَرسات اَڪيلي ۾ ڏَئي سُور هَلي وئي،
    ٿو انگ وِڇوڙي ۾ سَڙي يار مِلڻ لاءِ.

    اَکڙين جي ڪِنارن جي مَٿان جاڳُ ڦِري پي!
    بِستر ۾ گَرم انبَ اَچي پال وِڌا ڪنهن؟
    ڀاڪُر ۾ وِهاڻي کي ڀَري خواب ڏِٺا ڪنهن؟
    چپڙن ۾ دَڳيل آڳ اُجهي پوءِ ته ٺَري ٿي!

    ڇِمڪار ڪئي ڇيرُ مَٿان رَقصُ هَوا جو،
    اُڏري نه سَگهي ڊيل لِڪي مور ڏِٺو پي!
    وِينگَسُ جو بَدن رات ٽِڙيو چور ڏِٺو پي!
    ڀٽڪِيون پي اَکيون ڏُور اُهو عَڪسُ وَفا جو.

    هيءُ خواب هُيا جيڪي ڏِٺا ها ته سُمهي مُون!
    پهرين نه لَڳي اَکُ ڏِٺو راتُ سُمهي مُون!


    گُمنام ليکڪ جي نِنڊ

    چَنڊُ اوباش بَڻجي تَڪي ٿو پيو!
    نِنڊ گُمنام ليکڪ جِي واندِي ڦِري،
    ڪيرُ وَهِنتو ڪِنارو ڏَڪي ٿو پيو!
    ٿِي اَڪيلِي نَدِي ڪونه ماندِي ڦِري!

    نيڻَ مندر جي ڏِيئي جِيان پيا ٻَرن!
    ماٺُ چؤڦير پَنهنجي پئي پُوڄا ڪَري،
    راتُ ٿِيندي تَتلَ سڀُ پَٿرَ ٿا ٺَرن!
    دلِ ٽِڙيو ٿِي چَوي ٿِي سَگهي ٿو وَري!

    تو جُدائي خطن سان جَلائي نٿي!
    رَتُ مُنهنجو دُکيو پئي هَوائن هَٿان!
    مُون اوجاڳا اَکين ۾ رَکيا ها سَٿي!
    دردَ پاڇا ڇَٽيا پئي اسانجي مَٿان!

    بختَ مُون کي لَڏيو پئي ڪِٿان کان ڪِٿي!
    ڀاڳَ توکي سَڏيو پئي مَٿان کان ڪِٿي!


    هيءُ حياتي

    پئي اَکين ۾ مِينهن جي موسم ڇَڻي!
    تو پُڄاڻان ساهُه ۾ سَهڪو گَهڻو!
    زِندگيءَ جي ديڳُ ۾ ٽَهڪو گَهڻو!
    پَدمَڻي پئي دَردُ جِي ڏاڍو وَڻي!

    آ تماشو ڌُوڙ اُڏري پئي مَٿان!
    نِنڊ پِينگهن ۾ سُتي آهي ڪِٿي؟
    نيڻَ اوسيئڙي ۾ ڇَڙڪن سِجَ لَٿي!
    راتُ اوجاڳن ۾ نِسري پئي اَڃان!

    آ چَڱو جو چَنڊُ پيو لَهندو وَڃي!
    راتُ کي ڪو ڏاتُ ۾ گِهلي پيو!
    خوابُ ڪو نيڻن اندر ٽَهلي پيو!
    عَڪسُ تُنهنجو جابَجا ڊهندو وَڃي!

    بيقَرارِي گؤنچ وانگي پَئي ڦُٽي!
    هيءُ حَياتي ڏِينهن ٿِيندي پئي کُٽي!


    پياڪ ناهيون!

    اَڙي ڪلالو ڇَسو آ جوڀن!
    اُڪير پنهنجي سُتي ڪِٿي آ؟
    پُڪارُ دِل تي رَکي سَٿي آ،
    لڳي ٿو هاڻي ڪَسو آ جوڀن!

    غُبار دِل تي نِهار اُڻ تُڻ،
    ٽِڙيو ڪو ٽانگرُ وَلهار ساکِي،
    ڳلن تي ڳوڙها مِٺي آ ماکي،
    سنڀال ماڻا بهار اُڻ تُڻ.

    وَري وِڇوڙا سَلي نه سگهبا،
    اگربتين کي گُهٽيو ته ڄاڻو،
    بهار پنهنجي لُٽيو ته ڄاڻو،
    ها رُوح پنهنجا پلي نه سگهبا.

    پِياڪَ ناهيون خُمار ڇا جا؟
    سُڪون ڪهڙو قرار ڇا جا؟


    سانوري

    رنگَ تُنهنجا چنگَ ٿِيندي پيا وَڄن!
    چپَّ تُنهنجا بانسريءَ تي مُون رکيا!
    اکُّ تُنهنجي شهرَ هِن ڪيئي ڪَکيا!
    ٽهڪَ تُنهنجا ڪونه ٿا ڪنهن کان کَڄن!

    پيرَ تُنهنجا لاڙ کي ايڏو وَڻيا!
    ڪونه ٿو مُونسان مِلڻ لاءِ ڀِي ڇَڏي!
    ڇيرُ تُنهنجيءَ کي هَوا بِيٺِي ٻَڌي!
    گُلَّ تولئه جي ڇَڻيا ڪنهن هِن ڳَڻيا؟

    راتُ پنهنجو واتُ آ کوليو ڪِٿي؟
    ڏِينهن پنهنجو نِينهن ٿو توتي ڇَٽي!
    شام جو هُو ڄام ٿو تولئه مَٽي!
    تو سِوا ڪنهن نيرڳيءَ ٻوليو ڪِٿي؟

    تُون اَکين جي ڳَهرُ آهين بانوِرِي!
    عِشق جِي ڪا لَهرُ آهِين سانوِرِي!


    وِساريو ڪونه آ توکي

    لڙي وئي رات چانڊوڪِي!
    پرين تُنهنجي حجابن ۾،
    اوجاڳن ئي اوجاڳن ۾،
    ڦُٽِي پِرڀات چانڊوڪِي!

    وڻنَ ۾ ماٺ ڪيڏِي هئي!
    پکين تي نِنڊ جو پَهرو!
    ڏِٺوسين ڪونه ٿي چَهرو!
    اکين تي ڌُنڌ ايڏِي هئي!

    هَلي وئين نيٺ تون گهر ڏي،
    اُهو منظر نه ٿو وِسري،
    اکين ۾ روز ٿو نِسري،
    ڏِسان جنهن پل به ٻاجهر ڏي.

    پتو سو ڇو نه آ توکي
    !وِساريو ڪونه آ توکي!


    صوماليه

    ڪولهڻ ڪهڙو لابارو آ!
    ساري ڪڻڪ لُڀي وئي آهي!
    تُنهنجي اک پُسي وئي آهي!
    سانوڻ جو ڄڻ وسڪارو آ!

    چنڊ ڪچي مانيءَ جهڙو آ!
    سو به گِرهه ٿي گهٽجي پيو ٿو،
    هاءِ هينئون هيءُ وٽجي پيو ٿو،
    پنهنجو ڀاڳ الئه ڪهڙو آ!

    پنهنجو ديس اُهوئي آهي!
    اُڃّ به آهي، بُکّ به آهي!
    رُڃّ به آهي، لُکّ آهي!
    ليڙون ويس اُهوئي آهي!

    صوماليه جو ڄڻ ته تَسلسُل!
    بُک وسي هت پيئي مُسلسُل!


    چانڊوڪيءَ جو ماڳ

    مان گِيتُ لِکان ڪو رَستن جو!
    تون ٻَهراڙيءَ جي ڳالهه ٻُڌا،
    پئي وِينگسُ ڀَل پوءِ ٿالهه وڄاءُ،
    اَحوال ڀَلي ڪَر مَستن جو!

    برسات صُبح جِي ڳِڙکيءَ مان،
    ڪنهن آرس موڙي جانچي پئي؟
    تاريخَ اکين جي اوري ڏي!
    جنهن جهاتِي پاتِي هُئي جِيءُ مان!

    وئي رَلجي گاهه سان گُل-ٻاٽي!
    اُن هارياڻيءَ جو خواب ڏِٺئي؟
    جنهن ڇاڻيو هو سو تاب ڏِٺئي؟
    سا سُونهن چَپن سان ڪنهن ساٽِي؟

    هُن چانڊوڪيءَ جو ماڳُ ٻُڌاءُ،
    پوءِ پنهنجو ڀَل تُون راڳُ ٻُڌاءُ


    ميخاني تان

    موکِي تنهنجو مڌ اَٻاڻو،
    سڀ ستارا ويڙهي ويندو!
    نيڻ ڪتيون سڀ کيڙي ويندو!
    چندا تنهنجو اڌ اَٻاڻو.

    آرهڙ ۾ ڏِس اوڪ* اُٺي آ!
    بستر تي ڀي ساوڪ ٿيندي،
    ڏور بدن جي دنگي* نيندي،
    ڀاڪر ۾ ڏِس ماٺ مُٺي آ!

    پنهنجو پنڌ پرانهون آهي!
    ميخاني تان تڙجي تڙجي،
    پنهنجي جيءُ سان اڙجي اڙجي،
    ڪوئي خود کي ڪيڏانهن ڪاهي؟

    آءُ صراحي اوري ڏي تون،
    مونکان مونکي گهوري ڏي تون.


    تون هلي وڃ

    ويجهڙائي پاڻ کي ويڙهي وئي!
    عِشق پنهنجو بوريت جي ٿيو نذر!
    سِڪّ ساڳي آ ڪِٿي هُو پُراثر؟
    وحشتن جي اکّ آ دل تي پئي!

    هو وڇوڙو ڌار سڏڪياسين پئي!
    نِنڊ پنهنجِي ڏُور پئي پرڙا هنيا!پنهنجي نيڻن ٿي رُڳي سپنا کنيا!ڪو جنون ناهي رهيو هڪٻئي لئي!

    آ چڱو جو ڏور هڪٻئي کان رهون!
    ٿي سگهي ٿو چاهه ساڳيو ٿي پوي!زندگيءَ سان ٺاهه ساڳيو ٿي پوي!
    پيا اندر ۾ ڇو اجايا ٿا ڊهون؟

    تون هلي وڃ رابطا ٽوڙي سڀئي!
    مان وڃان ٿو واسطا ٽوڙي سڀئي!


    آڌيءَ جو ڇِرڪ

    نيڻن ۾ لٿا نيڻ وئي نِنڊ اُڏي!
    راتين جي پٺيان روز ننگا درد ڇڻيا!
    بِستر ۾ پيل گُهنج ڊِگها ڪنهن نه ڳڻيا!
    اکڙين جي ڪِنارن تي رُڳي جاڳ لُڏي!

    وڇڙڻ جو سبب ڪوبه اڳيان ڪونه مليو!
    هڪٻئي کي رُڳي پاڻ ميارون ٿي ڏنيون!
    سڏڪن جي پٺيان ڌار سنڀارون ٿي ڏنيون!
    تقدير جو بس آهه لکيو پاڻ مڃيو!

