ڪتاب جو نالو: هل هِنئين سين هوت ڏي
مصنف: مختار جانوري
ڇپائيندڙ: ساڀيان پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 07 سيپٽمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 501 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 114 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • هَلُ هِنئين سين هوت ڏي، سِسي کَڻُ مَ ساڻُ،
  • پنهنجي پاران
  • لاڙڪاڻي کان ڪوئيٽا
  • ڪوئيٽا کان تفتان
  • زاهدان کان مشهد مقدس
  • مشهد مقدس ۾ قيام
  • مشهد مقدس
  • امام علي رضا
  • حرمِ امام رضا
  • ڪفش داري
  • دست شوئي
  • مسجد گوهر شاد
  • خواجه مراد
  • خواجه اباصلت هروي
  • خواجه ربيع
  • بازارِ امام رضا
  • بازارِ بزرگ
  • نيشاپور
  • طُوس ۽ فردوسي
  • زندانِ هارون رشيد
  • مشهد ميوزيم
  • جناب سيده فاطمة بنت موسيٰ ڪاظمؑ
  • مسجد جمڪران
  • خُسروي
  • ڪربلا
  • امام حسين
  • امام حسين جي روضي جي تاريخ
  • غازي عباس علمدارؑ
  • حضرت علي اڪبرؑ
  • حضرت حبيب ابن مظاهر اسديؑ
  • حضرت ابراهيم مجاب ابن امام موسيٰ ڪاظمؑ
  • شهر بغداد
  • تله زينبيه
  • خيمه گاهه
  • مقام علي اصغر مقام علي اڪبرؑ
  • ڪف عباس
  • حضرت حر ابن يزيد رياحي
  • طفلان مسلم بن عقيل
  • ڪربلا ۾ پلو
  • حضرت ميثم تمار
  • مسجد ڪوفه
  • حضرت مختار ثقفي
  • حضرت هاني بن عروه
  • مولا علي جو گهر مبارڪ
  • مرقد علوي جي تعمير
  • صدام، سندس مجسما ۽ فوٽو
  • مسجد سهله
  • سامره
  • امام علي نقي
  • امام حسن عسڪري
  • حضرت بيبي نرجس خاتون
  • حضرت بيبي حڪميه خاتون
  • حضرت سلمان فارسي﷦
  • حضرت حذيفه يماني﷦
  • حضرت جابر بن عبدالله انصاري﷦
  • ڪاظمين
  • امام موسيٰ ڪاظم
  • امام محمد تقي جواد
  • جناب زينب بنت علي
  • زينبيه يا سيده زينب
  • روضه اقدس جناب زينب بنت علي
  • دمشق
  • بي بي زينب عليها سلام جو خطاب
  • حضرت رقيه جو تعارف
  • ڪجهه حلب جي باري ۾
  • نبي الله حضرت يوشع بن نونؑ
  • حضرت بُهلُول دانا
  • مسجد براثا
  • شاهه عبدالعظيم الحسني
  • حضرت حمزه بن امام موسيٰ ڪاظم
  • امامزاده طاهر
  • بيبي شهر بانو عليها سلام
  • وطن واپسي
  • عراق جي تازي صورتحال
  • حوالا

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: هل هِنئين سين هوت ڏي
    (ايران، عراق ۽ شام جو سفرنامو)
    مصنف: مختار جانوري
    ڇاپو پهريون: © 2018ع
    ڪمپوزنگ : تولا رام
    لي آئوٽ : احسان راهوجو، حبيب قادر قريشي
    ٽائيٽل ۽ ڊزائين: نعيم خان ديسوالي
    ڇپيندڙ: ساڀيان پبليڪيشن، حيدرآباد
    قيمت : 400/= روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر

    اسٽاڪسٽ
    شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد.
    ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ حيدرآباد لا هائوس، سامهون حبيب بئنڪ اسٽيشن روڊ، حيدرآباد
    شيريزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدري ڪتاب گهر، ڀٽ شاهه + ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي.
    حسين عامر نيوز ايجنسي، مين بس اسٽاپ، سجاول + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
    عبدالله بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو + نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
    اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه + راٺوڙ ڪتاب گهر، سڪرنڊ + گلشير ڪتاب گهر، نوابشاهه
    سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ مهراڻ بُڪ ڊيپو، کپرو + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ
    ڪنگري بڪ شاپ، ميرپورخاص + حُر ڪتاب گهر، ميرپورخاص + حلال ڪتاب گهر، ميرپورخاص
    العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر عمرڪوٽ.
    سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو + مدني اسلامي ڪتب خانو، دادو
    رزاق بڪ سينٽر، ميهڙ + مراد بڪ اسٽال، سيوهڻ
    مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
    ٿر ڪتاب گهر، مٺي + ساگر ڪتاب گهر، مٺي
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر + مهراڻ بڪ سينٽر، سکر
    الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر + بخاري ڪتاب گهر، افغان سينٽر سکر
    صديق حيدر ڪتاب گهر، شڪارپور + مولوي عبدالحئي تاجران ڪتب، شڪارپور + سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور
    تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس + خيرپور بُڪ اسٽال خيرپور ميرس
    سڪندي ڪتاب گهر، پير جو ڳوٺ + لغاري بڪ ڊيپو، ٺري ميرواهه + مڪتبه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
    سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ ڪنڊيارو.
    ميمڻ بڪ ڊيپو، نوشهروفيرو + راشد بڪ ڊيپو، نوشهروفير


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ” هل هِنئين سين هوت ڏي“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
    جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي. پاڻ لکن ٿا:
    ”جيتوڻيڪ هي سفرنامو مذهبي ۽ روحاني آهي، پر ان ۾ منهنجو مشاهدو، تاريخي حقيقتون ۽ انهن جا پس منظر شامل آهن.
    هونئن ته مونکي ڪيترائي دفعا ايران، عراق، شام، مڪي، مديني جي زيارتن جو شرف حاصل ٿيو آهي، پر هن سفرنامي ڇپائڻ جو خيال مونکي ان ڪري آيو، ته هيءُ جامع ۽ ڀرپور آهي. جتي ضرورت محسوس ڪئي اٿم اتي انهن ئي ملڪن ڏانهن ڪيل ٻين سفرن جو ذڪر پڻ ڪيو اٿم، جيئن سفرنامي ۾ ڪا کوٽ نه رهجي وڃي.“
    هي ڪتاب ساڀيان پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون احسان راھوجي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپنا


    بابا حسين بخش خان جانوري
    ۽
    امان مريم فاطمه جي نالي


    هَلُ هِنئين سين هوت ڏي، سِسي کَڻُ مَ ساڻُ،

    هَلُ هِنئين سين هوت ڏي، سِسي کَڻُ مَ ساڻُ،
    جنين ڀانئيو پاڻ، سي آرياڻئان اوري رَهيون.
    (شاهه)


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران


    مونکي سفرنامن پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي ٿيڻ لڳو، جڏهن سيد وجاهت عليءَ جا سفرناما هفتيوار ”اخبار جهان“ ۾ ڇپبا هئا. ”اخبار جهان“ تنهن زماني ۾ 60 پئسن ۾ ملندي هئي. اسانجي گهر ۾ انگريزي اخبار ”ليڊر“، سنڌي ”عبرت“، اردو ”انجام“ کان علاوه ”نئين زندگي“، ”اخبار جهان“ ۽ ”چاند“ مزاحيه رسالو بدستور ايندا هئا. بابا سائين کي اخبار بينيءَ جو وڏو شوق هوندو هو ۽ رسالا وري ادا وڏو امداد علي خان گهرائيندو هو. ”نئين زندگي“ سان ته ايترو چاهه هوندو هيس جو آخر ۾ اهي سال سال جا جلد ڪرائي رکيائين. سندس پنجاهه جي ڏهاڪي جا ”نئين زندگي“ ‘جا جلد به اڃا تائين موجود آهن. منهنجو ٻيو ڀاءُ منظور علي خان وري آمريڪن رسالو The Panorama گهرائيندو هو، جيڪو امريڪن سفارتخانو مفت ۾ موڪليندو هو. ان کان علاوه هُو ”لائيف ميگزين“ جيڪا پڻ آمريڪا جي هئي مقرر گهرائيندو هو. ادا وڏو Reader’s Digestبه گهرائيندو هو. ان کان اڳتي هلي ادا اختر علي وري ”ٽائيم“ ۽ ”نيوز ويڪ“ گهرائڻ شروع ڪيا. ايئن ننڍي هوندي کان ئي گهر ۾ هڪ ادبي ماحول ميسر هيو.
    سيد وجاهت عليءَ جا ٽي سفرنامن جا ڪتاب جيڪي مون ان وقت پڙهيا هئا، اهي هئا ”جب مين ني شاه ڪا ايران ديکا“، ”جب مين ني اتاترڪ ڪا ترڪي ديکا“ ۽ ”جب مين ني لينن ڪا روس ديکا“. سيد وجاهت عليءَ جو لکڻ جو ڏانءُ، ڪجهه مبالغي آرائي مثلاً: ڪوئٽيه کان زاهدان وڃڻ واري ريل جي سست رفتاريءَ جو ذڪر ان حد تائين جو ان ۾ سفر ڪندڙ ٻروچ جڏهن ويهي ويهي تنگ ٿيندا هئا ته گاڏيءَ مان لهي ساڻس گڏ ڊوڙڻ لڳندا هئا. جڏهن ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پوندا هئا ته وري گاڏيءَ ۾ چڙهي پوندا هئا وغيره. سندس خانم عزيزه سان رومانوي دوستي، ايران ۽ ترڪي جا پراسرار حمام، شاهه جي زماني جو مادر پدر آزاد ايران، ترڪيءَ جو يورپي رهڻ سهڻ جو طريقو ۽ پراسرار شامون مون کي سفر ڪرڻ لاءِ راغب ڪندا هئا. ان وقت مان اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ۽ انهن ملڪن ڏسڻ جو وڏو شوق ۽ جذبو هوندو هو. انهيءَ زماني ۾ ريڊيو ايران زاهدان تان رات جو اٺين بجي اردو پروگرام نشر ڪيو ويندو هو، جنهن جي فرمائشي پروگرام ۾ هندوستاني ۽ پاڪستاني گانا نشر ڪيا ويندا هئا. انائونسر مائي جنهن جو نالو مون کي ياد ڪونه ٿو پوي، جي بار بار صدا ”يه ريڊيو ايران زاهدان هي“ ايڏي ته مٺي ۽ وڻندڙ هوندي هئي جو ڪيئي ماڻهو ان تي عاشق هوندا هئا ۽ خطن ۾ انهيءَ جو اظهار پڻ ڪندا هئا. ان مائي کان پوءِ اهو پروگرام ثريا شهاب کي مليو ۽ اها مائي الائي ڪيڏانهن وئي. گانن کان سواءِ ايران جي باري ۾ وڏي معلومات فراهم ڪئي ويندي هئي. ريڊيو زاهدان ميڊيم ويو تي هلندو هو، پر ان جا سگنل ڏاڍا پاور فل ۽ اسٽرانگ هوندا هئا، جيڪي اسان کي لاڙڪاڻي ۾ به صاف چٽا ۽ بنا کَڙڪي کُڙڪي جي ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. جڏهن ته اسانجي ريڊيو حيدرآباد جو ٿڪل ڏهه ڪلو واٽ جو ٽرانسميٽر ايترو ته ڪمزور ۽ ويڪ (weak) هوندو هو، جو سنڌي پروگرام ٻڌڻ لاءِ اسانکي وڏا جتن ڪرڻا پوندا هئا. مان پنهنجي اليڪٽرڪ ريڊيولاءِ ڪوٺي تي ٻن بانس جي لڪڙن ۾ ٻڌل وڏي ايريل ۽ هيٺ آڳر ۾ ننڍڙي باغڙي ۾ هڪ عدد اَرٿِ لڳائي هئي. ارٿ کي پاڻي به ڏيندا هئاسين، جيئن سنڌي نشريات چٽي ٻڌڻ ۾ اچي. هاءِ پاور ٽرانسميٽر ته ستين ڪال پوءِ لڳو. ايوب جو زمانو هو، تنهن ڪري ريڊيو ڪراچي ڄڻ سنڌي پروگرامن لاءِ شجرِ ممنوع هئو.
    ريڊيو زاهدان انهيءَ اردو پروگرام ۾ فارسي سيکارڻ جا ڪلاس به شروع ڪيا هئا. ياد ٿو پويم ته خانم رضا نالي هڪ عورت فارسي سيکاريندي هئي، جنهن جو آواز من موهيندڙ ۽ فارسي لهجو دل لڀائيندڙ هئو. دل چوندي هئي ته ويٺي ڳالهائي ۽ کيس ٻڌندو رهجي. هونئن به فارسي خصوصاً ايراني فارسي ڏاڍي مٺي ٻولي آهي ۽ عورت جي واتان ته هيڪاري مِٺي لڳندي آهي. ريڊيو زاهدان فارسي سکڻ لاءِ ڪتابن موڪلڻ جو به جوڳو بندوبست ڪيو هو. ويهين پيسي جي ايروگرام (Aerogramme) تي خط لکي موڪليندا هئاسين ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پنجن ڪتابن جو سيٽ گهر جي ايڊريس تي پوسٽ وسيلي پهچي ويندو هو. ٽڪلين تي رضا شاهه جي تصوير ۽ پُست ايران ۽ ايراني ريالن ۾ ٽڪلي جو مُلهه لکيل هوندو هو. پنجن ڪتابن جي سيٽ ۾ ”فارسي دبستان اول“، ”دبستان دوم“، ”دبستان سوم“، ”دبستان چِهارم“ ۽ ”دبستان پنجم“ شامل هوندا هئا. ايروگرام وري ان لفافي کي چئبو هو، جنهن ۾ الڳ پني تي خط لکي نه وجهبو هو، پر انهيءَ ايروگرام جي اندرين پاسي خط لکي فولڊ ڪري لڳل کونئر کي آلو ڪري مٿان ايڊريس لکي پوسٽ جي دٻي ۾ وجهبو هو. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي تنهن زماني ۾ هڪ معاهدي تحت سلهاڙيل هوندا هئا، جنهن جو نالو هيو Regional Cooperative Development (R.C.D). انهيءَ معاهدي تحت ڪيترن ترقي جي اسڪيمن کان سواءِ فري ويزا، ٽنهي ملڪن لاءِ Inland پوسٽل ريٽس کان سواءِ ڪراچيءَ کان ترڪي تائين هاءِ وي ۽ ريل روڊ جو منصوبو شامل هيو. ڪراچيءَ کان زاهدان تائين روڊ به ان منصوبي جو حصو هو. ڪراچيءَ کان ڪوئٽيه واري روڊ کي اڄ ڏينهن تائين آر سي ڊي هاءِ وي ڪوٺيو ويندو آهي.
    جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ پڙهڻ آياسين ته الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن پڙهڻ جو موقعو مليو. انهن سفرنامن جي خوبي اها آهي ته سفرنامي سان گڏ انهن ۾ شهرن جي معلومات ۽ تاريخي تجزيا به شامل هوندا آهن. الطاف شيخ صاحب جا سفرناما ته اڃا به پڙهندو آهيان، جن ۾ ”ايران ڏي اڏام“، ”دهلي درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“ وغيره شامل آهن.
    اردو ۽ انگريزيءَ ۾ هونئن ته مون ڪيترائي سفرناما پڙهيا آهن، جن ۾ منهنجا پسنديده ليکڪ آهن:
    1. ڊاڪٽر ڪيپٽن ادريس لاڙڪاڻي واري جو ٻي عالمگير لڙائيءَ ۾ جپان جو سفرنامو ”بسنگ آمد“
    2. Bill Bryson
    3. William Dalrymple
    4. Tim Kelsey
    5. Paul Theroux.
    اهي سفرناما ورائي ورائي پڙهندو آهيان ۽ هر دفعي نئون لطف ايندو آهي. ڪجهه اديب وري پنهنجي سفرنامي کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪندا آهن ۽ ڪجهه وري لٻاڙ ۽ مبالغي کان ڪم وٺندا آهن، جيئن سفرنامو وڌيڪ دلچسپ لڳي.
    منهنجو هي سفرنامو حقيقت ۾ هڪ روحاني سفر جي باري ۾ آهي. سفر به اهو جنهن لاءِ بقول لطيف سائينءَ جي:
    هَلُ هِنئين سي هوت ڏي، سِسِي کڻُ مَ ساڻ،
    جنين ڀانئيو پاڻ، سي آرياڻِئان اوري رهيون.
    يعني جڏهن هوت ڏي هلين ته هنئين سان هل، سِسي ساڻ نه کڻ معنيٰ وڏائي، مان، تڪبر، هٺ ساڻ نه کڻ، پر پنهنجي هستي کي وساري ڪمال ادب، احترام، عاجزي انڪساري، روح جي پاڪيزگي سان هلي انهن هستين جو سلامي ٿيندين ته اهي قبول ڪرڻ وارا آهن ۽ تنهنجي عاجزي، سفري ڏکيائي، ٿڪ ۽ اوجاڳي جي بدلي تنهنجي نه فقط حاضري قبول ڪندا، پر سلام جو جواب پڻ ڏيندا. اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي. جيتوڻيڪ هي سفرنامو مذهبي ۽ روحاني آهي، پر ان ۾ منهنجو مشاهدو، تاريخي حقيقتون ۽ انهن جا پس منظر شامل آهن.
    هونئن ته مونکي ڪيترائي دفعا ايران، عراق، شام، مڪي، مديني جي زيارتن جو شرف حاصل ٿيو آهي، پر هن سفرنامي ڇپائڻ جو خيال مونکي ان ڪري آيو، ته هيءُ جامع ۽ ڀرپور آهي. جتي ضرورت محسوس ڪئي اٿم اتي انهن ئي ملڪن ڏانهن ڪيل ٻين سفرن جو ذڪر پڻ ڪيو اٿم، جيئن سفرنامي ۾ ڪا کوٽ نه رهجي وڃي.
    گهڻي عرصي کان چاهيم پئي ته هي سفرنامو ڊائرين تان اُتاري ڪتابي شڪل ۾ آڻيان، پر سرڪاري نوڪريءَ جي گوناگون مصروفيتن ۽ پنهنجي نااهلي ۽ سستيءَ جي ڪري ڪم رهندو ٿي ويو ۽ ڪتاب ڇپجي نه سگهيو. الله سائين جو شڪر آهي ته اڄ هيءُ ڪتاب لکي پورو ڪيو اٿم. اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ انهن پاڪ هستين وٽ منهنجو هيءُ پورهيو قبول پوندو، جن جي زيارتن جو شرف مونکي حاصل ٿيو ۽ اڃا تائين ٿيندو رهي ٿو.
    ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ مون عراق جي تازي صورتحال جو مختصر جائزو پيش ڪيو آهي ۽ انهن ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، جن مان مون مختصر تاريخي مواد ۽ شهرن جو احوال ورتو آهي، نه ته گهڻو تڻو منهنجو ذاتي مشاهدو ۽ اتي جي رهواسين کان ورتل معلومات آهي.
    آخر ۾ ٿورو مڃڻ ٿو چاهيان پنهنجي برخوردار دوست احسان راهوجي جو، جنهن نه فقط مون کي هن ڪتاب پوري ڪرڻ لاءِ همٿايو، پر ٽائيپنگ کان ڇپائي تائين مون سان ڀرپور ساٿ ڏنو.

    15 جنوري سنه 2017ع

    مختار جانوري
    پارسا هيون،
    ڪليئرمنٽ روڊ،
    سول لائين، ڪراچي


    لاڙڪاڻي کان ڪوئيٽا

    لاڙڪاڻي کان ڪوئيٽا

    گهڻي وقت کان سڪائتو هيس ته عراق ۽ شام جون زيارتون ڪري اچان، پر چوندا آهن ته جيستائين اتان سڏ نه ٿو اچي، تيستائين سڀ ڪوششون ناڪام ٿيو وڃن. ڪڏهن ايڪس پاڪستان موڪل نه ملڻ، ڪڏهن ڪنهن سٺي قافلي جو نه ملڻ، عراق جي ويزا جو نه ملڻ يا ڏکيو ملڻ، ڇو ته عراق جي ويزا صدام جي زماني ۾ گروپ کان سواءِ ڪونه ملندي هئي. قافله سالارن لاءِ وري اهو ٻڌايو ويندو هو ته قافلي کي ايران يا عراق ۾ ڇڏي سالار پاڻ ڀڄي ويو وغيره. انهن کان علاوه ٻين ڪيترين ڳالهين جي ڪري اِذن حضوري ڪونه پئي ٿيو ۽ شرفِ زيارات ملتوي ٿيندو پئي رهيو. البت ان کان اڳ ۾ سن 1991ع جي نومبر ۾ ايران جي زيارتن جو موقعو مليو ۽ وري سن 1995ع جي جنوري مهيني ۾ عمري جي سعادت نصيب ٿي هئي.
    هڪ ڏينهن مدرسه ابو الفضل العباس نظر محلا لاڙڪاڻي ۾ مولوي قمر عباس صاحب نقوي ڏي ملڻ لاءِ ويس. مولوي صاحب قبله منهنجو دلي دوست ۽ مهربان آهي. وٽس اڪثر ويندو رهندو هوس، ڇو ته 1988ع ۾ مولوي صاحب جن سان گڏجي اسان ان مدرسي جو بنياد رکيو هيو، جنهن جو هو پرنسيپل آهي. ملاقات ۾ مولوي صاحب جن چيو ته سائين زيارتن جي تياري ڪيو ٿا؟ مون جواب ڏنو، ته سائين اهڙو ڪو سٺو سالار وڃي ٿو ته مان موڪل لاءِ سرڪار کي لکان. سائين چيو ته، ٻيو ڪو قافلو ڇو؟ پاڻ ئي هڪ قافلو تيار ڪري ٿا وٺون، ۽ الله ڪندو زيارتون نصيب ٿينديون. منهنجي خوشيءَ جي انتها هجي، پر وري چيومانِ ته سائين ڪيترن ڏينهن ۾ قافلو تيار ٿيندو؟ پاڻ چيائون ته، پنج ڇَهَه ميمبر ٿي ويا آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ چوڏهن ماڻهن جو قافلو هوندو ته ويزا آسانيءَ سان ملي ويندي. خير سائين کان موڪلائي مون اچي 45 ڏينهن ايڪس پاڪستان موڪل لاءِ درخواست موڪلي، جا منظور ڪئي وئي. جيئن ته مان اڳ ۾ ئي پوسٽنگ کان سواءِ ويٺو هئس. تنهنڪري ڪائي مشڪل پيش ڪانه آئي. ۽ موڪل منظور ٿي ويئي. هاڻي انتظار هو ته گهربل ماڻهو ڪڏهن ٿا پورا ٿين. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سائينءَ جي فون آئي ته پاسپورٽ ڏياري موڪليو، چوڏهن ماڻهو ٿي ويا آهن، هاڻي ويزا لاءِ اپلاءِ ڪريون. ماڻ پاڻ ئي سائين وٽ حاضر ٿي پاسپورٽ سندس حوالي ڪيو ۽ وڌيڪ تفصيل معلوم ڪيا. سائين چيو ته ٽيئي ويزائون يعني ايران، عراق ۽ شام جون ڏهن ڏينهن کن ۾ مِلي وينديون، توهان تياري ڪيو. اسان جي هن ننڍڙي قافلي ۾ مختلف پيشن سان واسطو رکندڙ ماڻهو هئا. ڪجهه سرڪاري ملازم، هڪ ٻه بينڪ ملازم، هڪ ٻه ڪاريگر ۽ هڪ کن رائيس ملڪ جو مالڪ، جيڪو پنهنجي گهر واري ۽ ٽن ٻارڙن سان گڏ هو وغيره وغيره. ائين اسان پنهنجي تيارين ۾ لڳي وياسين. مان بولان ميل ۾ 30 آگسٽ 1997ع جي ايئرڪنڊيشنڊ سليپر ڪلاس جي بوڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي ۽ ٻين دوستن پنهنجي حساب سان ساڳي ٽرين ۾ ساڳي تاريخ جي بوڪنگ ڪرائي هئي. لاڙڪاڻي اسٽيشن تي 9 بجي رات جو اسان سڀ دوست گڏ ٿياسين.
    مون کي اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ ادا وڏو امداد علي خان مرحوم، ادا اختر علي خان، منهنجا ڀائٽيا امتياز علي، مرحوم ڊاڪٽر ذوالفقار علي ۽ منهنجا پٽ فياض علي ۽ عباس حيدر جيڪي ان وقت ننڍا هئا، پڻ آيا. لاڙڪاڻي اسٽيشن جو پليٽ فارم’نعره حيدري‘، ’يا علي‘ جي نعرن سان گونجڻ لڳو، ڇو ته مولوي صاحب کي ۽ ٻين ساٿين کي پڻ اسٽيشن تي الوداع ڪرڻ لاءِ سندن ڪيئي دوست آيا هئا.
    بولان ميل پنهنجي ٺيڪ وقت تي ساڍي نائين بجي پهتي. اسان سڀ مٽن مائٽن کان موڪلائي پنهنجن پنهنجن دٻن ۾ چڙهياسين. مون واري ڪمپارٽمينٽ ۾ فقط مان ئي اڪيلو مسافر هئس. سوچيم ته رات جو آرام سان سُمهي پئبو ۽ صبح سان تازو توانو ٿي ڪوئيٽا اسٽيشن تي لهبو. ٺيڪ ڏهين وڳي گارڊ سيٽي وڄائي ۽ خير سان گاڏي هلڻ شروع ڪيو. اڃا گاڏي لاڙڪاڻي پليٽ فارم جي حدن اندر ئي هئي ته هڪڙو همراهه مون واري ڪمپارٽمينٽ ۾ داخل ٿيو. ڪپڙي لٽي مان مون کي ڪونه ٿي لڳو ته هُو ڪو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمپارٽمينٽ جو پيسينجر هوندو، پر هُو سلام ڪري سامهون واري برٿ تي ويهي رهيو. بهرڪيف گاڏي هاڻي تيزيءَ سان لاڙڪاڻو ڇڏيندي پئي هلي، تان ته شهر جون بتيون به غائب ٿي ويون ۽ ٻاهر ٻاٽ اونداهي نظر ٿي آئي. رسمي تعارف مان معلوم ٿيو ته همراهه جيڪب آباد جو هڪ هندو سيٺ آهي ۽ ٽي ٽي سان معمول جي ڏيتي ليتي ذريعي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمپارٽمينٽ ۾ ويهاريو ويو آهي. ساڻس جيڪب آباد تائين ڪچهري ٿيندي رهي ۽ هو تقريباً ٻارهين ساڍي ٻارهين بجي جيڪب آباد اسٽيشن تي لهي ويو. جيئن ئي جيڪب آباد اسٽيشن ڇڏي سين، مان بيگ مان پنهنجي لوئي ۽ هوائي وهاڻو ڪڍيو. وهاڻو ڦوڪي سمهي رهيس. گاڏي پنهنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ رستي تي ڪيتريون ئي اسٽيشنون ڇڏيندي ٿي هلي. مان ڪڏهن جاڳيس پئي ته ڪڏهن ننڊ اچي پئي وئي، ائين ننڊ جاڳ ۾ رات گذري تان ته صبح جو تقريباً اٺين بجي مَڇ اسٽيشن تي گاڏي بيٺي. مون سوچيو ته هتان ڪوئيٽا اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ کن جو مفاصلو آهي، تنهن ڪري وهنجي سهنجي ٻيا ڪپڙا پايان. ٽوائليٽ کولي شاور هلايان ته پاڻي ٺهي ئي ڪونه. مان ته هريل هيس اَسيءَ جي پيٽي واري بولان ميل تي، جنهن ۾ ننڍڙو صابڻ ۽ ڪمبل وغيره به ڏيئي ويندا هئا، پر هن ڀيري ته سڄي سفر ۾ ٽِي ٽِي سڳورو ٽڪيٽ ڏسڻ به ڪونه آيو. واش بيسن ۾ ٿورو ٿورو پاڻي آيو ٿي، تنهنڪري برش وغيره ڪري هٿ منهن ڌوتم. اڳي ڊبليو سي ۽ شاور جي وچ تي شاور ڪرٽين به لڳل هوندو هو، پر هاڻي ته ريڊنگ لائيٽ وارو بلب به فيوز ٿيل هيو. تنهن ڪري سمهڻ کان اڳ ۾ ڪجهه پڙهڻ واري عادت به پوري ڪانه ٿي سگهي هُئي. گاڏي جڏهن ڪولپور اسٽيشن ڪراس ڪئي ته ٽِي ٽي سڳورو نمودار ٿيو ۽ ٽڪيٽ جي تقاضا ڪيائين. مون شڪايت ڪئي ته ايئرڪنڊيشنڊ گاڏي ۾ اڳي ته وڏيون سهولتون هونديون هيون، بلڪه ڊبليو سي تي رکڻ لاءِ ڊسپوزيبل پلاسٽڪ جو ڪالر وغيره هوندو هو. هاڻي ڇو ڪونه ٿا ڏيو، ته ٺهه پهه جواب ڏنائين ته، ”سر اوپر سي هي نهين ملي گا تو هم ڪهان سي دينگي.“
    ائين چئي همراهه رمندو رهيو ۽ 31 آگسٽ 1997ع تي ٺيڪ 9.40 بجي صبح جو اسين ڪوئيٽا اسٽيشن تي پهچي وياسين. مون کي اسٽيشن تي منهنجو ڀاڻيجو رضوان علي جمالي، جيڪو مليٽري اڪائونٽس ۾ آفيسر آهي وٺڻ آيو هيو. مان باقي سنگت کان چئين بجي شام جو ملڻ جو چئي، موڪلائي رضوان علي سان گڏ سندس سرڪاري رهائش جيڪا ڪوئيٽا ڇانوڻيءَ ۾ هئي، ڏانهن روانو ٿيس. رضوان علي جي گهر واري، جيڪا منهنجي سڳي ڀائٽي ٿئي، يعني ادا وڏي جي ننڍي ڌيءُ ۽ سندس ٻارڙا مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. منهنجا ٻيا ساٿي پنجابي امام بارگاهه جيڪا علمدار روڊ تي آهي، اوڏانهن روانا ٿي ويا هئا، ڇو ته انهن جو بندوبست اُتي ئي ٿيل هيو. ٻارن سان حالي احوالي ٿي منجهند جي ماني کائي ٿورو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ آهلي پيس ته ڪجهه سڪون ملي ويو. چئين بجي ڌاري رضوان ۽ مان گڏجي پنجابي امام بارگاهه آياسين، جتي منهنجا ساٿي اڳ ۾ ئي تيار ٿيو ويٺا هئا، سو جلدي جلدي ۾ ڀَرِ وارن دوڪانن تان ايراني ڪرنسي مٽائي ورتي سين. ڪِن دوستن وري روپيا ڏئي ڊالر خريد ڪيا. ان زماني ۾ پراڻن ڊالرن سان گڏ وڏي تصوير وارا ڊالر نوان نوان آيا هئا. سائين قمر عباس جڏهن اهو سو ڊالر جو نئون نوٽ ڏٺو ته پنهنجي خاص مزاحيه انداز ۾ چيائين ”ابا ٻُڌو هن ۾ ته انگريز به مَٽيل آهي.“ سڀ وٺي کلياسين. خير ايراني ڪرنسي مٽائي پنجين بجي ڌاري تفتان بارڊر واري بس ۾ ويٺاسين.


    ڪوئيٽا کان تفتان

    ڪوئيٽا کان تفتان

    رضوان علي موڪلائي هليو ويو ۽ اسان ڇهين بجي ڪوئيٽا کي الوداع ڪيو. ان وچ ۾ علي شير سومري، جيڪو اسٽيٽ لائيف ۾ آفيسر آهي، هڪ ڀلو ڪم ڪيو، جو هڪ وڏو فل سائيز نيري رنگ جو ايراني ڪولر بس اسٽينڊ تان ئي وٺي برف سان ڀرائي آيو، جيئن رستي تي اُڃ جو مسئلو نه ٿئي. پاڪستاني بسن ۾ انسانن کي جانورن وانگر واڙيو ويندو آهي ۽ پاڻي ڪانجهي جو ڪو جوڳو بندوبست ڪونه هوندو آهي، تنهن ڪري هر ڪنهن کي پنهنجو بِلو پاڻ ئي ڪرڻو هوندو آهي. ڪن وٽ ننڍا ٿرماس هيا. مون وٽ به هڪ عدد ٿرماس هيو، جنهن ۾ نارمل پاڻي هيو، ڇو ته مان ٿڌي پاڻيءَ کان هميشه لنوائيندو آهيان. ۽ ڪوشش ڪري سادو پاڻي (جنهن کي اڄڪلهه چيو وڃي ٿو) اهو پيئندو آهيان.
    بس ڪوئيٽا لڪ باءِ پاس تان لنگهي تفتان واري رستي تي آئي. جيئن جيئن ڪوئيٽا کان پري ٿيندا وياسين، بس ۾ گرمي وڌڻ شروع ٿي وئي. روڊ جي ٻنهي پاسي ٺوٺ جابلو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ بس وادي چلتن جي وچان ڊوڙندي ٿي رهي، تان جو اوندهه ٿي وئي ۽ ٻاهر ڪجهه به نظر نه ٿي آيو. روڊ جي حالت ڪا سٺي ڪونه هئي، جيتوڻيڪ پنهنجي پر ۾ هي بين الاقوامي روڊ ٿو سڏجي. اڳتي هلي ان رستي مان هڪ رستو ڪراچيءَ لاءِ نڪري ٿو، جيڪو آر سي ڊي هاءِ وي جي نالي مشهور آهي. جيئن جيئن بس اڳتي وڌندي رهي، رستي جي حالت اڃا خراب ٿيندي ٿي وئي. رات ڇانئجي وڃڻ جي ڪري ڪابه خبر نه پئي پئي ته روڊ جي ٻنهي پاسن ۾ ڇا آهي؟ ڪٿي ڪٿي ڪو گئس گولو يا ڪا بتي ٽمڪندي نظر ٿي آئي، جا يا ته ڪنهن ڳوٺڙي جي هئي، يا ڪنهن روڊ سائيڊ جهوپڙا هوٽل جي. بهرڪيف سخت اذيتناڪ سفر سان واسطو پيو هيو، پر جيئن ته قصد زيارت هئو، تنهنڪري بجاءِ شڪايت ڪرڻ جي مون فقط شڪر پئي ڪيو ته الله سائين زيارتن ڪرڻ جو انمول موقعو عطا ڪيو هيو. تقريباً ٻارهين بجي رات جو بس هڪ جهوپڙي ٽائيپ هوٽل تي بيٺي، جتي سليماني چانهه، ٺريل دال ۽ سخت ٺوٺ نان سان رات جي ماني کائي وري وڃي بس ۾ ويٺاسين. بس ڀٽاري وري لوڏا لما کائيندي هلندي ٿي رهي. اهڙي حالت ۾ ننڊ اچڻ ته محال هئي، تنهن ڪري تسبيح تي وظائف وغيره پڙهڻ ۾ لڳي ويس. رستي تي نوشڪي، دالبندين ۽ نوڪنڊي ڳوٺن مان گذر ٿيو، جن کي بلوچستان ۾ شهر سڏيو ٿو وڃي. حالانڪه اهي شهر سنڌ جي ڳوٺن کان به بدتر آهن. هي رستو تقريباً 610 ڪلوميٽر آهي. هن وقت شايد مڪمل ٿي ويو هجي، پر 1997ع ۾ هي اڃا زيرِ تعمير هيو، تنهن ڪري بس ڪٿي ڪٿي ڪچي رستي تان ٿي هلي. آخرڪار ڪوهه دليل جو سلسلو ختم ٿي ويو ۽ الله الله ڪري اسان جو هي اذيت ناڪ سفر پورو ٿيو. ان وچ ۾ فجر جو روڊ جي ڪناري بس بيهاري وئي ۽ ڪيترن دوستن نماز فجر جن ۾ مولوي صاحب به شامل هيو، روڊ جي ڪناري تي ئي پڙهي. پنهنجو وضو ڪونه هيو، تنهن ڪري بس ۾ ويهڻ کي ئي عافيت سمجهيم. بس ۾ ٻه ڪراچيءَ جون ڇوڪريون پڻ هيون، جيڪي قم مقدس جي ڪنهن مدرسي جون طالبات هيون ۽ تعطيلات گذاري واپس قُم پئي ويون. مون ٻنهي نياڻين کي داد ڏنو ته علم جي حُصول لاءِ ڪيڏا ڪشالا ڪري هي نينگريون ايڏي وڏي منزل لاءِ بس ۾ سوار آهن. ظاهر آهي ته ڪراچيءَ کان به بس ۾ آيون هونديون. جس هجي انهن نياڻين کي.
    اسين اڄ صبح جو پهرين سيپٽمبر تي اٺين بجي تفتان پهتاسين. تفتان جي افعالن جي مون کي ته اڳ ئي خبر هئي، ڇو ته نومبر 1991ع ۾ ايران جي زيارتن لاءِ هن ئي بارڊر تان ايران ۾ داخل ٿيا هياسين. رستي جي مٽي، سڄي رات جو اوجاڳو ۽ بس جنهن طرح سان ڇاڇوليو ۽ ڌونڌاڙيو هيو، لِڱُ لِڱُ ڏکيو پئي. ڪجهه ٿڪ ڀڃڻ لاءِ مون سائين کي عرض ڪيو ته سائين اميگريشن ڪرائڻ کان پهريان ڪجهه گهڙيون آرام ڪريون ۽ ٿورو گهڻو تازا توانا ٿيون. سڀني دوستن کي مون واري صلاح وڻي. ان زماني ۾ تفتان ۾ فقط هڪ ئي هوٽل هيو نالو هيس حفيظ هوٽل، جنهن کي مان واحيات هوٽل چوندو آهيان. سامان کڻي حفيظ هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين، جيڪو بس اسٽاپ کان گهڻو پري ڪونه هيو. هوٽل جو حال پورو هيو. ڪمرا ڪچا، هنڌ بسترا گندا ۽ مٽيءَ سان ڀريل. ٿوري ٿڦڪي هڻڻ سان مٽي ٻُنڀ ڏئي ٿي نڪتي. واش روم وغيره جو ڪوبه بندوبست ڪونه هو، بس ٻه ٽي پُيون ٺهيل هيون، جن کي دروازا به ڪونه هئا ۽ چوڌاري ٽپڙي ٽنگيل هئن. ڊبليو سي وري ڇا دِلي يا مَٽ جي گهانگهه زمين ۾ پوريل هئي ۽ گهانگهه جي هيٺان وري کڏو وغيره هيو. هاڻِ سنڀاليو ته اهڙي ٽوائليٽ ۾ حاجت لاءِ وڃجي ته ڪيئن؟ بهرڪيف پاڻيءَ جي جگ سان هٿ منهن ڌوئي چانهه بسڪوٽ کائي هوٽل ڇڏيوسين. جهڙو هوٽل هيو گندو ۽ اهڙو ئي هيس اسٽاف. تفتان هڪ ڳوٺڙو آهي،جنهن ۾ ڪا به سهولت ڪانهي. بجلي ۽ پاڻي به ايران مان ايندو اٿن. گهٽيءَ ۾ مني چينجر سروٽن تي ويٺي ڊالرن يا پاڪستاني روپين عيوض ايراني ريال مٽي پئي ڏنا. هاڻي اسين اميگريشن ۽ ڪسٽم لاءِ روانا ٿياسين. FIA جي آفيس به هڪ ٻن ڪمرن تي مشتمل هئي ۽ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪو جوڳو بندوبست ڪونه ٿيل هيو. اس ۾ قطار ٺاهي بيٺاسين، پر ايف آءِ اي وارن جلدي ڪم اُڪلايو ۽ ايگزٽ جو ٺپو هڻي ڏنو. ايف آءِ اي وارا ڏاڍا خوش اخلاق ۽ تعاون ڪرڻ وارا هيا، شايد ان ڪري جو هنن کي خبر هئي هي مسافر ويچارا سڄي رات جا جاڳيل هوندا ۽ بس به هنن سان ڏاڍي جُٺ ڪئي هوندي. تنهن ڪري شريف ۽ رحمدل هئا. ڪسٽم وارن اشرافن ته سامان ئي چيڪ نه ڪيو، ۽ اسين ايراني دروازي ڏانهن روانا ٿياسين. هڪ وڏي ڀت تي خميني صاحب جون تصويرون آويزان هيون، جن تي لکيل هيو ته سني ۽ شيعا ڀائر آهن وغيره. دروازي تي بيٺل سپاهي پاسپورٽ، پاڪستاني اميگريشن جو ٺپو ۽ ايراني ويزا ڏسي دروازي مان ايران جي سرحد ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني. ايران جي بارڊر جو نالو ’مير جاوه‘ آهي. اسانجي اميگريشن ۽ ايراني اميگريشن آفيسن ۾ زمين آسمان جو فرق هيو. آفيس تمام سٺي ۽ سڄي ۾ ايئر ڪولنگ سسٽم هيو. ايراني اميگريشن آفيس ۾ گهِڙندي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ دوزخ مان بهشت ۾ آيا هئاسين. ايراني ڪسٽم وارن بيگون کولايون، ڇو ته اسان پاڪستاني دنيا ڀر ۾ ضياءَ الحق جي آندل تحفي هيروئن جي ڪري مشهور آهيون، ۽ انهي اڇي پائوڊر جي کڻي اچڻ تي ايران ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ موت جي سزا کان گهٽ سزا آهي ئي ڪونه. ڪسٽم ۽ اميگريشن مان فارغ ٿي يعني دخول يا اينٽري جو ٺپو هڻائي هاڻي اسين ايران جي سرحدن ۾ هياسين. اسان کي ان مرحلي ۾ اندازاً ٻه ڪلاڪ کن لڳي ويا هئا. بلڊنگ مان نڪري زاهدان لاءِ هڪ مِني بس ڪِرائي تي ڪرائي تقريباً ڏيڍ بجي ايراني وقت مطابق زاهدان پهتاسين. اونهاري ۾ ايران اسان کان اڌ ڪلاڪ پوئتي هوندو آهي ۽ سياري ۾ ڏيڍ ڪلاڪ يعني ڊي ٽائيم سيونگ سسٽم تي هلندو آهي. اسان وٽ به ڪجهه وقت اهڙي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر ڪامياب نه وئي ۽ مجبور ٿي حڪومت کي سياري اونهاري هڪ ئي وقت رکڻو پيو. حُڪومتن ته ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر اسان جي عوام کي (Day time saving) ڊي ٽائيم سيونگ سمجهه ۾ نه آيو سو نه آيو.
    بُک به اچي پاسا ورتا هئا، سو سامان سوڌو اچي هڪ ريسٽورينٽ تي ويٺاسين. چڱي خاصي گرمي هئي. ماني کائي نڪتاسين ته مشهد مقدس لاءِ بس پڪڙجي، سو ٽيڪسين ۾ سوار ٿي زاهدان جي لاري اڏي تي وارد ٿياسين. آخر ٽين بجي واري بس ۾ اچي سوار ٿياسين. سامان اسانجو بس جي هيٺان وارن خانن ۾ رکيو ويو. باقي پاڻ سان پاسپورٽ، پئسا، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون، جن ۾ پاڻيءَ جو ٿرماس وغيره شامل هئا، کنيوسين. ايراني بسن ۾ وڏن ڪولرن ۾ نجي برف کڻي هلندا آهن. برف کي فارسيءَ ۾ چون يَخ. اهو پاڻي اهڙو ته ٿڌو ٿو ٿئي، جو مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ پيئڻ ئي مشڪل ٿيو پوي، ڇو ته مان ٻاروهي زڪامي، تنهن ڪري هيڏانهن ٿڌو برف جو پاڻي پيتو ناهي هوڏانهن نڇن کي ڄڻ وارو ملي ويو. تنهن ڪري مان ٿڌو پاڻي ناهيان پيئندو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي مزاج مطابق پاڻي کڻندو آهيان.


    زاهدان کان مشهد مقدس

    زاهدان کان مشهد مقدس

    اسان جي بس خير سان ساڍي ٽين وڳي هلڻ شروع ڪيو ۽ چئين سوا چئين بجي ڌاران اسان زاهدان شهر ڇڏي مين هاءِ وي تي چڙهياسين. روڊ ويڪرو ايسفالٽ ڪارپيٽيڊ هيو. هن هاءِ وي کي هاڻي موٽر وي بڻائي دوراهو ڪيو پئي ويو. ڪٿي روڊ دوراهو هيو ته ڪٿي اڃا ڪم هلي رهيو هيو. بس جو ڊرائيور ايراني بلوچ هيو ۽ طبيعتاً هڪ ذليل قسم جو ماڻهو هو. بس ۾ گرمي ۽ ٻوسٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کيس اي سي هلائڻ لاءِ چيو، پر هو نٽائيندو رهيو ۽ آخر ٺپ جواب ڏنائين ته بس ۾ اي سي ڪونهي. وس ڪونه پئي هليو، تنهن ڪري صبر کان سواءِ ڪوئي چارو ڪونه هيو. جيئن ئي سج لٿو بس کي بغير اسٽاپ جي ڊرائيور هڪ جڳهه تي روڊ ڪناري روڪي بيهاريو. اسان سمجهيو ته بس جي انجڻ وغيره ۾ ڪو مسئلو ٿي پيو آهي، پر خبر تڏهن پئي ته پري کان ٻه ڄڻا ڊوڙندا جن جي مٿن تي وڏيون هڙون هيون، بس ۾ وارد ٿيا. اهي ڪي افغاني هئا، جيڪي افغانستان مان سمگلنگ جو سامان ايران کڻي آڻيندڙ هئا ۽ ايراني بلوچ ڊرائيور ۽ ڪلينر انهن سان ٻڌل هئا. ايراني بسن ۾ ٻه ڊرائيور ۽ هڪ ڪلينر هوندو آهي. ڊرائيور جي لاءِ بس جي پٺئين پاسي آخري سيٽن جي پويان هڪ پردو لڳل هوندو آهي ۽ انهيءَ جي پويان وري ڊرائيور صاحب جو بسترو فراش ٿيل هوندو آهي. هڪ ڊرائيور گاڏي هلائيندو آهي ۽ هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سليماني چانهه ٿرماس مان اوتي پيئندو رهندو آهي، ۽ ٻيو ڊرائيور پويان لڳل بستري تي استراحت فرمائيندو آهي ۽ ننڊ ڪندو آهي. بهرڪيف سمگلنگ جو سامان سيٽن هيٺان سٿي انهن ٻنهي افغانين کي ڊرائيورن بس جي پوين سيٽن تي ويهاريو. هتي ٻڌائيندو هلان ته هي هاءِ وي افغانستان کي تمام گهڻو ويجهو آهي، تنهن ڪري سمگلر پهاڙن جي لڪن مان ڏاڍي سولائيءَ سان سامان ايران ۾ کڻي ايندا آهن، جنهن ۾ گهڻو ڪري جاپاني، ڪوريائي يا انڊونيشيائي ڪارو ريشمي ڪپڙو هوندو آهي، جنهن مان ايراني عورتون برقعا يا حجاب ٺهرائينديون آهن، يا ڪمپنيون ٺاهينديون آهن، ڇو ته ايراني انقلاب کان پوءِ عورتن لاءِ حجاب پائڻ لازمي آهي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ سزا رکيل آهي. ايراني هاءِ ويز تي تقريباً هر سئو يا ٻه سئو ڪلوميٽرن کانپوءِ هڪ چڱو خاصو وڏو ريسٽورينٽ هوندو آهي، جنهن جي هڪ پاسي مردانه وضو خانه، بيت الخلا، مسجد ۽ ٻئي پاسي زنانه وضوخانه، بيت الخلا ۽ مسجد هوندا آهن. اهڙي ئي هڪ هوٽل تي ڊرائيور سڳوري بس بيهاري. ان وقت رات جا تقريباً 9 وڳا هئا. ماني سيلف سروس تحت پنهنجو کاڌو منتخب ڪري اڳواٽ پئسا ڏئي ٽري ۾ کڻي اچي ٽيبل تي کائڻي هئي، سو اسان مان تقريباً سڀني چلو ڪباب (چِلو ڪباب ايراني مشهور ڊش آهي، جيڪا سوادي پڻ آهي ۽ ايرانين جي مرغوب غذا آهي.) يعني چانور ڪباب ۽ چانهه ورتي. کاڌو سٺو ۽ جهجهو هيو. مون جهڙي ماڻهوءَ جي ڍءُ ڪرڻ کان به مٿي هئو. خير ماني کائي نماز پڙهي فارغ ٿي وڃي بس ۾ ويٺاسين. ٻاهر موسم ڪجهه ٺيڪ هئي، باقي بس ۾ اندر گرمي هئي، ڇو ته ايراني بس جا رڳو ننڍا شيشا کلندا آهن، جيڪي وڏن شيشن جي مٿان هوندا آهن ۽ وڏا شيشا فڪسڊ هئڻ ڪري کلي نه سگهندا آهن. اهو انهي ڪري آهي جو سياري ۾ سخت سيءَ پوڻ جي ڪري شيشا فڪسڊ ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن هيٽر وغيره صحيح ڪم ڪن. هاڻي ته هتي به اهڙيون ئي بسون ۽ ڪوچون اچي ويون آهن، پر فرق اهو آهي ته اسان وٽ اونهاري ۾ اي سي (A.C) جو سٺو بندوبست هوندو آهي، تنهن ڪري گرميءَ جو احساس گهٽ ٿيندو آهي.
    بس هلندي رهي ۽ ساڳيءَ ريت بغير ڪنهن مقرر اسٽاپ جي مختلف جڳهين تي روڊ سائيڊ تي بيهندي پئي آئي، جتان سمگلنگ ٿيل سامان پئي چاڙهيائون. مون کي ان افغاني تُوري ڏاڙهيءَ واري مُلي جي شڪل اصلي ڪونه ٿي وسري جيڪو ڊرائيور کي پئسا ڏئي ڏيتي ليتي ڪري اوندهه ۾ ڊڪندو ڊڪندو ويو ۽ ڪٿان پوريل سامان جي ڳنڍ کڻي اچي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو. آخر تنگ ٿي سائين قمر عباس ڊرائيور کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ته هي ڪهڙي مشڪري لايو ويٺا آهيو، ۽ بنا ڪنهن مقرر اسٽاپ جي گهڙي گهڙي گاڏي بيهاري سمگلنگ جو سامان ٿا چاڙهيو. مان اڳين چوڪيءَ تي توهان جي پوليس کي شڪايت ڪندس. ڊرائيور ڄڻ چڙي پيو ۽ بڪواس ڪرڻ شروع ڪيائين ته جيڪو وڻيئي سو ڪر، جنهن کي وڻيئي شڪايت ڪجانءِ. ان وچ ۾ ڊرائيور ۽ سمگلرن جي پيسن جي ڏيتيءَ ليتيءَ تي به ڪافي ڏي وٺ ٿي ۽ ٻنهي ڌرين ۾ ڄڻ وڙهڻ جي نوبت ٿي آئي. خير اڳيان هڪ چيڪ پوسٽ تي بس بيٺي. هونءَ مون کي پراڻي سفر جو تجربو هئو ته چيڪ پوسٽن تي جڏهن گاڏي بيهندي هئي ته ٻه سپاهي اندر بس ۾ چڙهي پاسپورٽ چيڪ ڪرڻ کان سواءِ سامان به کولرائي چيڪ ڪندا هئا. پر هن دفعي ڳالهه ٻي هئي. ڊرائيور چيڪ پوسٽ تي لهي ويو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ پوليس وارن سان کلندو، چيڪ پوسٽ کان ٻاهر نڪتو ۽ اچي اسٽيئرنگ تي ويٺو. نه پوليس وارا بس ۾ چڙهيا ۽ نه ئي وري سامان چيڪ ڪيائون. هن ڊرائيور وٽ الائي ڪهڙي گدڙ سنگهي هئي، جنهن ڪري کيس ايڏيون سهولتون مليون هيون. خير رات به ڪافي ٿي وئي هئي ۽ اڳيان ڪا سمگلنگ اسٽيشن به ڪونه هئي يا هاڻي هاءِ وي افغان سرحد کان پرڀرو هيو، جنهن ڪري سامان کڻي اچڻ ڏکيو هيو. والله عالم بِصواب. زاهدان کان مشهد تائين اسان مختلف شهرن مان گذرياسين. جيڪي ڏاڍا سهڻا هئا. ڪشادا رستا، هر چوڪ تي وڏو گول باغ ۽ ان ۾ اندر وڏو ڦوهارو، جنهن کي فلڪ آب چون ۽ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪاٺيءَ يا موزائيڪ جون بينچون هيون. روڊ جيستائين شهر مان گذريو ٿي، ٻنهي پاسي خوبصورت لائيٽون لڳل هيون. ان مان لڳي پيو ته گورنمينٽ ماڻهن جي تفريح لاءِ ڪيڏيون نه سهولتون رکيون هيون. اسان نيهبندان، برجند، گنا آباد ۽ تربت حيدريھ شهرن ۽ ٻين ڪيترن ننڍن شهرن مان گذرندي آخر ساڍي نائين بجي صبح جو يعني 2 سيپٽمبر 1997ع تي مشهد مقدس پهتاسين.


    مشهد مقدس ۾ قيام

    دوستن کي هڪ جڳهه تي روڊ ڪناري ويهاري مان ۽ سائين قمر عباس نڪري وياسين رهائش ڳولڻ. هن موسم ۾ مشهد ۾ تمام گهڻي رش هوندي آهي، ڇو ته ٻاهرين ملڪن جا زائرين ۽ ايراني عوام پڻ اسڪول جي موڪلن هئڻ ڪري مشهد ڏانهن رخ ڪندا آهن. جيتوڻيڪ اهو سلسلو آگسٽ جي آخر تائين رهندو آهي، پر سيپٽمبر جا شروع وارا ڏينهن به هوٽل ڀريا پيا هوندا آهن، ٻيو ته هر قافلو ڪوشش ڪندو آهي، ته حرم جي ويجهو جاءِ هٿ ڪجي جيئن پنڌ اچڻ وڃڻ ۾ آساني رهي نه ته ٿورو پري وڃبو ته سڄو مشهد شهر بهترين هوٽلن ۽ اپارٽمينٽس سان ڀريو پيو آهي. ٻي ڳالهه ته اڪثر زائرين ايڏي پئسي وارا ڪونه هوندا آهن. تنهنڪري سستو قافلو هٿ ڪندا آهن، ته جيئن پئسا گهٽ لڳن. اسان واري قافلي ۾ به گهڻائي گهٽ پيسي واران جي هئي. تنهن ڪري انهن لاءِ سستي جاءِ ڳولهڻي هئي. سائين ۽ مان ٽيڪسي ڪرائي سرايون ڳوليندا رهياسين ۽ آخر مسافرخانه عارف الحسيني ۾ ڪمرا هٿ ڪياسين. هي مسافرخانو هڪ پاڪستاني صاحب جو آهي. مسافرخاني جي ڪمرن جي حالت ابتر هئي. ڪارپيٽن تي مٽي ۽ ديڳڙن جي ڪارنهن جا داغ، بسترا ميرا ۽ لال بيگ جا بجا نظر پئي آيا. غسل خانه اٺين بجي صبح کان رات جو اٺين بجي تائين بند. ڪاڪوسن ۾ ڌپ ۽ دروازا ڪنڍين ڪڙن کان وانجهيل. هي هو اسانجو پاڪستاني مسافرخانو. مسافرخاني جي مئنيجر کان مون پڇيو ته غسلخانه ڇو بند ڪيا اٿو ته ٺهه پهه چيائين، ته مشهد ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي، اسان جو مسافرخانو اهو ئي آهي رهو ته رهو، نه ته واٽ وٺو. مان ته صفا پڙ ڪڍي بيٺس، ته ڇا به ٿي پوي مان هتي ڪونه رهندس. چاهي رات فوٽ پاٿ تي گذارڻي پوي. ٻين مسافرن عافيت اِن ۾ ئي سمجهي ته اِتي ئي ترسجي، ڇو ته ٻن ٽن ڏينهن جا اوجاڳيل ۽ بسن جا ڌونڌاڙيل تنهن ڪري ڪنهن ۾ ئي همت نه رهي هئي، ته ڪو ٻيو مسافرخانو ڏسجي يا انهن کي اهڙن جاين ۾ رهڻ ڪو مسئلو ڪونه هيو. بهرڪيف قمر عباس صاحب ۽ مان گڏجي خيابانِ امام رضا (ؑ) تي ئي هڪ گهٽي ڪوچه باقريه ۾ آياسين، انهيءَ اپارٽمينٽ ۾، جنهن ۾ اسان 1991ع جي نومبر جي مهيني ۾ رهيا هياسين. اهو اپارٽمينٽ صاف سٿرو، جنهن ۾ اٽيجڊ واش روم، ليٽرين ڪمري ۾، پر الڳ الڳ، بسترا نوان ۽ برتن وغيره تمام سٺا مليا هئا. ان کان سواءِ فرج، گيزر، ننڍڙي ڪچن ۽ ٻئي ضروري سامان سان آراسته ڪمرا هئا. انهي اپارٽمينٽ بلڊنگ جو مالڪ آغا نيڪ نام نالي آهي ۽ دبئيءَ ۾ رهندو آهي. باقي هي اپارٽمينٽ هڪ مائي نالي ’خانم رضا‘ هلائيندي آهي. مائي عمر رسيده ۽ هڪ نيڪ عورت آهي. اپارٽمينٽ بلڊنگ جي سامهون ئي سندس گهر آهي. 1991ع واري رهائش جي دوران اسان جو ڪم ڪار سندس نياڻي ۽ پٽ ڪندا هئا، يعني چانهه ٺاهڻ، بيدو ٺاهڻ، بسترا ٺيڪ ڪرڻ وغيره. مائي اسان کي سڃاتو ۽ ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيائين. اسان کي ٻين منزل تي هڪ بهترين ڪمرو ڏنائين، جيڪو ٽن بيڊن تي مشتمل هيو. مان جي ڀلجان نه ٿو، ته ساڳو ئي ڪمرو هيو، جنهن ۾ اڳ رهيا هئاسين. مائي کان سندس نياڻي ۽ پٽ جو پڇيوسين، ته ٻڌايائين ته، ”ڇوڪريءَ جي شادي ٿي وئي آهي ۽ ڇوڪرو لازمي مليٽري ٽريننگ تي ويل آهي. مان ۽ منهنجو مڙس اڪيلا رهندا آهيون. منهنجو گهر وارو عمر رسيده آهي، تنهنڪري سڄو ڪم مان پاڻ ڪندي آهيان، باقي ٻه ملازم رکيل آهن، جيڪي نائين بجي رات جو هليا ويندا آهن.“ ان وقت تقريباً رات جا سوا نوَ کن ٿيا هئا. مائي جلدي جلدي گهر وڃي چانهن تيار ڪري آئي. جيڪا اسان پِي مالڪ جا شڪرانا بجا آندا. ٿَڪَ اصلي ماري وڌو هو، تنهنڪري ڪجهه دير آهلجي پيس. هاڻي هن ڪمري ۾ مان مولوي صاحب ۽ سندس اٺن کن سالن جو پٽ عباس ٽڪياسين. اُن ٿرڊ ڪلاس عارف حسيني مسافرخاني ۾ مون مولوي صاحب کي چيو هو ته سائين مون کي رواني سان فارسي ڪونه ٿي اچي. تنهن ڪري مون سان گڏجي هل ۽ مون کي هوٽل مشهد، هوٽل اطلس يا هوٽل فردوس ۾ ڪمرو وٺي ڏي، مان پنهنجا بل پاڻ ئي ڇڏائيندس. پر رهائش تي ڪنهن به قسم جو ڪمپرومائيز نه ڪندم. ڇو ته مون کي ننڊ ئي ڪانه ايندي. مولوي صاحب کي خيال آيو ته ڪوچه باقريه وارا اپارٽمينٽ ڏسجن. ائين ڪوچه باقريه ۾ اچي ٽڪياسين.
    خير وهنجي سهنجي نڪتاسين، ته ڏسون ته اسان جا ساٿي ڪهڙي حال ۾ آهن. مشهد ۾ پاڻيءَ جي کوٽ (بقول ان بدمعاش مئنيجر جي) ڪري بند پيل غسل خانه کليا يا نه وغيره.
    رستي جي خرچ جا پئسا هر مسافر ڊالرن جي صورت ۾ سائين وٽ جمع ڪرايا هئا، ڇو ته قافلي جو سالار اهو ئي هو. باقي هر هڪ وٽ صرف پنهنجي ذاتي خرچ جا پئسا هئا، جنهن مان تبرڪات ۽ ٻيون شيون وغيره وٺڻيون هيون. اپارٽمينٽ ڇڏي اسين مين روڊ تي آياسين، ته ٽئڪسي پڪڙجي. هڪ ٻن گاڏين کي هٿ ڏنوسين، جيڪي نه بيٺيون. مون کي ٽرائوزر، ٽي شرٽ ۽ جاگر پاتل هو، جڏهن ته سائين شلوار قميص ۽ مٿي تي آر واري ٽوپيءَ ۾ ملبوس هو ۽ پري کان ئي پڪو پاڪستاني ٿي لڳو. باقي سائين جي نينگر کي جينز جي پينٽ ۽ ٽي شرٽ پاتل هئي. ٽيڪسين کي هٿ ڏيندا ٿي رهياسين، پر گهڻو ڪري ڪائي به نه ٿي بيٺي. آخرڪار هڪ ڪار اچي اسان جي ڀرسان بيٺي، ۽ ان مان ٻه ماڻهو لٿا. سائين چيو ابا، هي شايد ايجنسين جا ماڻهو آهن. پاسپورٽ وغيره ٻاهر ڪڍو. انهن مان هڪ همراهه سائين سان فارسيءَ ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪير آهيو؟ پاسپورٽ ڏيکاريو ۽ ڊالر گهڻا اٿوَ؟ سائين ويچارو شريف ۽ سادو انسان سو هن پاسپورٽ ۽ سمورا ڊالر ڪڍي ڏنا. انهي وري مون کان پڇيو ته تنهنجو پاسپورٽ؟ ته مان وري انڌي منڊي فارسيءَ ۾ چيو ۾”آنجا“. وري چيائين ”آنجا ڪُجا“. مان چيومانس ته ”معلوم نيست“ مون کي انهن ٻنهي جي تڪڙ ۽ اسٽائيل مان لڳو ته، ڦورو ۽ لليچا آهن. خير مون کي ڇڏي، سائين جو پاسپورٽ کولي ڏسڻ لڳو. فوٽو ڏسي وري سائين ڏي ڏسي ڄڻ ته جائي ڪو ايجنسيءَ جو ماڻهو آهي. تيستائين وري ٻيو پئسا ڳڻيندو رهيو، ڇو ته اسين گهٽيءَ جي منهن وٽ بيٺا هئاسين، ته اتي ٿورڙي اونداهي هئي ۽ هنن اوندهه جو فائدو وٺندي پنهنجي ڪارروائي پئي ڪئي. ان وچ ۾ هو مون کي چوندو رهيو ته، پاسپورٽ ڏي، پر مان ٽس کان مس نه ٿيس ۽ انگريزيءَ ۾ تيز ڳالهائڻ لڳس. منهنجن دانهن تي هنن قمر صاحب کي پاسپورٽ ۽ پئسا واپس ڏنا ۽ ٻئي ڀڄي ويا. اسان سمجهي وياسين ته اهي ڦورو هئا، سوچيو سين ته متان وري ڦري اچن. تنهن ڪري وري واپس ڪوچه باقريه واري اپارٽمينٽ تي آياسين، ته ڪجهه ساهه پٽيون. قمر عباس پئسا جو ڳڻي ته تقريباً 1500 ڊالر کٽل هئا يعني هو تڳائي ويا هئا. انهي مسئلي سخت پريشان ڪيو ته ڇا ڪجي، جيئن ته منهنجي فارسي نه جهڙي هئي، ۽ ايران ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارو ڳولهيو نه لڀي، تنهنڪري جيڪا ڪارروائي ڪرڻي هئي مون ڪئي. باقي سائين کي ڪرڻو هو، يعني پوليس ۾ رپورٽ ڪرڻ وغيره. خير اسان وري پنڌ نڪتاسين ۽ رستي تي حرم کان پهريان هڪ پوليس چيڪ پوسٽ تي انچارج صاحب کي سڄي رپورٽ ڪري ٻڌائيسين. موصوف فرمايو ته گاڏيءَ جو رجسٽريشن نمبر ٻڌائيندو ته ڪا ڪارروائي ڪري سگهبي، نه ته ڪجهه به نه ڪري سگهبو. خير اسان الله تي رکي، ته انهن ڦورن کي ذليل و خوار ڪندو، جيڪي سڪوندن زائرين سان اهڙا ڪلور ٿا ڪن. ان کان سواءِ امام علي رضاؑ جي حرم ڏي منهن ڪري دانهن ڏني سين، ته مولا تنهنجي زيارت تي ايندڙن لاءِ هتي جا ماڻهو ايڏيون پريشانيون ٿا پيدا ڪن، انهن کي تون ئي ڪا سزا ڏي. ائين ڳالهيون ڪندا ساٿين واري مسافرخاني تي پهتاسين. ان زماني ۾ موبائيل فون وغيره به ڪونه هئي، تنهن ڪري هو ويچارا سخت پريشان هئا ته اسين ڪيڏانهن هليا ويا آهيون. خير کين سڄي روئداد کان واقف ڪيوسين، هو به ڏاڍا پريشان ٿيا ته آيا زيارتن کي مؤخر ته نه ڪرڻو پوندو. مون سڀني کي آٿت ڏيندي چيو ته، گهٻرايو نه. توهان مان جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪجهه ڊالر اضافي آهن ته اهي سائين وٽ جمع ڪرايو، باقي کٽل پئسا مان ڀريندس ۽ انشاءِ الله سڀ زيارتون مڪمل ڪنداسين. منهنجي ان چوڻ تي سڀني ۾ سرهائي اچي وئي ۽ هر ڪنهن پنهنجي وت آهر اضافي ڊالر سائينءَ کي ڏنا ۽ باقي مون ملائي لٽيل ڊالر پورا ڪياسين. ماني ڳڀو کائي وضو ساري حرم جي زيارت لاءِ نڪتاسين. حرم پاڪ ۾ پهچي ڪفش داري ۾ بوٽ جمع ڪرائي اندر داخل ٿياسين. ضريح پاڪ جي دروازي تي لڳل اِذن دخول ۽ زيارت پڙهي سرڪار جي چائنٺ چُمي، اڳتي وڌياسين ته، ضريح پاڪ کي بوسو ڏئي سگهجي، پر ايتري رش ۽ پيهه هئي، جو مان ته مشڪل سان ضريح پاڪ کي هٿ لڳائي سگهيم. اکين مان بي اختيار لڙڪ لڙندا پئي رهيا ۽ گريو ڪندا دعائون گهرندا ٿي رهياسين. انهن ملعونن لاءِ به ڏاڍيون شڪايوتن ڪيونسين، جن اسان کي پرديس ۾ ڦريو هو. ضريح جي حدود کان ٻاهر واري ڪمري ۾ نماز مغربين ۽ نماز زيارت ادا ڪري ٻاهر اچي پاڻي پيتوسين. ٽن ڏينهن جي سفر چڪناچور ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري عافيت انهيءَ ۾ سمجهي سين، ته وڃي آرام ڪجي، سو واپس اپارٽمينٽ آياسين ۽ ليٽڻ سان ننڊ جي آغوش ۾ هليا وياسين.


    مشهد مقدس

    مشهد مقدس

    مشهد مقدس ايران جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي ۽ رضوي خراسان صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هي شهر ايران جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي. سندس حدون ترڪمنستان ۽ افغانستان سان ملن ٿيون. 1997ع ۾ هن شهر جي آبادي لڳ ڀڳ وِيهَه ٻاويهه لک کن آهي. هي تمام عزت ۽ توقير وارو شهر آهي، ڇو ته منجهس سلسله اثنا عشريه جي اٺين امام حضرت علي رضاؑ جو مدفن ۽ حرم مبارڪ آهي. هن شهر جي موسم اونهاري ۾ معتدل ۽ سياري ۾ سرد آهي. سڄو شهر خوبصورت عمارتن ۽ صاف سٿرن روڊ رستن ۽ گل و گلڪاريءَ جي ڪري ڏاڍو ديده زيب آهي. سن 1333ع ۾ مشهور سياح ابن بطو طه جڏهن هي شهر ڏٺو ته ان به اهو چئي ڏنو ته، ”هي هڪ خوبصورت ۽ وڏو شهر آهي، جنهن جي رستي تي ميويدار وڻ آهن ۽ آسپاس واهه ۽ نهرون وهن ٿيون. وچ ۾ هڪ وڏو گنبذ آهي، جنهن ۾ شيعه اثنا عشري سلسلي جي اٺين امام جو مدفن آهي، جنهن جي روزانه هزارين زائرين حاضري ڀرين ٿا.“
    هن شهر تيموري شهزادي شاهه رخ مرزا جي زماني ۾ وڏي ترقي ڪئي ۽ مشهد هن خطي جو هڪ مکيه شهر ۽ ڪاروباري مرڪز بڻيو. سندس گهر واري گوهر شاد امام جي حرم سان ملحقه هڪ شاهي مسجد سن 1418ع ۾ پنهنجي نالي سان جوڙائي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين ديده زيب خوبصورت ۽ فن تعمير جو اعليٰ مثال آهي. بهرحال مشهد به ٻين شهرن وانگر تاريخ جا ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا ۽ اڄ جو مشهد دنيا جي بهترين شهرن مان هڪ آهي ۽ منهنجو ايترو پسنديده شهر آهي، ته جيڪڏهن حالات اجازت ڏين ته مان مشهد کي پنهنجو مسڪن بڻايان. مشهد موٽر وي وسيلي ايران جي تمام وڏن شهرن سان ڳنڍيل آهي، جتي بهترين وولو، مرسڊيز ۽ ڪيترن ئي قسمن جون آرامده بسون ڏينهن رات مسافرن کي مشهد ڏانهن ۽ مشهد کان واپس وٺيو ٿيون وڃن. مشهد ۾ ايئرپورٽ پڻ آهي، جتان پندرهن پندرهن منٽن ۾ مختلف شهرن ڏانهن فلائيٽون روان دوان آهن. مشهد راهه آهن يعني ٽرين وسيلي تهران ۽ مختلف شهرن سان ڳنڍيل آهي. مون کي 2010 ۾ قطارنور ۾ مشهد کان تهران وڃڻ جو موقعو مليو. مشهد مان ٽرين پوري وقت تي هَلي ۽ پوري وقت تي تهران ۾ ڇڏيائين. ٽرين ڪيتري آرامده ۽ سٺي هئي ان جو ذڪر ڪنهن ٻئي دفعي ڪبو. بهرڪيف مشهد هر لحاظ کان هڪ قابل تعريف شهر آهي. هن شهر جون بازاريون، روڊ رستا ڪشاده آهن. ايراني آٽوموبيل انڊسٽريءَ ۾ به هي شهر هڪ اعليٰ مقام رکي ٿو.