    برسات وَري رات، پرين سار ڪُٺو!
    رستن جي مٿان نيڻ رکي تو به ڏِٺا!
    ويران رهيا ڪير سکي تو به ڏِٺا!
    شامن ته ٺهيو پِرهه جي پئي ٺار ڪُٺو!

    آڌيءَ جو ڀري ڇِرڪَ ڊِنو ڪير هيو؟
    هر روز اڪيلي ۾ رُنو ڪير هيو؟


    اڻ مِٽيل نقش

    چُميون ٿي اوهان تي ڇڻيون اُڀ مان!
    اسان کوڙ ڀاڪر پوءِ آلا ڏِٺا!
    اکين منجهه مئه جا پيالا ڏِٺا!
    ٿِڙيون ميِنهن جون سڀ ڪڻيون اُڀ مان!

    چَڳُن مان اچي چيڙهَه ڌوتو سَکين!
    هوا تي عجب پوءِ نشو ويو چڙهي!
    ڪڪوريل جواني رُڳي پئي ڪڙهي!
    پتڻَ تي پري کان ڏِٺو ٿي پَکين!

    چڙن کي پڙن ٿي ٻُرڻ لئه چيو!
    ڌراڙن جون سِينڍون گهڻيون ٿي گُهليون!
    ٻنين ۾ ٿي ڊيلون اڪيلي رُليون!
    وڻن ٿي نظارا ڇُرڻ لئه چيو.

    اوهان نقش اهڙا گگن تي چِٽيا!
    الا! چنڊ کان ڀي نه مِٽجي سگهيا!


    لُڙهي ويل اڌ

    تون اَکين جي پئي گهٽين ۾ ٿي گُهمين واڪا ڪريو!
    نِنڊ نيڻن ۾ لٿي ناهي تڏهن سوچيان پيو!
    تون هوا وانگي پئي مون ۾ گُهلين هاڃا ڪريو!
    مان ٺري ويندس، هلي وينديئن جڏهن سوچيان پيو!

    مون نهاريو رات هو جو چنڊ ۾ موجود هُئين!
    وڻ سمورا چيلهه تنهنجيءَ جيئن هيا ڇا لئه ٽِليا؟
    آئون ڀاڱا پئي ٿيس، هر ونڊ ۾ موجود هئين!
    رنگ تنهنجا معجزا بڻجي اچي مونسان مِليا!

    تون لڪن تان لوڏ اهڙيءَ سان مَٽي مون مان وئين!
    مون پهاڙين تي سُمهي سوڙهي ندي جاچي ڏٺي!
    ڪپ منهنجا سڀ ڇُهي مونکي ڪٽي مون مان وئين!
    بيقراريءَ جي چپن سان وئين چُمي ڪيڏانهن لڪي؟

    سمنڊ تنهنجي نينهن جو مون ۾ ڇُليو ايڏو ته هو!
    رات منهنجو اڌ مونکان ويو لُڙهي ٿيو اوپرو!


    تو جڏهن

    وارَ تُنهنجا ساڌِ ٻيلي تي کُليا!
    رُوپ تُنهنجي ڪاڪَ کي گهائي ڇَڏيو!
    پيرَ تُنهنجا لاڙ ۾ اهڙا ڇُليا!
    سمنڊَ توکي اکّ ۾ پائي ڇَڏيو!

    سِينڌ تُنهنجيءَ ڏي نِموريُون ٿي رُليون!
    اکّ تُنهنجيءَ ۾ گَهڻا ها مئڪَدا!
    مُرڪ تُنهنجيءَ ۾کَٿوريُون ٿي گُهليون!
    وِکّ تُنهنجيءَ ۾ وَڳي ٿي سارنگا!

    تو ڀِنڀُورِين جو جَڏهن پِيڇو ڇَڏيو،
    پوءِ گَهٽين ۾ چاندنِيون مُرڪيون نٿي!
    مُون وِچولي مان هُيو توکي سَڏيو،
    پرَ دَڳن تي بارِشُون مُرڪيون نَٿي!

    کينچلُون تُنهنجون اَکين سانڍي رَکيون!
    سَمُنڊ وانگي ٿِيون ڇُلن سي ئِي اکيون!


    ڳوڙهن جي بندگي

    اڃان درويش راتين جو وٽين ٿا سار جا ڌاڳا!
    اڃان شامن جي اُڻ تُڻ کي پکين جا نيڻ ٿا جاچن!
    اڃان برسات جي رم جهم سکين جا نيڻ ٿا جاچن!
    اڃان وونئڻن جي گُل-ٻاٽي ٿي سوچي آر جا ڌاڳا!

    اڃان رستن تي آڌيءَ جو وڃي ٿي پيرَ ڪا هاريو!
    اڃان ٻاجهر سندي خوشبو لِڱن جا ٿڪّ لوئي ٿي!
    اڃان ڳوٺن ۾ چانڊوڪي هِينئين جا چڪّ لوئي ٿي!
    اڃان ڪينجهر مٿان نورِي وڃي ٿي ميرَڪا هاريو!

    اڃان تصور ڪري تنهنجو مِلان ٿو روز آڌيءَ جو!
    اڃان مونکي پتو پنهنجو مِليو ڪِٿ ڪونه ڪو آهي!
    هوا جي رقص تي ڏيئو ٽِليو ڪِٿ ڪونه ڪو آهي!
    اڃان گورين جو ساڳيو آ اهوئي ڊوز آڌيءَ جو!

    اڃان ڪونهي ڪئي ڪا مون پرين ڏِس خودڪشي آهي!
    وڇوڙي ۾ ڳڙيو جيڪو سو ڳوڙهو بندگي آهي!


    تو سواءِ

    تُون لِڪِي وئين لاڙَ جي پوٺَنَ پَريان!
    مُون پُڇايا پنڌ ڪيڏا پَرَڀَرا!
    ڪونه ڪِٿ آهين مِلي تون اَپسرا!
    ڍنڍ ڪِينجهر کي سُڪايو پيو ڀَريان!

    تُون وَڻنَ جِي اکُّ ۾ ناهِين جَڏهن!
    مان پکين جي ساهه سان ڳوليان ڪِٿي؟
    ديد پنهنجيءَ کي اَڃان روليان ڪِٿي؟
    پاڻ پنهنجي ٻَکّ ۾ ناهِين جَڏهن!

    مُون بَٺورو دِل مَٿان آهي رَکيو!
    شامَ ٿِيندي آئون گِهمجِي ٿو پَوان،
    راتُ مُونکي وائوري ٿِي پئي اَڃان!
    تو بِنا ڪونهي اَڃان ڪُجهه ڀِي چَکيو!

    تو سِوا ڄَڻ بُکّ ٿِيندو پيو وَڃان!
    ها سراسر ڏُکّ ٿِيندو پيو وَڃان!


    منهنجو ڪنارو اُکڙيل

    مُونکي سينوار غَم جو جَلدي لَڳي نه ها پَر،
    تو جو اکين ۾ ويڙهي لُوڻي ڇَڏي ڏِنو هو!
    مُنهنجي بَدن جو پيرُون هِڪڙو ڇَڻي نه ها پَر،
    پويان نِهاري تو جو ڌُوڻي ڇَڏي ڏِنو هو!

    تُنهنجون اَکيون پَري کان مُونکي اِئين لُڻي وِيون!
    مُنهنجو بَچيو نه تِيلو ساوَڪَ سڄي هَلي وئي!
    مُونکي اُڊيڙي مُون مان مُونکي اِئين اُڻي ويون!
    هَڻندي چپنَ سان ٽاڪا نازِڪُ سُئي ڀَڄِي پَئي!

    مُنهنجِي نِنڊن سان جهڙو زوريءَ زَنا ڪَيو تو!
    بالِغُ ٿِيڻ کان پَهرين تَڙپِي سَڀئي مَري ويون!
    سارا اَکين جا سپنا هَڻندي ڇَڙيُون مُئا پوءِ!
    يادُون هَراڙِيُون تُنهنجون مُرڪون مُنهنجون چَري ويون!

    مُنهنجو ڪِنارو اُکڙيل، تُنهنجو وَڳو پيو آ!
    وَهنجِي جَتان تُون نِڪتئين سو ڪَپُ ڀَڳو پيو آ!


    عشق تنهنجو

    وِلهه آرهڙ جي لَٿِي ٿي سهڪندي!
    مُون مَٿان هَر رَنگُ تُنهنجو وئي ڇَٽي!
    وَهنجندي تو پيرَ ڌوتا مُرڪندي!
    مُون به جوڀنَ جو پَگهرُ ڇاڻيو سَٽي!

    عَڪسُ تُنهنجو پار ويو مُون مان مَٽي!
    مُنهنجو سَتُ مُونکان ڇَڏائي ويو هَليو،
    گُلُ مُنهنجي نِنڊ جو تُون وئين پَٽي!
    جيءُ مُنهنجو ڪونه توکان ٿي پَليو.

    چينُ مُنهنجو تو چَپن سان هو وَليو،
    سَمنڊُ مُنهنجي اکّ جو هاريو نَٿي،
    تو ڪِناري کي ڇِڪي اهڙو جَهليو،
    ٿڪّ مُون ۾ تو ڪَڏهن ٺاريو نَٿي!

    جڳَ نِهاري ساڙ مان مُونتي ٿُڪيو!
    عِشق تُنهنجو ڌوپجِي مُونتي سُڪيو!


    مزاجن جو ڦير

    آرزُوءَ جا ڇالَ ڪيڏا پيا لَڳن!
    زِندگي شهباز بڻبي ٿِي وَڃي!
    رَقصُ پنهنجو جابجا گيڙوءَ وَڳن!
    ڪيرُ مُنڪر سَچَ کي ڪونه ٿو مَڃي!

    هر چريائپ کي حُسن آ سانورو!
    ڪير ڪنهن جِي ٿو اُگهاڙپ کي ڪَڇي؟
    عِشق ويڙهيو آ وَجُد هر بانوِرو!
    فاصلن کي ڪير ٿو سامهون رکي؟

    رنگتن ڏي نيڻ ٻاجهارا ڀَڄن!
    هر ويراني ۾ خُدائي پئي رُلي!
    ٽهڪَ ڪنهن جا سَرمَدي من ۾ وَڄن!
    واءُ ٿُوهرَ کي تَراشي پيو گُهلي!

    بس مِزاجن جو مڙئي ڪُجهه ڦيرُ آ!
    سڀ ڪو ساڳيو آهُه بَدلِيل ڪيرُ آ!


    مُئي پُڄاڻان

    تُربَتَنَ تي بارِشُون ڏاڍِيُون وُٺِيُون!
    بادلَنَ مان نيڻَ هيڪاندا ڪِريا!
    نِنڊ ۾ هِن زِندگيون ڪيڏيون سُتيون!
    فاصلا ناهن مِٽيءَ جا ايترا!

    آسمان جِي ڇانءُ آ قَبرن مَٿان!
    وَڻَ سَمُورا مَقبَرنَ کان مَٿڀَرا،
    رُوحَ پروازُون پيا ڪن ڪَڪَرن مَٿان،
    بس حياتِي ۾ لَڳون ٿا اوپَرا.

    مُئي پُڄاڻان سُونهن مِٽي ٿيو پَوي!
    سُونهن شايد آهه مِٽيءَ جي رُڳو،
    پهريون سَجدو ڀِي مِٽيءَ کي ٿو مِلي،
    هو فرشتو نه مَڃئين اِبليسُ ٿيو!

    سڀّ ڳالِهيُون هاڻُ سوچي پيو ڏِسان!
    مِينهن ڪونهي آنءُ پيو ڪنهن ۾ پُسان؟


    ڪولهڻ جو رنگ

    ڪَڻڪُن ۾ لابارا اِيندي،
    مُونکي هيل پگهرُ پيو گُهوري!
    ڏُور اُفقَ جا تارا ٿِيندي،
    عِشق وئين ڪِٿ مُنهنجو پُوري؟

    آڀُون ڪيرُ لُڻي ويو زوري؟
    مُنهنجا سنگَ تُون چُونڊي وَڃجان!
    مُنهنجي ڀيلَ ٿئي پئي ڇورِي!
    پيلا رَنگُ تُون چُونڊي وَڃجان.

    گُهونگَهٽَ ۾ پئي ڪولهڻ مُرڪي!
    جنهن جو ڏاٽو تيز وَهي پيو،
    ڪيرُ وَيو آ ڳولهڻ مُونکي!
    اُن جو هاڻِي پيرُ ڊَهي پيو.

    ڄاڻُ مَٿان وَسڪارو ٿِيندو!
    ڪولهڻ جو رَنگُ ڌوپِي وِيندو!


    گُرگِلي

    گُرگِليءَ چُوڙيون وِڪيون پئي مُرڪندي،
    ڌرتَتيءَ جو ڏُور هِڪڙي ڳوٺَ ۾،
    سَڀُ حِجابن ۾ نچيون پئي ڇُلڪندي،
    ڇوڪريون ڪنهن جي وهانءُ جِي ڪوٺَ ۾.

    هر طرفَ هئا ٽهڪَ مينديءَ جو هُڳاءُ،
    هئا گُلابن سان ٻکيل ڪُجهه سوجهرا،
    مُرڪَ جي ٻيڙيءَ سندا پئي سَڙهه لُڏا،
    زندگِين جو شورُ هو ۽ هُوڪرا.

    هر اَکين ۾ مَڌُ هو ۽ مئڪَدا!
    ڄڻ وِکن ۾ بوتلُون ڇُلڪيون پئي!
    نِنڊ جا ڪُجهه کيپَ ڀٽڪيا پئي ڊِگها،
    کوڙَ حُسناڪيون گُهلي ٽِلڪيون پئي.

    گُرگليءَ جا نيڻ ڇَڻندا پئي وِيا!
    خيالَ جا منظرَ سڀئي جي گُم ٿِيا!


    لاڙ

    توکي ڪهڙي ساگرَ ٻوڙيو؟
    مُنهنجو ديسُ ڇَڏي وئين آخر،
    مُونکي تُنهنجي ڪِينجهرَ ٽوڙيو،
    لاڙُ پيو ڇُلڪي اَندر ٻاهر.

    تُنهنجا سازَ پروڪا ساڳيا،
    مُنهنجي رُوح سان رَنگجِي ويا هِن،
    پهرين ماٺُ هئا اَڄ جاڳيا،
    دردَ تَڏهن ڪُجهه وَنگجي ويا هِن.

    مُونکي تُنهنجي مَنظرَ ڳوليو،
    مُنهنجا پيرَ گُهليا پئي تولئه،
    پياسي دِل جي پَنڇِيءَ ٻوليو،
    تُنهنجا مَٽّ ڇُليا نه مُون لئه.

    توکي هيل ڇَڏِيندو ڏِسجان!
    تُنهنجو لاڙُ لَڏِيندو ڏِسجان!


    نِگاهن جون وحدتون!

    نيڻَ مُنهنجا هِن بُکايل پَر اَڃان،
    ڪنهن نِظاري جو گِرهُه کائِن نَٿا!
    تُون اُگهاڙا پئي سَڏين پيو مان مَڃان،
    پَر ڪَجلَ جو ڪو وَڳو پائِن نٿا!

    نيڻَ ڪانگنَ کي ڪَڍِي ڇا لاءِ ڏِيان؟
    هر ٻَنيءَ ۾ تُون پئي لَنودِيئن تُون ئي تُون!
    ڏِس لُڙاٽيل عَڪسُ تُنهنجي کي جَهليان،
    رَقصُ پنهنجي ۾ پئي چَوندِيئن تُون ئي تُون!

    تو اکين کي ويجهڙو ايڏو ڪَيو!
    عِشق مُنهنجو ويو ٽِپي تارن مَٿان!
    نُور تُنهنجو ويڙهجِي مُونکي ويو!
    آسمان پوءِ ويو لِڪي تارَن مَٿان!

    هر نِگاهه ۾ وحَدتُون آهن وَڏيون!
    ڇو اکين کي ايئن اَجايو پوءِ ڇَڏيون؟


    ڌرتي.

    رِڻَ تي بادلَ جو ڪو پاڇو،
    ناهي ڇا لاءِ وقتُ ٿيو آ؟
    چنڊُ رُلي پيو ڄڻ ڪو لاشو!
    مُون وٽ اُن جو ساهُه پيو آ!

    ساهُه کَڻان، تُون ٿڪُّ ڀَڃِي آ!
    ڌرتِي ۽ آڪاسُ پُڄايون.
    رِڻَ جا ٻَرندڙ اڪَّ ڀَڃِي آ،
    اُن جي ٿَڃُ سان اُڃّ کُٽايون!

    هر ڪو ماڻهو خاڪ ئِي آهي،
    ڌرتِي لاءِ سَجَدا پنهنجا!
    هر ڪو بُتّ پٿرَ جو ناهي،
    ديوِيون پنهنجون ديوِتا پنهنجا!

    ڌرتي ئِي اِنسان جي ماتا!
    رِڻ لئه بادلَ هُوندا آتا!


    ميلي ۾ وڃائجي ويل اک

    درگاهه تي ڪا اکّ ٻري ٿي!
    هاڻ ڌمالون گُهوريون وينديون.
    پتنگن کي چئو ڏُور پري ٿي،
    شمعون پاڻهي ويجهيون ٿينديون!

    سُوٽن مان جو دونهون اُٿي ٿو!
    اوتاري تي پهرو جنهن جو!
    هڪڙو پوڙهو روز کنگهي ٿو!
    رنگ اُڏي ٿو گهرو جنهن جو!

    سِجّ لڙيءَ جو ويلو آهي!
    مونکي ڪنهن جو اوسيئڙو آ؟
    ميڙ چون ٿا ميلو آهي!
    نانگ چوي ٿو جوڳيئڙو آ؟

    تنهنجي چوري پايل آهي!
    منهنجي اکّ وِڃايل آهي!


    ليبر ڪميونٽي

    اُجورو به ڪنهن کي مَروڙيل مِليو!
    ڪمائي ٿُڪن جي ڪمائي ڏِٺي!
    ڪفن زندگيءَ کي گَهروڙيل مِليو!
    گهڻن ڌُوڙ منهن تي هئي پائي ڏِٺي!

    ڪميڻپَ گهٽين ۾ ڪيو رَقصُ ٿي!
    بدن پوءِ ڪُنوارو بَچي ڪيئن ها؟
    هُجي زهر هِڪڙو جو اوڳاڇجي!
    شرافت اُگهاڙي نَچي ڪيئن ها؟

    ڪُتن جون زِبانون چَٽينديون رهيون!
    لَڪيندا رهياسين اسين پاڻ کي!
    هوائون ڏيئن کي لَٽينديون رهيون!
    اُجالو نه ٿيو ڪو ڪڏهن پاڻ تي!

    پِنيوسين پڇاڙيءَ ٽَڪا ٿي مِليا!
    ڀريو ڀَڀُ پنهنجو يَڪا ٿي مِليا!


    ڪفن

    اُگهاڙپ ئي اَکين ۾ آ!
    اُگهاڙپَ کي تَڪيان بِيٺو!
    قِصو ساڳيو پَکين ۾ آ،
    نِيارپَ کي تَڪيان بِيٺو!

    پُراڻو عِشق پيرن سان،
    لَتاڙي ڪو سَگهيو آهي؟
    اَڇا هَٿَ، پيرَ ميرن سان،
    ڏَپاڙي ڪو وَيو آهي!

    مِٽيءَ جو ڀاڳُ اهڙو آ،
    اُڏامِي ڏُور وِيندي آ.
    ڪفنَ جو ماڳُ اهڙو آ،
    حَياتِي سُورَ ڏِيندي آ.

    ڪَفنُ ڪو ويسُ ٿورِي آ!
    اُگهاڙپُ ئِي ته ڀورِي آ!


    اڄ جو

    تُنهنجي ڇيرُ وَڳي ٿي ايڏانهن،
    مُون ۾ سارُ لُڙهي پئي گَهرِي!
    پنهنجِي نِنڊ ڀَڳي ٿي ڪيڏانهن؟
    پوءِ هر راتُ اکين تي ڳَهرِي!

    آرهڙ منجهه اُڪيرون سُڏڪيون،
    مُنهنجو هَٺُ لَهي ويو پاڻهي!
    برساتين ۾ ڇُلڪيون هِڏڪيون!
    سارو دَردُ وَهِي ويو پاڻهي!

    تُنهنجا پَٻَ پَٽنَ تي سَهڪيا،
    مُنهنجو عِشق ڦُٽي پيو هو هِت،
    تُنهنجا رَنگَ گَگنَ تي ٻَهڪيا،
    مُنهنجو جوڳُ کُٽي پيو هو هِت.

    اڄُ جو وارَ اُکيلِيا هُوندَئِي!
    کيتَ دِلين جا ڀيلِيا هُوندَئِي!


    الميو

    روشِنِي روشِنِي پيا ڪَريو.
    وَقتَ کان آدمِي پيو ٻَري.
    زندِگِي زِندگِي پيا ڪَريو.
    موتَ کان اَڳ پيو ڪو مَري.

    هر قدمُ اوپرو پيو کَڄي،
    پوءِ به ڏِس پيا رِڙهون پنڌُ ۾!
    نِنڊ ۾ ٿورڙِي اکُ لَڳي،
    خوابَ ۾ پيا رُلون هنڌ ۾!

    اَلميو هَر جڳهَه آدمِي،
    دَردُ آ، دَردُ آ، دَردُ آ!
    هَر سَمي وَقتَ جِي بيرُخِي،
    جو ڄَميو سو مُئو سَردُ آ!

    زِندگيءَ جي هَٿان سَڀُ مُئا!
    موتُ آيو مُئل سَڀُ هُئا!


    سانوڻ ۾

    وِڄَ جيان تون ڍَرڪئين ڇا لئه؟
    مُنهنجا نِم سَڙي پوءِ وِيندا،
    سارا وَڻَ لَڙي پوءِ وِيندا،
    بارِشُ ڪونهي ٿڙڪِئين ڇا لئه؟

    تُنهنجا نيڻَ نِمازي آهِن!
    وِک وکِ تي پيا سَجَدا ڏِيندا.
    مُونکي ڏوهِي ٺهرائِيندا.
    تُنهنجا ڪاڪُلَ قاضِي آهِن!

    سانوڻُ ۾ جا نِنڊ ڪنديئن تُون،
    وِڄَ مَٿان کان ڏِسندي توکي.
    بارِشُ ڇَڻندي پَسندي توکي!
    جاڳِي جاڳِي سوچيو هِيءُ مُون.