    امام علي رضا

    امام علي رضا

    سندن نالو مبارڪ علي آهي. ڪُنيت ابوالحسن ۽ لقب رضا آهي. سندن ولادت مديني منوره ۾ 11 ذوالقعد 148 هجريءَ ۾ ٿي. سندن والد بزرگوار جو نالو امام موسيٰ ڪاظمؑ آهي ۽ والده ماجده جو نالو نجمه خاتون آهي. پاڻ سلسله اثنا عشري شيعن جا اٺون نمبر امام آهن. صوفياءَ ڪرام جي چئن وڏن فرقن جا سلسله اسناد به امام علي رضاؑ سان ملي، امام عليؑ سان ملن ٿا، سواءِ نقشبندين جي، جيڪي حضرت امام جعفر صادقؑ کان مٿي سلسله اسناد حضرت قاسم يعني امام جعفر صادقؑ جي ناني سان ملائن ٿا. جيڪي فرزند آهن حضرت محمد بن ابي بڪر (﷦) جا ۽ ان کان پوءِ اهو سلسلو پهرين خليفه راشد حضرت ابوبڪر صديق (﷦) سان ملي ٿو. باقي ٽن صوفين يعني قادري، سهروردي ۽ چشتي سلسلو امام علي رضا کان مٿي امام موسيٰ ڪاظمؑ بن امام جعفر صادقؑ بن امام محمد باقرؑ بن امام علي زين العابدينؑ بن امام حسينؑ بن امام عليؑ سان ملي ٿو.
    بنو عباس جي ظلم ۽ ستم جي ڪري ماڻهن ۾ سخت بيچيني ڦهلجي وئي هئي ۽ ماڻهن علوي سادات جي بيعت ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي. هر جڳهه دنگا فساد شروع ٿي ويا ته سادات کي خلافت جو حق ملڻ گهرجي. بنو عباس جي بادشاهه مامون رشيد بن هارون رشيد وڏي سياڻپ سان هڪ عجيب چال کيڏي. هن ڇا ڪيو جو امام رضاؑ کي مديني مان خراسان زبردستي گهرائي ورتو. پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته امام جيڪڏهن پس و پيش کان ڪم وٺي ته کيس گرفتار ڪري وٺي اچو. آخر سن 200 هجريءَ ۾ امامؑ کي خراسان اچڻ تي مجبور ڪيو ۽ امام جي مرضيءَ کان سواءِ کين پنهنجو ولي عهد مقرر ڪري ڇڏيو ته جيئن عوامي شورش ۽ بغاوت ختم ٿي وڃي.
    جيتوڻيڪ امام رضاؑ جي ولي عهدي جو اعلان ڪيو ويو. امام جو نالو سڪن تي لکرايو ويو. خطبن ۾ امامؑ جو نالو جانشين طور ورتو وڃڻ لڳو، پر امام کي ملڪي معاملات ۾ حصي وٺڻ کان پري رکيو ويو، امام علي رضاؑ وري هن ظاهري وليعهدي جو فائدو وٺندي دين اسلام جي واڌويجهه ۽ سربلنديءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مامون رشيد جڏهن ڏٺو ته ماڻهو امام جي قريب ايندا ٿا وڃن، ته هن عوام الناس کي امام کان پري رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. مختلف مڪاتبِ فڪر جي عالمن کي گهرائي امام سان مناظرا ڪرائيندو هو ته جيئن امام ناڪام ٿئي ۽ سندس شڪست ٿئي. ڪڏهن جادوگرن کي گهرائي امام سان مقابلو ڪرايو ٿي ويو، جن اهڙيون چالبازيون ۽ جادوگريءَ جا ڪرتب ٿي ڏيکاريا، جيئن امام جي تضحيڪ ٿئي، پر الله جي قدرت سان ڪوئي به عالم مسلمان، عيسائي، يهودي، آتش پرست ۽ جادوگر وغيره امام جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ حڪم خداونديءَ سان امام جي پيرن ۾ ڪِري معافي ورتائون. ان سان اسلام جي سربلندي به ٿي ۽ امام جو مقام قدر و منزلت عوام الناس جي نظر ۾ وڌيڪ بلند ٿي وئي.
    مامون رشيد کان امام جي اها هردلعزيزي ڪنهن به طرح برداشت ڪرڻ کان ٻاهر هئي، ڇو ته هن دلي طرح ته امام کي جانشين ڪونه بڻايو هو، پر عوام جي غيظ و غضب ۽ شورش کي منهن ڏيڻ لاءِ اهو پکنڊ پٿاريو هيو. هاڻي هو ڪوشش ڪندو رهيو ته امام کي ڪنهن طريقي سان رستي تان هٽائجي، تنهن ڪري امام کي انگورن ۾ زهر ڏياريائين ۽ انهيءَ زهر جي نتيجي ۾ امام رضاؑ 23 ذوالحج سن 203 هجريءَ ۾ جام شهادت نوش فرمايو.
    حضرت رسالت مابﷺ کان هڪ روايت آهي ته، پاڻ فرمايائون ته منهنجي جسم جو هڪ ٽُڪرو سرزمين خراسان ۾ دفن ڪيو ويندو. جيڪو مومن انهيءَ جي زيارت تي ايندو، الله تعاليٰ ان تي جنت کي واجب ڪري ڇڏيندو ۽ سندس بدن جهنم جي باهه کان بچيل هوندو. هڪ ٻي معتبر حديث ۾ آيو آهي ته، منهنجي جگر جو پارو سرزمين خراسان ۾ دفن ڪيو ويندو ۽ جيڪو غمزده شخص سندن زيارت ڪندو، الله سائين ان جا سڀئي ڏک سور ختم ڪري ڇڏيندو. ڪوئي گنهگار سندن زيارت ڪندو الله تعاليٰ انهيءَ جا گناهه معاف ڪندو. امام محمد تقيؑ شيعت جي نائين امام جو فرمان آهي ته مان ضامن آهيان، الله جي طرفان اُن هر شخص جو جيڪو طوس وڃي منهنجي والد گراميءَ جي زيارت ڪندو ۽ کين امام برحق به مڃيندو هجي.


    حرمِ امام رضا

    حرمِ امام رضاؑ

    حرم پاڪ امام رضا هڪ سنهري گنبذ جي هيٺان موجود آهي. قبر مطهر هڪ سهڻي ضريح يعني پڃري جي اندر آهي. حرم پاڪ ۽ ان جي چوڌاري واريون عمارتون ماهر انجنيئرن ۽ آرڪيٽيڪس جي فن تعمير ۽ عقيدت جو هڪ نادر نمونو آهن. حرم جي ديوارن تي ڪاشي ۽ سائي سنگمرمر يعني ONYX جون ٽائيلون لڳل آهن. انهن حسين ۽ خوبصورت ٽائيلن تي وري قرآني آيات ۽ معصومن جون حديثون اُڪريل آهن. ديوارن تي صفوي دور جي مشهور خطاط علي رضا عباسيءَ سورة جمعه جون آيات مبارڪون تقريباً اسي سينٽي ميٽر جي قطر ۾ خط ثُلث ۾ لکيون آهن، جن کي ڏسندي ئي روح کي اطمينان، قلب کي تازگي ملي ٿي، ۽ نور جي روشني وڌيو وڃي ٿي. سرڪار جو سونو گنبذ سونين ٽائيلن سان سينگاريل آهي. نيلن ۾ به سونيون ٽائيلون استعمال ڪيل آهن، جن کي ڏسندي عقل دنگ رهجيو ٿو وڃي. مشهد شهر جي پري پري وارن علائقن مان به هي خوبصورت سونو گنبذ چمڪندو نظر ايندو آهي. ڏينهن جو سج جي روشنيءَ ۾ ۽ رات جو بجليءَ جي روشنيءَ ۾ هي گنبذ نمايان طور تي چمڪندو رهندو آهي. حرم پاڪ جي ٻنهي پاسي وڏا سونا مينار آهن. جيڪو منارو گنبذ سان لاڳيتو آهي، اهو ايوان نادريءَ تي ٺهيل آهي. هي صحنِ انقلاب جي ڏکڻ ۾ آهي. ٻيو صحنِ انقلاب جي اترئين حصي ۾ ايوان عباسي جي مٿان اڏيل آهي. هڪ گنبذ ٻئي کان ڪافي فاصلي تي آهي. چون ٿا ته هي منارو شاهه طهماسپ اول صفوي تعمير ڪرايو هيو، جڏهن ته ٻيو منارو نادر شاهه جي حڪم تي تعمير ڪيو ويو هيو.


    ڪفش داري

    ڪفش داري

    حرم پاڪَ جي هر رواق ۾ بوٽن، جتين ۽ چمپلن رکڻ جو هڪ اعليٰ انتظام آهي. هر زائر پنهنجي بوٽن جو جوڙو ڪفش دار کي ڏيندو آهي، پوءِ حرم ۾ ويندو آهي. ڪفش فارسيءَ ۾ بوٽ کي چيو ويندو آهي ۽ داري داشتن مصدر مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بوٽن رکڻ جي جاءِ. ڪفش دار بوٽ کي هڪ خاني ۾ رکي هڪ ٽوڪن ڏيندو آهي، جنهن تي اوهان جي خاني ۽ دروازي جو نمبر لکيل هوندو آهي. هي سڄو ڪم رضاڪارانه آهي، جهن جي ڪا به قيمت وصول نه ڪئي ويندي آهي ۽ نه وري اسان جي ملڪ وانگر اتي بوٽن رکڻ جا پئسا وصول ڪيا ويندا آهن. وڏي ڳالهه ته ڪشف داريءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهو پنهنجو نالو لکرائي ويندا آهن ۽ جڏهن انهن جو وارو ايندو آهي ته انهن کي سڏائي کانئن زائرين جي بوٽن رکڻ واري ڊيوٽي وٺندا آهن. جن حضرات جي ڊيوٽي لڳندي آهي، اهي پاڻ کي تمام گهڻو خُوش نصيب سمجهندا آهيون، ڇو ته زوارن جي خدمت ڪرڻ جو وڏو ثواب آهي. هن ڊيوٽيءَ ڪرڻ لاءِ عوام، جَجَ، انجنيئرَ، ڊاڪٽرَ، گورنرَ، وزيرَ، امير غريب سڀ ماڻهو آسائتا هوندا آهن ته سندن وارو ڪڏهن ٿو اچي. هي خوش اخلاق ۽ ملنسار هوندا آهن. اسانجي ملڪ وانگر جُوتن رکڻ جو ٺيڪو وغيره ڪونه هوندو آهي. ڪفش داري هڪ مضبوط ۽ مَربوط انتظام جو نالو آهي جنهن ۾ زائرين جي جُوتن ۽ ٻين شين جي ته حفاظت ڪئي ويندي آهي. پر کين ساڳي دروازي کان واپس اچڻ ۾ پڻ مدد ڪندو آهي. جيئن ته حرم امام رضا عليه سلام تمام وڏو آهي ۽ منجهس داخل ٿيڻ لاءِ سوين دروازا آهن. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو سندس داخل ٿيڻ وارو دروازو ڀلجي ٻئي ڪنهن دروازي کان نڪرندو ته شهر جي ٻئي طرف وڃي نڪرندو پوءِ ٽيڪسي کان سواءِ پنهنجي رهڻ واري هوٽل يا مسافر خاني تي پهچي ڪو نه سگهندو. زائر کي ڪفش داريءَ واري مليل ٽوڪن تي دروازو نمبر ۽ سامان جي خاني جو نمبر لکيل هوندو آهي تنهن ڪري پڙهيل ماڻهو ڀلجي ٻئي دروازي کان نه نڪرندو. اڻ پڙهيل ۽ فارسي نه ڄاڻندڙ ماڻهو به ڪنهن کي ٽوڪن ڏيکاري اشارن ۾ ئي پنهنجي داخلي دروازي تي پُڄي ويندو.


    دست شوئي

    دست شوئي

    دست شوئي يا W.C بيت الخلاءِ يعني ڪاڪوس وغيره کي چوندا آهن، جتي حاجت پوري ڪرڻ کان وٺي وضو ڪرڻ تائين بندوبست هوندو آهي. هي دست شوئي هميشه صاف سٿرا هوندا آهن، ڇو ته هنن جي صفائيءَ لاءِ هر وقت ماڻهو موجود هجن ٿا، جيڪي صفائي به دل سان ڪندا آهن. حرم جي هر صحن ۾ اهڙا پائخانه يا دست شوئي سوَن جي تعداد ۾ موجود آهن. جيئن زائرين کي تڪليف وغيره نه ٿئي.
    حرم مبارڪ مان زيارت جو شرف حاصل ڪري صحنِ انقلاب ۾ آياسين. هن صحن جي چئني ڪنڊن تي چار ايوان يا بالڪنيون ٺهيل آهن، جن جا نالا آهن ايوان عباسي (اتر ۾)، ايوان طلائي يا سونو ايوان (ڏکڻ ۾)، ايوان نقارخانه (اوڀر ۾) ۽ ايوان ساعت (اولهه ۾). ايوان نقار خانه تقريباً 300 سال کن پراڻو آهي. صحن انقلاب جي وچ تي سقه خانه يا سبيل آهي. هي سقه خانو نادر شاهه هرات ۽ قلات جي سنگمرمر سان ٺهرايو هو. هن کي سقه نادري ۽ حوضِ اسماعيل به چوندا آهن. ڪنهن زماني ۾ جيڪڏهن بادشاهه رعايا کي گهرائيندو هو ۽ عوام کي جمع ڪرڻ مقصود هوندو هو ته هتي نغارا وڄايا ويندا هئا. هڪ روايت موجب جڏهن نادر شاهه حرم جي زيارت لاءِ ٿي آيو ته هتي نغارا وڄائي بادشاهه جي آمد جو اعلان ڪيو ويو هيو. ٻي روايت موجب شاهه رخ جو پوٽو جڏهن هرات کان هتي حرم پاڪ ۾ بيماري ۾ شفا جي لاءِ امامؑ جي حاضري ڀري ۽ اعتڪاف ۾ ويٺو ته هتي نغارا وڄايا ويا هئا. ان کان پوءِ هي سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آهي. سواءِ عزاداري جي ڏينهن جي، باقي ڏينهن ۾ نقارخاني ۾ نغارا وڄايا ويندا آهن. نماز فجر کان پهريائين ۽ نماز مغرب کان پهريائين. پهريائين نغارا وڄايا ويندا آهن، ان سان گڏ نفيل تي حسين حسين پڪاريو ويندو آهي. چند منٽن جي هن وڄت کانپوءِ تلاوت ڪلام پاڪ ڪئي ويندي آهي ۽ آخر اذان فجر يا مغرب جيڪو وقت هجي، ڏني ويندي آهي.
    حرم پاڪ جي ڏکڻ ۾ صحنِ امام خميني آهي. هي صحن ايراني اسلامي انقلاب کان پوءِ تعمير ڪيو ويو هو. ان جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ ٻه وڏا عاليشان منارا آهن. صحن ۾ هڪ تمام سهڻي سبيل آهي، جنهن ۾ سينسر تي نل لڳل آهن. نل جي هيٺان هٿ ڏيڻ سان پاڻي نڪري ٿو. وچ تي هڪ سورج گهڙي لڳل آهي، جنهن سان ظهر شرعي جو وقت ۽ قبلو معلوم ڪيو ويندو آهي. هنن سڀني صحنن جي هيٺان قبرستان آهي، جنهن کي بهشت ثامن الآئمه چيو ويندو آهي.


    مسجد گوهر شاد

    مسجد گوهر شاد

    اڄ تاريخ 3 سيپٽمبر تي فجر جي نماز حرم ۾ پڙهي مسجد گوهر شاد جي زيارت ڪئي سين. هي مسجد ايران جي مشهور مسجدن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ حرم امام رضاؑ سان گڏ آهي. هيءَ مسجد سن 821 هجريءَ ۾ شاهه رخ مرزا جي گهر واريءَ گوهر شاد خاتون جي حڪم سان مشهور رازي ۽ انجنيئر استاد قوام الدين شيرازيءَ جوڙي، جيڪا فن تعمير جو هڪ نادر نمونو آهي. مسجد ۾ هڪ وڏو صحن ۽ چار شاندار ايوان ۽ نمازين لاءِ ست هال آهن. ننڍي ايوان جي ٻنهي طرفن ۾ تمام سهڻا ۽ شاندار منارا آهن. منارن تي قرآني آيتون ۽ نقش چٽيل آهن. هن ايوان ۾ امام زمانهؑ جو هڪ منبر مبارڪ پڻ آهي، جيڪو اخروٽ جي ڪاٺيءَ جو ٺهيل اهي ۽ عجيب ڳالهه اها آهي ته هن منبر ۾ لوهه جي ڪِلي يا ڪوڪو وغيره استعمال ٿيل ڪونه آهي. هي ديده زيب منبر سن 1243هجريءَ ۾ ٺاهيو ويو آهي. مسجد ۾ هڪ شاهي لائبرري پڻ آهي، جيڪا عوام الناس لاءِ کليل هوندي آهي. لائبرريءَ ۾ گهڻو ڪري عربي ۽ فارسي ڪتاب، ڇاپي وارا ۽ قديم قلمي قرآن موجود آهن.
    حرم ۽ مسجد گوهر شاد جي زيارت مان فارغ ٿي نڪتاسين ته ڪٿي ناشتو ڪجي. خيابان امام رضاؑ ۾ ئي هڪ ريسٽورينٽ ۾ ناشتو ڪري ٽيڪسيون ڪرايون سين ته اطراف جون زيارتون ڪجن. سڀ کان اڳ خواجه مراد جي روضي تي پهتاسين.


    خواجه مراد

    خواجه مراد

    خواجه مراد، امام رضاؑ جو صحابي هو. سندس وصال سن 210 هجريءَ ۾ ٿيو. سندس مزار مشهد شريف کان 14 يا 15 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڏکڻ طرف هڪ بينالود نالي ٽڪريءَ تي آهي ۽ تقريباً بهشت رضا (ؑ) جي سامهون آهي. خواجه مراد امامؑ جي سيرت جي باري ۾ لکيو آهي ۽ سندن حڪمت جون ڳالهيون اسان تائين پهچايون آهن. خواجه مراد جي روزي ڏانهن ويندڙ چاڙهيءَ تي ٻنهي پاسي ڪيترائي دڪان آهن جن ۾ چيني جون ٺهيل گاسليٽ واريون خوبصورت بتيون، رانديڪا ۽ ٻيو گهڻو ئي سازو سامان موجود هوندو آهي. هتي سڀ کان اهم چيز پٿر مان ٺهيل ٿانوَ آهن جن ۾ روهيون، حمام دستا، ديڳڙيون، گلاس، پليٽون وغيره شامل آهن. هي پٿر Gray يا سليٽي رنگ جو هوندو آهي. اندر روزي ۾ ڪيتريون ئي چيني واريون ليمپون رکيل هيون جيڪي ماڻهو باس پوري ٿيڻ تي اُتي رکي ويندا آهن. مونکي اهي چيني جون ليمپون ايتريون ته وڻيون جو مون ٻه کن باقي ٿانوَ وغيره ڳرا هئڻ سبب ڪو نه ورتا. خواجه مراد جي زيارت کان پوءِ اسان بهشت امام رضا ۾ ويايسن، اتي شهداءِ ۽ مومنين لاءِ فاتح پڙهيسين. بهشت رضا هڪ ترتيب ڏنل گلن ٻوٽن سان ٽنڊريل هڪ خوبصورت قبرستان آهي. قبرستان ۾ وڏا ۽ ڪشادا روڊ ٺهيل آهن. گهڻو تڻو قبرون شيشي جي پيٽين سان ڍڪيل آهن، جن جي اندران سيراندي واري پاسي مرحوم جو فوٽو لڳل آهي. اسان کي گهڻيون قبرون نوجوان فوجين جون نظر آيون، جيڪي ايران- عراق جنگ ۾ شهيد ٿي ويا هئا.
    بهشت رضا جي زيارت کان پوءِ اسين خواجه اباصلت جي روضي تي آياسين.


    خواجه اباصلت هروي

    خواجه اباصلت هروي

    سندس اصل نالو عبدالسلام هيو ۽ ڪنيت اباصلت تنهن ڪري پنهنجي ڪنيت سان ئي سڏيو وڃي ٿو. تاريخ ۾ ملي ٿو ته اباصلت جو ڏاڏو هرات جو رهڻ وراو هئو. هرات هاڻي افغانستان ۾ آهي. ڪنهن جنگ ۾ گرفتار ٿي حجاز ۾ آيو، جتي عبدالرحمٰن ابن جندب کيس خريد ڪري ٻانهو ڪيو. جيئن ته سندس ڏاڏو مديني ۾ هئو ۽ آزا ٿيڻ کانپوءِ به مديني ۾ ئي رهيو، تنهن ڪري اباصلت مديني ۾ ئي ڄائو ۽ اتي ئي وڏو ٿيو. هن اهلبيت عليهم سلام جون حديثون ڪٺي ڪرڻ لاءِ وڏا سفر ڪيا ۽ ڪشالا ڪڍيا. هن بغداد، حجاز، ڪوفه، يمن، نيشاپور، خراسان جي شهرن مان اهلبيت اطهار جون ڪيئي حديثون گڏ ڪيون ۽ علم الحديث ۾ وڏو نالو ڪڍيو. سندس وفات 232 هجري يا 236 هجريءَ ۾ مشهد جي ڀرسان شاهراه نريمان جي لڳ هڪ ڳوٺ ۾ ٿي، جيڪو مشهد کان ڏهه ٻارهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. خواجه اباصلت جي زيارت کان فارغ ٿياسين ته منجهند جا اڍائي کن ٿيا هئا، تنهن ڪري سڀني چيو ته ٻنپهرن جي ماني کائجي، تنهن ڪري ڀر ۾ ئي هڪ ننڍڙي ريسٽورينٽ تي چلو ڪباب، چلو مرغ، ماست ۽ نان سان مانجهاندو ڪيوسين. ظهرين خواجه اباصلت جي روضي تي ئي پڙهي چڪاسين ۽ اڄوڪي زيارت جي آخري مرحلي يعني خواجه ربيع جي مزار ڏانهن روانا ٿياسين.


    خواجه ربيع

    خواجه ربيع

    هي حضرت عليؑ جو صحابي هو. بني اسد قبيلي سان تعلق هئس ۽ ڪوفي جو رهڻ وارو هو. پاڻ علم حديث ۽ تفسير جو وڏو ڄاڻو هو، زُهد ۽ تقويٰ جي ڪري مشهور هو. سندس وفات سن 63 هجريءَ ۾ ٿي. سندس قبر هينئر مشهد شهر ۾ ئي آهي. تاريخ ۾ لکيل آهي ته امام رضاؑ جن فرمايو هو ته طوس ۾ اچي مون کي خواجه ربيع جي قبر جي زيارت کان سواءِ ڪجهه به مليو. شيخ بِهائي لکن ٿا ته پاڻ ايران جي فتح کان پوءِ طوس ۾ قيام فرمايائون. خواجه صاحب ويهن سالن تائين دنيا جي ڳالهين کان پري رهيا ۽ يادِ الاهي ۾ مشغول رهندا هئا. هڪ دفعي ڪنهن خواجه پڇيو ته توهان نه ڪنهن جي غيبت ٿا ڪيو ۽ نه ڪنهن جي باري ۾ ڳالهايو ته پاڻ چيائيون ته مان پنهنجي نفس کان ئي مطمئن نه آهيان ٻين جي باري ۾ ڇا چوان. هڪ دفعي ڪي چور سندن قيمتي گهوڙو جيڪو ان وقت ويهه هزار درهمن جو هو ڪاهي ويا جنهن وقت پاڻ نماز مشغول هئا. ماڻهن کين چيو ته خواجه صاحب اوهان جي موجودگيءَ ۾ ئي چور گهوڙو ڪاهي ويا توهان انهن کي ڪجهه به نه چيو. پاڻ فرمايائون ته مان نماز ۾ مشغول هئس ۽ منهنجي خيال موجب الله سائينءَ کي منهنجو نماز ۾ مشغول هئڻ گهوڙي کان وڌيڪ پسند هو. پاڻ پنهنجي جيئري ئي گهر ۾ قبر ٺاهي ڇڏي هئائون جنهن ۾ ويهي دعا گهرندا هئا ۽ قرآن پاڪ پڙهندا هئا.
    سج لهڻ وارو هو، تنهن ڪري ٽيڪسي واري کي واپس هلڻ لاءِ چيوسين ۽ اپارٽمينٽ ۾ لٿاسين. ڪجهه وقت آرام ڪري نماز مغربين اپارٽمينٽ تي ئي ادا ڪري نڪتاسين ته بازارِ امام رضاؑ ڏسجي ۽ وري حرم جي زيارت ڪجي.


    بازارِ امام رضا

    خيابانِ امام رضاؑ تي حرم طرف هلندي حرم کان ڪجهه فرلانگ پهريائين سڄي هٿ تي بازارِ امام رضا (ؑ) آهي. هيءَ بازار دوراها ۽ ٻه طبقي آهي. منهنجي اندازي مطابق سندس ڊيگهه تقريباً 3 ڪلوميٽر کن ٿيندي. بازار جي ٻنهي پاسن ۾ دوڪان آهن. هن دوراها بازار کي ڳنڍڻ لاءِ وچ تي ڪراس بازارون پڻ آهن، جيئن خريدار سولائيءَ سان بازار جي ٻئي پاسي وڃي سگهي ۽ کيس گهڻو پنڌ نه ڪرڻو پوي. هيءَ بازار ڍڪيل آهي ۽ سندس ڇت پراڻي ايراني اڏاوت جو هڪ نادر نمونو آهي. ڇت ڪمان يا تجر تي اڌ گولائيءَ ۾ ٺهيل آهي. اسان بازار مان لنگهندي مختلف دوڪانن تي نظر ٿا وجهون ته هتي خشڪ ميوه جات، زعفران، زعفراني مصري جنهن کي ايراني نبات چون، ڪپڙي، مصلن، نگن يعني ٻُڙن، تسبيحن، جن ۾ عقيق کان وٺي شاهه مقصود جي پٿرن ۽ ٻڙن جا دوڪان آهن. هتي ياقوت ۽ فيروزه جي ٺهيل منڊين ۽ تسبيحن جا دوڪان آهن. ان کان سواءِ چانديءَ جي منڊين ۾ مڙهيل حرض امام رضاؑ، حرضِ جوادؑ، حرض چهارده معصومينؑ ڪثير تعداد ۾ موجود آهن.
    هتي ديده زيب ۽ خوبصورت قالينين جا دوڪان پڻ آهن، جن تي مختلف نقش و نگار کان علاوه پاڪ هستين جون شبيهون پڻ ٺهيل آهن. مان ذاتي طرح سان پاڪ هستين جي شبيهن نقش ڪرڻ جو قائل ناهيان، باقي ايراني ۽ عراقي ان ڳالهه کي ڪوئي مسئلو ئي نه سمجهندا آهن. هتي عطريات جا به وڏا دوڪان آهن. جتي توهان کي مناسب اگهه تي مشڪ، موتئي، گلاب ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا عطر ملي ويندا. ايران ۾ عموماً قيمت تي وڏي گهپي ڪرڻي پوي ٿي. ايراني خاص طور تي پاڪستانين کي شيءِ جي ٻيڻي قيمت ٻڌائيندا آهن ۽ گهڻي بحث مباحثي کانپوءِ شيءِ جي قيمت طئي ٿيندي آهي. ان خريداريءَ ۾ مان جهڙو ماڻهو ڌڪ کائي ويندو آهي، انهي شرم کان ته دوڪاندار ڇا چوندو ته ڏهه هزار تومانن جا مان کيس پنج هزار تومان آڇيان. بهرحال خريداريءَ مهل ۽ ڊالر مَٽائڻ مهل تمام گهڻو خيال ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو ڦُرجي نه وڃي. 2010 جي آڪٽوبر ۾ مون سان اهڙي هڪ واردات ٿي هئي. مون کي هڪ نگن واري دوڪاندار هڪ سو ڊالر جا هڪ لک سٺ هزار تومان ڏنا هئا، جڏهن ته اصلي ريٽ ٻه لک چاليهه هزار تومان هيو. هن بازار ۾ فريم ٿيل تصويرون جن ۾ خانه ڪعبه، رسول پاڪﷺ جي روضن کان وٺي سڀني پاڪ هستين جي روضن جون فريم ٿيل تصويرون ملن ٿيون. ان کان سواءِ ڪربلا ۾ شهادت امام حسينؑ کان پوءِ خيمن جون تصويرون پڻ مناسب اگهه تي ملن ٿيون. مان ڪجهه ٻُڙا، منڊيون، تسبيحون، مختلف حرز ۽ ڪجهه پاڪ تصويرون خريد ڪيون. سامان گهٽ خريد ڪيم، ان ڪري ته اسان جي منزل اڃا گهڻو اڳتي هئي ۽ سامان جو بار تڪليف جو باعث ٿئي ها. بازار جي منڍ وارن دوڪانن ۾ شين جا ريٽ وڏا ۽ بازار جي وچ ۾ يا آخر ۾ وري مناسب، تنهن ڪري بهتري ان ۾ آهي ته جيڪڏهن بازارِ امام رضا جو چڪر ڏجي ته شين جون قيمتون پُڇائيندو وڃجي ۽ اطمينان سان بازار جي وچ ۾ يا آخر ۾ خريداري ڪجي.


    بازارِ بزرگ

    بازارِ بزرگ

    خيابان امام رضا جي کاٻي پاسي بازار بزرگ نالي پراڻي شاهي بازار آهي، جيڪا پڻ ڍڪيل آهي. هن بازار ۾ دوڪان پراڻا ۽ شيون به خاص ڪونه آهن. البت نومبر 1991ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو مان هتي آيو هيس ته هتان مون ٻه بوٽ خريد ڪيا هئا، جيڪي ڪنهن ڪارخاني جا نه پر موچيءَ جي هٿ جا ٺهيل هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين مون وٽ موجود آهن ۽ ڪٿان به نه ڦاٽا آهن ۽ نه ئي ترو نڪري ويو اٿن. بوٽن ۾ اندران بف لڳل آهي، تنهن ڪري سخت سرديءَ جي موسم ۾ ڏاڍو ڪارآمد آهن.
    بازار امام رضا ۽ بازار بزرگ جو چڪر ڏئي حرم پاڪ ۾ آياسين. ضريح پاڪ جي زيارت ۽ چُمڻ کان پوءِ ستن ڏينهن جون قضا نمازون ادا ڪيونسين، جنهن لاءِ مولوي قمر صاحب ٻڌايو ته ان جو وڏو ثواب آهي. نمازن مان فارغ ٿي صحن ۾ سبيل مان پاڻي پي واپس وٿاڻن تي آياسين ۽ سمهي رهياسين.
    هن دفعي اسانجي پروگرام ۾ نيشاپور شامل ڪونه هيو، ان ڪري نيشاپور وڃي ڪونه سگهياسين. پر جيئن ته مان اڳ ۾ ئي نيشاپور ڏسي آيو هئس، تنهن ڪري هتي نومبر 1991ع واري روداد ڏجي ٿي، ان ڪري جو مشهد جو ذڪر ڪجي، ۽ نيشاپور جو ذڪر نه ڪجي، ناانصافي ٿيندي. هونئن ته اصفهان، شيراز، تبريز، ڪرمانشاه، اهواز، ڪِيش وغيره تمام سهڻا شهر آهن، ۽ انهن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، پر اهو ڪنهن ٻئي دفعي ڪبو.