    وِڄَ کان ڇِرڪي تُون پئي ٽَهنديئن!
    سانوڻ ۾ پوءِ ڪنهن سان رَهنديئن؟


    بند درن جو ڀاڳ

    زنگُ تالن کي لَڳو اهڙو هُيو!
    ڪابه دستڪَ ڪونه تو تائين پُڳي!
    هر دفعي هُن بند دروازن چَيو،
    کيتُ هو پر ويا پَکي داڻا چُڳي!

    خواهشون ئي ٿيون رُلائن پاڻ کي!
    پوءِ دَرن تي ۽ ڪَڙن تي ڇو ڪُڇون؟
    چند گَهڙيون ئِي ٿا رَهون گڏ پاڻ ڪي،
    پوءِ وِڇوڙن ۾ عُمر لئه ٿا لُڇون!

    زنگُ ٿورئي ٿو لَڳي اِئين اوچتو!
    بس جَڏهن ٿا رابطا محدُود ٿين.
    پوءِ وَڌي ظاهر ٿئي ٿو هِيءُ چٽو،
    ڇو اِئين ٿا واسطا محدُود ٿَين؟

    بند دَروازَن جي ڀاڳن ۾ رُڳو،
    زنگُ ڦهلِيلُ ۽ اَڏوهيءَ جو ڦُلو!


    تهذيب

    مورکِي پئي لُڏي پِينگهه ڏولِي نَه آ!
    ٻارُ تنجڻ ۾ تنجي ڪِٿي ٿِي اَمڙُ!
    سِنڌُ دودو ٿئين اَهڙِي لولِي نَه آ!
    گهوٽُ ڳاڙهو ٿِجان ڪنهن چَيو جِيءُ اَمڙُ؟

    شهَر ڳوٺنَ کي ايڏو وَڪوڙي ويا!
    پنهنجي تهذِيب جو ڪو پَتو ڪونه آ!
    غيرَ تارِيخ پنهنجي گَهروڙي ويا!
    ڇو اَڃان سِنڌُ ۾ رِڻُ تَتو ڪونه آ؟

    ڏِس نهِيرو نه ماٽِي نظر ٿِي اَچي!
    جنڊَ جا پُڙ ٻئي ڪونه گهرَ ۾ سُجهن!
    ڪَنجهه جِي ڪانه چؤنرِي هَٿن ۾ وَڄي!
    ڪو ڳُجهارَتُ سَلي پيا سُگهڙ ٿا ڪُڇن!

    ڪانهِن ساڳيو مَگر ڪو قَلمُ کي ڪَٽي!
    پنهنجي تهذِيب پُٺ ڏيو وَڃي پئي مَٽي!


    تو ڏِٺو

    اوڙڪون ڏئي پئي وُٺو!
    عِشق تُنهنجو روزُ ٿي!
    دَردُ آلو پئي سُڪيو!
    زندگيءَ جي تارَ تي!

    تو بَدنَ جا مئڪَدا،
    مُون مَٿان هاري ڇَڏيا!
    ڌوپجِي وئي هَر ڏِسا!
    لڙکِڙائِي پئي صَبا!

    مُون گَهٽيءَ جي دَر مَٿي،
    نيڻَ ها ڏِيئا ڪَيا.
    ڪوهِيڙا ها سِج لَٿي،
    کوڙَ جُگنو پئي ڀُليا!

    شهرُ سارو ڪونه هو!
    تو ڏِٺو آبادُ ٿيو!


    تبديل ٿيندي پئي وڃين!

    مُون ۾ تُون تَبدِيلُ ٿِيندي پئي وَڃين!
    روپَ تُنهنجا ڪيترا ڪهڙا چِٽيان؟
    مُون ۾ تُون قِندِيل ٿِيندي پئي ٻَرين!
    روشنِي تُنهنجيءَ کي ڪهڙو نانءُ ڏِيان؟

    راتُ تو آرسُ ڀَڳي پوءِ ڇا ٿيو؟
    نِنڊ مُنهنجيءَ کي چَتيون ٿي مُون هَنيون!
    سيءُ هيڏي ۾ بَدنَ ڪيئن باهُه ٿيو؟
    راتُ ڀَر پوءِ پئي پَٽيون ٿي مُون رَکيون!

    وارَ تُنهنجا ڄڻ هِينئين تي هِن پِيا،
    ساهُه پنهنجو ڪونه ٿو مُونکان کَڄي!
    نيڻَ تُنهنجا گِيتُ هِن اهڙو ٿِيا!
    لُڙڪُ هَر هَر سازُ بڻجيو پيو وَڃي!

    ڪنهن به ماپي ڪونه ڪنهن ڀي ماڻُ ۾!
    وقت ٿيو آ پيو ٿو ڀَٽڪان پاڻُ ۾!


    ڀاڪر اُڃ مري ٿو!

    دِل جو ضِدُ اَجايو ناهي،
    تارو تارو رَقصُ ڪَري ٿو،
    وَڻُ وَڻُ تولئه ساهُه ڀَري ٿو،
    مُونکي تُنهنجو کُٽڪو آهي.

    وِينگَسُ توڏانهن نيڻَ اُڏاڻا،
    هاڻُ پَکين کي رونشو ٿِيندو،
    سَمنڊُ به ڇُلڪي تولئه اِيندو،
    تُنهنجا پَيرَ هيءُ نيڻَ وِڇاڻا.

    چانڊوڪيءَ جُون نيڻَ نِهارُون،
    تُنهنجِي آرسُ اُڀري آهي،
    راتُ اَڃان اَڌُ گُذِري آهي،
    جُگنو جُگنو هنڌَ- بَهارون.

    ڀاڪُر ڀاڪُر اُڃَ مَرِي ٿو،
    هاءِ جَوانِي ساهُه ڳَري ٿو.


    ٻکن جي جنت

    اوري سَگهان نه آئُون توکي ڪِٿي به ڪنهن سان،
    مُنهنجي حَياتُ جو تُون اَهڙو گُناهه آهِين!
    مُنڪر نَڪير جهڙو تُنهنجو حِساب مُونسان!
    قهرِ خُدا جِي ڄَڻُ تُون قَهرِي نِگاهُه آهِين!

    توکي زَمينُ پَنهنجِي، مُونکي دَفَن ڪَيو تو!
    مُونکي ٻَکنَ جِي پَنهنجِي ڪونهي قَبُر تو آڇِي.
    جَنتُ چَپنَ جِي ڏِيندين، مُونسان وَچنُ ڪَيو تو.
    مُونکي مَگر تو ڀوريو، مُنهنجي بَچِي نه پاڇِي!

    قيامتُ جَڏهن به اِيندي،تُنهنجي اَکين سان اِيندي!
    جنتُ مُونکي جا مِلندِي، تُنهنجي ٻَکن مان مِلندي!
    راضِي جَوانُ دِلڙِي، توکان سِواءِ نه ٿِيندي،
    ٻَرندِي ڪَڏهن نه اُجهندِي، توبِن رُڳو پئي جَلندِي!

    دوزخُ مِلي جي توکان مُونکي قَبُولُ آهي!
    تُون جي ڏِيئين نه مُرڪي جَنتُ فُضُولُ آهي!


    تلاءُ، وڻ، پکي

    وَڏُفَ جي فَضلُ مان سِراڙو ڪَري،
    چيو تو اَمان پئي سَڏي ڳوٺَ مان.
    ننڍي هُوندي اِيندي وَڏي ڳوٺَ مان،
    ڀَڳاسِين ٻئي پاڻُ جهولِيُون ڀري!

    پِپرُ جي وَڻن ڏانهن پَکي پئي وَريا!
    ڪَچي ڪوٽَ تي مورَ ٻوليو پئي!
    تلاءُ ۾ الئه ڇا مُون ڳوليو پئي!
    جَهلي ٻانُهن چَيو تو نه تِرڪِين چَريا!

    اُنهيءَ ڳالهُه کي آهي عَرصو مَٽيو،
    هِتان کان پَرڻجِي وئين تون هَلي!
    مُونکي يادُ آهِين ڀُلائي ڀَلِي،
    عذابنَ ۾ هرَ پَل مُون آهي ڪَٽيو!

    تَلاءُ، وَڻَ، پَکِي، ڳوٺَ، ساڳيا سَڀئي!
    وَڏُفُ جو فَصُلُ پر نه آهيون ٻَئي!


    سنڌ

    هاءِ ڀنڀورُ ساڳيو دُکي پيو اَڃان!
    ڪونه سَسئي جو ڪِٿ ڪوبه پيرو لَڀيو،
    ڏِس ته ڪِينجهر به ڪيڏو ڇُلي پيو اَڃان،
    ڪانه نورِي مِلِي، ڄامُ ڪيڏانهن ويو؟

    مينڌرا آ اُها ڪاڪَ ساڳِي ڪِٿي؟
    ڪوبه چوپڙُ کي ڪونهي ڪو ڄاڻي سَگهيو!
    ڪنهن نه سُهڻيءَ گَهڙو اَڄُ کنيو سِج لَٿي!
    آ چنيسر ڪو لِيلان کي ماڻي سَگهيو؟

    اَڄُ جي مارِئي ڪِٿي ٿي مَرِيڙو پَٽي؟
    اَڄُ ڪُنڀارڻ ڪا ڇولِي نَچي ڪو نه ٿِي،
    مورڙو ڪو نه ٿو ڪو ڪَلاچِي مَٽي،
    جِيجلنُ کان ڪا لولِي اَچي ڪونه ٿِي!

    ٻاگَهلِن جي ڇَتن ۾ پئي ڌُوڙُ آ!
    سِنڌُ واڪا ڪريو ٿِي چَوي ڪُوڙُ آ!


    چڱو آ

    اَڄاتل دَردُ ويڙهيو ٿي،
    جَوانيءَ جو قِصو آهي!
    رُڳي هِڪُ ڳالُهه ريڙهيو ٿي،
    حَياتيءَ جو حِصو آهي!

    ڪَڏهن ڀي اَکُ لَڳِي وِيندي!
    چَڱو آ گِيتُ ڪو لِکجي!
    پُراڻِي ڳالهه ٿِي وِيندي!
    تصّور مِيت سان ٻَکجي!

    پِنوڙو چڪّ تي آڻي،
    ڪُنڀارڻ ٿِي ڪَلا ڦيري!
    اُڻي ٿو ڪو اُگهاڙپ کي،
    اَلا! ڪورِي بَدن سيري!

    حَياتي اَڻ چِٽِي آهي!
    نصِيبن ۾ مِٽِي آهي!


    گهگهو آواز

    رولاڪُ بَدنُ مُون ٿي چُميو ديرُ گَهڻو!
    خوابن ۾ هُيو لاڙُ ڦُلاريل پوءِ سَڄو!
    سارين جو فَصُلُ ساهُه ٿي ڀيليو ته ڪَچو!
    ڪو راتُ سَڄِي ڌُوڙُ چُميو پيرُ گَهڻو!