    نيشاپور

    نيشاپور

    مشهد مان نومبر جي هڪ خنڪ ۽ ٿڌي صبح جو اسان نيشاپور لاءِ ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪئي. هيءَ سال 1991ع جي ڳالهه آهي. نيشاپور مشهد کان تقريباً 120 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ بيحد خوبصورت شهر آهي. نيشاپور کان پندرهن ڪلوميٽر کن پهريائين هڪ پاسي قدم گاهه ڳوٺ ۽ ٻئي پاسي پهاڙن جي دامن ۾ حضرت امام رضا (ؑ) جا قدم مبارڪ هڪ ڪاري رنگ جي پٿر تي اڪريل آهن. پٿر ڀت ۾ آويزان آهي، هاڻي ته انهي پٿر جي مٿان هڪ ضريح ٺاهي وئي آهي، باقي جنهن وقت اسان پهريون ڀيرو زيارت ڪئي هئي. هنن قدمن جي مٿان ڪا ضريح يا ڄاري لڳل ڪونه هئي. هتي هڪ مٺي پاڻيءَ جو چشمو آهي، جيڪو امام رضاؑ سان منسوب آهي. امام سائين جن جڏهن هتي تشريف فرما ٿيا هئا ته پاڻ وضوءَ لاءِ پاڻي طلب فرمايو. ماڻهن چيو ته سرڪار هتي پاڻي ته ڪونه آهي. توهان الله سائين جي حجت آهيو ۽ پنهنجي معجزي سان هتي پاڻي گهرايو. امام سائين جن ٻه رڪعتون نفل پڙهي دعا ڪئي ته قدرت الاهي سان جبل مان چشمو ڦُٽي نڪتو ۽ سندن پير مبارڪ پٿر تي ٺهي پيا، جيڪي اڳتي هلي ماڻهن ديوار ۾ نصب ڪيا. وقت جي حڪومتن قدمن جي مٿان هڪ حجرو تعمير ڪرايو، هنن قدمن جي زيارت لاءِ لکين ماڻهو ايندا رهن ٿا. مزي جي ڳالهه ته هن پٿر ۽ قدمن مان هڪ هلڪي هلڪي خوشبوءِ نڪرندي آهي، جنهن سان ايمان تازو ٿيو وڃي. هن چشمي کي هاڻي ڍڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ جو پاڻي قدم گاهه ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ ۽ ڀرپاسي جي ٻين ڳوٺن ۽ زمين آباد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. چشمي مان پاڻي پِي، قدم مبارڪ چمي، اسان هڪڙي ننڍڙي ٻاڪڙا هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ ويٺاسين. دڪانن جي سامهون هڪ گروهه ناٽڪ ڪندي نظر آيو. هڪ پاسي وارن ماڻهن کي ڳاڙهو لباس پاتل هيو ۽ جنگي ساز و سامان زيب تن ڪيل هُين. هو يزيدي لشڪر جا سپاهي هئا ۽ ٻئي پاسي سائو لباس پهريل آلاتِ حرب ۾ ملبوس امام حسينؑ جا سپاهي هئا، ٻئي ڌريون نغاري جي وڄت تي مڪالمي بازي ڪري رهيا هئا. گهڻي فارسي مون کي سمجهه ۾ نه پئي آئي، البت ان وقت مون کي هندستاني سني مسلمان ياد آيا، جيڪي گهڻا سال اڳ محرم جي ڏهين تي اهڙي قسم جو يادگار پيش ڪندا هئا. شايد اڃا به ڪندا هجن، جيڪو غير مناسب آهي. بهرحال چانهه يعني سليماني چانهه پي اسين ڳوٺ قدم گاهه ۾ داخل ٿياسين. ڇا ته خوبصورت ڳوٺ هيو. دڪان ڪشاده، رستا ويڪرا ۽ صاف سٿرا، چوڪن تي گل و گلڪاري وغيره. مزي جي ڳالهه ته جن وڏن اسٽورن جون چينون (chains) تهران ۽ مشهد ۾ هيون، انهن جا آئوٽ ليٽس هتي به موجود هئا. مثلاً: ڪفش ملي بوٽن جا جيڪڏهن دوڪان وڏن شهرن ۾ آهن، ته ان جو به هتي وڏو دوڪان موجود هيو. اهڙي طرح بيڪرن جون شاخون به هت موجود هيون.
    هاڻي اسان ٻن امام زادن جي مزارن تي آياسين. هڪ امام زاده ابراهيم بن امام موسيٰ ڪاظمؑ ۽ ٻيو امام زاده سيد محمد محروق بن زين العابدينؑ آهي. امام زاده ابراهيم بن موسيٰ ڪاظمؑ جي روضي ۾ به ساڳيا ئي قدم مبارڪ ديوار تي نصب هئا ۽ مٿن شيشي جو فريم هئو. امام زاده محمد کي 200 هجريءَ ۾ مامون رشيد جي ماڻهن شهيد ڪري سندن جسم کي ساڙيو هئو. عربيءَ ۾ سڙيل کي محروق چيو ويندو آهي. هنن ٻنهي امام زادن جا روضا نيشاپور جي ٻاهران هڪ خوبصورت باغ ۾ آهن. روضن جي زيارتن کان پوءِ ٻاهر نڪتاسين ۽ اتي ئي ٻن پهرن جي ماني کاڌي سين. سرديءَ جي موسم هئڻ ڪري باغ جا وڻ ڪجهه پيلانجهڙا ٿي ويا هئا، پر هئا گهاٽا ۽ ڊگها. باغ ۾ موسم جي اعتبار کان رنگارنگي گل به بي حساب هئا. ٿڌڙي هوا گهلي پئي، تنهنڪري مان پنهنجو مفلر مٿي سان ويڙهي ڇڏيو. بهرحال هي باغ بستان ڄڻ جنت جو ٽڪرو هيو، جتان نڪرڻ تي دل ئي نه پئي چوي.
    هاڻي اسان باغ جي هڪ ڪنڊ تي عظيم حسابدان، هيئتدان، سائنسدان ۽ شاعر عمر خيام جي قبر تي آياسين. خيام جو مقبرو پڻ فن تعمير جو نادر نمونو آهي. مقبري جي ڀرسان ئي خيام اڪيڊمي آهي، جتي خيام جون فارسي رباعيون ۽ انگريزي ترجمو خريد ڪيم. خيام جي روضي تي چند فوٽو به ڪڍايم. خيام جي روضي واري باغ ۾ هڪ شيشي ۾ بند خيام جو مجسمو هئو. مان ته کن پل لاءِ ته سوچ ۾ پئجي ويس، ته ايراني اسلامي حڪومت هتي مجسمو نصب ڪرڻ ڪيئن ڏنو آهي، ڇو ته اسان جي سڳورن واري ديس ۾ ته نبي ڪريم (ﷺ) جو گهر مبارڪ به ڊاهيو ويو آهي. ان کان سواءِ اتي ڪيترائي قديم آثار پڻ صفحه هستيءَ تان مٽايا ويا آهن، ڇو ته اهي بدعت جي زمري ۾ اچي پئي ويا (بمطابق سندن فلاسافيءَ جي). مجسمي جي هيٺان ئي لکيل هئو ته مجسمو اسلام ۾ حرام آهي، پر هن عظيم فلاسافر جي ياد ۾ هتي هي مجسمو رکيو ويو آهي، جنهن جو مقصد سندس ياد تازي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.
    عمر خيام کانپوءِ اسان نيشاپور شهر ڏي روانا ٿياسين. هي لک سوا جي آباديءَ جو هڪ وڻندڙ ۽ خوبصورت شهر آهي. دوراها ڪارپيٽيڊ روڊ، هر چوڪ تي گولائيءَ ۾ باغيچو، جنهن ۾ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ سيمينٽ جون بئنچو ۽ وچ تي فلڪ آب يعني ڦوهارو. منظر اهڙو ته دل لُڀائيندڙ هو، جو دل پئي چاهيو ته ڪيئي ڏينهن هتي ئي ٽڪي پئجي. پنڌ گهمندي هڪ ڪتابن جي دوڪان تي نظر پئي، جتان ننڍڙا ٻار به ڪتاب خريد ڪري رهيا هئا. سڀني ٻارن هٿ ملايو. ۽ مٺڙي فارسيءَ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا. جڏهن منهنجي فارسي ختم ٿي ٿي وئي ته هو سڀئي شائسته انداز ۾ کليا ٿي ۽ مون کي آهستي آهستي سمجهايائون ٿي. هي اهو دور هيو، جڏهن پاڪستاني زائرين ايڏو گهڻو ڪونَه ايندا هئا ۽ هنن ماڻهن کي پاڪستانين لاءِ ڏاڍي محبت هوندي هئي. اسانجي غير سنجيده ۽ غير مهذب زائرين جي ڪثرت سان اچڻ ۽ حڪومتي اڍنگين خارجي پاليسين کان پوءِ هي ايراني ماڻهو آهستي آهستي پاڪستاني ماڻهن کان نفرت ڪرڻ لڳا آهن. خير مون ڪتاب پئي ورتا ته هڪ بزرگ مليو، جنهن پڇيو ته، ڪٿان جا آهيو؟ منهنجي جواب ۾ ته پاڪستاني آهيون ته مون کي ڳل تي بوسو ڏئي چيائين ته اسين ٻئي ڀائرآهيون. ايران کي توهان پنهنجو ملڪ سمجهو ۽ اصرار ڪرڻ لڳو ته رات جي ماني منهنجي گهر کائو. اسان سندس خلوص، محبت ۽ دعوت لاءِ مهرباني چئي شهر ۾ آياسين ته ڪٿي چانهن پيئجي. ڊرائيور اسان کي هڪ قديم ريسٽورينٽ ۾ وٺي آيو، جنهن جون ڀتيون ٻه اڍائي فوٽ ويڪريون ۽ سنهڙين سرن جون ٺهيل هيون. دروازا محرابي يعني ونگ تي ۽ ڇت به محرابي سرن سان ٺهيل هئي. ويهڻ لاءِ ڪرسين جي بدران تخت هئا، جن تي وڏا طول وهاڻا رکيل هئا. اوساري چُن جي گچ سان سهڻي نموني سان ٿيل هئي، جنهن مٿان پلستر جي ضرورت ئي ڪونه هئي. چانهه پي فارغ ٿي واپس مشهد روانا ٿياسين.


    طُوس ۽ فردوسي

    طُوس ۽ فردوسي

    نومبر 1991ع جي دوري دوران اسان طوس ۾ فردوسي جي مقبري تي به ويا هئاسين، جنهن جو ذڪر ڪرڻ به هتي غير مناسب نه ٿيندو. طوس مشهد سان لاڳيتو هڪ ننڍڙو شهر آهي. جيڪو مامون رشيد جي زماني ۾ هڪ وڏو شهر ۽ عباسي خليفن جو تختگاهه هيو. مشهد مقدس ان زماني ۾ شهر ڪونه هيو، پر امام رضاؑ جي تدفين کان پوءِ آهستي آهستي ٻڌجڻ لڳو ۽ امامؑ جي برڪتن سان وڌندو رهي ٿو. هي خوبصورت شهر جنهن جا مضافاتي علائقا به جنت جو ڏيک ڏين ٿا، ايران جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ دنيا جي صاف ۽ خوبصورت شهرن منجهان هڪ آهي. اسان هڪ صبح جو ٽيڪسي ڪرائي طوس لاءِ نڪتاسين، اڌ مني ڪلاڪ جي فاصلي تي اسانجي سامهون فردوسيءَ جو مقبرو ڪر کنيو بيٺو هو. گيٽ تي ٽڪيٽون وٺي، جن جي قيمت غالباً ان وقت 200 تومان هئي، اندر داخل ٿياسين. سڀ کان پهريان مان ميوزيم جي ڪتاب گهر ۾ داخل ٿيس، ۽ اتان شاهنامو فارسي ۽ انگريزي ترجمي سان خريد ڪيم. ڪتابن جي پرنٽنگ، بائينڊنگ ۽ پنو ڏاڍو سٺو هيو. ان کان علاوه مون فردوسيءَ جي سوانح تي هڪ ڪتابچو ۽ ويو ڪارڊس جو سيٽ خريد ڪيو. مون سان آيل دوستن مان ڪنهن کي به ڪتابن جو شوق ڪونه هئو ۽ نه وري فردوسيءَ جي باري ۾ ڪا ڄاڻ هئي، تنهن ڪري خاموشيءَ سان مون ڏي ڏسندا رهيا ۽ پڇندا رهيا ته، هي ڇا ٿا وٺو؟ هن ڪتاب ۾ ڇا آهي؟ وغيره وغيره. طوس شهر جي چوڌاري پهاڙي سلسلي کي ڪوههِ طوس چوندا آهن. فردوسيءَ جي قبر زير زمين آهي، مٿان ڊمي قبر اڏيل اٿس. ديوارن تي شاهنامي مان ورتل بيتن تي پٿر تي اُڪريل منظرڪشي ڪئي وئي آهي. منظرنگاري ايڏي ته مهارت سان ڪئي وئي آهي، جو ساراهڻ کان سواءِ رهي ڪونه ٿو سگهجي. هاڻي اسين ميوزيم ۾ داخل ٿياسين. فردوسيءَ جو لکيل شاهنامو 1400 اخباري صفحن تي مشتمل آهي ۽ سندس وزن اٽڪل 72 ڪلوگرام آهي. هتي به ديوارن تي شاهنامي مان ورتل پينٽنگز ٺهيل هيون، جن کي مصورن ڪمال مهارت سان منقش ڪيوهو. هتي پراڻا جنگي ساز و سامان ۽ منهن ڀريون بندوقون ۽ مختلف تلوارون وغيره رکيل هيون، جن مون کي تمام گهڻو مزو ڏنو. اچو ته هاڻي ڪجهه فردوسيءَ جي باري ۾ مختصر احوال ڏيون.
    ابوالقاسم فردوسي جنهن جي اصل نالي جي خبرناهي، ڇو ته ابوالقاسم ڪنيت ۽ فردوسي تخلص اٿس. سن 940 عيسويءَ ڌاري ڄائو ۽ سن 1020ع ۾ طوس ۾ وفات ڪيائين. هڪ روايت مطابق سلطان محمود غزنوي فردوسيءَ کي گهرائي چيو ته، تون جيڪڏهن منهنجي شان ۾ شاهنامو لکين ته مان توکي هر بند عيوض هڪ سونو سڪو ڏيندس. چون ٿا ته فردوسي اهو ان ڪري قبول ڪيو، جو هن کي پنهنجي شهر جي چوڌاري هڪ ديوار يا بند اڏرائڻو هو. بهرحال هن 20 سالن جي طويل عرصي ۾ شاهنامو ٺاهي مڪمل ڪيو. چون ٿا ته بادشاهه درٻاري چالبازن ۾ اچي سونن سڪن جي بجاءِ کيس 60000 چانديءَ جا سڪا ڏياري موڪليا، جيڪي هن قبول نه ڪيا، بلڪ غلامن ۽ عام ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيا ۽ ڪجهه رقم قاصد کي پڻ ڏنائين. قاصد اهو سڄو قصو وڃي بادشاهه کي ٻڌايو ته هو تپي باهه ٿي ويو ۽ فردوسيءَ کي گرفتار ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيائين. فردوسيءَ انهيءَ وچ ۾ طوس مان ٻاهر نڪري ڪنهن ڳجهي جڳهه تي لِڪو، جتي بادشاهه جي بي وفائيءَ ۽ عهد شڪنيءَ تي شاهنامي وانگر ئي ’هجونامو‘ لکيو. انهيءَ وچ ۾ بادشاهه کي درٻارين جي بدمعاشين جي به خبر پئجي وئي ۽ شرمندو ٿيو. هن هڪ خط سان گڏ 60000 سونا سڪا، معافي نامو ۽ شاهي خلعت فردوسي ڏي ڏياري موڪلي، پر چون ٿا ته هڪ پاسي بادشاهي قاصدن جو قافلو طوس شهر ۾ گهڙيو ٿئي ته ٻئي پاسي هن عظيم شاعر جو جنازو کڄي آخري آرامگاهه ڏانهن روانو ٿي رهيو هيو. فردوسيءَ کي پنهنجي ئي باغ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي اڄ ڪلهه سندس مدفن آهي.


    زندانِ هارون رشيد

    زندانِ هارون رشيد

    طوس کان موٽندي رستي تي زندانِ هارون رشيد وٽان گذر ٿيو. زندان هڪ کوهه نما عمارت آهي، جيڪا ڪافي هيٺ ۽ اونهي هوندي آهي. جتي قيدين کي رکيو ويندو آهي ۽ انهن کي چوبدار جيئرو رکڻ لاءِ مٿان ٺهيل برجيءَ تان زندگي گذارڻ لاءِ ماني ۽ پاڻي وغيره ڦٽو ڪندا آهن. زندان بند هو، تهنڪري ڏسي ڪونه سگهياسين. زندان جي سامهون ئي اهلِ سنت جي اڪابر ۽ عالم امام غزالي(رح) جي قبر هئي، جنهن جي زيارت ڪري واپس مشهد پهتاسين.
    هاڻي اچون ٿا پنهنجي موجوده سفر ڏي. اسان ڪالهه يعني تاريخ 3 سيپٽمبر تي مهمان خانه امام رضاؑ لاءِ ٽڪيٽون حاصل ڪري ورتيون هيون. تنهن ڪري ٻنپهرن جي مانيءَ تي اسان امامؑ جا مهمان هياسين. تقريباً ڏيڍ بجي ڌاري اسان مهمان خاني ۾ ٽڪيٽون ڏيکاري داخل ٿياسين. ٽڪيٽون ٻاهرين زائرين کي سندن زيارت ۾ هڪ دفعو ڏنيون وينديون آهن. اهڙو اندراج پاسپورٽ تي ڪيو ويندو آهي. ٻڌڻ ۾ ائين آيو ته اڳي ٽي دفعا ٽڪيٽون ملنديون هيون، پر زائرين جي وڌڻ ڪري هاڻي فقط هڪ دفعو مهماني جو شرف حاصل ڪري سگهجي ٿو. مهمان خانو ٻه طبقاتي منزل آهي. صاف سٿرو ۽ خوبصورت. اسان کي خدام مٿين طبقي ڏي وٺي هليو ۽ اسان وچ تي هڪ وڏي ٽيبل تي ويٺاسين، جتي مينيو ۾ اسانکي چانور، سبزي، مرغي، جنهن کي جوجه چون، ڏهي، نان ۽ ونگن جو خشڪ اچار پيش ڪيو ويو هو. جهڙي هئي صفائي، اهڙو ئي هو لذيذ کاڌو. خدامن يا ڪم ڪرڻ وارن ويٽرن جو رويو خوش اخلاق ۽ مشفقانو هيو. اسان مان ڪجهه دوستن وڌيڪ ٻوڙ لاءِ عرض ڪيو ته هنن پيش ڪيو. ڍءُ تي ماني کائي باقي پنهنجي بچيل ماني يعني چانور ۽ نان تبرڪ طور پاڻ سان آندل ٿيلهين ۾ وڌاسين، جنهن لاءِ ڪنهن به منع ڪونه ڪئي. جيئن ئي ٻاهر صحن ۾ آياسين، سوين ايراني عورتون ماني ٽڪر وٺڻ لاءِ ايلاز ڪرڻ پئي لڳيون. ايراني زائرين کي اهو موقعو شايد ڪڏهن ڪڏهن ٿو ملي، تنهن ڪري اهي هن تبرڪ حاصل ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندا ٿي رهيا، ۽ ڪن ته کسڻ جي ڪوشش ڪئي. بهرحال پاڻ بچائيندي ڪجهه نان جا ٽڪرا ۽ چانور انهن ايراني عورتن کي ڏناسين، جيڪي بيماريءَ ۾ شفايابيءَ لاءِ بيمار کي کارائين ٿيون يا تبرڪ طور پنهنجي کاڌي ۾ ملائين ٿيون. مهمان خاني مان فارغ ٿي اسان هاڻي ميوزيم طرف آياسين.


    مشهد ميوزيم

    مشهد ميوزيم

    هن ميوزيم ۾ قرآن مجيد جا نادر قلمي نسخا موجود آهن. حضرت عليؑ، امام حسنؑ ۽ امام حسينؑ کان سواءِ امام زين العابدينؑ ۽ ٻين آئمه طاهرين ۽ جيد علماءَ ڪرام جا خط ڪوفي ۾ لکيل قرآن پاڪ موجود آهن. ان کان سواءِ ڪربلا جي منظرڪشي واريون قديم تصويرون موجود آهن. خصوصاً امام عالي مقام (ؑ) جي شهادت کان پوءِ ذوالجناح جي خيمن طرف واپس موٽڻ واري تصوير ته وڏي رقت آميز آهي. اڄ ڪلهه اها تصوير نه فقط ڪارپيٽن تي ٺاهي وئي آهي، پر بازار امام رضا ۾ فريم ٿيل تصويرن جي صورت ۾ پڻ موجود آهي. انهيءَ ميوزيم ۾ ڪجهه آئمهؑ جون تحريرون، بادشاهن جون زرهون، جنگي لوهيون ٽوپيون، خنجر ۽ تلوارون به موجود آهن. هتي امام جي حرم جا پراڻا دروازا به محفوظ ڪري رکيا ويا آهن. ان کان سواءِ مختلف ملڪن کان آيل تحفا تحائف چينيءَ جا ٿانوَ وغيره هن ميوزيم جي زينت آهن. ميوزيم جي هيٺين طبقي ۾ شوڪيسن ۾ پراڻي زماني جا سڪا مختلف بادشاهن جي وقت جا، بلڪه رضا شاهه ڪبير ۽ رضا شاهه جي دور جا سڪا، نوٽ وغيره به موجود هئا. ان کان سواءِ پراڻيون پوسٽ ٽڪليون ۽ ٻيا ڪيترائي نوادرات موجود هئا. مطلب ته شاهه رخ، محمود غزنوي، صفوي، قاچار ۽ پهلوي گهراڻن جا سڪا پڻ موجود هئا. ميوزيم مان فارغ ٿي حرم ۾ داخل ٿياسين ته زيارت وداع ڪجي، زيارت وداع کان فارغ ٿي بس ٽرمينل تي آياسين ته تهران لاءِ ڪا بس، جنهن کي ايراني ’اُتوبوس‘ چون، ملي پر ڏاڍي ڪوشش جي باوجود اسان کي اڄ رات لاءِ ڪائي به بس نه ملي ۽ لاچار فيصلو ڪيوسين ته ڪا مني بس ڪرائجي. ايران ۾ اسڪول جي موڪلن ختم ٿيڻ ڪري هرڪو پنهنجي ڳوٺ وڃڻ جي تياريءَ ۾ هئو، تنهن ڪري بس ۾ بي تحاشا رش هئي ۽ ٽڪيٽ نه پئي ملي سگهي. آخرڪار هڪ مني بس ڪرائي تي ملي وئي ۽ اسان رات جو نائين بجي مشهد مقدس ڇڏيو. بس ڇو ته پنهنجي اُڪي ڀاڙي تي هئي، تنهن ڪري جتي چاهيوسين پئي چانهه يا ماني وغيره کاڌي سين پئي. ان کان سواءِ ڊرائيور به هڪ شريف انسان هو. مان جيئن ته ڊرائيور جي ڀر ۾ ويٺو هئس، تنهن ڪري مون سان ڳالهائيندو پئي آيو ۽ مان پنهنجي پوري دماغي ۽ جسماني قوت سان فارسيءَ جون ٽنگون ڀڃندو ٿي رهيس. مولي صاحب ۽ ٻيا دوست ننڊ جي ديويءَ جي درشن ۾ پورا هئا ۽ جيئن ته مون کي بس ۾ ننڊ نه ايندي آهي، مان ڊرائيور سان ڳالهائيندو ۽ جاڳندو رهيس. ڊرائيور گهڙي گهڙي سليماني چانهه پئي پيتي ۽ مون کي به شيشي جي گلاس ۾ ڏيندو ٿي رهيو، جيڪا مان هُن وانگر وات ۾ کنڊ جو ڪيوب وجهي پيئندو ٿي رهيس. رستي تي ڪيترائي شهر آيا، پر ان وقت مان ڊرائيور سان ايترو ته محوِ گفتگو هيس، جو مون کي شهرن جا نالا لکڻ به وسري ويا. رستي ۾ هڪ شهر ۾ چانهه لاءِ هيٺ لٿاسين ته اتي ڪيترائي ايراني شاگرد ويٺا هئا، انهن مان هڪ پڇيو ته تون ڇا ڪندو آهين؟ مان ٻڌايومانس ته انجنيئر آهيان، سو به سوِل جو. هو به اتفاقاً تهران يونيورسٽيءَ جي انجنيئرنگ فئڪلٽيءَ ۾ سول جي آخري سال جو شاگرد هو. پڇيائين ته پگهار گهڻي اٿئي. مان غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي چيومانس ٻه هزار ڊالر. هو ويچارو اچرج ۾ پئجي ويو. مان کيس چيو ته توهان انجنيئرنگ، ميڊيسن ۽ سمورو علم فارسيءَ ۾ پڙهندا آهيو، جنهن جو قدر صرف ايران ۾ آهي، پر اسين انگريزيءَ ۾ پڙهندا آهيون، اسان جي آمريڪا، برطانيا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ، ڪيناڊا وغيره ۾ سخت ضرورت آهي، تنهن ڪري حڪومت اسان کي وڏيون پگهارون ڏئي ٿي، جيئن ٻاهر نه وڃون. ويچارو سخت پريشان ٿي ويو ته هو انگريزي ڪيئن سکي. خير وري بس ۾ ويٺاسين ۽ ائين خير سان بس اسان کي تقريباً نائين بجي صبح جو تاريخ 5.9.1997 تي تهران پهچايو.
    تهران ۾ ان ڏينهن اسانجو خاص پروگرام ڪونه هيو. تنهن ڪري نيرن لاءِ هڪ ريسٽورينٽ ۾ ترسياسين، جتي هلڪي نيرن اڃا ڪيون ئي پيا ته سائين قمر عباس هڪ ٻي مني بس ڪرائي آيو. اسان پنهنجو اساس ان بس ۾ رکي راهي ٿياسين قم شريف ڏي، جيڪو تهران کان 110 کان 120 ڪلوميٽر پري اُستان قم يعني صوبي قم جي گاديءَ جو هنڌ آهي. سندس شهرت جناب فاطمه معصومهؐ جيڪا امام علي رضاؑ جي سڳي همشيره آهي، جي ڪري آهي. هي شهر اسلامي انقلاب جو محور ۽ اسلامي دانشگاهن يعني يونيورسٽين جو مرڪز آهي؛ خميني صاحب (رحہ) ۽ خامنائي صاحب جن، هتي تدريس سان وابسته رهيا آهن. ايراني انقلاب جو چشمو هن شهر مان ڦُٽو، جنهن پنج هزار ساله (اصل ۾ اها اڍائي هزار ساله آهي) شهنشاهي کي نيست و نابود ڪيو. قم ڏي ويندي روڊ جي کاٻي پاسي سج جي روشنيءَ تي چمڪندڙ هڪ اڇي ڍنڍ نظر آئي، جنهن کي فارسيءَ ۾ آبِ شوريده چون. هيءَ ڍنڍ شوري جي تيزاب جي آهي ۽ جبلن جي وادين جي وِچَ ۾ موجود آهي. چون ٿا ته شاهه ايران پنهنجي مخالفن کي پنهنجي خفيه ايجنسي ساوڪ وسيلي کڻائي هيليڪاپٽر ذريعي هن ڍنڍ ۾ اُڇلرائيندو هو. ڍنڍ جو تيزاب ايڏو ته گهاٽو ۽ تيز آهي، جو ڇهه انگن ڳڻن جي وقت دوران انسان ڳري ويندو آهي. ان کان سواءِ ساوڪ جي ظلم جا ڪيترائي داستان ٻڌايا ويا، جيڪي لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ ڀوائتا آهن. روڊ تي وقفي وقفي سان دروازا يا باب لڳل هئا، جن تي انهن شهيدن جون تصويرون هيون، جن کي شاهه پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ مختلف اذيتن وسيلي شهيد ڪرايو هو. (والله عالم) اسان تقريباً 12 وڳي قم مقدس ۾ پهچي وياسين. هوٽل قصرا ۾ ڪمرا وٺي جيڪو حرم جناب سيده جي لڳ هو، ٿورڙو ٿڪ ڀڃي غسل ڪري حرم ڏي روانا ٿياسين، جتي نماز ظهرين باجماعت ادا ڪري حرم جي زيارت ڪئي سين. ان کان پوءِ شهر جو ٿورو چڪر لڳائي وري حرم موٽي آياسين. نماز مغربين ادا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي منهنجا ۽ مولوي صاحب جا واقف ڪار پاڪستاني شاگرد ۽ معلم آيل هئا، جن سان ملاقات ڪري خوش ٿياسين. نماز مغربين کان پهريائين خوش لهنيءَ سان قاري قرآت ۾ مشغول هيو، اسان هڪ مناسب جاءِ تي ويٺا هئاسين، جتان قاري سامهون نظر ٿي آيو. قرآت کانپوءِ اذان آئي ۽ نماز شروع ٿي. مؤذن جو آواز به مٺو ۽ رقت آميز هيو. نماز مغربين مان فارغ ٿياسين ته ڪيترائي سنڌي دوست مليا، جن مانيءَ لاءِ دعوتون ڏنيون، پر جيئن ته اسان وٽ وقت گهٽ هئو، تنهن ڪري معذرت ڪئي سين. کانئن موڪلائي شهر ۾ اچي هڪ بهترين ريسٽورينٽ تي چلو ڪباب، چلو جوجه وغيره کائي سيراب ٿياسين ۽ حرم جي اطراف ۾ بازارن جو چڪر لڳايوسين. حسب معمول مان هڪ وڏي ڪتابن جي دڪان تي چڙهي ويس، پر مجال آهي جو فارسيءَ کانسواءِ ڪو ڪتاب هجي، تنهن ڪري بهترين ديده زيب جلد ۽ طباعت سان مزين ’مفاتيح الجنان‘ ۽ هڪ ٻه دعائن ۽ قرآني سورتن جا ڪتاب خريد ڪيم.دوڪاندار ٻڌايو ته انگريزي ڪتاب توهان کي انصاريان وٽان ملندا. انصاريان ايراني وڏو پبليڪيشن جو ادارو آهي، جيڪو اردو، انگريزي، فرينچ، روسي، آزري ۽ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڪتاب ڇپائي ٿو. ڪافي ٿڪل به هئاسين ۽ وقت به تقريباً رات جا ڏهه ٿيا هئا، تنهن ڪري واپس هوٽل تي آياسين ۽ الله سائين کي ياد ڪري سمهي پياسين.


    جناب سيده فاطمة بنت موسيٰ ڪاظمؑ

    جناب سيده فاطمة بنت موسيٰ ڪاظمؑ

    حضرت معصومه (ع) امام موسيٰ ڪاظمؑ جي وڏي نياڻي آهي. سندن نالو فاطمة ڪبريٰ آهي. سندن ولادت پهرين ذوالقعد 173 هجريءَ ۾ مدينه منوره ۾ ٿي. جڏهن سندن والد امام موسيٰ ڪاظمؑ کي بغداد ۾ شهيد ڪيو ويو ته ان وقت سندن عمر 10 سال هئي. سندن ولادت وقت سندن والد هارون رشيد جي زندان ۾ هئا. امام موسيٰ ڪاظمؑ کي عباسي خليفن ڪيترائي ڀيرا قيد ڪرايو ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري آزاد ڪيو، تنهن ڪري جناب معصومه (ع) کي شفقتِ پدري گهٽ نصيب ٿي.
    سندن تربيت سندن برادر گرامي امام علي رضاؑ جن ڪئي. سن 200 هجريءَ ۾ جڏهن مامون رشيد امام رضاؑ کي مديني مان خراسان زبردستي گهرايو ته امام سائين جن اڪيلا خراسان هليا آيا. حضرت معصومه (ع) هڪ سال کان پوءِ ڀاءُ سان ملڻ خاطر مدينه کان خراسان جو سفر ڪيو. چون ٿا ته ساڻن سفر ۾ پنج ڀائر، ڀائٽيا ۽ ڪجهه ٻانهيون پڻ هيون. جڏهن هي قافلو شهر ساوه ۾ پهتو، جيڪو قم کان 23 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هيو ته اتي جي ماڻهن هن ننڍڙي قافلي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ اٽڪل 23 جوان شهيد ٿي ويا، ڇو ته ساوه جا ماڻهو اهلبيت جا ڪٽر دشمن هئا. سانئڻ معصومه جڏهن اهو منظر ڏو ته سخت پريشان ٿيون ۽ بيمار ٿي پيون. شهر ساوه ۾ غيرامني محسوس ڪندي چيو ته مون کي قم شهر وٺي هلو، ڇو ته مان پنهنجي بابا کان ٻڌو آهي ته قم اسان اهلبيت جي چاهڻ وارن جو مرڪز آهي. اهڙيءَ طرح پاڻ قم ڏانهن رواني ٿي ويون. قم جي ماڻهن کي جڏهن اها خبر پئي ته هو سانئڻ جي استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري آيا. قُم جي هڪ بزرگ هستي موسيٰ بن خزرج اشعري اٺ جون واڳون سنڀاليون ۽ اهڙي طرح پاڻ 201 هجريءَ ۾ قم شهر ۾ وارد ٿيون ۽ موسيٰ بن خزرج جي گهر ترسيون. 17 ڏينهن ترسڻ کان پوءِ پاڻ بيماريءَ جي حالت ۾ هن فاني دنيا مان، 10 ربيع الثاني 201 هجريءَ ۾ خالقِ حقيقي سان وڃي مليون.
    بيبي معصومه جو روضو اڄ ڪلهه وسيع ڪيو ويو آهي. ڪيترائي نوان صحن ٺاهيا ويا آهن. ساڳي طرح نون صحنن ۾ پاڻيءَ جون سبيلون پڻ لڳايون ويون آهن. مون جڏهن پهريون دفعو سن 1991ع ۾ هي حرم ڏٺو هو، ان زماني ۾ ڪو خاطر خواهه زيب ۽ آرائش جو ڪم ٿيل ڪونه هو. ملحقه قبرستان به صاف سٿرو ڪونه هو. گنبذ جي مٿان ڪنجهي جي نيل ۾ ڪنجهي مان ئي ٺهيل سج جي شڪل لڳل هئي، جيڪا ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئي، پر هاڻي اهي سج جون شڪليون گنبذن تان هٽايون ويون آهن. مشهد وانگر هتي به جابجا عڪس داري ممنوع است (يعني فوٽو ڪڍڻ منع آهي) جون پليٽون آويزان هيون. مون کي اڄ ڏينهن تائين اهو به سمجهه ۾ نه آيو آهي، ته سکر بئراج، ڪوٽڙي بئراج ۽ گڊو بئراج جي پلين تي به لکيل هوندو آهي ”فوٽو ڪڍڻ منع آهي“ يا No photography وغيره. اڄ ڪلهه اها ڳالهه مزحقه خيز ۽ کِل جهڙي ٿي لڳي، ڇو ته گوگل ۽ ٻين پروگرامن ۾ انهن سڀني اسٽرڪچرن جا فوٽوز موجود آهن. بهرڪيف انهيءَ ۾ به ڪا رمز رکيل هوندي، جيڪي منهنجي موٽي دماغ جي سوچ کان ٻاهر آهي.
    اڄ تاريخ 6 سيپٽمبر تي اسان کي قم جون زيارتون پوريون ڪرڻيون هيون، تنهن ڪري صبح جو سوير اٿي حرم ۾ نماز فجر پڙهي سين. حرم جي ٻاهران ئي هڪ ريسٽورينٽ تان نيرن ڪري ٽيڪسيون ڪري امامزاده ناصرالدين جي روضي تي جيڪو امام زين العابدينؑ جو پڙپوٽو ٻڌايو وڃي ٿو. زيارت ڪئي سين. ان کان پوءِ امام زاده احمد بن زين العابدينؑ جي زيارت ڪئي سين ۽ هر روضي تي آخر ۾ ٻه رڪعتون نماز زيارت پڙهي سون. ان کان پوءِ امام زاده اسماعيل بن محمد بن امام جعفر صادق (ؑ) جي زيارت ڪري پوءِ آياسين، حضرت موسيٰ مبرقع جي روضي تي جتي ’چهل اختران‘ جو مرقد پڻ آهي. ’چهل اختران‘ معنيٰ چاليهه ستارا يا چهل دختران يعني هتي ’چاليهه سيد زاديون نياڻيون دفن ٿيل‘ آهن. هڪ ڪتبي تي صفوي بادشاهه طهماسپ جو نالو لکيل آهي. پهريان هي هڪ چوڪنڊي چبوتريءَ جي شڪل ۾ هيو، پر حڪومت ايران هاڻي هڪ عاليشان ضريح نصب ڪرائي آهي. سڀ کان پهريان جيڪو شخص هتي دفن ٿيو هو، سو موسيٰ مبرقع هيو. هو هڪ متقي، پرهيزگار شخص هيو ۽ هميشه پنهنجو چهرو مبارڪ ڍڪي هلندو هو، ڇو ته سندس چهري جي کل نازڪ هوندي هئي ۽ سج جي تيز روشني برداشت نه ڪري سگهندي هئي. موسيٰ مبرقع ۽ امام زاده موسيٰ بن جواد (ؑ) جا الڳ الڳ روضا آهن. هاڻي منجهد ٿي وئي هئي، ٽيڪسيءَ واري کي واپس هوٽل جو چيوسين. جنهن اسان کي اسان جي رهائشگاهه تي لاٿو. ڪجهه وقت آرام ڪري مانجهاندو ڪيوسين.
    جيئن ته سڀاڻي اسان کي بغداد لاءِ روانو ٿيڻو هيو. تنهن ڪري قم مان سڀ ڪم ڇڏائڻا هئا. نماز ظهرين مان فارغ ٿي پل آهنچي ڪراس ڪري سڌو روڊ ڏئي هلندا پڇائيندا آخر انصاريان پبليڪيشن وارن وٽ پهتاسين. مون ڪافي ڪتاب انگريزيءَ ۾ خريد ڪيا، جيڪي رسول پاڪﷺ ۽ آئمه طاهرين جي زندگيءَ تي سوليءَ انگلش ۾ لکيل آهن. سڀ کان بهترين ڪتاب جيڪو مون کي وڻيو، اهو هو پنجن فقهن ۾ فروعي اختلاف ڪهڙو آهي يعني جعفري، حنفي، حنبلي، شافعي ۽ مالڪي مڪتبن ۾ بنيادي فقهي ڇا فرق آهي. اهو ڪتاب مان ڪيئي دفعا پڙهي چڪو آهيان ۽ ڏاڍو ڪارآمد ڪتاب آهي. اسان کي هاڻي تمام گهٽ وقت هو، تنهن ڪري خميني صاحب جي رهائش گاهه ڏسڻي هئي، ۽ رات جو ڪجهه پهر مسجد جمڪران ۾ گذارڻو هو. ٽيڪسيون ڪرائي پراڻي قم ۾ آية الله خمينيءَ جي رهائش گاهه تي آياسين، جيڪا هڪ پراڻي طرز جي عمارت آهي ۽ خميني صاحب جي خاندان جي استعمال هيٺ آهي. هي هڪ منزلو سادڙو گهر آهي، جنهن جي مٿان گاري جو ليپو ٿيل آهي. اندر ڪافي جهڳيون ڏسڻ جهڙيون هيون. پر ٿڪاوٽ جي ڪري جلدي موٽڻ واري ڪري هوٽل تي آياسين ۽ ڪجهه دير آرام ڪيوسين. مغربين حرم ۾ ادا ڪري رات جي ماني کاڌيسين ۽ هلياسين مسجد جمڪران ڏانهن، جنهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو. هتي هڪ ڳالهه لکندو هلان ته، جيڪڏهن مان هر هڪ ساٿيءَ جي روزمرهه جي ڪارروائي لکندو هلان ته هي سفرنامو ڏاڍو وڏو ٿي ويندو، تنهن ڪري اهي شيون ته اڄ فلاڻو ۽ فلاڻو پاڻ ۾ وڙهي پيا، اڄ مون کي بخار ٿي پيو. فلاڻي فلاڻي سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. اهڙين ڳالهين کان مون پاسو ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪري فقط مقصد جي ڳالهه ڪئي آهي. اميد ته قارئين منهنجي ان ڳالهه سان اتفاق ڪندا. ذاتي ڳالهين لکڻ سان پڙهندڙ بوريت جو شڪار ٿيندو.