    آوازُ گَهگهو ڏُور صَفا ڏُور اُڏيو!
    نيڻن جي مَٿان جامُ ڪِريو لارُ ڪَري!
    ڪونهي ڪو پَتو هاڻُ وَري ڪيرُ وَري!
    حالاتَ ٻُڌائِن ٿا ڪِريو ڪيرُ لُڏيو؟

    ڳالِهين جي پَکين کي به اَچي نِنڊ کَنيو!
    چَپڙن جي وَڻن مَنجهُه هَوا ڌارُ لُڏي!
    اَڌُ راتُ ٻَڌي لوڏَ اَچي سارَ لُڏي!
    اکڙين کي ڇِڪي ڏُور مَٿي چنڊَ کَنيو!

    آرامُ چُمين مَنجهه هُيو ڪو ته مَڃي!
    اَڌُ راتُ اُٿي ڏُور اِيئن ڪيرُ وَڃي!


    بي گهر نِنڊ

    تو سُڪايا وارَ پنهنجا پئي ڊِگها!
    مُون ڪَبُوترَ جي پَرَن سان هو ڏِٺو!
    موتيي جي ڌُنڌ ڇانئي هَر ڏِسا!
    مُون سِياري ۾ سَرن مان هو ڏِٺو!

    تو کَجين جي باغُ ۾ مُونکي چَيو،
    ناچڻيءَ جي پيرَ ڏانهن ڏِسبو نه آ!
    مُون ڪَڏهن ڀِي ڪونه اُن تي سوچيو،
    رَقصَ ۾ بَس ڇيرُ کي ڏِسبو نه آ!

    اَڄُ جَڏهن تو سِينڌ پنهنجي پئي ڇِڪي!
    رَقصُ تُنهنجو عِشق مُونکي يادُ پيو!
    مُون ڏِٺا ها پيرَ تُنهنجا پَر لِڪِي!
    ڪالهه وارِي ڳالهُه آ عَرصو ٿيو!

    تو جَڏهن هو ڳوٺُ پنهنجي کي ڇَڏيو!
    نِنڊ مُنهنجي پوءِ نه پنهنجو گهرُ اڏيو.


    اکين جي ڪائناتن ۾

    لُٽائي اَنت جوڀَن جا وِڇوڙن ۾ ٻَريا آهيون!
    وِساريل نِنڊ پنهنجيءَ جا دُونهاٽيل عَڪسَ ڀِي ناهِن!
    الا! منزل کان اڳ لُٽجي، هَٿين خالِي وَريا آهيون!
    وَصلُ جي بَرفباريءَ جا، اُهي مَنظرَ ڪِٿي آهِن؟

    ڀِنڀُورين جي پُٺيان ڊُوڙن سَموريون يادگِيريُون ٿِيون!
    سِراڙا ڏُور باغنَ ڏي، ٽُڪيل زيتونَ ڪَئِين ڳاڙها!
    خيالن ۾ ڏِس ٿيون روز اوجاڳيل اکيون مُنهنجون!
    اُهو ئي کيتُ، چانڊوڪِي، نِمن جا وڻَ، وڏا پاڙا!

    مِٽيءَ جا اُٺ بَنائي پوءِ ٿي هڪليا ڏُور رَستنَ ڏي!
    اَهو ننڍپُڻ اَڃان آلو سُڪي پيو يادُ جِي اُس ۾!
    جَوان جَذبا رُلي ڀَٽڪِي، ويا ٿِي جُهور رَستنَ ڏي!
    وِڇوڙا ڪِيئن وَڌِي آيا، اَچي ڪنهن راتُ سُس پُس ۾؟

    مُحبّتَ ۾ وِڇوڙن کي سُڃاتم ۽ نَڪِي ڄاتَمُ!
    اَکين جِي ڪائناتُن ۾ وَڏو آ سوڳ جو عالَمُ!


    نئون جنم

    آگمُ ڇُليو مَٿان پئي وَڻُ وَڻُ ويو پوءِ ڌوپِي!
    ڪَڻڇِي اُڏِي پي توڏانهن،تُنهنجي پُسيل هئي ڇاتِي!
    هاءِ! وِصل ۾ ڪيڏي، پِيڙا لِڱن پئي لوڌِي!
    دِلڙِي! زُليخا بڻجي، آڱرُ وَڍي پئي ڪاتِي!

    ڀاڪرُ ڀَري کَجيءَ کي، تُنهنجون سِڪون ٿو لاهيان!
    وَڻُ وَڻُ ٿو واسي مُونکي، تُنهنجي بَدنَ جي گرمِي!
    راتيون ٽِپي اَچان مان، توکي جِسم تان واهيان!
    ايڏو تَپان ٿو تو لئه، پنهنجي اُلار نَرمي!

    آدَمُ جيان ٿو تولئه ڀَٽڪان زمينُ تي پيو!
    ڌَرتي به گولُ آهي، لاٽونءَ جيان ڦِران ٿو!
    ڏوريءَ مَنجهان تو پنهنجيءَ ڇوڙي ڇَڏي ڏِنو جو!
    ڦِرندي گَهڻو پوءِ ڦِرندي، آئُون اَچي ڪِران ٿو!

    مُونکي مِٽيءَ مان ڳوهي، مُونکي ٻِيو جَنمُ ڏي!
    مُونکي خُدا نه ٻِيهر ڪا زِندگِي به پُوڄي!


    تو وِساري ڇڏيو

    بيلَ گاڏيءَ مَٿي، ساهُه مُنهنجو سَٿي!
    ڇو ڇَڏي وَئين هَليو سانورا تُون پَري؟
    ديسُ ڌرتيءَ ڇِڪيو، تو مَڃيو ڇو نٿي؟
    پاندُ مُنهنجو ڇَڏايئي تو ڪنهن جي ڪَري؟

    مُون هَوائن هَٿان ڪيڏا نِياپا مُڪيا!
    ڪيڏيُون باسُون مُون ڪيڏِيُون سَکائُون ڪَيون!
    سَمنڊَ تي مُون وَڃي روزُ پاتا اَکا!
    بادلن کان، پَکين کان پُڇائون ڪَيون!

    مُون اوجاڳا اَکين ۾ پوءِ پائي ڇَڏيا!
    تو وِساري ڇَڏيو، ڳوٺُ پنهنجو يَڪو،
    چنڊَ ڪيئي چَڙهيا ڪيئي اُڀري لَٿا،
    سِينڌُ ميرِي ٿي وئي آهي ڌوتِي نَڪو!

    هِن بَدنَ ۾ ڪو سَت هاڻُ ناهي رَهيو!
    پئي ڪَڙهان پاڻُ ۾ آهي عَرصو ٿِيو!


    مُون ۾

    مُون ۾سورٺُ سَڙندي رَهندِي!
    ٻِيجلَ پنهنجو سازُ پَري ڪَر!
    مُون ۾ سُهڻي ٻُڏندِي رَهندِي!
    ميهرَ تُون پيو رَڙندين هُن ڀَرُ!

    موئن جي سَمبارا نچندي!
    مُنهنجا هيلُ ڍڳا وئي ڇوڙي!
    مُومل راڻي سان پئي رَچندي،
    چوپَڙُ راندُ ڇَڏي هُئي جوڙي!

    لِيلان هارُ ڪَمايو ڪَهڙو؟
    راتُ چنيسرُ ڏاڍو سُڏڪيو!
    هاءِ اڀِيچندُ گُهوريو اَهڙو!
    سرَمدُ ننگو ٿي پئي ڀَٽڪيو!

    نُورِيءَ ڪِينجهرُ مَنجهُه نِهاريو!
    ڄامَ مُهاڻو ٿِي پئي گُذاريو!


    تعزيت

    تو وِڇايل سَڀُ ڇَڏيا ويڙهي تَڏا!
    آئُون تُنهنجي دِل ۾ جنهن پَل مُئس.
    لُڙڪَ تُنهنجي ڀاڳُ ۾ ڄايا وَڏا،
    آئُون توکي اکُّ ۾ پاتل هُئس!

    ڪو ٿو مُون ۾ تعزيتُ مُنهنجي ڪَري!
    ڏِس اُفقُ تي رُوح مُنهنجو پيو نَچي!
    سَمنڊَ ۾ ڪِنهن جي دُعا پئي ٿي تَري؟
    معجِزو آ هَنجُ ڏُٻرو پيو مَچي!

    ڪونه ڪنهن کان ٿِي سَگهيو آهيان دَفنُ!
    وَقتُ مُونکي پِيو رُلائي تو مَنجهان!
    رُوح نَنگي تي جِسمُ جو آ ڪَفنُ!
    دَردُ ڇاڻي پيو اُڏائي تو مَنجهان!

    ڳوٺُ تُنهنجو مُون ۾ پيو سُڏڪا ڀَري!
    رُوح مُنهنجو پيو وَڃي مُونکان پَري!


    تو ڇيهه ڪيو مونکان!

    وڻڪار لَڌِي نيڻن، دِل ساهُه پَٽيو ٿورو!
    مُون ڪونه هُيو ڳاتو، تُون مُون ۾ سُتئين ڇا لئه؟
    مُون ديرُ هُيو ڄاتو، تو رَنگُ مَٽيو ٿورو،
    هر ٿاڪُ ٿيو پِيلو، تُون ڇِرڪي اُٿئين ڇا لئه؟

    مُون عِشق پِنيو توکان، تو رَقصُ ڏِنو مُونکي،
    ڏِس هيلُ اُهو ساڳيو، ٿو ڳوٺُ ٻري ڪيڏو!
    تو باغَ مَنجهان ڊوڙِي پئي ڏُور ڇِنو مُونکي،
    سو عَڪسُ اَڃان تائِين، اَکڙين ۾تَري ڪيڏو!

    مُون پير گَهڻا هاريا، هرَ وقتُ مِٺي تولئه!
    اَکڙين کي اُڏاري مُون پئي تُنهنجو پَتو ساريو!
    تو ڪونه ڪَڏهن سوچيو، مُون جاڳَ سِکي تو لئه!
    مُون درد تُنهنجي سان پئي، هَرُ سُور پنهنجو چاريو!

    تو ڇيهه ڪَيو مُونکان، مُون چِڻنگ ڇَڏي ڦُوڪي!
    سا باهُه پئي ساڙي، هَر روز پِرين مُونکي!


    تصور جون چتيون

    قبِيلا سوچَ جا ڪيڏا رُلي ٿيا پنڌَ ۾ پوڙها،
    محبت جِي مُسافت ۾ دِلين جو دَردُ ڊوڙي ٿو!
    اکين جي ڳوٺَ تي آهن اوجاڳن جا ڊگها لوڙها!
    اُهوئي جاڳُ جو ڍِينگهر نِنڊ جو هانءُ روڙي ٿو.

    لَهِي ويو هيلُ سارُن ۾، بَدن ڀِي گِرگلو آهي!
    هَڏن جِي چِيچ مان ڇَڻندي، سَمُورو ماسُ اَهڙو ٿيو،
    مَروڙيو دَردُ دِل کي آ، تَڏهن ڀِي دادلو آهي!
    چَراغن جان ٻَريو ڪيڏو، وِسامي رُوح ڪَهڙو ٿيو!

    وَرهين کان پوءِ ڏِسي توکي، مُونکي محَسُوس آ اِئين ٿيو،
    هَٿوراڙيُون ڏئي آخر لَڌو مُون پاڻَ کي آهي!
    پُڇين ٿي رَنگُ مُنهنجو هِيءُ رَتو اَهڙو اِئين ڪِيئن ٿيو؟
    اُڪاري روز ٽَهڪائي، رَڌو مون پاڻ کي آهي!