    مسجد جمڪران

    مسجد جمڪران

    مسجد جمڪران قم شهر کان اٽڪل ڇهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. روايتن موجب سترهين رمضان المبارڪ سن 373 هجري مطابق 22 فبروري سن 984 عيسويءَ تي هڪ شخص نالي شيخ حسن بن مصلح جمڪراني جي ملاقات امام زمانهؑ ٿي. ساڻن گڏ حضرت خضرؑ پڻ هئا. امام زمانهؑ جمڪراني کي حڪم ڪيو ته جنهن جڳهه تي اسين بيٺا آهيون، اها پاڪ جڳهه آهي ۽ تون ان جي مالڪ حسن بن مسلم کي اسان جو نياپو ڏي ته هن جڳهه تي مسجد جوڙائي. حسن بن مسلم امامؑ جي حڪم تي سرخم تسليم ڪيو ۽ ٻڌايل جڳهه تي مسجد جوڙائي. هن مسجد جي شهرت ايراني اسلامي انقلاب کان پوءِ وڌي ۽ ڏسندي ڏسندي شيعه اثناعشري دنيا لاءِ هيءَ هڪ عظيم زيارتگاهه ۽ وسيع مسجد ٿي پئي. هن مسجد ۾ اڱاري جي رات نماز مغربين پڙهڻ جو وڏو ثواب آهي. ان کان سواءِ نماز امام زمانه پڙهڻ به تمام وڏو ثواب آهي. جنهن کي ادا ڪرڻ جو طريقو مسجد ۾ رکيل بورڊ تي انگريزي فارسي، عربي وغيره ۾ لکيل آهي. اسان ٽيڪسيون ڪرائي مسجد جمڪران ۾ پهتاسين. هشام ماڻهن جا لٿل هئا ۽ ڪيترائي ماڻهو نماز ادا ڪرڻ ۾ مشغول هئا. مسجد جي توسيع جو ڪم هلي رهيو هو ۽ ٻڌايو ويو ته مسجد جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هتي اندازاً هڪ لک ماڻهو نماز ادا ڪري سگهندا. مسجد جي ڀرسان هڪ کوهه پڻ آهي، جنهن ۾ عرضدار امام زمانهؑ ڏانهن پنهنجيون عريضيون داخل ڪندا آهن. آڪٽوبر 2012ع ۾ جڏهن هن مسجد جي مون ٻيهر زيارت ڪئي ته واقعي وڏي وسيع و عريض رقبي تي مسجد جي توسيع جو ڪم جاري هيو. هزارين گهورڙيا ۽ دوڪاندار اڱاري جي رات جڳهه لاءِ ائين بوڪنگ ڪرائيندا آهن، جيئن اسان وٽ سنڊي بازارن لاءِ بوڪنگ ٿيندي آهي. بهرحال اسان تقريباً رات جو ساڍي نائين يا ڏهين ڌاري فارغ ٿياسين ۽ پنهنجي ٽيڪسي وارن کي هٿ ڪري واپس قم آياسين. ٿڪاوٽ جي ڪري وڃي بسترن ڀيڙا ٿياسين، ڇو ته سڀاڻي تي اسان کي عراق لاءِ اُسهڻو هو، جنهن لاءِ بس جو بندوبست اسان اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو هو.
    7 سيپٽمبر 1997ع تي اسان تقريباً پنجين بجي شام جو بس ۾ سوار ٿياسين ۽ اسان جي اڳين منزل ايراني ۽ عراقي بارڊر هئا. بس هلندي رهي تان ته قم شريف جي حدن کان ٻاهر شاهي رستي تي پهتاسين. روڊ جي ٻنهي طرف جبل ئي جبل هئا، پر ڪٿي ڪٿي پري کان آبادي نظر ٿي آئي. مون جيترو به ايران گهميو آهي، منهنجي خيال ۾ ميداني علائقو چوٿون حصو مَسَ آهي، نه ته پهاڙ ئي پهاڙ آهن.
    اڃا قم کان هڪ ڪلاڪ کن مسافري ڪئي هونديسين ته سائين قمر عباس رڙ ڪئي، ابا عباس گاڏيءَ ۾ چڙهيو الائي نه؟ عباس يعني سندس پٽ، جيڪو ان وقت اٺن سالن کن جو هو ۽ ڏاڍو هوشيار ۽ تيز ٻار هئو. عباس هينئر ماشاءِ الله شام جو فارغ التحصيل آهي ۽ پنجاب ۾ هڪ زبردست مدرسي جو پرنسپال آهي.
    هونئن به سائين قمر عباس صاحب جو ديني درس و تدريس جي حوالي سان لاڙڪاڻي وارن تي وڏو احسان آهي. رائيس ڪينال جي ڪناري تي وسيع ۽ عريض مدرسة ابوالفضل العباس ڇوڪرن لاءِ جنهن جو پرنسپال پاڻ آهي ۽ نياڻين لاءِ مدرسة خديجة الڪبريٰ بهارپور محلي ۾، جنهن جي پرنسپال سائينءَ جي نياڻي آهي، قائم ڪيا آهن. مدرسة ابو الفضل العباس جي زمين ڪنهن ابڙي صاحب هديتاً ڏني هئي ۽ مدرسة خديجة الڪبريٰ جو پلاٽ انجنيئر مختيار علي ميراڻي صاحب هديو ڪيو هو. ٻنهي مدرسن کي قائم ڪرڻ ۾ سائين قمر عباس جون وڏيون ڪاوشون آهن. مدرسن جي تعمير ۾ به لاڙڪاڻي جي ماڻهن مالي تعاون ڪيو ۽ هاڻي به انهن جي ئي تعاون سان هي ٻئي مدرسه عُلماء ڪرام پيدا ڪري رهيا آهن.
    قصو ڪوتاهه هرهڪ پريشان ٿي ويو ته عباس الائي ڪٿي رهجي ويو ۽ هيڏي ساري قم شهر ۾ عباس کي ڪٿي ڳولهبو. انهيءَ شش و پنج ۾ 15 ويهه منٽ کن ٻيا به گذري ويا. اوچتو مون کي خيال آيو ته عباس متان بس جي پوين سيٽن تي لڪي پيو هجي يا سمهي رهيو هجي، ڇو ته اُن وقت هو اهڙيون شرارتون ڪندو هو. ڇا ڏسون ته عباس صاحب بس جي آخر ۾ ڊرائيور جي بستر استراحت تي محوِ خواب آهي. اهو ڏسي سڀني کي سرهائي ٿي ۽ الله سائين جو شڪر ادا ڪيوسين.
    بس هلندي رهي، تان جو سج لهڻ ٻڏڻ وارو ٿيو ته، ڊرائيور مين هاءِ وي ڇڏي هڪ لنڪ روڊ ورتو، مان ڇو ته ڊرائيور جي ڀرسان ويٺو هيس، تنهن ڪري پڇيومانس ”آغا که دَر آن شما ما را دراين راهه کوچک رانندگي هستند“ (آغا هن ننڍي رستي تي تون اسان کي ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃين؟) هن جواب ڏسو ته ”آغا مادرم برزگ من اينجا در رُوستائي کوچک است که دور نيست زندگي مي کند، من مي خواهم برائي ديدن و دست بوسي کردن.“ (منهنجي ٻڍڙي ماءُ هتي هڪ ڳوٺ ۾ رهندي آهي، جيڪو هتان گهڻو پري ڪونه آهي، مان چاهيان ٿو ته ان جي دست بوسي ڪريان) مان بلي يعني ها چيو. ۽ هن بس جي رفتار تيز ڪئي. ڏهن پندرهن منٽن ۾ اسان جي بس ان ڳوٺ ۾ پهتي. ڳوٺ ڇا هيو هڪ جنت جو ٽڪرو هو چوطرف زردالن، آلو بخارن، چيري، آڙو، صوفن ۽ انجيرن جا وڻ هئا. ڳوٺ ۾ ٻاڪرو ۽ ريڍو مال به هيو، پر مجال آهي جو ڪٿي، پلال، ڪُٽو، بُهه يا مال جون ڦونگڙيون هجن. هڪ صاف سٿرو ۽ جنت نظير ڳوٺ هئو. گهر سهڻا ننڍڙا شيشي جي درين سان. بس جي آواز تي ٻار گهرن مان نڪري آيا، اسين به هيٺ لهي بيٺاسون، ٻارن ۽ زالن اسان کي ائين پئي ڏٺو، ڄڻ ڪا آسماني مخلوق هجون، ڇو ته هن ڳوٺ ۾ اڳ ۾ ڪوئي ڌاريون ماڻهو يا ڪنهن ٻئي ملڪ جو ماڻهو آيل هجي ها ته هي اسان کي اهڙين متحير نگاهن سان ڪين ڏسن ها. ڊرائيور پنهنجي والده کي ٻڌايو ته هي پاڪستاني زوار آهن ۽ ڪربلا مقدس جا عازم سفر آهن. مائي ڪربلا جو نالو ٻڌي گريو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اسان کي وڏي پاٻوهه مان مٿي تي شفقت جو هٿ پيري دعائون ڏيڻ لڳي ۽ عرض ڪرڻ لڳي ته جناب سيد الشهداءِؑ کي منهنجا ادب ۽ سلام عرض رکجو. ان کان پوءِ هن چانهن جي صلاح ڪئي، پر اسان کانئس معافي ورتي، موڪلائي دعا لاءِ التماس ڪيوسين. هتي ٻڌائيندو هلان ته صدام جي ايران سان اٺ سالا جنگ دوران ۽ جنگ کان پوءِ ايراني عراقي سفارتي تعلقات معدوم ٿي ويا هئا، تنهن ڪري ايراني ڪربلا، نجف ۽ ٻين عراقي شهرن جون زيارتون نه ڪري سگهندا هئا. تنهن ڪري ايراني عراق ڏي ويندڙ يا موٽندڙ زائرين جي وڏي عزت ۽ توقير ڪندا هئا. هاڻي اسان مين هاءِ وي تي پهچي وياسين. بس پنهنجي مقرر اسپيڊ سان ڪاري ڏامر جي روڊ تي اڏامندي ٿي هلي. ٻاهر اونداهيءَ جي گُرڙ پکيءَ پنهنجا پَرَ کنڊيرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڏسندي ڏسندي ٻاهر ٻاٽ اونداهي ٿي وئي. بتيون فقط تڏهن ٿي نظر آيون، جڏهن ڪنهن ڳوٺ جي ڀرسان ٿي گذرياسون، يا ڪنهن وڏي شهر جي وچ مان هاءِ وي تان ٿي گذرياسون. جن جن شهرن مان گذرياسون، اهي صاف سٿرا، مين روڊ دوراهو، هر چوڪ تي گول باغيچو، ان جي وچ تي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڦوهارا، ماڻهن جي ويهڻ لاءِ بينچون، گل ٻوٽا وغيره هئا. لائيٽنگ جو بندوبست ايترو شاندار جو رات جو شائبوئي نه پئي ٿيو، اسان رستي تي جمال بن امام موسيٰ ڪاظم (ؑ) ۽ محمد بن موسيٰ بن امام جعفر (ؑ) جي روضن جي ڀرسان لنگهياسين، جيڪي روڊ جي ڪناري تي ئي هئا. مان ڪجهه وقت ان تي پئي سوچيو ته رسول اڪرمﷺ جي برقعي مٽائڻ کان پوءِ ڪيئن نه اهلبيت اطهار ۽ انهن جي اولاد تي ظلم، جبر ۽ ستم جا پهاڙ ٽُٽي پيا ۽ اهو سڀ ڪرڻ وارا ٻيا ڪونه هئا، پر خود مسلمان هئا، ڪڏهن اموي بادشاهن جي روپ ۾، ڪڏهن عباسي بادشاهن جي روپ، ڪڏهن ترڪ بادشاهن جي روپ ۾ ته ڪڏهن اڄ ڪلهه جي شدت پسند گروپن جي روپ ۾. خاندانِ اهلبيت تي ايترو ظلم ۽ ستم ٿيندو رهيو، جو ڪي مدينو ڇڏي ايران جي پهاڙن ۾ قيام پذير ٿيا ته ڪي سنڌ ڏي آيا، جنهن جو چٽو مثال غازي عبدالله شاهه آهي، پر کين اتي به بادشاهن سڪون سان رهڻ ڪونه ڏنو ۽ کين شهيد ڪرائي ڇڏيائون. عبدالله شاهه غازي مديني مان سنڌ ۾ آيو، پر هتي به اموين کين ڪونه ڇڏيو ۽ شهيد ڪري ڇڏيو. حضرت عبدالله شاهه غازي امام حسنؑ جا پڙپوٽا آهن ۽ سندن شجرو مبارڪ هيئن آهي. عبدالله شاهه غازي بن محمد نفس زڪيه بن عبدالله محض بن حسن مثنيٰ بن امام حسنؑ بن امام عليؑ. اها اسان سنڌ وارن جي خوشقسمتي آهي، ته هن هستيءَ جو مدفن ڪراچي، سنڌ ۾ آهي. رستي تي جن شهرن مان گذرياسين، انهن ۾ اراڪ، شاهزند، مهرجان ملاير، ڪرمانشاهه، اسلام آباد ۽ قصر شيرين قابل ذڪر آهن. اسلام آباد شهر ۾ گاڏي روڪرائي نماز فجر ادا ڪئي سين، سيپٽمبر جو مهينو هو ۽ ٻاهر ڪافي ٿڌ هئي، وضو ڪندي ڄڻ ڏڪڻي وٺي وئي. نماز فجر مان فارغ ٿي چانهه ڍڪ پي وري رخت سفر ٻڌوسين. گاڏي هلندي هلي، هاڻي اسان شهر قصرِ شيرين پهتاسين. صبح ٿي ويو هو، سج نڪري آيو هو. تنهن ڪري هر شيءِ صاف ۽ سٿري پئي نظر آئي. قصر شيرين شهر به ايران عراق جي جنگ دوران ڪافي تباهه ٿي ويو هو، پر هن وقت نئين سري سان آباد ڪيو ويو آهي. قصر شيرين فرهاد جي شيرين جي نالي سان مشهور آهي. قصر شيرين ڇڏي آخرڪار 8 سيپٽمبر 8 بجي صبح جو ايراني بارڊر خسروي پهتاسين. رستي تي روڊ جي ٻنهي پاسي ڀڳل ٽُٽل ٽينڪون، آرميءَ جون گاڏيون وغيره ڪثير تعداد ۾ نظر آيون، جنهن مان تازو ٿيل جنگ جا آثار نمايان هئا. قصر شيرين ۾ ٻڌايائون ته، فرهاد جي کوٽيل واهي جا آثار موجود آهن، جنهن مان هاڻي به پاڻي وهي ٿو، پر اسان کي وقت نه هو، تنهن ڪري اهو ڏسي نه سگهياسين.


    خُسروي

    خُسروي

    خسروي بارڊر تي ايراني حڪام جون خوبصورت عمارتون ٺهيل آهن. ٿورڙو ئي پريان غسل خانه ۽ W.Cs وغيره آهن. صفائي سٿرائيءَ جو پڻ سٺو بندوبست ٿيل آهي. ايراني بارڊر تان اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئر ڪرائڻ ۾ تقريباً ٻه اڍائي ڪلاڪ لڳي ويا. ٻنهي کاتن جا ڪارندا خوش اخلاق هئڻ سان گڏ جلدي جلدي ڪم اڪلائي رهيا هئا. آخر پاسپورٽ تي ٽپا لڳي مليا ۽ اسان کي هڪ ننڍي گاڏيءَ ۾ ويهاري عراقي بارڊر خانقين تي ڇڏيائون، جيڪو اڌ ڪلوميٽر کن جي مفاصلي تي المنظريه ڳوٺ جي لڳ آهي. هاڻي اسان عراقي گيٽ تي عراق جي سرحد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ قطار ٺاهي بيٺاسين. هتي سخت گرمي هئي، تنهن ڪري هٿ بيگ مان ننڍڙو ٽوال کڻي مٿي تي رکيم ته، جيئن ڏينهن نه لڳي، ڇو ته هينئر تقريباً ساڍا يارهن کن عراقي وقت مطابق ٿيا هئا. اسان حڪم جا بندا عراقي سپاهي جي حڪم تي قطار ٺاهيو بيٺا آهيون، ته جيستائين وڏي ڪنهن صاحب جو آرڊر ملي ته هنن کي اندر ڇڏيو. تقريباً هڪ ڪلاڪ کن هن دوزخ جي بارڊر تي بيٺا هئاسين، جتي لُڪ ۽ جهولي اسان جو منهن ٽامو ڪري ڇڏيو هو. جيستائين عراقي گاڏي اچي ۽ اسان کي اميگريشن لاءِ وٺي وڃي گيٽ تي بيٺل سپاهي صاحب سگريٽ، چانهه، کنڊ، پتي وغيره جي تقاضا ڪئي. مولوي صاحب کي هنن جي ڪرتوتن جي خبر هئي، تنهن ڪري هڪ سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ اگربتين جو هڪ پڙو ان سپاهيءَ کي نذراني طور ڏنو، جنهن ان حقيرندراني تي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪندي بادل نخواسته گيٽ کوليو ۽ اسان سرزمين عراق ۾ داخل ٿياسين. ڏسندي ئي ڏسندي پريان عراقي گاڏي اچي وئي، جنهن ۾ سوار ٿي اسان خانقين جي اميگريشن ۽ ڪسٽم بلڊنگس ۾ پهتاسين. هتي نه مسافرن جي ويهڻ جو بندوبست هيو ۽ نه ئي ڪنهن به قسم جي سهولت. پاڻي پيئڻ لاءِ ڪنهن ڪولر جو به بندوبست ڪونه هو. جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻي پيئڻو هجي ته سڏ پنڌ تي قائم ٿيل هڪ ٻاڪڙا قسم جي ريسٽارينٽ تان پي اچي. سج به ايڏو تکو هجي، جو ڇا ڳالهه ڪجي. اسان کان اڳ ۾ ٻه چار قافله موجود هئا، جيڪي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئر ڪرائڻ ۾ مصروف ۽ پريشان هئا. اسان جي سالار قافله، جنهن کي عربيءَ ۾ رئيس الوفد چيو پئي ويو. اسان جي ٽوئرسٽ ڪمپني ’دله‘ کي اڳواٽ اطلاع ڪونه ڪيو هو، پر اسانجي خوش نصيبي چئبي، جو دله ڪمپنيءَ لاهور جي قافلي کي وٺڻ لاءِ هڪ عاليشان مرسڊيز بس جو بندوبست ڪيو هو، پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو، لاهوري قافلي ۾ جنهن جو سالار سيد سجاد حسين شاهه هو، ۾ به 12 کن ماڻهو مس هئا، تنهن ڪري دله ڪمپنيءَ جي ايجنٽ چيو ته، توهان کي به ساڳي ئي بس ۾ کڻي هلنداسين، ڇو ته بس ۾ ڇٽيهه ماڻهن جي گنجائش آهي، تنهن ڪري شام ملڪ تائين ۽ خانقين واپسيءَ تائين توهان جا ٻئي قافلا گڏي هڪ قافلو ٿا ڪريون ۽ توهانجي رهائش به ساڳي ئي هوٽل ۾ هوندي. لاهوري قافلي سان رسمي تعارف ٿيو. سيد سجاد حسين شاهه هڪ شريف ۽ صابرين سيد هو. ان کان سواءِ ٽي ماڻهو، جن جو ذڪر اڳتي هوندو، قابل ذڪر آهن. هڪڙو هو حيدري صاحب، جيڪو قد جو پورو سارو، ٿلهو متارو، ڪاري قميص ۽ گوڏ ۾ ملبوس، اڇا وار، اڇي ڏاڙهي، اڇا شهپر، عمر رسيده ماڻهو، ٻيو ماسٽر صاحب، ڏينهن رات پينٽ قميص ۾ ملبوس ۽ ٽيون مائي سيده عابده، جيڪا پيشي جي لحاظ کان ٽيچر هئي. سڄي سفر دوران هوءَ مائي اسان سنڌين سان گڏ هوندي هئي، جنهن تي هن کي پنهنجي قافلي وارا چوندا هئا ته آئي آهين اسان سان ۽ سڄو ڏينهن سنڌين سان ٿي زيارتون ڪندي وتين، ته انهن کي چوندي هئي ته، هي ڏاڍا سٺا ماڻهو آهن، هنن وٽ نياڻين لاءِ وڏو احترام آهي، جيڪو توهان ۾ ڪونهي. خير دله ڪمپنيءَ جو ايجنٽ اسانکان پاسپورٽ وٺي اميگريشن آفيس هليو ويو، ۽ اسان کي ظالم ڪسٽم وارن جي حوالي ڪري ويو. ايجنٽ صاحب اميگريشن آفيس ۾ ويٺي ئي اسان کي گهرائڻ کان سواءِ دخول جا ٺپا لڳرايا. اسان کي اميگريشن جي زحمت مان ان ڪري خلاصي ٿي، جو دله ڪمپنيءَ صدام حسين جي پٽ قصي جي هئي، ان ڪري اسان کي اها سهولت ميسر ٿي. جي ٻي ڪمپني هجي ها، ته ڪافي وقت لڳي وڃي ها. باقي ڪسٽم وارن بيهاري بيهاري اسانجا لاهه ڪڍي ڇڏيا. اسان جي بيگن ۽ ٿيلهن مان سامان ڪڍي کنڊيري پئي ڇڏيائون، جيئن ڪُڪُڙِ کوٽهڙو ڪندي آهي. سخت بکئي قسم جا ماڻهو آهن عراقي ڪسٽم وارا، هونئن ته اسان جا پاڪستاني به گهٽ ڪونه آهن. دبئي، سنگاپور، بينگڪاڪ، استنبول، هوسٽن جي فلائيٽ آئي ناهي ڪسٽم وارا توهان کي مستعد نظر ايندا، ۽ انهيءَ تلاش ۾ هوندا ته ڪا وسڪيءَ جي بوتل، پرفيوم، موبائيل وغيره هجي ته تڳايون ۽ جي مالڪ اڙي ڪري، ته ڪيس داخل ڪري، ٽي وي ۽ اخبارن جي زينت بڻجي ته ”ايڪ مسافر ڪي بيگ سي غير ملڪي شراب برآمد ڪسٽم حڪام ني ڪيس داخل ڪر ڪي تفتيش شروع ڪردي هي.“ هتي به ساڳيو ئي قصو هو. عراقي ڪسٽم وارا چون ته، استري، ڪيمرا وغيره هتي جمع ڪرايو، ڇو ته عراق ۾ کڻي وڃڻ تي پابندي آهي. ان کان سواءِ دعائن جا ڪتاب وغيره به بيگن مان ڪڍي بيدرديءَ سان هيٺ پَٽ تي ڦٽا ٿي ڪيائون. مان سڄي رمز سمجهي ويس. چيڪ ڪرڻ واري کي عقيق جي منڊي ۽ پنجاهه کن ڊالر بخشش طور ڏنا، پوءِ ته هو همراهه ٻلهار ٻلهار پيو ٿئي. کِلي کلي مون سان تاڙا پئي ملايائين، ڄڻ منهنجو ڪو عزيز هجي. منهنجي استري، ڪيمرا، رول ۽ ڪتاب واپس ڪيائين، بلڪ چيائين ته، پنهنجن دوستن کي به ڪتاب کڻي ڏي. مان سڀني دوستن کي سندن ڪتاب واپس ڪرايا. ان کان پوءِ هن استري ۽ ڪيمرا منهنجي پاسپورٽ تي چاڙهي ڏني ۽ تاڪيد ڪيائين ته واپسيءَ ۾ اهي شيون موجود ضرور هجن، نه ته ڪسٽم وارا توکي تنگ ڪندا. دل ۾ چيم ته مون هاڻي ترڪيب تيرهين سمجهي ورتي آهي، تون اُلڪو نه ڪر!
    هاڻي مرحلو هيو ايڊز ٽيسٽ جو، جيڪو ڍڪوسلي کان سواءِ ۽ ڊالر ڪمائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هيو. اسان کي ٻڪرين جي ڌڻن وانگر هڪ ڦٽيچر قسم جي اسپتال ۾ وٺي ويا، جتي اڻ ڄاڻ ڊاڪٽرن ڏاڍي بيدرديءَ سان رت ڪڍيو ۽ انهيءَ ٽيسٽ لاءِ في ماڻهو پنجاهه ڊالر ۽ هڪ ڊالر في ماڻهو بارڊر کان اميگريشن آفيس تائين آڻڻ جو ورتو. ان کان سواءِ 5 ڊالر بخشش طور ورتا، جنهن جي ڪائي به رسيد نه ڏني وئي. ڊاڪٽرياڻيون ۽ نرسون اسڪرٽ ۾ ملبوس هيون، پر شائسته قسم جون عورتون هيون. سندن رويو دوستاڻو هيو. اهو مرحلو به خير سان پورو ٿي ويو ۽ هاڻي اسان جو دله ڪمپنيءَ جو ايجنٽ اسان کي مهمان طور منجهند جو ويلو کارائڻ لاءِ ريسٽورينٽ تي وٺي ويو. ريسٽورينٽ هڪ عام قسم جي هئي ۽ کاڌي ۾ چانور، ڪباب، ماني ۽ واڱڻن جو ٻوڙ پيش ڪيو ويو. جيستائين ماني ٽيبل تي لڳي، مان انهيءَ تي پئي سوچيو ته ايڊز ٽيسٽ جي رزلٽ ائين منٽن ۾ ته ڪانه ٿيندي آهي. هنن ته سڀني مسافرن جي اينٽري يعني دخول عراق ۾ ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي واقعي خدانخواسته ايڊز هجي ته هنن جي ٽيسٽ جو بندوبست ڪرڻ ته اجايو هو. مطلب ته انهيءَ طريقي سان عراقي حڪومت لکين ڊالر پئي ڪمايا، ڇو ته صدام جي غلط پاليسين جي ڪري عراق جي مٿان اقوام متحده، واپاري، هوائي، امپورٽ ايڪسپورٽ وغيره جون پابنديون عائد ڪري ڇڏيون هيون. عراق انهيءَ ڪري تيل برآمد نه پئي ڪري سگهيو، انهيءَ ڪري غير ملڪي ناڻي جا ذخيرا تمام گهڻو گهٽجي ويا هئا، تنهن ڪري هنن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڊالر پئي ڪمايا. حالانڪه ايران سان عراقي سفارتي تعلقات ڪونه هئا، پر هندستاني پاڪستاني زائرين لاءِ بارڊر به انهيءَ مقصد لاءِ کوليو ويو هيو، جيئن ناڻو ڪمائجي. ڪجهه سال پهريان بارڊر بند هئڻ جي ڪري ويچارا پاڪستاني زائرين ترڪي ۽ اردن وسيلي عراق ۾ داخل ٿيندا هئا، جيڪو سفر ڊگهو ۽ تمام گهڻو ٿڪائيندڙ هوندو هو.
    ماني کائي فارغ ٿي، ريسٽورينٽ تي ئي پنهنجي سامان سان گڏ بس جو انتظار پئي ڪيوسين ته ڳپل وقت کان پوءِ اسان واري بس آئي. بس ڪشاده ۽ سيٽون بهترين يعني ايڊجسٽبل هُيون، جيڪڏهن ڪوئي چاهي ته ٻنهي سيٽن جي وچ وارو فاصلو وڌائي به سگهيو ٿي، جيئن هڪ ٻئي کي سوڙهاڳ نه ٿئي، يعني سائيڊ سلائيڊنگ سسٽم هو، ان کان سواءِ سيٽ جي بئڪ پڻ ڪافي پوئتي ٿي سگهي پئي، جيئن ماڻهو آرام ڪري سگهي. بس ۾ سامان چاڙهيو ويو ۽ هاڻي اسان وارو قافلو ۽ لاهور وارو قافلو ملائي هڪ ڪيو ويو. مون کي ڊرائيور جي ڀرسان ئي اڪيلي سيٽ ڏني وئي ۽ ائين عراقي وقت مطابق تقريباً اڍائي بجي منجهند جو ڪربلا لاءِ روانا ٿياسين. بس ۾ اسان جو گائيڊ جنهن جو نالو خطاب عبدالجبار هيو، پڻ سوار ٿيو، جيڪو گائيڊ گهٽ ۽ ايجنسين جو ماڻهو وڌيڪ هو. خطاب ٿوري ٿوري انگريزي ڏکيائي سان سمجهيو ٿي باقي ڳالهائڻ ۾ صفا ڪورو ڄٽ هو. ڪو ڪو انگريزي لفظ عربي انداز ۾ منهن مبارڪ مان ڪڍيائين ٿي نه ته خير. بس جو ڊرائيور. ڊرائيور گهٽ ۽ سينڊو وڌيڪ ٿي لڳو، بدتميز، وڏو بي هودو، هٺيلو ۽ خودسر هيو. پاڻ کي ڪجهه سمجهيائين ٿي ڄڻ عراقي حڪومت هن کان سواءِ نه ٿي هلي سگهي. هڪ ته گاڏي سست رفتاريءَ سان ٿي هلايائين، ٻيو ته مسافرن کي عربيءَ ۾ چهڙون ڏيندو ٿي هليو ڄڻ زائرين هن جي پيءُ جي ڪمداري ڪندا هجن. ان کان سواءِ وڏي آواز سان عربي گانا ٻڌندو ٿي هليو ۽ منهنجي بار بار آواز گهٽ لاءِ چوڻ جي باوجود ڪونه ٿي مڙيو. اسان جو ڪاروانِ حسيني هاڻي بغداد وڃڻ واري مين هاءِ وي تي چڙهيو. رستي تي ڳوٺ، وسنديون ۽ ٻنهي پاسن جا نظارا سنڌ وانگر ٿي لڳا. ماڻهن جون شڪليون به سنڌين جهڙيون پئي لڳيون. هر ٻيو ماڻهو وڏن شهپرن سان نظر آيو. جيڪي خضاب سان نڀور ڪارا ٿي نظر آيا. اسان جي هن سست ۽ واهيات ڊرائيور تقريباً ساڍي چئين وڳي ڌاري اسان کي بغداد پهچايو، جتي مرڪزِ شهر ۾ وڃڻ کان سواءِ ئي اسان ڪربلا لاءِ روانا ٿياسين. بارڊر کان بغداد تائين روڊ جي ٻنهي پاسن تي هزارين تباهه ٿيل ٽينڪون، گن مشينون، ٽرڪون، جيپون ۽ الائي ته ڪهڙو جنگي سامان پکڙيو پيو هيو. چون ٿا ته ايران عراق جنگ ۾ اهو سڀ سامان ايران جي جنگي جهازن تباهه ڪيو. والله اعلم بِصواب. هاڻي اسان بغداد ڪربلا هاءِ وي تي هياسين ۽ رستي تي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن مان لنگهياسين، جن مان محموديه، اسڪندريه، حله ۽ جناب عون بن عبدالله بن جعفر طيار جي روضي وارو ڳوٺ قابل ذڪر آهن. حضرت عون بن عبداللهؑ جناب زينب بنت عليؑ جا فرزند آهن. معرڪه ڪربلا وقت سندن عمر مبارڪ نوَن سالن جي لڳ ڀڳ هئي. پاڻ جنگ ڪندا امام حسينؑ جي نظرن کان اوجهل ٿي ويا ۽ تقريباً 9 ڪلوميٽر پري جنهن جڳهه تي سندن روضو آهي، جام شهادت نوش فرمايائون. سندن ٻيو ڀاءُ محمد امام عالي مقام حسين بن عليؑ جي روضي ۾ گنج شهداءَ ۾ رکيل آهن، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. گاڏي سست رفتاريءَ سان هلندي رهي، آخر ستين بجي عراقي وقت مطابق داخل ڪربلا ٿياسون. روڊ تان جيئن ئي امام عالي مقام جي حرم تي نظر پئي، بي اختيار اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳاسين، ۽ مولا جي غريب الوطني، بي وسي، ساڻن اشقياجي ٿيل ظلمن تي گريو ۽ سينه ڪوبي ڪرڻ شروع ڪئي سين. هر اک اشڪبار ٿي وئي. بس جو ماحول غمِ حسينؑ ۾ تمام گهڻو سوڳوار ٿي ويو. سائين قمر عباس نقوي صاحب بس ۾ بيهي ننڍڙي مجلس پڙهي ۽ مصائب بيان ڪيا. مون مولا جي روضي تي نظر پوندي ئي گريي ۽ سينه ڪوبي سان گڏ دعائون گهريون، جيڪي الحمد الله سڀ جون سڀ پوءِ مستجاب ٿيون. هاڻي اسين ڪربلا شهر ۾ هئاسين، جنهن جي سڪ ايامن کان دل ۾ سانڍيل هئي. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي هٿ لائي به ڏٺم، ته حقيقتاً ڪربلا منجهه آهيان، يا ڪو خواب آهي پر خير سان پڪ ٿي ته مولا حسينؑ سيد الشهداءَ مون کي گهرائي مهمانيءَ جو شرف بخشيو آهي.
    ڪربلا ۾ اسين بس ۾ ئي ويٺا هئاسين، ته اسان وارو ايجنٽ ٻه چار هوٽل ڏسي آيو ۽ آخر هوٽل رساله ۾ قيام جو بندوبست ڪيائين، ڪمرا ايئرڪنڊيشنڊ هئا ۽ رسيپشن وارا ۽ ٻيو عملو ملنسار ۽ خُوش اخلاق ماڻهو هئا، تنهن ڪري اسان به بسم الله ڪري ٽپڙ لاهي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ رکياسين. ڪمرن ۾ غسل ڪري ٻيا ڪپڙا پائي، گريبان چاڪ اگهاڙي پيرين حرم امام حسينؑ ڏي روانا ٿياسين. مولا جي اهڙي طريقي سان زيارت جو وڏو ثواب آهي ۽ اها سنت خانواده رسولﷺ جي ڇهين امام جعفر صادقؑ جن جي آهي. روضي ۾ اندر داخل ٿيڻ سان ڪيفيت اهڙي ٿي وئي، جا بيان کان ٻاهر آهي. هتي به ورائي ورائي ڏٺم پئي ته مان ڪوجهو، ڪنو، عيبدار، گناهه گار واقعي سرڪار جي ضريح کي چنبڙي اوسارا ڪڍي رهيو آهيان. ”ڪهان مين ڪهان يه مقام“... اها مولا حسينؑ جي ڪرم نوازي آهي، جو مون جهڙي گناهگار کي گهرايو هئائون ۽ ان کان پوءِ به گهرائيندا رهيا آهن. حرم جي اندر جيڪا گريه زاري ٿئي ٿي، اها قلم ۽ قرطاس جي بيان کان ٻاهر آهي. سائين قمر عباس هڪ مجلس پڙهي ۽ ان کان پوءِ گنج شهيدان جنهن ۾ هاشمي ۽ غير هاشمي شهداءَ بمع مولا قاسم بن حسنؑ محو خواب آهن، جي زيارت ڪئي سين. جناب سيد شهداؑ جي هڪ پاسي سندن اکين جو نور علي اڪبرؑ ۽ ٻئي پاسي باب الحوائج جناب علي اصغرؑ ساڳي ئي ضريح ۾ محو خواب آهن. گنجِ شهيدان جي زيارت کان اڳ ۾ سيد الشهداءَؑ جي ضريح مبارڪ جو طواف ڪيوسين. ان کانپوءِ مقتل گاهه جناب سيد الشهداءَ تي گريو ڪيوسين. حرم پاڪ ۾ اندر ئي مدفون حضرت حبيب ابن مظاهرؑ ۽ حضرت ابراهيم مجواب جي زيارت پڻ ڪئي سين. ان کانپوءِ جيئن ئي نماز پڙهڻ شروع ڪئي سين ته خدا من بجلي بند ڪرڻ شروع ڪئي، ڇو ته رات جا ڏهه ٿيڻ وارا هئا ۽ عراقي اوقاف جي نادري حڪمن موجب رات جو ڏهين بجي سڀ روضا قائم ڪيا ويندا آهن يعني بند ڪيا ويندا آهن ۽ تهجد جي اذان مهل کلندا آهن. حرم امام حسينؑ مان نڪري حرم جناب عباس علمدارؑ ۽ تله زينبؑ جي ٻاهران ئي زيارت ڪئي سين. انهيءَ کانپوءِ هڪ ريسٽورينٽ تي ڪباب ۽ اڌ پڪل ٽماٽن ۽ کيري يعني ونگي جي سڪل اچار سان ماني کائي هوٽل تي آياسين، ۽ ٿورڙي گهڻي گفتگو کان پوءِ سمهي رهياسين. هتي ٻڌائيندو هلان ته حرم امام حسينؑ ۽ حرم غازي عباس علمدار جي وچ تي گهر هوندا هئا، جيڪي حڪومت روضن جي توسيعي پروگرام تحت ڊاهي هڪ شاهي روڊ ٺاهيو آهي، جتي ٻئي حرم هڪ ٻئي جي سامهون آب و تاب سان بيٺا آهن ۽ هڪڙي تمام سهڻي روح پرور ۽ پرنور نظاري جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.
    سڀاڻي يعني 9 سيپٽمبر جي ڪارگذاري کان اڳ هنن پاڪ هستين ۽ پاڪ جڳهين جو مختصر تعارف ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان، جيئن پڙهندڙ واقعه ڪربلا جي تاريخ کان ڪنهن حد تائين واقف ٿين ۽ ڄاڻ حاصل ڪن.


    ڪربلا

    ڪربلا

    اڄ ڪلهه جو ڪربلا شهر هڪ جديد ۽ خوبصورت شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ويڪرا روڊ خوبصورت جايون ٺاهيون ويون آهن. هتي فائيو اسٽار هوٽلن کان وٺي عام هوٽل موجود آهن، جيڪي سڄو سال زائرين سان ڀريا پيا هوندا آهن. حرمين جي اطراف ۾ کوڙ ننڍا ننڍا هوٽل موجود آهن، جيڪي زائرين جي قليل بجيٽ مان به مليو وڃن. هر زوار جي اها خواهش هوندي آهي ته هوٽل حرمين جي ڀرسان هجي، جيئن پنڌ ئي پنڌ وڃي روضن جي زيارت ڪجي ۽ نماز ادا ڪجي. بسن جي داخلا شهر ۾ بند آهي، تنهن ڪري بسون تقريباً منو ڪلوميٽر کن پري بيهاريون وينديون آهن ۽ اتان گاڏڙن تي سامان رکي هوٽل تي پهچبو آهي. اهڙا گاڏا ڪثير تعداد ۾ موجود هوندا آهن ۽ مزدور اجرت تي سامان کڻندا آهن. ڪربلا دشت نينوا جي وچ تي آهي. چون ٿا واقعه ڪربلا ۽ شهداءَ جي تدفين کان پوءِ هن شهر جو نالو ڪرب و بلا هيو، يعني تڪليف ۽ مصيبت وارو شهر، جيڪو اڳتي هلي ڪربلا جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. شروع ۾ ته ڪربلا هڪ ننڍي ڳوٺ وانگر هيو، بلڪ سن 1936ع جي تصويرن ڏسڻ سان پڻ معلوم ٿو ٿئي، ٻنهي روضن جي وچ تي ۽ چوڌاري هڪ منزله ڪچا گهر هئا.
    حضرت امام حسين (ؑ) جڏهن 2 محرم سن 61 هجريءَ ۾ هن سرزمين تي تشريف کڻي آيا ۽ قيام فرمايائون ته پاڻ پڇيائون ته هي زمين ڪنهن جي آهي؟ جواب مليو ته بنو اسد قبيلي جي آهي. پاڻ 60000 (سٺ هزار يا ڇاونجاهه هزار) درهمن جي عيوض بنو اسد قبيلي کان 28 چورس ميل زمين سندن فرزند حضرت علي اڪبر (ؑ) جي نالي تي خريد ڪيائون ۽ وري بنو اسد قبيلي کي ئي هبه ڪيائون انهي شرط تي شهداءَ ڪربلا جا جسم مبارڪ هتي ئي دفن ڪندا. يعني تقريباً سڄو ڪربلا جو شهر امام عالي مقام جو خريد ڪيل آهي. 12 محرم تي بنو اسد قبيلي جي سرڪرده ماڻهن ڪن شهداءَ جي تجهيز، تڪفين ۽ تدفين ڪئي. انهيءَ ڪري بنو اسد قبيلو ظالمن جي عتاب هيٺ رهيو. بنو اسد جي ماڻهن جي گهرن ۾ ڪاڪوس ڪونه هوندا هئا ۽ هو رفع حاجت لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري ويندا هئا، جيئن شهر ڪربلا جي تعظيم ۽ توقير رهي. هن وقت ڪربلا هڪ عظيم الشان شهر آهي، جنهن ۾ گرين بيلٽ ويڪرا روڊ وڏا وڏا هوٽل شاپنگ مال وغيره آهن. روضن جي اطراف ۾ بنو اسد قبيلي جا ماڻهو رهن ٿا ۽ سندن دوڪان آهن. صدام کان پوءِ هن شهر وڏي ترقي ڪئي آهي. مکيه روڊ دوراها ۽ چوڪ خوبصورت ڪيا ويا آهن. تمام وڏيون عمارتون ۽ هوٽل زير تعمير آهن. هتي ڪيترائي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن. فائيو اسٽار ۽ فور اسٽار هوٽل به جام آهن. شهر ۾ هر قسم جون ڪارون، بسون ۽ ٻيون اڪيچار گاڏيون روان دوان هونديون آهن. اڄوڪي ڪربلا کي هڪ ماڊرن شهر چئي سگهجي ٿو.


    امام حسين

    امام حسين

    سندن نالو مبارڪ حسين بن عليؑ آهي. سندن والد مولائي ڪائنات عليؑ جن ۽ والده سيدة النساء العالمين سائڻ فاطمة الزهرا جن آهن. سندن ولادت 3 شعبان المعظم سن 4 هجري مديني منوره ۾ ٿي. خانواده رسولﷺ جا پاڻ ٽيون نمبر امام آهن. رسولِ خدا (ﷺ) جي سائي هيٺ سندن ڇهه ساله زندگي گذري ۽ کانئن علم ۽ اخلاق حسنه سکيا. رسولِ الله (ﷺ) پنهنجي زندگيءَ ۾ صحابه ڪرام جي اڳيان ڪيترائي دفعه امام حسنؑ۽ امام حيسنؑجي فضيلت بيان ڪئي ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿي چوندا هئا ته حسنؑ۽ حسينؑٻئي امام آهن، چاهي حالت جنگ ۾ هجن يا صلح ڪندا هجن. توهان جي مٿان لازم آهي ته جڏهن هو مدد لاءِ سڏن ته، توهان کي لبيڪ ڪرڻو آهي. والده ماجده جو سايو به سندن مٿان فقط ڇهه سال ئي رهيو. سن 40 هجريءَ ۾ جڏهن مولا عليؑ جي شهادت ٿي ته سندن ذميوارن ۾ واڌارو اچي ويو. پاڻ هر مرحلي تي پنهنجي مربي ڀاءُ امام حسنؑ سان ها ۾ ها ملائيندا هئا. سن 50 هجريءَ ۾ جڏهن امام حسن المجتبيٰ جي شهادت ٿي، مسلمانن جي رهنمائي ۽ امامت جي ذميواري، سندن مبارڪ ڪلهن تي پئي. حضرت معاويه جو جڏهن زاني، شرابي، ظالم ۽ ناخلف ملعون پٽ يزيد تخت تي ويٺو ته هن کلم کلا اسلامي احڪامات جي خلاف ورزي شروع ڪري ڏني ۽ اسلامي قانونن جي مذاق اڏائڻ شروع ڪئي. ۽ امام حسينؑ کان بيعت جو مطالبو ڪيائين. اهو ممڪن ئي ڪونه هو ته امام حسينؑ جهڙي متقي، پاڪ، پاڪيزه هستي اهڙي فاسق و فاجر جي بيعت ڪري. بيعت معنيٰ يزيد ملعون جي حڪومت کي صحيح مڃڻ، تنهن ڪري پاڻ يزيد جي اڳيان سر جهڪائڻ قبول نه ڪيائون. انهيءَ جرم جي پاداش ۾ امام حسينؑ کي سندن ٻارن ٻچن، ساٿين ۽ اصحابن سوڌو ٽن ڏينهن جو بکيو ۽ اڃو، 10 محرم سن 61 هجريءَ ۾ شهيد ڪيو ويو. يزيدي لشڪر جو سپهه سالار عمر بن سعد بن ابي وقاص هو ۽ ابن زياد ڪوفي جو گورنر هو، تن امام عاليمقام جي جوانن عمر رسيده ساٿين سان گڏ سندن ڇهن مهيني جي فرزند علي اصغرؑ کي به شهيد ڪرايو. امام حسين عليه سلام خانواده رسول اڪرم صلي الله عليه وآلھ وسلم جي اها گرانقدر هستي هئا جو هڪ ڀيري جڏهن آقاءِ دوجهان مسجد نبوي ۾ نماز پڙهائي رهيا هئا ۽ سجدي ۾ مشغول هئا ته حسين عليه السلام سندن پٺي مبارڪ تي چڙهي ويٺا. تاريخ گواهه آهي ته سرڪارِ دوجهان ايستائين سجدي کي طويل ڪيو جيستائين حسين عليه سلام پاڻ سندن پُشت مبارڪ تان نه لٿا. ابن حريب راوي آهي ته هڪ دفعي حضرت عبدالله ابن عُمر رضه جن ڪعبت الله جي ڇانوَ ۾ ويٺا هئا ته سامهون کين امام حسين عليه سلام ايندي نظر آيا، پاڻ ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيائون ته هي شخص يعني حضرت امام حسين عه اهل آسمان وٽ تمام اهل زمين کان وڌيڪ محبوب ۽ پيارو آهي. حضرت انس بن حارث رضه صحابي رسول صه کان روايت آهي ته هڪ دفعي حسين عليه سلام نبي خدا صه جي گود ۾ ويٺا هئا، پاڻ کين پيار ڪري رهيا هئا ۽ غمگين به هئا. پاڻ فرمايائون ته ڏس هي منهنجو ٻچڙو “حسين عه” ڪربلا نالي برپٽ بيابان ۾ ٽن ڏينهن جو بکيو ۽ اڃيو ڪٽنب سوڌو مسلمانن جي هٿان شهيد ڪيو ويندو. ڏس، جيڪڏهن توهان مان ڪو به اُن وقت موجود هجي ته هن جي مدد ۽ نصرت ضرورت ڪري.


    امام حسين جي روضي جي تاريخ

    ڪربلا شهر بغداد کان 100 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. پهريان هي هڪ صحرائي علائقو هو، جيڪو ڪنهن خاص اهميت جو حامل نه هو. حالانڪه سندس ڀرسان نهر فرات وهندي هئي ۽ ان مان هڪ شاخ القمه نالي ڪربلا مان گذرندي هئي. جڏهن امام عاليمقام ڪربلا ۾ پهتو ته يزيدي گورنر عبيدالله ابن زياد ملعون جي فوجن عمرو سعد ملعون جي سربراهيءَ ۾ امام عاليمقام جي سَوَ يا سوا سَوَ فردن تي مشتمل قافلي، جنهن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ هيون، جو گهيرو ڪيو. امام جن پڇيو ته، هي ڪهڙو علائقو آهي؟ کين ٻڌايو ويو ته ڪربلا ۽ پاڻ فرمايائون ڪرب و بلا يعني تڪليف ۽ مصيبت جي جڳهه. جيئن اڳ ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته پاڻ بنو اسد قبيلي کان زمين خريد ڪري اتي ئي خيما کوڙيائون ۽ بني اسد جي سرڪرده ماڻهن کي تاڪيد ڪيائون ته کين ۽ سندن اهلبيت ۽ اصحاب کي هتي ئي دفن ڪندا. ڪربلا کي ماريه، العذيريا، نينوا ۽ شط الفرات پڻ چيو ويندو هو. ڪربلا ۾ روضن جي تعمير ۽ تباهيءَ جو وڏو داستان آهي. ٻئي حرم يعني امام حسينؑ ۽ غازي عباس علمدار جا ڪيترن ئي حڪمرانن تعمير ڪرايا ۽ توسيع ڪئي، پر ڪيترن ئي ملعون حڪمرانن ڊاهي نيست و نابود ڪري ڇڏيا. ڪربلا جي تعمير ۾ گهڻو ڪري ايراني بادشاهن جو هٿ رهيو آهي.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪيترن ئي حڪمرانن روضن جي توسيع تزئين و آرائش ڪرائڻ جي سعادت حاصل ڪئي. ايراني بادشاهه فتح علي قاچار، سن 1250 هجريءَ ۾ ٻنهي تربتن جي مٿان عظيم الشان روضن جوڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ ذاتي طرح تعمير جي نگراني ڪندو رهندو هو. امام حسينؑ جو روضو تقريباً 27 ميٽر اوچو آهي، ۽ سڄو سون جي ٽائيلن سان ڍڪيل آهي. هيٺ روضي جي چوگرد ٻارهن وڏيون دريون يا طاق آحن، جيڪي هڪ ٻئي کان 1.25 ميٽر پري آهن، ۽ هر هڪ دري 1.30 ميٽر ويڪري آهي. اسان جڏهن 1997ع ۾ ڪربلا ۾ آياسين، روضن جي خسته حالي ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو. صدام جيڪو لامذهب قسم جو ماڻهو هو، ۽ اهلبيت جو ڪٽر دشمن هو، تنهنڪري کيس حرمين سان ڪا به دلچسپي ڪانه هئي، جو انهن جي مرمت ڪرائي. صحن جو سنگمرمر جو فرش ڀڳو پيو هو. امام جي روضي جي ڀتين تي جابجا گولين جا نشان موجود هئا، جن کي وائيٽ سيمنٽ ۾ سائو رنگ ملائي بند ڪيو ويو هو، ڇو ته اندرين ڀتين تي سائو ماربل لڳل آهي. بنو اسد قبيلي جڏهن صدام جي مخالفت ۾ جلوس ڪڍيو هو، انهيءَ کي روڪڻ لاءِ هن ملعون گوليءَ جو آرڊر ڏنو هو، ماڻهن وڃي امام جي حرم ۾ پناهه ورتي هئي، پر هن اتي به گولي هلرائي هزارين ماڻهو شهيد ڪرايا هئا.
    اڄڪلهه ٻنهي حرمن ۾ تمام گهڻي توسيع ڪئي وئي آهي. فرش بدلايا ويا آهن ۽ ٻئي روضا سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ ڪيا ويا آهن. صحنن کي ڍڪي ايئرڪنڊيشنڊ ڪيو ويو آهي. اندر مختلف قسم جا خوبصورت جهاڙ فانوس، شينڊليئر ۽ لائيٽ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ٻنهي حرمن کي ڳنڍڻ واري رستي کي به خوبصورت بڻايو ويو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسي کجيءَ جون قطارون، گل، ٻوٽا ۽ لائيٽنگ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.


    غازي عباس علمدارؑ

    غازي عباس علمدارؑ

    سندن نالو عباسؑ۽ لقب علمدار آهي. سندن والد گرامي امام عليؑ ۽ والده ماجده فاطمهؑ بنت حزام بن خالد بن ربيعه ڪلابيه آهي. جِن جو لقب اُم البنين آهي. عباسؑ جي ولادت مبارڪ 4 شعبان 26 هجري ۾ مديني منوره ۾ ٿي.
    حضرت فاطمه ڪلابيه سان حضرت عليؑ ان ڪري شادي ڪئي، جو سندن خاندان عربستان جي بهادر ۽ شجاعت وارو خاندان هو. حضرت عباسؑجناب ام البنين جا پهريان فرزند هئا. ان کان سواءِ عباس علمدارؑ کي ٽي ٻيا به ڀائر هئا، جن جا نالا عبدالله عه، جعفرؑ۽ عثمانؑهئا. اهي ٽيئي ڄڻا به ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ٿيا. حضرت فاطمه ڪلابيهؑ کي چئن پٽن جي نسبت سان فاطمه ڪلابيه ام البنين سڏيو ويندو هو. حضرت عباس علمدارؑحضرت امام حسن ۽ امام حسينؑ جن سان گڏ پنهنجي والد گرامي ابو تراب باب العلم، لحمِ رسولﷺ، جسم رسولﷺ، نفسِ رسولﷺ علي بن ابي طالبؑجن کان ورتي.
    حضرت عباس علمدارؑ جن ارڙهن سالن جي عمر ۾ دور امامت امام حسنؑ ۾ حضرت عبدالله ابن عباس﷦ جي نياڻي لبابه سان شادي ڪئي. عبدالله ابن عباس حديثن جو راوي مفسر قرآن ۽ امام عليؑ جي بهترين شآگردن منجهان هو ۽ سندن سئوٽ پڻ هئو. حضرت عباس علمدار کي ٻه فرزند تولد ٿيا. هڪ عبيدالله ۽ ٻيو فضل، جيڪي بعد ۾ تمام وڏا علماءَ ٿي گذريا آهن.
    حضرت عباس علمدار، جن مديني ۾ ئي بني هاشم قبيلي ۾ رهندا هئا، ۽ امام حسينؑ سان سدائين گڏ هوندا هئا. پاڻ سڄي زندگي پنهنجي مربي ڀاءُ امام حُسينؑ جي خدمت ۾ رهيا. بني هاشم کان علاوه سڄي مديني ۾ سندن وڏو رعب ۽ دٻدٻو هوندو هو. پاڻ بني هاشم جي ٽيهن جوانن سان گڏ امام حسنؑ۽ امام حسينؑسان گڏوگڏ رهندا هئا ۽ هر وقت سندن دفاع ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا.
    معاويه جي وفات کان پوءِ جڏهن وليد جيڪو مديني جو گورنر هئو، يزيد جي بيعت لاءِ امام حسينؑ کي دارالخلافه گهرايو ته، بني هاشم جا ٽيهه جوان حضرت عباس علمدار جي قيادت ۾ امام حسينؑ سان گڏ آيا ۽ امام عاليمقام جي حڪم موجب ٻاهر انتظار ڪندا رهيا، ته جيڪڏهن امام جو حڪم ٿئي ۽ ضرورت پئي ته امام عاليمقام جو دفاع ڪيون.
    جڏهن امام عالي مقام مدينه کان هجرت جو فيصلو ڪيو ته حضرت عباس علمدار به ساڻن گڏ رهيا. پهريان مڪي ۾ پوءِ ڪربلا تائين قافله حسيني حضرت عباس علمدار جي نگرانيءَ ۾ هلندو رهيو.
    ڪربلا ۾ دشمنن حضرت عباس علمدار کي امان جي بهاني دوکو ڏيڻ چاهيو ته، جيئن امامؑجو ساٿ ڇڏي وڃي. پر هن غيور والد جي غيور فرزند فرمايو ته، مان توهان جي انهيءَ امان تي لعنت ٿو ڪيان، جنهن ۾ فرزندِ زهرا نه هجي. ڪربلا ۾ حضرت عباسؑپرواني وانگي امام جي چوگرد چڪر ڪاٽيندو رهيو. جيئن امام عالي مقام کي ڪوئي گزند نه پهچي.
    ميدانِ ڪربلا ۾ حضرت عباس علمدار اهڙي ته ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ اهلبيت اطهار تي پنهنجي جان جو نذرانو اهڙيءَ طرح پيش ڪيو، جو جيستائين دنيا قائم آهي، وفا، غيرت ۽ شجاعت عباس علمدارؑسان منسوب ٿي وئي. پاڻ 10 محرم سن 61 هجريءَ ۾ روز عاشوره امام حسينؑ تي پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي ۽ جامِ شهادت نوش فرمايائون.


    حضرت علي اڪبرؑ

    حضرت علي اڪبرؑ

    سندن نالو مبارڪ عليؑهو. پاڻ امام حسينؑ جي ٽن فرزندن مان وچ تي آهن. تنهن ڪري کين علي اوسط چيو ويندو هو، يعني علي (وچون). (1) امام علي زين العابدينؑ، (2) جناب علي اڪبر ۽ (3) علي اصغرؑ. علي اڪبر (ؑ) جي عمر مبارڪ ارڙهن سال ۽ علي اصغرؑ جي ڇهه مهينا هئي، جو ڪربلا ۾ شهيد ٿيا. جيئن ته ڪربلا ۾ امام حسينؑ جا ٻه فرزند شهيد ٿيا. تنهن ڪري بعد ۾ هڪ کي علي اڪبرؑ۽ ٻئي کي علي اصغرؑچيو وڃي ٿو. امام زين العابدين الله سائين جي مرضيءَ سان دشمنن کان محفوظ رهيا، ڇو ته نسل امامت امام زين العابدينؑ کان هلڻو هو.
    علي اڪبرؑ11 شعبان المعظم 42 هجريءَ ۾ مديني ۾ تولد ٿيا. سندن والده جو نالو اُم ليليٰ بنت ابو قره بن عروه بن مسعود ثقفي هو. جناب اُم ليليٰ جو والد بنو ثقيف قبيلي جو هڪ بزرگ ۽ شريف النفس انسان هو. حضرت علي اڪبرؑ جي صورت مبارڪ رسول پاڪﷺ جن جهڙي هئي، سندن اخلاق ۽ ڪردار رسول پاڪ جي ياد ڏياريندو هو.
    حضرت علي اڪبرؑموت کان ڪڏهن به نه ڊنا. هڪ جاءِ تي پنهنجي والد گرامي امام حسينؑ جن کي مخاطب ٿي چيائيون ته بابا اسان کي ان جي ڪائي پرواهه ناهي ته موت اسان تي ڪري يا اسين موت تي ڪِرُون. خانواده رسول مان علي اڪبرؑ ڪربلا جو پهريون شهيد آهي. سندن قبر اطهر امام حسينؑ جي ضريح مبارڪ ۾ پيراندي جي پاسي آهي.


    حضرت حبيب ابن مظاهر اسديؑ

    حضرت حبيب ابن مظاهر اسديؑ

    حضرت حبيب ابن مظاهر امام حسينؑ جا ننڍپڻ جا دوست هُئا. امام عاليمقام کي سندن دوستيءَ تي وڏو فخر هوندو هو. پاڻ وڏا عالم ۽ فقيهه هئا. سندن علم و فضل جو اندازو ان مان لڳائجي ته جڏهن امام عالي مقامؑکين مدد لاءِ خط لکيو ته کين فقيه سڏي مخاطب ٿيا. جنهن وقت وٽن امام عاليمقام جو خط پهتو ان وقت ڪنهن دوڪان تان ميندي يا خزاب خريد ڪري رهيا هئا. خط پهچڻ شرط خزاب خريد ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري اهي لفظ چيائون ته هاڻي ڏاڙهي رَتُ سان رڱبي ۽ گهر روانا ٿيا.تياري ڪري گهروارن کان موڪلائي ڪربلا ڏانهن اُسهيا.
    حضرت حبيب ابن مظاهر کي رسول خداﷺ جي صحآبي هئڻ سان گڏ امام عليؑ ۽ امام حسنؑ جي صحابي هئڻ جو به شرف حاصل هو. رسول خدا صه امير مومنين علي عليه سلام ۽ امام حسن مجتبيٰ سان به هر جنگ ۾ گڏ رهيا. پاڻ 10 محرم سن 61 هجريءَ ۾ امام عاليمقام تي جان نثار ڪري جام شهادت نوش فرمايائون. سندن ضريح مبارڪ امام حسينؑ جي روضي ۾ اندر آهي.


    حضرت ابراهيم مجاب ابن امام موسيٰ ڪاظمؑ

    حضرت ابراهيم مجاب ابن امام موسيٰ ڪاظمؑ

    پاڻ امام موسيٰ ڪاظمؑ جا فرزند هئا. مامون رشيد جي زماني ۾ امام حسينؑ جي روضي جي مجاوري ڪندا هئا، پر پنهنجو حسب نسب پوشيده رکندا هئا. هڪ ڏينهن حڪومت کي خبر پئجي وئي ته خاندانِ رسالت جو هڪ فرد قبر حسينؑجي مجاوري ٿو ڪري. کين گرفتار ڪيو ويو. حضرت ابراهيم پنهنجي آخري خواهش ۾ امام حسينؑ کي آخري سلام ڪرڻ جو اظهار ڪيو. جڏهن کيس قبر امام حسينؑتي وٺي آيا ته هن آواز ڏنو ”اي جد امجد ابراهيم جو سلام قبول ٿئي.“ قبر اطهر مان آواز آيو ته ”تو تي منهنجو به سلام هجي اي منهنجا فرزند!“ سلام ۽ جواب جي هن گفتگو کي اتي بيٺل ماڻهن ٻڌو ۽ ان وقت کان وٺي سندن لقب مجاب پئجي ويو. مجاب معنيٰ جواب ملڻ وارو. هڪ روايت موجب حضرت قلندر شهباز سندن پڙپوٽا آهن يا سندن نسب مان آهن.
    اڄ نائين سيپٽمبر تي صبح جو سوير اٿي حرم امام حسينؑ تي آياسين ۽ نماز فجر اتي ئي ادا ڪئسي سين. وضو هوٽل تان ئي ڪري نڪرندا هئاسين، ڇو ته حرمن وٽ وضو خانه وغيره ڪونه هئا. حرم کان روڊ جي ٻئي پاسي پراڻي زماني جا پائخانه وغيره ٺهيل هئا، پر اهي اهڙا ته گندا ۽ بدبودار هئا، جو وڃڻ تي دل ئي نه چاهيندي هئي، اهو هو صدام جي زماني ۾ زائرين لاءِ انتظام ۽ اهتمام. ٻي ڳالهه ته حرمن جي صحنن جا فرش ڪاٿي ڪاٿي ٽٽل ۽ ديوارن تي لڳل ڪاشيءَ جون سرون به ڀڳل هيون. زائرين کان ڪروڙين ڊالر وصل ڪرڻ جي باوجود صدام جي اوقاف کاتي جو اهو هو امام عاليمقام ۽ سندن اصحاب جي روضن جي ديک ڀال جو عالم. خير امام حسينؑ جي حرم مان نڪري آياسين غازي عباس علمدار جي حرم مبارڪ ۾، اتي زيارت پڙهي اندر داخل ٿياسين ۽ ضريح کي بوسا ڏناسين. پنهنجي ۽ پنهنجي عزيزو اقارب جي حق ۾ دعائون گهريون سين. غازيؑ جي روضي جي ٻاهران ئي ڳوٺاڻين عورتن کان ملائي، ماني ۽ ماکي ورتي سين، جيڪي هوٽل تي کڻي آياسين ۽ ناشتو ڪيو سين. ڪربلا جي قرب و جوار جون عورتون روز صبح جو حرمن وٽ ماني، ماکي ۽ ملائي وغيره وڪڻنديون آهن، جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍيون لذيذ هونديون آهن. ڳوٺاڻين ماين کي نرڙ ۽ کاڏيءَ تي ڏينڀوڙيون ڇپيل هيون، جيئن سنڌ ۾ ٻهراڙين جي ماين کي هونديون آهن. بالخصوص بروهي ماين کي جنهن کي انگريزي ۾ ٽيٽوز چون ٿا. حالانڪه پاڻ ڪريمﷺ ان کي سخت ناپسند فرمايو آهي. ان کان پوءِ گائيڊ خطاب بغداد لاءِ ٽيڪسي ڪرائي آيو ته جيئن دله ڪمپنيءَ جي مينيجر سان حساب ڪتاب ڪريون. مون کي علي شير سومري، جيڪو اهل سنت سان تعلق رکي پيو، ڏاڍو ستايو ته مون کي به بغداد وٺي وڃو، جو مون کي حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جي زيارت ڪرڻي آهي، خير مان، سائين قمر عباس، خطاب ۽ علي شير بغداد لاءِ روانا ٿياسين. ڪربلا کان بغداد تائين جا منظر هوبهو سنڌ جهڙا بلڪ خيرپور ميرس واري علائقي وارا هئا. کجين جون قطارون، واٽر ڪورس، گاهه پٺا سڀ سنڌ وارا هئا، تنهن ڪري ڌاريائپ جو احساس ئي ڪونه پئي ٿيو. دله ڪمپني شهر جي وچ ۾ هڪ مصروف شاهراه تي هئي. مينيجر جو نالو هئس ڪاظم حسين، پر وڏو چالاڪ ۽ شاطر قسم جو ماڻهو هو، انگريزي چڱي پئي ڳالهايائين. ان سان حساب ڪتاب ڪندي اسان کي ٽي ڪلاڪ کن لڳي ويا. انهيءَ کان اڳ ۾ گائيڊ اسان کي شهر جي هڪ ريسٽورينٽ تي ماني کارائي آيو. اسان علي شير کي دله ڪمپني ڏانهن وڃڻ کان اڳ ۾ ئي حضرت عبدالقادر جيلاني جي روضي تي ڇڏي آيا هئاسين. ڪيترن ڏينهن کان اخبار ڪونه پڙهي هئي، ڇو ته ايران ۾ به انگريزي اخبار ڪانه ملي سگهي هئي. وڏي ڳولا کان پوءِ مون کي هڪڙي اسٽال تان هڪ واحيات قسم جي چئن صفحن تي مشتمل غلط انگريزيءَ سان بغداد ٽائيمس اخبار ملي، جيڪا پڙهي منهنجو هيانءُ ٺري پيو. سڀ خبرون صدام جي فضائل جي باري ۾ هيون. بغداد ۾ ڏاڍي گرمي هئي، جيئن اسان جي اتر سنڌ جي شهرن ۾ هوندي آهي. دڪان گهڻو ڪري خالي، سامان گهٽ، ڇو ته امپورٽ تي بندش هئي ۽ عراق خير سان ڪجهه ٺاهيندو ئي ڪونه هئو. مون کي ٿورو زڪام ۽ بخار ٿي پيو ته سڄي ڏينهن جي جفاڪشيءَ کان پوءِ اٺ ڪيپسول اينٽي بائيوٽڪ جا ۽ فِلُو جون گوريون گائيڊ وٺي آيو. دوائن جي اڻاٺ جي ڪري روزانه بي حساب ماڻهو مئا پئي، پر صدام کي ڪا پرواهه ئي ڪونه هئي.


    شهر بغداد

    شهر بغداد

    نئون بغداد خوبصورت ۽ ترتيب سان ٺهيل شهر آهي. موسم جي سختي پنهنجي جاءِ تي پر نه ٽريفڪ جي ڀڃڪڙي ۽ نه ٽريفڪ جام. جڳهه جڳهه تي اوور هيڊ پُلن جي ڪري ٽريفڪ جام ڪونه ٿي ٿئي. باقي پراڻو بغداد لڳ ڀڳ سنڌ جي پراڻن شهرن جهڙو آهي، جيئن لياري، چاڪيواڙو، بغدادي وغيره. دله ڪمپني ڏانهن وڃڻ کان پهريان اسان علي شير کي لاٿو هو ته پيران پير دستگير جي زيارت ڪري، سو اسان شهر گهمندي گهمندي جڏهن روضي تي آياسين ته هو ويچارو ٻاهر روڊ تي گرميءَ ۾ بيٺو هو. هن کي اتي بيٺي ڪيئي ڪلاڪ گذري ويا هئا. هڪ ته هن چيو هو ته منهنجو فڪر نه ڪجو، ڇو ته مان دل جَمعي سان زيارت به ڪريان ۽ عبادت به ڪريان، توهان ڀلي ڪم ڪار لاهي بي فلگارا ٿي پوءِ اچي مون کي کڻجو. اسان ته اتفاقاً اتان گذرياسين ته علي شير مين روڊ تي اس ۾ بيٺو هئو. علي شير کان ٻاهر بيهڻ جو سبب پڇيوسين ته چيائين ته ظهر جي نماز کانپوءِ پندرهن ويهه منٽ کن روضو کليل هو ۽ ان کان پوءِ بند ڪري اسان کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيائون. شهر سان واقفيت نه هئڻ ڪري مان ڪيڏانهن وڃان. تنهن ڪري اتي ئي بيهي توهان جو انتظار پئي ڪيم. ياد رهي ته تنهن زماني ۾ موبائيل فون وغيره ڪونه هوندا هئا. تنهن ڪري رابطي جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿي ٿيو. خير علي شير کي ساڻ ڪري شهر جو چڪر ڏنوسين ۽ بغداد جو واءُ سواءُ لڌوسين.
    ها ته ڳالهه پئي ڪسي سين بغداد شهر جي ته بغداد شهر 2011ع جي آدم شماري مطابق تقريباً 73 لک ماڻهن جو شهر آهي. قاهره کان پوءِ عرب دنيا جو ٽيون وڏو شهر آهي ۽ اولهه ايشيا ۾ پڻ تهران کانپوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. 1997ع جي مردم شماري جي انگرن اکرن جي ڄاڻ ڪانه آهي.
    درياهه دجله جي مٿان اڏيل هي شهر اٺين صدي عيسويءَ ۾ قائم ٿيو ۽ عباسي خليفن هن شهر کي پنهنجي خلافت جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. ڏسندي ڏسندي هي شهر اسلامي دنيا جو تمدني، ثقافتي، اقتصادي ۽ علمي مرڪز بڻجي ويو. منگولن هن شهر کي 1258ع ۾ حملو ڪري لٽيو ڦريو ۽ تباهه ڪيو. ان وچ ۾ بغداد ڪيئي تباهيءَ جا طوفان برداشت ڪيا ۽ تعمير به ٿيندو رهيو، تان جو 1938ع ۾ بغداد وري عربي تمدن جو مرڪز ٿي ويو. بهرحال هن وقت بغداد هڪ خوبصورت شهر آهي. جيئن ته اسانجي سفرنامي جو مقصد بغداد تي مرڪوز ناهي، تنهن ڪري اسان پنهنجي مشاهدي تي ٿا هلون، ته جيڪي اسان ڏٺو، نه ته بغداد تي لِکڻ لاءِ الڳ ڪتاب کپي.
    اسان بغداد ۾ اڄ فقط حضرت قنبر﷦ يعني مولا عليؑ جي ٻانهي جي قبر جي زيارت ڪئي سين، جيڪو پراڻي بغداد ۾ بازار ۾ واقع آهي. ڪرنسي ڊيلرن کي دينارن جا ڍڳ روڊ تي رکي وڪڻندي ڏٺوسين. وڏي ۾ وڏو نوٽ اڍائي سو دينارن جو آهي. هڪ روپئي جي قيمت تقريباً 35 يا 40 دينار هئي. تقريباً ساڍي ڇهين بجي بغداد ڇڏيوسين ۽ واپس ڪربلا ۾ هوٽل رساله تي آياسين. ڪجهه وقت آرام ڪري هوٽل تان وضو ڪري حرمين امامؑ ۽ غازي عباسؑ جي زيارت ڪري شهر جي ٻين زيارتن لاءِ نڪري پياسين، جنهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.