    تصّور جُون چَتيون ٽاڪي، هَڻان پيو جاڳ کي سيبا!
    خيالن ۾ ٽُٽي وَئين تُون، هَڻي ڪو ڀاڳَ کي سيبا!


    اذيتن جي ڳَلي

    ڇَڏ ته ٿورو نِنڊ کي ڌُنڌاڙجي!
    ڇَڏ ته ٿورو بارشون پنهنجون وَسن!
    دَردُ ڪو دِل ۾ هَلي اَچ تاڙجي!
    نيڻَ پنهنجا ڌوپجِي دڳَ تي سُڪن!

    وَڃ ته ٿورو رُوح کي ڇانگي وَٺان!
    سانوَڻيءَ ۾ سارُ پنهنجي آ ڦُٽي!
    رابطن جو رَقصُ پيو ڇُلڪي اَڃان!
    ڏِس ته پويان فاصلا پَوندا کُٽي!

    لُڙڪ لُڙڪن تي سَٿيان ٿو ڪيترا!
    جاڳَ کولي پاڻ سان ويڙهيو ٻڌان!
    خوابَ ڍويان بيقَراريءَ جيترا!
    روز سوچن کي لَتاڙيو ٿو اَچان!

    اَذيتن جي پئي سَڏي مُونکي ڳَلِي!
    ڇَڏ ته ٿورو دَردُ ٿاڏاري ڀَلِي!


    اونداهجي ويو آهيان!

    تو سُڃاتو ڪونه مُونکي آڳ مُون ۾ پئي ٻَرِي!
    سردُ موسمَ ۾ اَچي تو رَنگ مُونتي سيڪيا!
    تو نِهاريو جِيئنَ مُونڏي، نيڻ تُنهنجا ويا ٺَري!
    تون يَڪي وئين ماٺُ ٿِي سُرتونه پَنهنجا ڇيڙيا!

    مُون سِياري کي سَنڀالي پاڻ سان وِيڙهي ٻَڌو!
    ويو ڄَمي هو رَنگُ تُنهنجو تو جَڏهن اوڍي ڏِٺو!
    تو پَچايو لاڙَ کي پئي، مُون وِچولي کي رَڌو!
    هَرُ اِشارو مون چَکيو هو ڪُجهه کَٽو ۽ ڪُجهه مِٺو!

    ڀيٽَ پهرينءَ جي سَويري تُون اُٿئين ڇو اوچتِي؟
    مُون به پيرنَ مان ڇِڪي پوءِ ساهُه پنهنجو هوکَنيو!
    هرَ نظرَ ۾ پئي ٻَري ٿي، سرمَدِي ڪائِي بَتِي،
    چَنڊُ تُنهنجي چَپَ جَهڙو مُون پوءِ اولهَه ۾ هَنيو!

    آئُون اوڀرُ ۾ تَڏهن اُونداهِجي ويو آهِيان!
    تو مَٿان بڻجِي اُجالو، ڇانئِجِي ويو آهِيان.


    تون به مريم جان!

    چُوهَڙ لڪَّ مَٿان چانڊوڪِي!
    ٿاڻو بولا خان پَسي ٿِي!
    آئون روز ٽِپان چانڊوڪِي!
    تنهنجي مونتي سار وَسي ٿي!

    ڪير جبل تي گهوڙا ڪاهي،
    رُڃ ڏِسڻ آيو هيڪاندي؟
    پيرا ريت مٿان پئي ڊاهي،
    هيل هوا آ ايڏي واندي؟

    توکي پنهنجي مَستي آهي!
    آئون رولاڪين ۾ ڀٽڪان!
    هوءَ جا سامهون وَستي آهي!
    تنهن ۾ عيسيٰ وانگي لٽڪان!

    تون به مريم جان ماٺُ ڪَري وئين!
    آئون اُتي ئي تون ئي پَري وئين!


    ڪلهه رات!

    ڳُنڌيل تو سينڌ کي ڌوتو اکيون برساتُ ٿِي وِينديُون!
    نِهاريو تو جي سارِين ڏانهن، هَراڙي شامُ ٿِي وِيندِي!
    پُڇايو تو جي ٻاجهرُ جو، ڀِنڀوريُون سنگَ ٿِي اِينديُون!
    جَواني مُنهنجي ڳوٺن جي، اَلا! بدنام ٿِي وِيندِي!

    وَراڙو تُنهنجي ساهنَ جو، پُڳو مُنهنجي چَپنَ آهي!
    وَصل جي چور لَمحي کان، وَرائي ڪا چُمي وِيندو!
    چُڳهن تي گِهم چوڌارِي، چَپنَ جي ڀِي ڪَپنَ آهي!
    اکينَ جو ڳوٺُ کيپَن ۾، پُڇين ٿِي تُون ڪَڏهن اِيندو!

    تُنهنجي ڳالِهين جي ڪوٽن تي، لَهي پئي هاڻ چانڊوڪِي!
    وَڻن جا سَڀُ ڊِگها پاڇا، صَفا ننڍڙا ٿين پيا ڏِس!
    هَميشه تُون حِجابنَ سان، اِئين پئي آڻُ چانڊوڪِي!
    مُنهنجي جِيوَن جا سَڀُ پوٺا، نَنڍا وَڏڙا جِيئنَ پيا ڏِس!

    ڏِٺو هِيءُ خوابُ مُون تُنهنجو، مُون ڏاڍو پاڻُ رولِيو هو!
    ڪَلهوڪِي راتُ آڌِيءَ جو، مُون توکي جامُ ڳوليو هو!


    عابده جي راڳ ۾

    وِلهه تي تو نِنڊ ٺاري رات جو!
    مون اکين تي جاڳ جا منتر پڙهيا!
    پئي مٿان کان چنڊ توتي دم ڪيو!
    ۽ هوا پئي ڀاڳ جا منتر پڙهيا!

    ڏُور تارن پئي چِتايو ڳوٺ تي!
    تنهنجي وارن جي سڳيءَ جو ناز هو!
    کوڙ جُگنو پئي مِڙيا ڄڻ ڪوٺ تي!
    تنهنجي چوڙيءَ جو ٻَريو ڄڻ ساز هو!

    اکُّ مُنهنجي هئي سِتارن کان اڳيان!
    طور سينا سوچ جو ڦاٽڻ لَڳو!
    خودڪلاميءَ جِي نِهارن کان اڳيان!
    لامڪان ۾ عَڪسُ تنهنجو ٿي وَڻيو!

    جاڳ جي تون ڀاڳ سان مونکي مِلئين!
    عابده جي راڳ ۾ بِيٺي کِلئين!


    توکي خطن ۾ ساڙي

    اِنڊلٺ غُسل ڪري جو آرس ڀَڳي ڏکڻ کان،
    اُڏريا رُڳي اُنهي ڏي باغن مَٿان پَکي پئي،
    موسم گَهڻو پئي ٿَڙڪِي، تُنهنجي رُڳو ڏِسڻ سان،
    کينچل ڪَري هَوا سان پوتِي تُنهنجي رَڦي پئي.

    سانوڻ سَڄي جِي ساوڪ، تُنهنجي لِباس پَرکِي!
    تنهنجِي اکين جي وينگسُ، گُهونگهٽ ڇڏيا ها لاهي!
    تُنهنجي ادبَ ۾ نِوڙي، وَڄ وِڄ مٿان پي ڍَرڪِي!
    وڻَ وڻَ ائين هو ڄاتو، تجلو تُنهنجو ٿيو آهي!

    تُنهنجا اِلاهي منظرَ، مُون ۾ اَڃان پيا ڇُلڪن!
    مُون ۾ سُتي پئي آن، مون ۾ لُڏين لَمين پئي!
    آئون اُڃارو ڀٽڪان، تُنهنجا گَهڙا پيا ڇُلڪن!
    مُونکي اکين مان ڇاڻي مُونکان پَري وڃين پئي!

    ڪيڏو ڪيو هيءُ پنهنجي آهي ڪرم مَٿان مُون!
    توکي خطن ۾ ساڙي خُود کي رکيم مَٿان مُون!


    ڀاڳ جو مُرشِد

    نِنڊاکي نِينهنَ پنهنجي جِي جَوانِي وئي جُدائِيءَ ۾!
    اڃان ڀِي يادگِرين تي، اهو ئِي وَقتُ پيو ٽاڪيان!
    جِيان پيو آئون پاڇاٽو، خُدا جي بَس خُدائِيءَ ۾!
    نِهارين تون جي رستن ڏي، اکيون آئون به پيو واڪيان!

    وِڇوڙي گُهور پيرن تي، وِڌي ايڏي نِماڻي هئي!
    اَڃان تائين به هڪٻئي لئه،کَڄي هِڪ وِک ڇِڊي ناهي!
    الاءِ سُور ڪهڙو هو؟ اَجائي دل نه ساڻِي هئي!
    حَياتيءَ بيوَسي پَهرين نه اهڙي ڪا ڏِٺي آهي!

    اکين جي لِيهُه کي دوڳي، سِبان تو لُڙڪَ آڌين جا!
    ڪڏهن تو ڀِي تصّور ۾، ڏِني اوڇنگار ڪا هوندي!
    مَري ويو ڀاڳَ جو مُرشِد جُدا ائين ڪونه ٻئي ٿيون ها!
    ستارن کان پرين اڪثر، ڪئي تو ڀِي پُڇا هوندي!

    مِلون ها پاڻ هڪ پاسي، کِلون ها پاڻ ٻئي پاسا!
    وڃي ٿو ڪاش بس رهجي، اسين ساڳيا اُڃا تاسا!


    حَويليءَ پٺيان

    اَسان چَنڊُ پنهنجو سنڀاريو گَهڻو!
    زماني جو جنهن کي گِرهڻ ويو لَڳي!
    اُهو جنهن جُڳن کان ڪَئي ٿي مَڳِي!
    اُنهيءَ جنهن اسانکي سَنواريو گَهڻو!

    سَمُنڊ کي ڇُهِي جا وَڻنَ تي پُڳِي،
    هَوا سا نِياپا کَڻي ٿِي اَچي!
    چَپنَ ۾ چُمِي ٿي نِنڊاکيو نَچي!
    گَسنَ ڏانهن تڪن پيون اکيون هيءَ رُڳي!

    وِساڻا وِساڻا اسين ٿا رهون!
    اُڌاريل نِنڊن سان سُمهي ڪير ٿو؟
    ستارا نِهاري اَڃان ڪو پيو!
    سِتم مُدتن کان اِهو پيا سَهون!

    لَڙِي چَنڊُ وِيندو حَويليءَ پُٺيان!
    وَڏو راز آهي پَهيليءَ پُٺيان!


    عورت

    هر واٽ مَٿان آ نانگ سُتل!
    ڪو پيرُ ڪکيل آ کاهوڙي!
    آ سُونهن تي وَحشِي اکّ کُتل!
    پئي ڀؤنڪ ٿئي ڏِس باهوڙي!

    ڪو ڪاڙهن ۾ لابارن تي!
    ٿي جِسم ڪڙهيو ڪنهن مومل جو!
    هر ٿاڪن تي، هر چارن تي!
    بس ٻاگِهل جو ٿي ڪنڌ ڪُٺو!

    پئي بُکّ پنايو نياڻيءَ کي!
    بازارن ۾ فُوٽ پاٿن تي!
    هر رات طوائف ٿِي جيڪي،
    پئي ڪپڙا پنهنجا لاٿن تي!

    هر وقت صليبن تي ٽنگجي!
    پئي عورت ڪيڏي آ رنگجي!


    حيات ڇڏ ته

    ڪَمال وقت جِي مُسافِرِي!
    کُٽي نَٿِي حيات پئي کُٽي!
    عجيب! درد جي سوداگري!
    شباب کي لُٽيو وَري لُٽي!

    وَٿاڻ رُوحَ جا گهڻا ڪِٿي؟
    جِسم جِسم جو ٿاڪ ٿو مِلي!
    پراڙ لوچَ لوچَ جِي جِتي!
    رَڙِي ڍِڪِي قرار ٿو کِلي!

    نصيب کي سِبون هَڻون چَتي!
    اُگهاڙ ڀاڳ جي گهڻو لَڄي!
    لُٽائي عِشق جاڳ آ وَتي!
    جهان نِنڊ ٿي گُهمي سَڄي!

    ڪڙهون ته ڪيترو ڪڙهون اَڃان؟
    حيات! ڇڏ ته ٿِي مِٽِي وَڃان!


    لُڙڪَ

    ماڪ چوي ٿي ڳوڙها جيون!
    پٿر ۾ ڀي پاڻي آهي!
    ڌرتي ڪهڙي ساڻي آهي؟
    پالي اڪثر پوڙها جيون!

    جبلن تي جا برفَ رَجي ٿِي!
    ڪيڏو سِيءُ وَڻن کي ساڙي!
    اونِي شال ڇَڏي ڪو جهاڙي!
    چانڊوڪِيءَ کي رات چوي ٿِي!

    ڪير نَدينَ کي ڇاڇُولي ٿو؟
    ساوڪَ ساوڪَ ٿِي ڄڻ ڳائي!
    آکيرن کي وَڻُ وَڻُ پائي!
    سارو ڏِينهن پکِي ڳولي ٿو!

    پنڇِي پنڇِي نِنڊ ڪري ٿو!
    ماڪَ جي اک ۾ لُڙڪ ٻَري ٿو!


    نِهارج تون نه موهيڙا

    نِمن تي ڪانءُ واهوندو!
    رُڳو هڪ خيال پيو لوڏي،
    اُٺي ۾ ڪير آ ايندو؟
    خُماريل مُند ۾ توڏي!

    پُسائي پاڻ بارش ۾،
    چِتائي ڏُور ڪوهيڙا،
    چيو هُن هاڻ بارِش ۾،
    نِهارج تون نه موهيڙا!

    جدائيءَ کي جواني آ!
    اسين پوڙها وياسين ٿِي!
    گذاري ڏينهنَ حَياتيءَ جا،
    مِڙئي پيا وقت ڪاٽيون هيءُ!

    ڪجل جو رِڻ سڄو ووڙي!
    اکين تي جاڳ پئي ڊوڙي!


    رات اَچي ٿي

    چڪلن ۾ چانڊوڪِي لَهندي،
    ڪيئن اُگهاڙِي ٿي پَوندي آ؟
    اک جي اک ۾ شُهوت وهندي،
    ٻاهر ٺرندي ڇا چوندي آ؟

    مُردي سان همبِستر ٿيندي،
    ڪنهن کي لَڄ لَڄايو آهي؟
    ڪپڙا لاٿل پَهري ويندي،
    سوچي هاڻ اُگهاڙپ ناهي.

    ڪاغذ جو بس نوٽ وڏو آ!
    جِسم مِٽي آ لَٽجِي ويندو!
    هُو ته طوائف جو ئي اَڏو آ!
    اُن لئه ڪهڙو ماتم ٿِيندو؟

    چنڊ چڙهي ٿو پوٺا ٻَهڪن!
    رات اَچي ٿِي ڪوٺا سَهڪن!


    پهاڙ جو اُداس نَغمُو

    نَدِيءَ نَدِيءَ جي نهار گُونگِي!
    وَڻن منجهان ٿِي پَسي پَري کان!
    هَرڻُ هَوا جي مَٿان ويو ڊوڙِي!
    ڪَڪَرُ اَڃان پيو وَسي پَري کان.

    پَهاڙُ جو ڪو اُداس نَغمُو،
    اَڃان ٿِي ڪوئل انبنَ ۾ ڳائي!
    وڻنَ جي ڇڻيل پَننَ جو سُرمو،
    بهار بيٺِي اکين ۾ پائي.

    گَگَنَ کي بادل لَڌو هو ڳولي!
    پکين ته پَنهَنجي پرِيت سان ٿي!
    ڊِگهن وَڻنَ کي ڇَڏيو هو لوڏي،
    صُبحَ جي اُجري گهٽِيءَ منجهان ٿي!

    ڪليءَ ڪليءَ تي اُماس آهي،
    تڏهن ته ڀونئرو نِراس آهي.


    تماشبين

    تَتِيءَ ٿڌِيءَ ۾ روز ٿا دُکون!
    عَجِيب بيوَسي مَٿان ڊَٺِي!
    چَپنَ سَٺيون پي مُرڪ جون بُکون!
    ٽُڪرَ ڪو ٽهڪ جو اَچو وَٺِي!

    صَليبَ جي دَڙي مَٿي چَڙهون!
    اَچو ته سچّ کي مَٿان پَسون!
    عَجِيب خيال ۾ پيا ڪَڙهون!
    سَڙِي پو پاڻ تي گَجيو وَسون!

    تماشبِينُ آ خُدا وڏو!
    ڏِسي ٿو روز عَرش تان يَڪو!
    حَيات موت جو رُڳي ڦَڏو!
    مَزو وَٺِي جڏهن به هُو ٿَڪو!

    مِٽِيءَ سان پيو حِسابَ پو ڪندو!
    في الحال پيو رَڙي بندو بندو!


    هڏڪِي

    ڪيئن مَڃان تو ناهي ساريو!
    مُونکي هِڏڪِي آئِي ڪانهي!
    لوڌي نيڻَ ڇَڏِين ٿا واريو،
    ڳوڙهن وٽ تَنهائِي ڪانهي!

    ڪير وِڇوڙنَ کي سمجهائي!
    پنهنجو وقتُ وِڃائِن ٿا پيا!
    تو سان عِشق اُهو ئِي آهي!
    ڇا تي زور لَڳائِن ٿا پيا؟

    ڪهڙو فرق پَوي ٿو سانئِڻ!
    تون به ته ڌرتِيءَ تي ئِي آهِين!
    مُونکي چنڊ چَوي ٿو سانئِڻ!
    دلبر! دِل مَتان تُون لاهِين!

    توکي نِنڊ وڃي ٿِي ويڙهي!
    مُونکي جاڳَ اَڃان پئِي ريڙهي!


    اڃان ته ڪونهي

    اچين ته توکي ڪي چاهتن جا شباب آڇي بهار سڏجي!
    ڪَتيءَ ڪَتيءَ جي اُماس راتين منجهان چتائي نهارجي ڀي!
    اچين ته توسان اکين اکين جي نئين نويلي نهار گڏجي!
    ملين ته توکي چپن تي اوڍي تنوارجي ڀي سنوارجي ڀي!

    اسين ته ڪينجهر جيان ڇُلي ڀي اُتي ئي آهيون اُتي ئي رهبو!
    مگر اوهين ڀي ڪنهن نيرڳيءَ جئن اُڏام پنهنجي اُڏي سگهو ٿا!
    اسين ته آهيون غلام پنڇي، اُڏون به ڪهڙو اُڏي نه سگهبو!
    اوهين ته ٿا هر طرف سُڃاڻو، هوا جيان ڀي گُهلي سگهو ٿا!

    تڏهن ته چئون ٿا اچو ته ٿورو حيات کي ڪُجهه رڙي گُذاريون!
    گُهٽيل ڪو سُڏڪو تڙي نِڙيءَ مان گهٽا گهٽا جئن ٻکن ۾ برسون!
    مزار دِل تي سکا ڪا باسي ۽ ٽهڪ ڏيئو ڪري ڪو ٻاريون!
    ملين ته ٿورو چپي چپي جا عذاب ڪارا اسين به ڀُلجون!

    اڃان ته ڪونهي قرار دِل کي تڏهن ئي ايندو جڏهن تون ايندين!
    اسين اوهان جا اڃان ڀي آهيون، اسانجو آخر ڪڏهن تون ٿيندين؟


    خودڪشين جو شور

    ويجهڙائيءَ شور ها واڻي ڇڏيا!
    گهونگهٽن تي ماٺ هئي ايڏي ڪِري!
    ماٿرين تي برف هئي جيڏي ڪِري!
    ڄڻ ڪِٿي ڪنهن ساهه ها ڇاڻي ڇڏيا!

    زندگي ترتيب ۾ آهي ڪِٿي؟
    هر گهڙي هِت ڪانه ٿي ساڳي رهي!
    دل جي ڌڙڪڻ نِنڊ ۾ جاڳي رهي!
    هر حياتي ٽهڪ گونجي ٿي اِتي!

    جو حجابن ۾ لِڪل آواز آ!
    تنهن مَڌُر سنگيت کي ڌُونڌاڙجي!
    عاشقيءَ جي رنگ سان جهِينجهاڙجي!
    روشنِين جِي رنگتن جو راز آ!

    نِنڊ مان ڪنهن ڇِرڪ پو ڪيڏو ڀَريو!
    خُودڪشين جو شور پينگهي ڏانهن وَريو!


    پير جي جُتي

    عورت لِباس ناهي سڀڪو وڃي جو پَهري!
    هيءُ ڪا نديءَ به ڪونهي جنهن ۾ ٻُڏي مَري ڪو!
    عورت نشو به ڪونهي، جنهن سان پيو ڪو ڳَهري!
    اوڙاهه هيءُ به ڪونهي، جنهن ۾ سڙي ٻَري ڪو.

    عورت عذاب ناهي، جنهن کان پناهه گُهرجي!
    عورت سمونڊ جهڙي! اُجري شفاف آهي!
    عورت سراب ڪونهي، جنهن کان ڊِڄِي پوءِ چُرجي،
    عورت نِهار جهڙي! پوتر طواف آهي!

    عورت گلاب جهڙي! عورت بهار آهي!
    عورت گناهه ڪو ناهي! عورت ثواب جهڙي!
    عورت نبين کي جنميو! عورت اُڌار ناهي!
    عورت حيا ڪڪوريل! عورت حجاب جهڙي!

    وِک وِک وفا ڪري ٿي تڏهين ڪُتِي ٿو سمجهي!
    ڇالئه سماج هِن کي پيرن جُتِي ٿو سمجهي؟


    ٻڪرار نينگرين جي

    چِترال کي چُميءَ سان بيٺو سيّاح ڀيٽي!
    گِلگت اکين ۾ اوتي پيو چنڊ کي چِتائي!
    رولاڪ برف جهڙي پيو روشنِي سَميٽي!
    سيف الملوڪ کي ٿو ڄڻ عاشقي سِکائي!