    تله زينبيه

    تله زينبيه

    هي اها جڳهه آهي، جتي بيبي زينب پنهنجي برادر گرامي امام عاليمقام کي شهيد ٿيندي ڏٺو هو. قتل گاهه جي جڳهه امامؑ جي روضي ۾ هڪ هيٺاهين جڳهه تي آهي ۽ تله زينبيه مٿي ڄڻ ڪنهن دڙي تي آهي. روايت ۾ آهي ته اها جڳهه آهستي آهستي مٿي ٿيندي وئي ۽ اتان بيهي سائڻ گريو ڪيو ۽ اوسارا ڏنا. تله زينبيه جي مٿان هڪ ڪمرو اڏيل آهي، جنهن ۾ سائڻ جي بيهڻ جي جاءِ مخصوص ٿيل آهي.هن وقت نه اها ڪربلا آهي ۽ نه اهو نقشو، بس روايتن ۽ آثارن تي نشانيون ٺاهيون ويون آهن. موجوده دور ۾ تلّه زينبيه جي جڳهه تي هڪ خوبصورت عمارت تعمير ڪئي وئي آهي جنهن جي ڀتين کي اندر ۽ ٻاهر عمده ڪاشي جي ٽائلن سان سينگاريو ويو آهي. ٻاهران خوبصورت گِرل لڳائي وئي آهي، عمارت جي اندر بهترين قالين وڇايا ويا آهن ۽ ايئر ڪنڊيشنر نصب ڪيا ويا آهن. عورتن ۽ عورتن مردن لاءِ الڳ الڳ داخل ٿيڻ جا رستا ڪيا ويا آهن. ساڳيءَ طرح زيارت ۽ نماز جو بندوبست به الڳ الڳ ڪيو ويو آهي. صدام جي زماني ۾ هتي اهڙي قسم جو ڪو به بندوبست ٿيل ڪونه هوندو هو بلڪه عمارت به خسته حالي جو شڪار هئي.


    خيمه گاهه

    خيمه گاهه

    خيمه گاهه جي جاءِ تي به هڪ پڪي عمارت ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ سڄو خيمه گاهه اچي ٿو وڃي. اندر داخل ٿيڻ سان پهريون خيمو حضرت عباس علمدارؑ جو هو، پوءِ ٻنهي پاسي خيمن جا نشان آهن، جتي امام عاليمقام جي ذوالجناح ۽ ٻين اصحابن جي سوارين جي بيهڻ جي جاءِ هئي. وچ تي امام عاليمقام جي خيمي جو نشان ۽ انهيءَ جي پويان سندن حرم مبارڪن جا خيما ۽ عصمت و طهارت جي پردي دارن جي خيمن جا نشان آهن. هڪڙي جاءِ نمايان رکي وئي آهي، جتي سيد سجادؑ جن شديد بيماريءَ جي حالت ۾ ليٽيل هئا. جڏهن ته خيمن کي ملعونن باهه ڏيئي ڇڏي هئي. ۽ امام سجادؑ ان خيمي ۾ غَشي جي حالت ۾ موجود هئا. هن ڪيمپ جي آخر ۾ سرڪار قاسم بن حسينؑ جي خيمي جو نشان آهي. هتي سائين ننڍڙي مجلس پڙهي، ماتم ڪيوسين ۽ اکيون اشڪبار ٿيون. صدام جي حڪومت تائين خيمي گاهه جي هڪ ننڍڙي عمارت ٺهيل هئي. ٻنهي پاسي سيمينٽ سان ٺهيل محرابي قطارون هيون جن تي ميٽاهون رنگ ٿيل هو. هيٺ به سيمنٽ جو فرش هوندو هو. صفائي جو انتطام ناقص هئڻ ڪري جابجا مٽي ئي مٽي هوندي هئي. موجوده دور ۾ خيمي گاهه جي جاءِ تي هڪ پرشڪوه عمارت تعمير ڪئي وئي آهي جنهن جي ڀتين خوبصورت ايراني ڪاشيءَ جون ٽائلون لڳايون ويون آهن. عمارت جي مٿان گنبذ تعمير ڪيا ويا آهن جيڪي پڻ ڪاشيءَ سان مزين ڪيا ويا آهن. ڪاشيءَ تي خوبصورت خطاطيءَ ۾ قرآني آيتون لکيل آهن. سڄي عمارت ۾ عمده ۽ ٿلها ايراني ڪارپيٽ وڇايا ويا آهن. تمام عمدا ايئرڪنڊيشنر ۽ دجيٽل سائونڊ سسٽم لڳايو ويو آهي. عورتن ۽ مردن لاءِ هتي به الڳ الڳ حصا مختص ڪيا ويا آهن. هتي نماز باجماعت جو بندوبست به ٿيل آهي.


    مقام علي اصغر مقام علي اڪبرؑ

    مقام علي اصغر مقام علي اڪبرؑ

    پراڻين گهٽين مان گذرندي هڪ جاءِ جي ڪنڊ تي ڀت تي ٽائيل لڳل آهي. هيءَ اها جاءِ آهي، جتي حرمله ملعون ننڍڙي علي اصغرؑ کي ٽن ڦرن وارو تير هڻي شهيد ڪيو هو. هاڻي اُتي جهولو رکيو ويو آهي، جتي ماڻهو خصوصاً عورتون اولاد جي لاءِ باس باسينديون آهن.
    مقام علي اصغر هاڻي ساڳي جاءِ تي ئي هڪ دڪان نما عمارت ۾ آهي جيڪو ڪنڊ تي هئڻ ڪري ٻنهي پاسن کان کُليل آهي. اندر چاندي جا ٺهيل جهولا جن تي قيمتي پٿر جڙيل آهن، رکيل آهن. هڪ وڏو ۽ قيمتي پينگهو تازو ئي لاهور جي هڪ فيملي باس پوري ٿيڻ تي نذر ڪيو آهي جيڪو خوبصورت ۽ ڏسڻ وٽان آهي.
    ڪربلا جي پراڻين ۽ سوڙهين گهٽين مان گذرندي هڪ ٻي جڳهه تي پهتاسين، جيڪو مقام علي اڪبرؑ آهي. هتي جناب علي اڪبرؑ کي بڙڇي لڳي هئي ۽ پاڻ گهوڙي تان زمين تي ڪِري پيا ۽ شهيد ٿي ويا. هتي زيارت جناب علي اڪبرؑبه لکيل آهي. اتان اڳتي تقريباً هڪ ڏيڍ فرلانگ جي فاصلي تي نهر علقمه آهي، اتي مقام مڪالمه آهي يعني هن جاءِ تي امام عاليمقامؑ۽ عمر بن سعد بن ابي وقاص جي وچ تي آخري گفتگو ٿي هئي. اها گفتگو عربيءَ ۾ اتي لکيل آهي.


    ڪف عباس

    ڪف عباس

    مولا عباس جي هڪ بازو جو مقام هڪ ننڍڙي بازار ۾ آهي، جتي ڪفن فروشن خاڪ شفا ۽ تسبيحن جا دڪان وغيره آهن. ٻيو بازو مولا عباس ۽ امام عاليمقام جي روضي جي وچ تي هوٽل جي ٻاهران آهي، مٿي هوٽل آهي ۽ هيٺ دوڪان آهن. روايت آهي ته جڏهن سرڪار عباس مشڪيزو ڀري گهوڙي تي سوار ٿيا ته ملعونن وار ڪري هڪ بازو شهيد ڪري ڇڏيو ته پاڻ مشڪ پئي هٿ ۾ کنيائون ته اهو به شهيد ڪيو ويو. آخر مشق چڪ ۾ کڻي جئين ئي گهوڙي کي ڊوڙايائيون ته ملعونن تيرن جي برسات لائي ڏني ۽ مشڪيزي جو پاڻي به هارجي ويو ۽ پاڻ به پنهنجي آقا ۽ مربي ڀاءُ جي مٿان قربان ٿي شهيد ٿي ويا.
    هاڻي اسان کي ڪافي رات ٿي وئي هئي، تنهن ڪري عازم فندق الرسالة ٿياسين. هونئن ئي ڪربلا غم، اندوه، ڪرب، تڪليف ۽ پريشانيءَ جو نالو آهي. ويتر جو مون هتي بي انتها غربت جو منظر ڏٺو، تنهن سخت پريشان ڪري ڇڏيو. جنهن گهٽيءَ مان لنگهياسين ٿي عورتن ۽ ٻارن جو هڪ وڏو هجوم خيرات وٺڻ لاءِ اسان جي اڳيان پويان بيٺو هو، جوان حسين عورتون، خوبصورت ٻار، عمر رسيده مرد، سفيد پوش بزرگ سڀ خيرات جا منتظر هئا. سخت غربت ۽ افلاس جو عالم هو ڪربلا ۾. ڪافي پنڌ تائين اسانجي ڪڍ لڳا ٿي آيا. مون وٽ ان وقت عراقي دينار ڪونه هئا، تنهن ڪري انهن کي باچر باچر چوندا نڪري آياسين. باچر عراقي عربيءَ ۾ سڀاڻي کي ٿا چون. حالانڪه عربيءَ ۾ چ اکر ڪونهي، پر عراقي عربيءَ ۾ چ فارسي جي اثر ڪري مستعمل آهي. جيئن پنڪچر جي دڪانن تي بورڊن تي پنچرچي لکيل هو.
    هاڻي امام حسينؑ جي روضي مبارڪ تي آياسين، نماز مغربين ادا ڪري ڀرسان ئي ريسٽارنٽ تي ڪباب روٽي ۽ ٽماٽن سان ماني کائي اطراف جو چڪر ڏئي هوٽل تي آياسين. اڄ تمام گهڻو ٿڪل هئاسين، تنهن ڪري سمهي رهياسين.
    تاريخ 9 سيپٽمبر تي اڄ صبح جو سوير اٿي فجر جي نماز حرم امام حسينؑ ۾ ادا ڪئي سين. اڃا سج ئي نه نڪتو هو ته هوٽل تي آياسين. هوٽل جي رسيپشن تي هميشه ٻه نوجوان ڇوڪرا مستقل هوندا هئا، يا ته اهي انهيءَ هوٽل جا مالڪ هئا يا وري مينيجر، بهرڪيف مان کين روزانو سلام ڪري سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هوس، جيڪو هو مسڪرائي عربيءَ ۾ جواب ڏيندا هئا. مولوي صاحب جيڪو عراقي عربيءَ جو ماهر آهي، ان کي چوندا هئا ته هي اسان سان پاڪستاني ۾ الائي ڇا ٿو ڳالهائي. مولوي صاحب کين چوندو هو ته هُو توهان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ خيريت ٿو دريافت ڪري پوءِ ته ويچارا قربان قربان ٿيندا هئا. هڪ ڏينهن مان کين پنهنجي سنڌيءَ ۾ لکيل ڊائري ڏيکاري چيو ته پڙهي ڏيکاريو، هيءَ ته عربيءَ ۾ لکيل آهي. ڪربلا، بغداد ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌيءَ ۾ موجود عربي لفظ پڙهي وڃن، پر وري پڇن ته هيءَ ڪٿان جي عربي آهي“ مان کين ٻڌايو ته اسان پنهنجي ٻولي عربي لپيءَ ۾ لکندا آهيون. ڪجهه آواز جيڪي عربي ٻوليءَ جا نه آهن. انهن لاءِ عربي حرفن کي اضافي نڪتا لڳائي پنهنجا اکر جوڙيا آهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جا آواز اچاريندا آهيون. اسانجي ٻولي سنڌي آهي، جيڪا پاڪستان کان سواءِ هندستان ۾ پڻ ڳالهائي ويندي آهي. ويچارا حيرت زده نگاهن سان منهنجي ڊائريءَ کي ڏسندا هئا.
    صدام جي غلط، بي هوده، مطلق العنان پاليسين جي ڪري عراق ۾ ڏاڍي غربت آهي. صرف اهو طبقو خوش آهي، جيڪو حڪومت جو خيرخواهه، چاپلوس ۽ خوشامدي آهي، نه ته عام خلق بالخصوص شيعن ۽ ڪردن جي حالت زار آهي. بک، بدحالي، بي روزگاريءَ جي ڪري ماڻهو غليظ ڌنڌن ڪرڻ تي مجبور آهن. اسان جي هوٽل جي صفائي سٿرائي جنهن ۾ واش رومس جي صفائي شامل آهي. ٻن عورتن جي حوالي آهي. هڪ حسين و جميل قداور سيدزادي، جنهن جي عمر بمشڪل 36 سال کن ٿيندي ۽ ٻي سندس چوڏهن سالن جي نياڻي، ڪيڏي نه افسوسناڪ ڪهاڻي آهي. اهي ٻئي عورتون فجر جي نماز کان پوءِ هوٽل ۾ داخل ٿينديون آهن ۽ نماز ظهرين کان پوءِ گهر وينديون آهن. هوٽل جي عملي جو رويو به هنن سان مشفقانه ۽ همدردانه آهي. هڪ ڏينهن انهيءَ بيبيءَ چيو ته مان اجرت تي ڪپڙا ڌوئي استري ڪري کڻي ايندي آهيان. توهان به جيڪڏهن ڪپڙا ڌورايو ته مون کي ڏيو. مان سخت پريشان ٿي ويس ۽ کيس ڪپڙا ڪو نَه ڏنم، پر خُمسَ مان ڪجهه رقم مون هن سيدزاديءَ جي حوالي ڪئي. پاڻ ٻڌائين ته سندس مڙس صدام جي خلاف انقلاب جي دوران روضه اقدس ۾ پناهه ورتي هُئي ۽ اتي ئي صدام ملعون جي فوجي درندن کيس شهيد ڪيو. کيس ڪُل ڇهه ٻار هئا. اهڙيون هزارين افسوسناڪ ڪهاڻيون هونديون، جن جي اسان کي خبر ناهي.
    اڄ اسان جو پروگرام اطراف جي زيارت ڪرڻ جو هو. صبح جو تقريباً ڏهين بجي بس آئي ۽ اسان ساڍي ڏهين ڌاران زيارتن لاءِ روانا ٿياسين. اڄوڪو بس ڊرائيور ڪرد آهي. سندس نالو ابوالعاليٰ آهي ۽ پڪو يگانو شيعو آهي. خطاب لاءِ خبر پئي ته عراقي ايجنسين جو ماڻهو آهي، جنهن جو ڪم آهي ته هوٽل تي مجلس جو اهتمام نه ڪرڻ ڏي، اتان جي حڪومت يا صدر جو ڪو نالو کڻي ته انهيءَ ماڻهو جي رپورٽنگ ڪري وغيره. بهرڪيف جيڪا به هن جي ڊيوٽي هئي، پر هن اسان سان گهڻي حد تائين تعاون ڪيو ٿي، ڇو ته اسانجو رويو هن سان ڏاڍو سٺو هو، بس ۾ مان هميشه اڳيان ويهندو هوس، تنهن ڪري هو نه فقط مون سان رائل مائل ٿي ويو، پر مان کيس تحفا تحائف وغيره ڏيندو هوس. ايتري قدر جو الودائي ملاقات ۾ مون سان ڀاڪر پائي روئي ڏنائين ته مون سان اڄ ڏينهن تائين اهڙو زوار ناهي مليو، جنهن ايترو قرب ۽ پيار ڏنو هجي.
    بس ۾ ڪمپنيءَ طرفان ٻيو گائيڊ آهي. صادق، جيڪو اثناعشري شيعو آهي، انگريزي ۽ روسي روانيءَ سان ٿي ڳالهايائين، سو ته منهنجو پڪو يار ٿي ويو. مون کي پنهنجي ڀاءُ جو فوٽو ڏيکاريائين، جيڪو برگيڊيئر هو، پر صدام جي خلاف انقلاب دوران فائرنگ اسڪواڊ جي سامهون بيهاري ٻين ساٿين سان گڏ شهيد ڪيو ويو هو. مون کي هدايت ڪيائين ته پنهنجي ماڻهن کي ٻڌاءِ ته اسان واري شهپري يزيد جو ڪٿي به نالو نه کڻن، ڇو ته خفيه ايجنسين جا ماڻهو سادن ڪپڙن ۾ هر هنڌ موجود هوندا آهن، جن جي خبر ناهي پوندي ته زوار آهن يا ڪي ٻيا. انهن کي خاص ٽريننگ ڏني ويندي آهي ۽ مختلف ٻوليون سيکاريون وينديون آهن وغيره وغيره.
    اڄ اسان جي پهرين منزل حضرت حر بن يزيد رياحيؑ جو روضو هئي. حضرت حر جو مختصر تعارف اڳيان ڏجي ٿو.


    حضرت حر ابن يزيد رياحي

    حضرت حر ابن يزيد رياحي

    حر جو تعلق خاندان بني تميم سان هو. سندس والد جو نالو يزيد رياحي هو. هي اهو ئي حر آهي، جنهن امام حسينؑ کي ڪربلا کان اڳتي وڃڻ نه ڏنو هو. حر جڏهن امام عاليمقام سان پنهنجي فوج سان گڏ پهريان مليو هو ته هُن جي ۽ سندس فوج جي حالت ابتر هئي وٽانئن پاڻي ختم ٿي ويو هو ۽ اُڃ جي ڪري سندن زبانون خُشڪ ٿي ويون هيون. انهيءَ حالت ۾ امامؑجن چاهن ها ته حر جي فوج تي حملو ڪري نيست و نابود ڪري ڇڏن ها، پر امام عاليمقام جي انسانيت اهو گواره نه ڪيو، ڇو ته پاڻ انسانيت جو سبق ڏيڻ نڪتا هئا، ۽ نه جنگ ڪرڻ. امام حسينؑ غازيؑکي حڪم ڪيو ته قافلي ۾ جيڪي به پاڻي ڀريل مشڪون موجود آهن کڻي اچو. حضرت عباس علمدار فرمايو ته آقا اسان وٽ جيڪو پاڻي موجود آهي، جيڪڏهن هنن کي پياريوسين ته اسان وٽ عورتن ۽ ٻارن لاءِ به پاڻي نه بچندو. امام عالي مقام مشڪون پنهنجي هٿ ۾ جهلي حر جي هر سپاهي کي پاڻي پياريو، ايتريقدر جو سندن جانورن کي به پاڻي پياريو. امام عاليمقام جي ان حُسن اخلاق حر جي دل ۾ هڪ نقش ڇڏيو.
    هاڻي امام جن چاهيو پئي ته اڳتي وڃن، پر حر امامؑجي ذوالجناح جي واڳ پڪڙي روڪيو. تنهن تي امامؑفرمايو ته حر تنهنجي ماءُ تنهنجي غم ۾ روئي تون منهنجي گهوڙي جي واڳ ٿو پڪڙين. اهو تون ڇا ٿو ڪرين. ان تي حر چيو ته مان توهانجي والده جو نالو نه ٿو وٺي سگهان، جيڪڏهن اها فاطمة الزهرا کان سواءِ ڪا ٻي هجي ها ته مان به توهان کي ساڳيو ئي جواب ڏيان ها. مو نکي مٿان کان حڪم آهي ته اوهان کي اڳتي وڃڻ نه ڏيان. جنهن وقت نماز جو وقت ٿيو ته امامؑجن فرمايو ته هاڻي نماز جو وقت ٿي ويو آهي، توهان به نماز پڙهو ۽ اسان کي به پڙهڻ ڏيو. تنهن تي حر چيو ته اسان به توهان جي اقتدا ۾ نماز پڙهنداسين. ائين حر ۽ سندس لشڪر امامؑجي پويان نماز پڙهي.
    تاريخ ۾ آهي ته صبح عاشور امام حسينؑ لشڪرِ يزيد جي اڳيان آخري خطبو ڏنو، جنهن ۾ ورائي ورائي پنهنجو نسبنامو ٻڌايو ۽ رسول پاڪﷺ سان نسبت جو ذڪر ڪيو. پنهنجي اغراض و مقاصد جو ذڪر ڪيو ته مان جنگ جي ارادي سان ناهيان آيو. مان ته پنهنجا اهل و عيال ۽ معصوم ٻچڙا وٺي آيو آهيان، مون کي ڇڏيو ته مان اڳتي وڃان. ان خطبي جو حر جي دل تي وڏو اثر ٿيو. حر هاڻي جنت ۽ جهنم جي ٻواٽي تي بيٺو هو. جڏهن کيس پڪ ٿي وئي ته عمر سعد امام عاليمقامؑکي شهيد ڪندو ته هن هڪدم ارادو بدلايو، ۽ پنهنجي ڀاءُ مصعب، پٽ علي ۽ غلام سان گڏ عمر سعد جي لشڪر مان نڪري امام عاليمقام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. امام عاليمقام کي روڪڻ، يزيد جي لشڪر ۾ هُجڻ تي سخت نادم ۽ شرمسار ٿيو. امامؑکان معافي ورتائين ۽ توبهه ۽ استغفار ڪيائين. امام عالي مقامؑجن فرمايو الله تعاليٰ تنهنجي توبهه قبول ڪندو ۽ تنهنجي مغفرت ڪندو. ان کانپوءِ امام کان اجازت وٺي عمر سعد ملعون جي لشڪر تي حملو ڪيائين ۽ ڪيترن ئي دشمنن کي جهنم رسيد ڪيائين. جنگ ڪندي ڪندي پاڻ به شهيد ٿي ويو. ڪربلا جي واقعي کان پوءِ سندس ماءُ سندس لاش کڻائي وئي ۽ پنهنجي قبيلي جي هڪڙي ڳوٺڙي ’ناهيه حر‘ ۾ دفن ڪرايو. هي ڳوٺڙو سرڪار امام حسينؑ جي حرم پاڪ کان چئن پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
    اسانجي بس هاڻي حضرت حر جي روضي جي ٻاهران رُڪي ۽ اسين روضي ۾ داخل ٿياسين. سائين قمر عباس صاحب مجلس پئي پڙهي ۽ حضرت حر جا فضائل ۽ مصائب بيان پئي ڪيا. مون کي ننڍي هوندي کان ئي حضرت حر سان ڪا دلچسپي نه هوندي هئي، منهنجو پنهنجو خيال ته جيڪڏهن حر مولا امام عاليمقام کي نه روڪي ها ته شايد امام جن سنڌ ۾ اچن ها ۽ هي ذبح عظيم نه ٿئي ها. ’ڪتاب معارف ابن قتيبھ‘ طبع مصر ۾ ابن قتيبھ لکي ٿو ته امامؑ پنهنجي تعارف ڪرائڻ کان پوءِ فرمايو ته جيڪڏهن توهان منهنجي عراق پهچڻ تي راضي ناهيو ته مون کي سنڌ ڏي وڃڻ ڏيو. تنهن ڪري مان ٻاهر صحن ۾ هيڏي هوڏي پئي گهميس. تنهن زماني ۾ موبائيل سسٽم به ڪونه هئو ۽ ڊجيٽل ڪيمرائون به ڪونه هيون. تنهن ڪري 35mm جا فلم رول هوندا هئا، جيڪي عراق ۾ بنهه ڪونه يا ڏاڍا ڏکيا ملندا هئا. تنهن ڪري مون پاڻ سان هڪ عدد ڪونيڪا ڪيمرا ۽ ست کن فلمي رول آندا هئا. ٻه ته ايران ۾ ڀرجي ويا هئا ۽ باقي مون وٽ پنج بچيا هئا، جن مان ٽي اڄوڪي زيارتن لاءِ کنيا هئم. جڏهن ٻاهر نڪرڻ وارا ٿياسين ته مون حضرت حر جي روضي جو فوٽو ڪڍڻ چاهيو ته ڪيمرا رول واپس موٽي ويو. رول ڪڍي جو ڏسان ته فلم جو جيڪو ٽڪرو ٻاهر نڪتل هوندو آهي، ۽ ڪيمرا جي ڏندن ۾ ڦاسائبو آهي، اهو به رول ۾ اندر هليو ويو. وري مون ٻيو رول ڪڍيو اهو به ائين اندر هليو ويو. مون چيو ته ڪيمرا کي الائجي ڇا ٿي ويو آهي، وري ٽيون رول ڪڍيم. جڏهن ان سان به ساڳيو حشر ٿيو ته ڏاڍو شڪي ۽ نادم ٿيم. دل ئي دل ۾ سوچيم ته حضرت حر نه چاهيو ته مان سندس روضي جي عڪس بندي ڪيان. خير پريشاني ڏاڍي ٿي ۽ واپس اچي بس ۾ ويٺاسين ۽ حضرت عون بن عبدالله بن جعفر بن ابيطالب يعني فرزندِ ثاني زهرا سائڻ زينب عليها سلام جي روضي ڏانهن روانا ٿياسين. حضرت عون﷦ جو روضو مبارڪ ڪربلا کان 9 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. پاڻ جنگ ڪندا ڪربلا کان پري نڪري ويا، جيئن سيدالشهداءَ ۽ سندن والده ثانيء زهرا زينب ڪبرا کين شهيد ٿيندي نه ڏسن. تاريخي حوالن موجب سندن عمر 9 سال کن آهي. هاڻي اسين سرڪار عون﷦جي ضريح پاڪ کي بوسا ڏئي روئي به رهيا هئاسين، ۽ دعائون به گهري رهيا هئاسين. هتي لاهوري قافلي جي سالار سيد سجاد حسين مجلس پڙهي ۽ سڄو روضو پاڪ آهه و بڪا سان گونجڻ لڳو. ڪجهه وقت مختصر عزاداري ڪئي سين ۽ اچي بس ۾ ويٺاسين. بس جو ڊرائيور ۽ صادق اسان سان گڏ عزاداري ڪندا ٿي رهيا، باقي خطاب ڪڏهن ٻاهر ته ڪڏهن اندر بيٺو هوندو هو. هاڻي اسان جي منزل مسيب هئي، جتي طفلان مسلم بن عقيل بن ابي طالبؑ يعني حضرت محمدؑ ۽ ابراهيمؑ جا روضا آهن. 


    طفلان مسلم بن عقيل

    طفلان مسلم بن عقيل

    محمد ۽ ابراهيم حضرت مسلم بن عقيل بن ابيطالب جا فرزند آهن ۽ سندن والده ماجده رقيه بنت علي بن ابي طالب آهي. روايت آهي ته هي ٻئي ٻارڙا پنهنجي والد سان گڏ ڪوفي آيا هئا. حضرت مسلم﷦جي شهادت کان پوءِ ابن زياد ملعون کي خبر پئي ته مسلم﷦سان گڏ سندس ٻه پٽ هڪ جي عمر ڇهه سال ۽ ٻئي جي عمر چار سال هئي، گَڏُ هئا. ابن زياد مسلم﷦جي هنن ٻچڙن جي تلاش ۾ ماڻهو ڊوڙايا ۽ گرفتار ڪرڻ واران کي انعام ۽ اڪرام ڏيڻ ۽ پناهه ڏيڻ وارن کي سخت سزا جو اعلان ڪيو. پيءُ جي شهادت کان پوءِ هي ٻئي ٻارڙا در در جون ٺوڪرون کائيندا لِڪندا ٿي وتيا، تان جو حارث ملعون جي گهر پهتا. حارث جي زال هڪ خدا ترس ۽ مومنه عورت هئي. هُن انهن ٻارڙن کي کاڌو کارايو ۽ پناهه ڏني ۽ کين عزت ۽ احترام سان پنهنجي گهر ۾ لڪائي ڇڏيو. هوڏانهن حارث ملعون سڄو ڏينهن گهٽين ۾ انعام جي لالچ ۾ هنن شهزادن کي تلاش ڪندو رهيو. آخر سڄي ڏينهن جي خواري کان پوءِ اڌ رات جو گهر پهتو. جوڻس دير سان اچڻ جو سبب پڇيس ته هن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته جيڪڏهن ٻار ملي ويا ته وڏو انعام ملندو. سندس زال کيس ڏاڍو سمجهايو ته چند سون جي ٽڪرن تي پنهنجي قيامت ڪاري نه ڪر ۽ انهيءَ غليظ مقصد کان مڙي وڃ، پر هن پليت زال جي هڪ به نه ٻڌي. چوندو رهيو ته مان ڪنهن به صورت ۾ انعام حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو کڻي ڇا به ٿي پوي. جڏهن رات ڪافي گذري چڪي ته هن ملعون کي شڪ پيو ته شهزادا هن جي گهر ۾ ئي ڪٿي آهن. آخر هن کي سردخاني ۾ ٻارن جي ساهه کڻڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن ملعون شخص ٻنهي ستل معصومن کي ننڊ مان اٿاري درياهه فرات تي وٺي ويو ۽ وڏي شقي القلبي سان کين شهيد ڪيو. هنن ٻنهي شهزادن جو روضو ڪربلا کان 33 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مسيب ڳوٺ ۾ آهي.
    هاڻي اسان مسيب پهچي وياسين. رقت آميز منظر اکين اڳيان هو، ٻه ننڍڙا قبا، جن ۾ ابي طالبؑ جا شهزاده محوِ خواب آهن. مان سمجهان ٿو ته سواءِ نسلِ يزيدي، ابن زياد وغيره جي باقي ڪو به صاحب اولاد هوندو، هتي بي اختيار روئي ويهندو. يتيم معصومن جون در در جون ٺوڪرون کائڻ سڄي ڪوفي شهر مان کين ماني ۽ پاڻي نه ملڻ، ڪو به شخص پناهه ڏيڻ لاءِ راضي نه هئڻ، سوين ملعون غليظ ناپاڪ ۽ نجس انسان ٻن ننڍڙن ٻچڙن جي پويان انعام جي لالچ ۾ شهيد ڪرڻ لاءِ سرگردان.... هاءِ زمانه هاءِ مسلمان، جيڪي پنج وقت نمازون به پڙهندا هئا ۽ اذانن ۾ اشهد ان محمد الرسول الله به چوندا هئا. منهنجو قلم هن ظلم تي لکڻ سان ڏڪڻ لڳي ٿو ۽ هي سٽون لکندي مان بي اختيار روئي ويهان ٿو.
    هنن شهزادن جي روضي ۾ سائين قمر عباس نقوي هڪ پرسوز ۽ دلدوز مجلس پڙهي، جنهن اسان کي اوڇنگارون ڏئي روئڻ تي مجبور ڪيو. هتان تقريباً هڪ بجي روانا ٿياسين. مجموعي طور سڄو علائقو، اسان جي سنڌ وانگر آهي. ڳوٺن جو نمونو پڻ ساڳيو آهي. ڍنگرن جا لوڙها، انهن ۾ ڪاٺ جا در، هرهڪ ڳوٺاڻو مالوند، گهرن ٻاهران پلال، ڪٽو ڇيڻا بلڪل اسان جي ڳوٺن جهڙو ڏيک ڏئي رهيا هئا. ”هونئن ته جيترو عراق مون ڏٺو آهي بالڪل سنڌ جهڙو لڳندو آهي. 2013ع ۾ اربعين جي موقعي تي نجف، ڪربلا، بغداد ۽ ڪيترن ئي شهرن جي مضافات ۾ لکائين شاپر، پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ديوين جي وڻن ۾ ڦاٿل ڏٺيون، جيئن اسان جي قاسم آباد ۽ شيدي ڳوٺ ۾ هونديون آهن. ڳوٺن ۾ اسان وارا ڪڪڙ ۽ ڪڪڙيون پئي ڦريا، يعني جاوا پيلا ۽ الائي ڇا ڇا. ماڻهن جون شڪليون به گهڻو تڻو سنڌين جهڙيون.“
    ٿورڙي پنڌ تي هڪ ٻي زيارت حضرت محمد بن عقيل جي ڪئي سين. هاڻي اسان جي بس نهر فرات جي ان جڳهه تي بيٺي، جت بنا سِرن جي هنن معصومن جا لاشا هڪٻئي کي چنبڙيل درياهه جي ابتي رخ لڙهندا ٿي آيا ۽ ماڻهن ڪڍي مسيب ۾ دفن ڪيا. ڇو ته حارث ملعون سر مبارڪ ابن زياد وٽ کڻي ويو هو ته، جيئن انعام حاصل ڪري. فرات جي ڪناري تي ڪانڊيرن جي ڏاڍي گهڻائي هئي ۽ سندن خوشبوءِ ڏاڍي وڻي ٿي. هيءَ موسم ڪانڊيرن جي ڦوٽهڙي جي هئي تنهن ڪري منجهن ننڍڙا نيرا گلڙا پڻ هئا. فرات ڪو سنڌو جيڏو وڏو درياهه ڪونهي، هن جاءِ تي ته مون کي روهڙي ڪينال کان به ويڪر ۾ گهٽ لڳو. سامهون کجين جو اڻکٽ نظارو هو، جنهن دل باغ و بهار ڪري ڇڏي. کن پل لاءِ مون سوچيو ته ائين ته ناهي ته لاڙڪاڻي جي عاقل روڊ کان ٿورو اڳتي دادو ڪينال تي بيٺو هجان يا روهڙي ڪينال جي ڪناري تي بيهي ٺيڙهيءَ جي کجين جو نظارو ڪندو هجان. جيئن مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته عراق جو نمونو هوبهو سنڌ وارو آهي. بلڪ ماڻهن جون شڪليون به اسي سيڪڙو ساڳيون آهن. سون تي سهاڳو ته وري سنڌين وانگر سست ۽ ڪڪڙن ويڙهائڻ جا شوقين. مون کي اڄ ڪاري ٽي شرٽ پاتل آهي، تنهن ڪري سج ڏاڍو ٿو تپائيم. چِٽ جي ڇِتي اُس آهي. هڪ روايت موجب 10 محرم سن 61 هجري به هِن ئي چٽ جي مند ۾ واقع ٿيو هو. جيڪڏهن ڪوئي ناصبي هتي مون سان گڏ هجي ته خبر پويس ته هتي ايئرڪنڊيشنڊ بس هئڻ جي باوجود به هر پندرهن ويهن منٽن کانپوءِ شديد اُڃ ٿي لڳي. ڪربلا ۾ انهي ئي مند ۾ امام عاليمقام، سندن ٻچڙن ۽ اصحابن تي ملعونن ٽي ڏينهن پاڻي بند ڪيو ۽ کين اڃو ۽ بکيو شهيد ڪيو. هاءِ ڪربلا هاءِ ڪربلا!
    هاڻي اسانجو قافلو حضرت قاسم المعروف ابو الجاسم بن امام حسن المجتبيٰ جي روضي تي پهتو ۽ اندر وڃي زيارت ڪئي سين.
    حِلّه ويندي شهر هِنديه مان گذر ٿيو، جنهن جي ڀرسان نهر فرات جي شاخ وهي ٿي. چون ٿا ته هن جاءِ تي هندستان جا قافلا ڊاٻو ڪندا هئا، تنهن ڪري هن شهر نما ڳوٺ تي نالو هنديه پئجي ويو آهي. هتي به فرات جو نظارو ڏاڍو دلفريب ۽ لُڀائيندڙ هو. بغداد شهر مان وري دجله درياهه وهي ٿو، جيڪو پڻ خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿو. دجله جي ٻنهي پاسي ريسٽورينٽس آهن، جتي تازي مڇي پڪڙي فرائي ڪري ڏني ويندي آهي. اسان کي اهڙن چونچلن جو وقت ڪونه هو، تنهن ڪري ايندي ويندي دجله جي نظارن کان لطف اندوز ٿيندا هئاسين. هاڻي ته بغداد ۾ دجله جي پل جون ٻئي سائيڊون وڏن سيمينٽ بلاڪس سان ڍڪيون ويون آهن، تنهن ڪري درياهه نظرئي نه ايندو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته هارون رشيد دجله ۾ رت جگا ڪندو هو، جنهن ۾ رقص ۽ سرور جون محفلون لڳنديون هيون. انهي قسم جي محفلن لاءِ هزار کن شاهي ٻيڙا هر سهولت سان مزين جن جا منهن مختلف پکين ۽ جانورن جهڙا هوندا هئا، درياهه ۾ ترندا رهندا هئا ۽ انهن سڀني ۾ وڏو ٻيڙو خليفة المسلمين ظِل اِلاهي هارون رشيد صاحب جو هوندو هو، جنهن جي رقص و سرود، شباب ۽ ڪباب جي محفل ٻين ٻيڙن کان اور هوندي هئي. بهرحال اسلامي تاريخ ڪهڙا ڪهڙا رنگ ڏٺا آهن. انهن تي بحث ڪرڻ اسان جي هن سفرنامي جي احاطي کان ٻاهر آهي. افسوس صرف اهو ٿيندو آهي تاريخ ۾ اهڙن دورن کي سنهري دور چيو ويندو آهي. تازو جن ترڪيءَ جو ميرا سلطان يا ڪو سم سلطان ڊراما غور سان ڏٺا هوندا ته انهن کي ڀليءَ ڀت پروڙ پئجي وئي هوندي ته اهڙن خلفاءِ المسلمين جا ڪرتوت ڇا هوندا هئا. ۽ معاذ الله پاڻ کي خلفاءِ راشدين جا جانشين ۽ تسلسل سمجهندا هئا. هزارين بي نڪاحيون ٻانهيون سندن تصرف ۾ هونديون هيون.
    هاڻي اسان حله شهر ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. شهر ۾ داخل ٿيندي ئي مسجد رد الشمس هئي، جتي مولا عليؑ سج کي پلٽائي نماز عصر ادا ڪئي هئي. اسان اڃا اندر ئي ويٺا هئاسين ته هڪ لبناني قافلو به مسجد ۾ داخل ٿيو. سڀ افراد خوشپوش هئا، عورتون خوبصورت ۽ مرد وجيه هئا. صاف سٿرا به اهڙائي هئا. اسان سان مردن مصاحفو ڪيو ۽ رسمي تعارف ۽ حال احوال ٿيو. اسان پاڻ سان پُلاءَ ٺاهي کنيو هو. نماز مان فارغ ٿي اتي ئي مانجهاندي جي تيارين ۾ لڳي وياسين.
    لبنانين کي به صلاح ڪئي سين، پر هنن شڪراً شڪراً چئي اهو ٻڌايو ته هو ماني کائي آيا آهن. هاڻي اسانجي منزل شهر ديوانيه هئي، رستي تي امام حسن المجتبيٰؑ جي نياڻي شڪريه بنت حسن جي زيارت ڪئي سين. مولا عليؑ جي اولاد جون ٻيون ڪيتريون ئي زيارتون اطراف ۾ موجود هيون، پر ڊرائيور چيو ته واپسيءَ ۾ يا ڪنهن ٻئي ڏينهن تي هلنداسين. ديوانيه ۾ امامزاده قاسم بن امام موسيٰ ڪاظمؑ جي زيارت کان مشرف ٿياسين. واپسيءَ ۾ جناب حمزه بن حسن بن عبدالله بن ابوالفضل العباس جي زيارت ڪئي سين ۽ واپس ڪربلا ڏانهن روانا ٿياسين.
    اڄ مسيب ڳوٺ ۾ به غربت جو اهو ئي حال نظر آيو، جيڪي مقام علي اڪبرؑ تي ڪربلا ۾ نظر آيو هو. صدام جي ضدي، ظالمانه، مطلق العناني ۽ بي حَس پاليسين جي ڪري سڄي عراق ۾ ڏاڍي غربت آهي. شرفاء پنڻ تي مجبور آهن. مان ته حَسِين جوان ڇوڪرين ۽ خوبصورت ٻارن کي هٿ ٽنگيندي خيرات گهرندي ۽ پنندي ڏٺو پئي ته ڪنبجي پئي ويس. مسجد ردالشّمس وٽ ٻارن ايڏي ته پيهه ڪئي جو مان ٻارن جي گهيري ۾ اچي ويس، هٿن مان پيسا ڦرڻ ۽ کيسن مان نوٽ ڪڍڻ جي ڪوش ڪري رهيا هئا. منهنجي حالت ڏسي ساٿي زائرين مون کي بچايو، پر ڪيترائي دينار ڦاٽي پيا. اها هئي ماڻهن جي هيري صدام خان عرف هلاڪو خان جي حڪومت، جنهن ۾ صرف مراعت يافته طبقو ئي خوش هو، باقي عوام الناس بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل هو. چوندا آهن ته ظلم قائم آهي، پر ظالم فنا آهي. سو هن همراهه سان به اهو ئي قصو ٿيو. اڄ تائين انهيءَ ئي عراق جي ڪن علائقن ۽ شام جي ڪجهه حصن ۾ صدام جا پيروڪار جيڪو ظلم ڪن ٿا، اهو بيان ڪرڻ کان ئي ٻاهر آهي. بَم بلاسٽ، خودڪش حملا، جهاد باالنڪاح جهڙي ڪڌي رسم، اقليتي فرقي جي عورتن کي غلام ڪري وڪڻڻ ۽ ننڍڙن ٻارڙن کي لوهه جي پڃري ۾ بند ڪري جلائڻ اهو اڄڪلهه ايڪيهين صديءَ جي ظلم جي ڪهاڻي آهي ته ٻئي طرف انسان مريخ تي پهچڻ جا خواب ٿو ڏسي ۽ چنڊ تي ڪالونين اڏائڻ جي پلاننگ ٿو ڪري. اسلام جي نالي تي اڄڪلهه به ايڏو ته ظلم ٿو ڪيو وڃي جو هاڻي ته يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو مسلمانن ۽ اسلام جو نالو ٻڌي ڇرڪن ٿا ۽ اسلام جي جيڪا توسيع ۽ واڌارو ٿيو پئي، اهو هنن تڪفيري ظالمن جيڪي يهودي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، جي ڪري يا ته ختم ٿي ويو آهي يا نه هئڻ جي برابر آهي.