    ماٺار نِنڊ جهڙي پئي ڏُور کان نِهاري!
    ٻڪرار نينگرِين جي وِک وِک وسِي رهِي آ!
    بي داغ صُورتن کي اکڙين ۾ هُن ويهاري!
    سوچڻ جڏهن به چاهيو تجلن کان ويو ٽهِي آ!

    هر آبشار تي هُن روڪِي پسار پاڻهي!
    وينگس کٿي ۾ ويڙهي پئي روز سان جَوانِي!
    گُهوري گهڻو پي ٿڙڪيو، ماڻو ڪپن جو تاڻي!
    چُپ چاپ نارنگِي ڪا ٿِي رُوحَ ۾ روانِي!

    سيّاح سوچ ۾ آ هِت ڪونه هُيا ڪاڙها!
    هُن جِي نِهار سان ٿِيا سڀ صوفَ ڪچا ڳاڙها!


    زنگجِي ويل نِنڊ

    وڃي اکين جي ڏيهَه تي اکين جون روشنيون وُٺيون!
    تڏهن اسان هو پرکيو اوهانجي درد جو ڇَمر!
    حَسين پوپٽن چُميون گهڻن جون سانوريون مُٺيون!
    اوهانجا خواب سارنگي ڏِسي سگهيو نه ڇو قمرَ؟

    مگر ڪجي به ڇا پرين دنيا جو دوزخون گَهڻيون!
    سماج جنگجُوءَ جيان وِڙهي وِڙهي وَڍيو ڇڏي!
    اسان ته پوءِ به مُرڪ جون چپن منجهان ڇٽيون ڪَڻيون!
    اڃان به درد روز ٿو رُوحَ کي ڪَٽيو ڇڏي!

    اڃان به رِيهه رُوحَ مان اچي ٿي روز اِينگهجي!
    اوهان جو درد مٿڀرو اسانجي ڏات کان وڏو!
    اچن ٿا روز ميڙ ٿي هيءُ آدمي ڪي رِينگجي!
    اُنهن جو روش وحشتِي تِکو آ ڪات کان وڏو!

    اسانجي نِنڊ زنگجِي وئي ورهيه ٿيا ته ڇا؟
    اسانجِي ماڻڪيءَ اندر اوهان جو خواب پو به آ!


    تُنهنجو ذِڪر

    ڪيڏو جهان آهي!
    ڀٽڪي پيو آ ڳولي،
    جنهن ۾ پَسان مان توکي،
    ڪو هڪ مڪان آهي!

    توکي زوال ناهي!
    هر جاءِ عُروج تُنهنجو!
    ڪهڙو ڪمال مُنهنجو؟
    مُنهنجي فنا ئي آهي!

    توکان پري به ناهيان!
    مونکي قريب آهين!
    مُنهنجو عجيب آهين!
    تُنهنجو فقير آهيان!

    تُنهنجو ذِڪر نه جنهن پل!
    مُنهنجي مِٽي ڀُري شل!


    وڇوڙي ۾

    آرسيءَ جي مٿان ڪيترا ها!
    عڪس تُنهنجا اُڏيا دير تائين!
    مون نِهاريو ته پوءِ روشنيءَ جا،
    رنگ توتي لٿا ڇير تائين!

    رَقصُ سو بادلن ويجهڙو ٿِي،
    باغ مان پي تڪيو سانوريءَ جو!
    کُوهَه تان ڇوڪري ٻيلهڙو ٿِي،
    هارجي ٿي اڃان مون مٿان ڇو؟

    انب جي وڻ مٿان چَنڊُ بيٺو،
    جُهوپڙيءَ مان تڪي قدّ تُنهنجو!
    مون به سوچيو ڪِٿان چنڊ بيٺو!
    اڌّ مُنهنجو تڪي اڌّ تُنهنجو!

    تو وِڇوڙي ۾ کولي ڏٺو هو؟
    رُوپ مُنهنجي وصل جو اُڃارو!


    وصال

    هڪڙو جهانَ آهي!
    جنهن ۾ پيو رُلان مان،
    توکي پيو ٿو ڳوليان!
    تنهنجو نِشانَ ناهي!

    وڻ وڻ اُداس پاڇا!
    شامون عذابَ جهڙيون!
    ڳالهيون ڪجن به ڪهڙيون!
    رستا نِراس آتا!

    تُنهنجي نِهار ناهي،
    ڪهڙي حيات پنهنجي؟
    ڪٽجي نه رات پنهنجي!
    هر پل سينوار آهي!

    توکي خيال ايندو!
    مُنهنجو وصال ٿيندو!


    اُڃايل اکيون!

    اُڃايل هرڻ ڏانهن ندي ٿي ڀڳي!
    نديءَ ۾ پي تڙڳيو اُگهاڙو بدن!
    بدن تي نديءَ کي به آئي مڳي!
    مڳيءَ ڏانهن نهارون هيون دير-کن!

    مُصّور چٽيو ڪو وڏو عڪس هو!
    گهڻا رنگَ ڇيڙي اکين ڏانهن ڪيا!
    وڻن تي وجد جو وڏو رقص هو!
    لڙي سج پاڇا پکين ڏانهن ڪيا!

    هرڻ جي اکين ۾ اَڃا اُڃ آ،
    نديءَ کي مڳي پر ڇڏي ئي نٿي!
    سرابن ۾ ويڙهيل وڏي رُڃ آ!
    نِهاري ندي ڪا سڏي ئي نٿي!

    نه تصوير ساڳي ٽنگيندا ڪريو!
    تماشي کي سمجهي مُصّور چيو!


    توکي نه جاڳ ٿي

    اوڙاهه ۾ حيات ٻَري ٿي!
    محسوس سانوري نه ڪيو تو،
    ڄڻ جاڳ ۾ ڪا ڌات ٻري ٿي!
    هر رات نِنڊ تو ته ڪئي پو.

    ڄڻ ساهه کي زوال وِڇوڙو!
    هر ويل جي ڪمال جُدائي!
    هر رنگ تي سوال وڇوڙو!
    محرم ته ڇا شوال جُدائي!

    وسڪار رات ريت مٿان ٿي،
    ڄڻ باهه آسمان پي ٻاريو!
    هر وقت سار روح وٽان ٿي،
    ڪلهه رات مون اکين کي پِگهاريو!

    هر رات آڳ ٿي ته جلان ٿو!
    توکي نه جاڳ ٿي به ڪڏهن ڪو!


    مَرينا

    تو نه مَرينا ماڇڻ ڄاتو،
    ڄامُ نندي جو راڄُ وَڏو هو،
    ڪو نه دَريا هو تولئه آتو،
    اَرغونن جو ڪونه تَڏو هو.

    هاءِ همونءَ جِي وِکُ سَڀاڳِي،
    دَريا جنهن تي ڇُلڪِي پيو هو،
    رَڻمل، جوڌا پيا ها جاڳِي،
    مِٺڻ مَرندي مُرڪي پيو هو.

    شهر ٺَٽي ۽ ٽَلٽيءَ ۾ پوءِ،
    باهُه اُلن جو ناچ ٿيو پئي،
    سِنڌين جو بَس ڪوس ٿيو هو،
    ڪاش! مَرينا سوچين ها جي.

    تُنهنجو سارو ڀاڳُ کَري ويو،
    جنهن پَل دَريا خان مَري ويو.


    مرينا: مرينا ماڇڻ “ڪاهُو دڙي” ضلعي (ميرپورخاص) جي رهواسڻ ڄام نظام الدين “ڄام نندي” جي زال ۽ ڄام فيروز جي ماءُ /ڄام نندو: ڄام نظام الدين
    دريا خان: دولهه دريا خان، ڄام نندي جو پُٽيلو ۽ وزير / جوڌا: جوڌا سنگهه سوڍو
    همون: دولهه دريا خان جي محبوبا / مِٺڻ: دولهه دريا خان جو پُٽ
    رڻمل: راڻو رڻمل سنگهه سوڍو


    ڏيئي جي ساڻِي لاٽ

    پُوڄارڻ جي پاڇُولي ڏانهن،
    ڏيئا ڏيئا لاٽ نچي ٿي!
    ڪوهيڙي ۾ ساٽ نچي ٿي!
    ڏُور پَريان ڏِس هُو ٻيلي ڏانهن!

    مندر جا سَڀُ گِهنڊَ وَڄائي،
    رستنَ تي پنَ پنَ کي ڇاڻي،
    پيرن جِي هر آهٽ ڄاڻي،
    ڪونه هَوا ٿِي وقت وِڃائي.

    ڏُور پَريان ڪو راڻو ڳائي،
    آهڙ جِي ٿو باک ٿُڏي پيو،
    رات جو ڪارو رنگ اُڏي پيو،
    مُومل جو پيو ماڻو ڳائي.

    پُوڄارڻ کي نِنڊ اچي پئي!
    ساڻِي ڏيئي لاٽ نچي پئي!


    چِيڪلو

    رَقصُ پنهنجو بارِشن آلو ڪَيو!
    راڳَ پنهنجا ٿڙڪندي ٿِي ماٺُ وِيا!
    ڇيرُ تنهنجيءَ تي ڇنڊو اهڙو پِيو!
    پرَ پُسيءَ جا ڦَڙڪندي ٿِي ماٺُ وِيا!

    ڪنهن ڇَٽيءَ جي ڇانوَ پوءِ گهاٽِي نه هُئي!
    هر طرف پئي دُونهون ڌرتيءَ مان اُٿيو!
    مهڪَ تنهنجي ٻکّ جي ساٽِي نه هُئي!
    وِڄّ ڍَرڪي قدّ تنهنجو ٿي پُڇيو!

    چِيڪلي ڏانهن نيڻ پنهنجا جيئن ڀَڳا!
    سارو ماضي اکّ سامهون ٿي ڦِريو!
    لِڪلِڪوٽي ڏينهنَ ساهن جا سَڳا!
    دردُ پنهنجي رُوحَ ۾ ايڏو ڇِريو!

    تو لِڪايا لُڙڪَ پنهنجا مُرڪندي!
    مون ڏِنا پوءِ ٽهڪَ ڏاڍا سُڏڪندي!


    پوڙهو عَڪسُ

    يادگيريون هانوَ تي اوڇڻ جِيان!
    رات ڪنهن ٿي پُوهه ۾ اوڍي رکيون؟
    سمنڊ وانگي ڇُڪلندڙ جنهن جون اکيون!
    روز سوچي زهر پنهنجو ٿو پِيان!

    بند ڪمرو شهرتون آڇي رُڳو!
    فاصلن کي لفظ ماپيندا وَتن!
    وِصل جا ڄڻ رنگ ڇاپيندا وَتن!
    نِنڊ سان ڪو خواب پيو ٽاڪي رُڳو!

    ڏُور چانڊوڪي وڻن پويان ٽِڙِي!
    نانگ جوڳڻ جي بَدن ۾ ويو لِڪي!
    ڄڻ نديءَ جي هو ڪپن ۾ ويو لِڪي!
    ساز ڪيڏا بستري تي پيا ڇِڙِي!

    آرسيءَ تان هاڻ ماضي پِيو ڊَهِي!
    جُهور هِڪڙو عڪس اُن تان پيو لَهي!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566293
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215653
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