    ڪربلا ۾ پلو

    ڪربلا ۾ پلو

    اسان ننڍي هوندي کان ٻڌندا ايندا هئاسين ته پلو رڳو سنڌ ۾ ٿو ٿئي، سو ان عقيدي کي مون ته ڳنڍ سان ٻڌي ڇڏيو هو، پر يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي تعليم پوري ڪري جيئن عملي زندگيءَ ۾ آياسين ته هڪ دوست ٻڌايو ته پلو ته آمريڪا ۾ به ٿيندو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بنگلاديش ۾ سانوڻ جي ڪنهن مهيني ۾ سندس هڪ سيمينار ۾ وڃڻ ٿيو. لنچ بريڪ ۾ جڏهن منجهند جي ماني لڳائي وئي ته اتي تريل پلي جي هڪ ڊش هئي. سو اسان به هڪ ڏينهن ڪربلا جي ڍڪ بازار مان گذرياسين ته مهاڻن کي ڏنڀري ۽ ڪرڙي سان گڏ پلو به وڪڻندي ڏٺوسين. اسان چار کن پلا ورتا ۽ هوٽل تي کڻي آياسين. هوٽل جي مينيجر کي عرض ڪيوسين ته پلا پچرائي ڏي. هن ڀرسان ئي هڪ تنور واري کي گهرايو. پچائڻ جا پيسا طئي ڪري پلا هن جي حوالي ڪياسين. ڳپل وقت کان پوءِ هو پڪل پلا هڪ وڏي ٿالهه ۾ کڻي آيو. يقين ڪيو ته انهن کان وڌيڪ لذيذ پلو مون اڳ ۾ ڪڏهن ڪونه کاڌو هو. دنيا ۾ جِتي به درياهه سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، ان ۾ پلو ٿئي ٿو. اهڙي طرح دجله ۽ فرات ٻنهي ۾ پلو ٿئي ٿو. تنهن ڪري اهو مفروضو ته پلو رڳو سنڌ ۾ ٿو ٿئي، صحيح ناهي.
    تاريخ 11.9.97 تي صبح جو سوير اٿي حرم امام حسينؑ ۾ اچي نماز شب يعني تهجد پڙهي، نماز فجر پڙهي سين. ان کان پوءِ غازيؑ جي روضي جي زيارت ڪري هوٽل تي آياسين. هوٽل تي تيار ٿي ناشتو اڃا ڪيون پيا ته بس اچي وئي. اڄ اسان جو رٿيل پروگرام ٿورو وڏو هو، ڇو ته اسان کي نجف اشرف وڃڻو هو ۽ وري واپس موٽي اچڻو هو. ان ڪري جو اسان جو قيام ڪربلا ۾ ئي هو. رستي تي وري شهر الهنديه مان گذر ٿيو، جنهن لاءِ مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته هي شهر فرات جي ڪناري تي آباد آهي ۽ هن جڳهه تي هندستاني زائرين جا قافلا قيام ڪندا هئا، تنهن ڪري شهر جو نالو ئي پئجي ويو الهنديه. اڳيان هلي هڪ ڳوٺ ۾ مولا علي جي فرزند حضرت ابوبڪر بن عليؑجي زيارت ڪئي سين. هن ڳوٺ جي به حالت زار ڏسي روئڻ ٿي آيو. هتي تمام گهڻيون عورتون بيٺيون هيون، جن جا هٿ خيرات گهرڻ لاءِ ڊگهيريل هئا. ان کان سواءِ ٻارڙن جو هڪ جم غفير هو، جيڪو زائرين جي پويان خيرات لاءِ ڊوڙندي ٿي رهيو.
    رستي تي بابل يونيورسٽيءَ وٽان گذر ٿيو، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته ان ۾ ڪيتريون ئي فيڪلٽيز آهن. عمارتون گهڻو ڪري هڪ منزله ۽ ٻيو ته آرڪيٽيڪچرل خوبصورتيءَ ۾ پوريون ساريون هيون. اسان جي اڳين منزل مرقد نبي الله حضرت ايوبؑ هئي، جتي دعا گهريم ته اي الله واسطي پنجتن پاڪ ۽ نبي ايوبؑ جي مون کي ڪنهن امتحان ۾ نه وجهجانءِ، ڇو ته مان هڪ گيدي، ڪانئر عبد حقيرو ذليل آهيان، ۽ مون ۾ وتائي فقير وانگر هڪ ڪنڊي جي چڀڻ جيتري به برداشت ڪانه آهي. مان ڪنهن قسم جي آزمائش سهڻ جهڙو ناهيان. تنهن ڪري مونکي آزمائش ۽ امتحان کان هميشه پناهه ۾ رکجانءِ.
    تقريباً ساڍي يارهين بجي ڪوفي شهر ۾ صحابي امير المومنين حضرت ميثم تمار﷦ جي روضي تي آياسين. بس مان لهڻ کان اڳ ۾ ئي ڊرائيور سمجهايو ته پنهنجن کيسن جو خيال ڪجو، ڇو ته هي ڪوفو شهر آهي ۽ هتي بشني ۽ ڳنڍيڇوڙ تمام گهڻا آهن. حضرت ميثم تمار جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.


    حضرت ميثم تمار

    حضرت ميثم تمار

    حضرت ميثم تمار مولا اميرالمؤمنين عليؑ جو خاص صحابي هو. هو وڏو عالم ۽ فاضل هو. ظاهر آهي جيڪو باب العلم سان صحبت ۾ هوندو، اهو صاحب فضل و ڪمال هوندو. ميثم بنو اسد قبيلي جي هڪ عورت جو ٻانهو هوندو هو. عليؑ ان کي خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سندس نالو ميثم رکيائون. حضرت عليؑجن ميثم﷦ کي سندس زندگيءَ ۾ ئي اهلبيت سان محبت جي ڪري شهيد ٿيڻ جي بشارت ڏني هئي ۽ کيس کجي جو اهو وڻ به ڏيکاري ڇڏيو هو، جنهن تي هنکي لٽڪائي شهيد ٿيڻو هو. ميثم ان وڻ کي پاڻي ڏيندو رهندو هو ۽ اتي نماز پڙهي دعا گهندو هئو ته هي وڻ سائو ستابو رهي، جيستائين مولاؑجي پيشنگوئي جو وقت اچي.
    ميثم جڏهن سن 60 هجريءَ ۾ حج جو فريضو ادا ڪري ڪوفي آيو ته ابن زياد ملعون جي ماڻهن کيس گرفتار ڪري سندس سامهون پيش ڪيو. ابن زياد کين حڪم ڏنو ته عليؑتي تبرو ڪر. ميثم لاحول ولاقوة الابالله چيو ۽ ابن ازياد کي مخاطب ٿي چيائين ته منهنجي مولا پيشن گوئي ڪئي هئي ته منهنجو بي گناهه خون تنهنجي گردن تي هوندو ۽ مان تنهنجي هٿان شهيد ٿيندس. مختصراً ابن زياد ميثم کي انهيءَ ساڳي ئي وڻ تي لٽڪائي شهيد ڪيو ۽ مولا علي ۽ اهلبيت اطهار جي شان ۾ چيل ڪلام جي ڪري سندس وات ۾ هڪ ڪنڊن وارو يعني خاردار لغام وڌو، جيئن ڳالهائي نه سگهي ۽ فضائل اميرالمؤمنينؑبيان نه ڪري سگهي.
    ان کان پوءِ کيس شهيد ڪيو ويو. روايت آهي ته ميثم ﷦ جي تربت سان گوڏا مس ڪرڻ سان گوڏن جو سور ختم ٿي ويندو آهي. ميثم کي ميثم تمار انهيءَ ڪري چيو ويندو آهي، جو پاڻ کارڪون وڪڻندا هئا ۽ کارڪن يا ڪتل کي عربيءَ ۾ تمر چوندا آهن.
    هتي مان مناسب ٿو سمجهان ته اڄوڪيون زيارتون جيڪي اسانجي شيڊول ۾ آهن، تن سڀني جو ٿورو ٿورو تعارف پهريان ئي ڪندو هلان.


    مسجد ڪوفه

    مسجد ڪوفه

    مسجد ڪوفه تمام گهڻين فضيلتن ۽ برڪتن واري مسجد آهي. هي مسجد پڻ اها مسجد آهي، جتي مسافر کي سفر ۾ هوندي به قصر يا پُوري نماز پڙهڻ جو اختيار آهي. هتي هڪ فرض نماز جو ثواب هڪ حج مقبول جي برابر ۽ هڪ هزار نمازن جي برابر آهي، جيڪي ڪنهن ٻئي هنڌ پڙهيون وڃن. ڪيترين روايتن ۾ آهي ته مسجد ڪوفه بيت المقدس جي مسجد اقصيٰ کان افضل آهي.
    ابن قوليه امام محمد باقرؑ کان روايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي مسجد ڪوفه جي فضيلت جي خبر پئجي وڃي ته ڏورانهن هنڌن کان ڪهي اچي ماڻهو هتي نماز پڙهن. هن مسجد ۾ تمام انبياءَ ڪرام نماز پڙهي آهي. هن مسجد ۾ خالي ويهڻ جو به وڏو ثواب آهي. هن مسجد ۾ مختلف انبياءَ جا مصله ۽ مولا عليؑ جنهن دڪة القضا تي ويهي فيصلا ڪندا هئا، پڻ موجود آهي، جيڪڏهن انهن مان هرهڪ جو ذڪر ڪبو ته سفرنامو طويل ٿي ويندو. هن ئي مسجد ۾ 19 رمضان المبارڪ سن 40 هجريءَ ۾ مولا عليؑ کي نماز فجر ۾ عبدالرحمان ابن ملجم ملعون ضربت هنئي ۽ پاڻ 21 رمضان سن 40 هه تي شهادت ماڻيائون.
    حضرت مسلم بن عقيل بن ابي طالبؑ جو مختصر تعارف اڳ ۾ ڏئي چڪو آهيان. سندن روضو مبارڪ مسجد ڪوفه جي کاٻي ڪنڊ تي آهي ۽ سندن ئي روضي ۾ ئي حضرت مختار ثقفي جن دفن ٿيل آهن. حضرت مختار ثقفي جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.


    حضرت مختار ثقفي

    حضرت مختار ثقفي

    حضرت مختار ثقفي ابو عبيد ثقفي جو فرزند هيو، جيڪو فارس سان ٿيل جنگ ۾ لشڪرِ اسلام جو سالار هئو. جنگ جي ميدان ۾ هاٿيءَ جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي شهيد ٿي ويو. مختار ثقفي اهلبيت کي پيارو گهرندو هو ۽ خانواده رسولﷺ سان سندس محبت هوندي هئي. حضرت مسلم بن عقيل﷦جڏهن امام حسينؑ جي سفير جي حيثيت ۾ ڪوفي آيا ته مختار ثقفي جي گهر ترسيا هئا. مختار ثقفي انهيءَ وچ ۾ ڪوفي جي مختلف قبيلن ڏانهن امام عاليمقام جي بيعت وٺڻ لاءِ روانو ٿيل هو ته پويان عبيدالله ابن زياد لعنتي ڪوفي جو حاڪم مقرر ٿي آيو. ڪوفي جون حالتون يڪسر تبديل ٿي ويون ۽ حضرت مسلم بن عقيل امير مختار جو گهر ڇڏي هاني بن عروه جي گهر رهائش اختيار ڪئي. جڏهن مختار بيعت وٺي واپس آيو ته حضرت مسلم بن عقيل جي شهادت ٿي چڪي هئي. ابن زياد مختار ثقفيءَ کي قيد ڪيو. مختار ثقفي قيد ۾ ئي هيو، جو واقعه ڪربلا رونما ٿيو. واقعه ڪربلا جي ظلم کان پوءِ مختار ثقفي قسم کنيو هو ته قاتلان حسينؑکان ضرور بدلو وٺندو. قيد مان آزاديءَ کان پوءِ مختار ثقفي حضرت محمد حنفيه بن علي المرتضيٰ کان خون حسين جو بدلو وٺڻ لاءِ اجازت گهُري ڇو ته حضرت محمد حنفيه امام زين العابدينؑ جي گوشه نشيني جي ڪري سندن نمائنده هوندا هئا. امير مختار اجازت وٺڻ کان پوءِ ماڻهو گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ عبدالله ابن زبير طرفان مقرر ڪيل حاڪم کي ڪوفي مان تڙي ڇڏيو. اهڙي طرح ڪوفي ۾ امام ۽ سندن آلِ جي قاتلن کي چونڊي چونڊي جهنم رسيد ڪيائين، جن ۾ عبيدالله ابن زياد، عمر بن سعد بن ابي وقاص، شمربن ذي الجوشن، حرمله، خولي، سنان بن انس، حصين بن نمير، شبث بن ربعي ۽ انهن سڀني ملعونن کي قتل ڪيو، جن جگر گوشه مصطفيٰﷺ، نورعين فاطمهؑ ۽ بُعضة عليؑ مظلوم ڪربلا امام حسينؑ کي ٽن ڏينهن جو بکيو ۽ پياسو پنهنجي اهل و عيال ٻچڙن ۽ اصحاب سان گڏ ڪربلا جي لُڪ ۽ تپندڙ واري ۾ شهيد ڪيو هو. مون کي ياد آهي ته جولاءِ 2009ع ۾ مان دوستن سان گڏ عراق جون زيارتون ڪري ايلام جي بارڊر کان ايران ۾ داخل ٿيو هوس. اميگريشن ۽ ڪسٽم ۾ چار ڪلاڪ کن لڳي ويا. اميگريشن تي عراقين سان گڏ امريڪي پڻ هئا. جيستائين اسان جو وارو اچي، اسين هڪ چئني طرفن کان کليل شيڊ ۾ ويٺا هئاسين. اهڙو ته زوردار جهولو ۽ لُڪ هئي، جو ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ منهن ۾ اڱر يا ٽانڊا لڳندا هجن. ويٺي ويٺي الائي جي ڪيتريون بوتلون پاڻيءَ جون پي وياسين. اها آهي عراق جي گرمي ۽ تقريباً اها ئي مند هئي، جڏهن امام عاليمقامؑجي قافلي کي نهر علقمه کان فاصلي تي روڪيو ويو هو. جيئن امام جي پاڻيءَ تائين رسائي نه ٿئي. ستين محرم کان وٺي پاڻي بند ڪيو ويو ۽ ڏهين جي ڏينهن واقعه ڪربلا رونما ٿيو هو.


    حضرت هاني بن عروه

    حضرت هاني بن عروه

    حضرت هاني بن عروه ڪوفي جا رهڻ وارا هئا. پاڻ ڪوفي ۾ مولاؑ سان محبت ڪرڻ وارن جا سردار سڏبا هئا. کين صحابي رسولﷺ هئڻ جو شرف پڻ هيو. سندن شمار ڪوفي جي شرفاء ۽ معتبر ماڻهن ۾ ٿيندو هو. حضرت مسلم بن عقيل جي امير مختار جي گهر ٽڪڻ کان پوءِ مختار جڏهن ڪوفي جي مختلف علائقن ۾ بيعت وٺڻ لاءِ جڏهن نڪري ويو ته پاڻ هاني بن عروه جي گهر ترسيا. ابن زياد حاڪم ڪوفه هاني بن عروة کي مسلم بن عقيل سندس حوالي ڪرڻ لاءِ چيو. سندس انڪار تي کيس گرفتار ڪري ابن زياد هڪ زوردار ڏنڊو هڻي سندن مٿو ڦاڙي شهيد ڪري ڇڏيو. بعد ازان حضرت مسلم بن عقيل کي به ڳولهي شهيد ڪيو ويو. سندن پٽ يحيٰ بن هاني ميدان ڪربلا ۾ امام عاليمقام جي طرفان وڙهندي جام شهادت نوش ڪيو. سندس روضو مسجد ڪوفه ۾ ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي امير مسلم بن عقيل جي روضي جي سامهون آهي.
    مسجد ڪوفه جي داخلي دروازي جي سامهون جناب خديجة بنت امير المومنين علي بن ابي طالبؑ جو روضو آهي، جيڪا صغير سَنيءَ ۾ ئي ڪوفي ۾ انتقال ڪري وئي هئي.


    مولا علي جو گهر مبارڪ

    مسجد ڪوفه جي پٺ ۾ امير المومنين عليؑ جن جو گهر آهي، جيڪو گاري ۽ مٽيءَ جو ٺهيل آهي. گهر جي ڊيگهه تقريباً هڪ سو فوٽ ۽ ويڪر 30 فوٽ کن ٿيندي. جڏهن شام جي گورنر عليؑ جِي نافرماني ڪئي ۽ خليفه وقت سان سرڪشي ۽ جنگيون ڪرڻ لڳو ته پاڻ مدينو پاڪ ڇڏي ڪوفي کي دارالخلافة بڻايائون ۽ اهڙي طرح هي گهر پنهنجي رهڻ لاءِ پنهنجن هٿن سڳورن سان تعمير ڪيائون. هي گهر نه فقط سندن رهائشگاهه هئي، پر دنيا جي مسلمانن لاءِ رشد و هدايت جو هڪ مرڪز هيو.
    گهر جي مرڪزي دروازي تي قرآني آيتون اڪريل آهن. سامهون صحن آهي ۽ ان جي کاٻي پاسي جناب حسن ۽ حسين عليهم سلام جي درس جو ڪمرو ۽ ان سان لاڳيتو ڪمرو ملاقاتين لاءِ آهي. سڄي پاسي منڍ ۾ جيڪو ڪمرو آهي، ان ۾ شهادت کان پوءِ مولاءِ ڪائنات کي جناب امام حسنؑ ۽ جناب عبدالله بن جعفر طيار غسل ڏنو، جڏهن ته سندن فرزند محمد حنفيه مٿان پاڻي ٿي هاريو. ان سان لاڳيتو ننڍي ڪمري ۾ سرڪار امير المومنين کي ڪفن ڏنو ويو. انهيءَ طرف اڳيان هڪ صفو آهي، جنهن ۾ پاڻ آرام فرمائيندا هئا. ان سان گڏ ئي مولاؑجي پنهنجن هٿن سان کوٽيل کوهه آهي، جنهن مان اڄ ڏينهن تائين هزارين گيلن پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو، پرپوءِ به ان ۾ ڪنهن قسم جي گهٽتائي ڪانه آئي آهي، هڪ وڏو معجزو آهي. اسان جنهن وقت پهرين زيارت يعني 1997ع ۾ ڪئي ته کوهه هر خاص و عام لاءِ کليل هو ۽ هر زوار اتان پاڻي پيتو به پئي ۽ پاڻ سان ساڻ به کنيو ٿي. پر هاڻي کوهه کي بند ڪري ان مٿان موٽرون هنيون ويون آهن. ۽ نلڪن جي وسيلي کوهه جو پاڻي ٻاهران حاصل ڪري سگهجي ٿو. چوڏهن سَوَ سالن کان وٺي آب زمزم وانگر هن کوهه مان پاڻي ڪڍيو ٿو وڃي، پر قدرت خداونديءَ سان هن ۾ ڪڏهن به گهٽتائي ڪونه آئي آهي. ان جي پويان ٽي صَفا ننڍا ڪمرا آهن ۽ انهن جي سامهون اوترائي ٽي ڪمرا آهن. هن وقت گهر جي تزئين و آرائش جو ڪم جاري آهي. ٻاهرين ڀت کي ٽائيلون لڳايون ويون آهن. هتي هزارين زائرين روزانو حاضري ڀريندا آهن. مولا جي گهر جي اڳيان سڄي هٿ تي هڪ کڏ آهي، جنهن ۾ مولا جا پاليل ڪاز ۽ بدڪون هونديون هيون. روايت آهي ته جنهن وقت 19 رمضان المبارڪ تي پاڻ نماز فجر ادا ڪرڻ لاءِ نڪتا هئا ته ڪازن سندن چوغي کي چهنبن سان پڪڙيو هو گويا مولا کي منٿون ڪري رهيا هئا ته جيڪر نه وڃو. مولا جن مسڪرائي عبا ڇڏائي مسجد ڏي روانا ٿيا هئا.
    هنن مختصر تعارفن کان پوءِ هاڻي پنهنجي سفر جو سلسلو شروع ڪنداسين، جتي ڇڏيو هوسين يعني حضرت ميثم تمار جي روضي وٽ. حضرت ميثم تمار جي زيارت ڪري مسجد ڪوفه آياسين ۽ اتي مختلف مصلن تي نوافل ادا ڪري مولا عليؑ جي محراب جي زيارت ڪئي سين. ضربت واري جڳهه تي بوسا ڏناسين ۽ گريو ڪيوسين. ان کان پوءِ مسجد ڪوفه جي کاٻي ڪنڊ يعني اولهه ڏکڻ واري ڪنڊ تي جناب مسلم بن عقيل عليه سلام ﷦جي زيارت جو شرف حاصل ڪري امير مختار جي تربت تي آياسين، جيڪا حضرت مسلم بن عقيل﷦جي روضي ۾ اندر ئي آهي. ان کان پوءِ حضرت هاني بن عروه جي روضي تي اياسين، جيڪو پڻ مسجد ڪوفه جي کاٻي ڪنڊ يعني ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ تي آهي، جي زيارت ڪئي سين. پوءِ مسجد ڪوفه کان ٻاهر نڪري سامهون ئي مولا اميرؑ جي نياڻي خديجة بنت علي ابن ابي طالب جي زيارت ڪري پنڌ ئي پنڌ جناب اميرؑ جي دولت خاني تي آياسين، جنهن جو مختصر تعارف پڻ مٿي ڏئي چڪو آهيان. مولا پاڪ جي گهر جي زيارت ڪري مختلف ڪمرن ۾ نوافل ادا ڪري مولا جي کوهه تي آياسين، جيڪو گهر ۾ اندر ئي آهي. کوهه مان ڍءَ تي پاڻي پي سيراب ٿياسين. هاڻي بک به پاسو ورتو هيو، سو مولاؑجي گهر مبارڪ مان ٻاهر نڪري ماني کاڌي سين، جيڪا زوارن ٺاهي کنئي هئي. منهنجي لاءِ ايراني، عربي طعام وغيره ڪوبه مسئلو نه هوندو آهي، ڇو ته مان هونءَ به ڳاڙهن مرچن کان پاسو ڪندو آهيان، پر ساٿي زوارن کي عربي ايراني کاڌو يا سليماني چانهه صفا ڪونه پئي وڻي، تنهن ڪري لاڙڪاڻي کان ئي رڌڻ پچائڻ جو سامان ۽ سڪل کير کڻي آيا هئاسين.
    مانيءَ مان فارغ ٿي بس ۾ نجف اشرف وڃڻ لاءِ وڃي ويٺاسين، جيڪو ڪوفي سان گڏيو پيو آهي. ڪوفو ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ نجف اشرف صوبي جو هيڊڪوارٽر آهي. بس هلندي هلي، تان جو خبر ئي نه پئي ته ڪوفو ڪڏهن پورو ٿيو ۽ نجف اشرف ڪٿان شروع ٿيو. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ اسان جي بس اميرؑ جي حرم جي پٺيان بيٺي ۽ بس مان لهي يڪدم حرم ۾ داخل ٿياسين، ڇو ته اهو ممڪن ئي نه هو ته عليؑجي حرم وٽ پهچجي ۽ داخل ٿيڻ ۾ دير ڪجي. ايامن کان اها آرزو هئي ته جناب عليؑ جي حرم مبارڪ جي زيارت ڪجي. سامهون ضريح تي جيئن ئي نظر پئي ته ڊوڙي ڄاري پاڪ کي چنبڙي پيس، راسخ عقيدي ۽ فرط جذبات ۾ ڳوڙها زاروقطار وهڻ لڳا. پاڻ کي مولا جي حوالي ڪري رڳ رڳ مان اها دعا پئي نڪتي ته مولا هن غريب مسڪين جي حاضري قبول فرماءِ. پنهنجن پيارن جا واسطا ڏئي عرض ڪيم ته مولا منهنجي مشڪل ڪشائي ڪر ۽ مون تي پنهنجي نظرِ ڪرم ڪر.


    مرقد علوي جي تعمير

    مرقد اميرالمؤمنين جي جڳهه جي خبر آئمه اهلبيت ۽ مخصوص فردن کان سواءِ ڪنهن کي ڪونه هئي ۽ خبر به ڪيئن هجي، ڇو ته قبر هڪ ويران جڳهه ۽ دڙي جي مٽيءَ ۾ لڪل هئي. نه قبر جو نشان هو ۽ نه ئي ڪا تخطي يا ڪتبو لڳل هيو. هڪ دفعي هارون رشيد عباسي سن 170 هجريءَ ۾ برسر اقتدار اچڻ کانپوءِ ڪوفي جي اطراف ۾ سير و شڪار لاءِ آيو. هن ڪجهه هرڻ ڏٺا ۽ انهن جي پويان پنهنجا شڪاري ڪتا ۽ باز ڇڏيا. هرڻ هڪ دڙي تي چڙهي ويا ۽ پر شڪاري ڪتا ۽ باز بيهي رهيا ۽ دڙي تي نه چڙهيا. ان تي هو سخت حيران ٿيو ۽ حيره ڳوٺ جي هڪ بزرگ کي گهرائي پڇيائين ته ڪهڙي جڳهه آهي، جتي هرڻن کي امان ٿي ملي ۽ شڪاري ڪتا ۽ باز بيهي ٿا رهن ۽ انهن جي پويان ڪونه ٿا وڃن. ان شخص ٻڌايو ته هتي امير المومنين عليؑ جو مدفن آهي. هارون ان شخص کي انعام ڏئي روانو ڪيو ۽ قبر جي زيارت ڪرڻ کان پوءِ اتي هڪ ڳاڙهي رنگ جو گنبذ اڏايو ۽ قبر اطهر جي تعمير ڪرائي. سفيد سرن جي چار ديواري ڏياري. محمد ابن زيد حسيني والي طبرستان، معتضد بالله عباسي جي دور ۾ قلعه نما روضو تعمير ڪرايو. جڏهن عضد الدوله فنا خسرو ابن رکن الدوله اقتدار ۾ آيو ته هن تمام سهڻي عمارت ٺهرائي ۽ ديوران تي ساڳ جي ڪاٺيءَ جو ڪم ڪرايو ۽ اڇي رنگ جو گنبذ تعمير ڪرايو. ان تعمير کان پوءِ عضد الدوله وصيت ڪئي ته مون کي نجف اشرف ۾ سرڪار عليؑ جي ڀرسان دفن ڪجو. 914 هجريءَ ۾ شاهه اسماعيل صفوي فولادي ضريح ٺهرائي ۽ حرم ۾ سونا شمعدان نصب ڪرايا. ان کان پوءِ مختلف بادشاهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ تعمير ۽ توسيع ڪئي، جن جا نالا شاهه عباس ڪبير، شاهه صفي صفوي ۽ نادر شاهه افشاري، محمد خان قاچار آهن. ملا طاهر سيف الدين بوهره جماعت جي داعي مطلق به ڪافي ڪم ڪرايو. 2013ع ۾ مون جڏهن اربعين جي موقعي تي زيارت جو شرف حاصل ڪيو ته تمام گهڻو توسيع جو ڪم هلندڙ هو. روڊ کان حرم تائين ايليويٽر نصب ڪيا ويا هئا. صحن ايئرڪنڊيشنڊ ڪيا پئي ويا. غسلخانن جو ڪم به زور شور سان جاري هيو.
    مولا جي ضريح ۾ هڪ پاسي حضرت آدمؑ ۽ ٻئي پاسي حضرت نوحؑ مولاءِ ڪائنات سان آرامي آهن. مولا جي حرم جي پٺ ۾ بهيي ڏسبو ته تمام گهڻي ايراضيءَ ۾ پاڻي نظر ايندو، جنهن کي درياهه نجف چون ٿا. حقيقت ۾ اِها اُها جاءِ آهي، جتي طوفان نوح (ؑ) آيو هو ۽ تنور مان چشمو ڦٽو هو، جنهن مان پاڻي ٻُنڀَ ڏئي ٻاهر نڪتو هو ۽ ٿوري دير ۾ جبلن جي چوٽين کان مٿي ٿي ويو هو. سواءِ حضرت نوحؑ ۽ سندس اصحاب جي، جيڪي ٻيڙيءَ ۾ سوار هئا. باقي سڄي قوم غرق ٿي وئي هئي. خير ضريح جو طواف ڪيوسين ۽ نماز ظهرين ادا ڪري ڪربلا لاءِ واپس بس ۾ اچي ويٺاسين. نجف اشرف به ڏاڍو گرم شهر آهي. نئون نجف بازارين جي لحاظ کان بهتر آهي باقي پراڻو نجف پراڻي لاڙڪاڻي وانگر آهي. صفائي جو نظام به اسانجي شهرن جهڙو، ايتريقدرجو هوٽل وارن جو روڊ جي وچ تي پاڻي هارڻ ۽ روڊ سائيڊ کان پيل گندگي صفا اسان جي شهرن جو ڏيک پئي ڏنو. هاڻي نجف ڇڏي واپس ڪربلا روانا ٿياسين. ڊرائيور ڏاڍو خوش مزاج ماڻهو آهي. مون کان عربيءَ ۾ پڇيائين ته گهڻيون زالون اٿئي؟ مون چيو ته هڪ، ته يڪدم چيائين ”هل انت مفلس فقير“. ڇا تون مفلس فقير آهين؟ مون وراڻيون نه. ”لا اَنا مهندس، مهندس اعليٰ شارعات“، نه مان انجنيئر آهيان، روڊس جو وڏو انجنيئر. چيائين ته مان تنهنجي جڳهه تي هجان ها ته چار ڪريان ها. مان ڊرائيور هوندي به ٻن گهر وارين جو ور آهيان. مون چيو ته اسان وٽ هڪ زال جو رواج آهي، چيائين ته جيڪڏهن تون چاهين ته مان تنهنجي بهترين گهراڻي مان سهڻي عورت سان شادي ڪرايان. خير ڊرائيور ۽ خطاب سان ڪچهرين ڪرڻ ۾ وقت جي خبر ئي نه پئي ۽ ايئن پنجين بجي شام جو ڪربلا ۾ وارد ٿياسين. مجموعي طرح عراقي ماڻهو خصوصاً ڪربلا، نجف ۽ ٻين پاڪ شهرن جا ايرانين کان وڌيڪ خوش اخلاق ۽ محبت ڪرڻ وارا لڳا.
    ڪربلا پهچي هوٽل تي سمهي رهياسين تان ته رات جو اٺين بجي اک کلي. اٿي وهنجي تيار ٿي نڪتاسين حرمين جي زيارت لاءِ. اڄ جمعي رات جي ڪري ٻنهي حرمن تي وڏي رش هئي، جيئن مشهد ۾ امام رضاؑ تي هوندي آهي. بهرڪيف پهريان غازي عباس علمدارؑ جي زيارت ڪري نماز مغربين ۽ نوافل اتي ادا ڪياسين. ان کان پوءِ امام حسينؑ جي زيارت ڪري ماني ٽڪي کائي هوٽل تي آياسين. مختصر ڪچهريءَ کانپوءِ سمهي پياسين. هتي هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته مون ٻنهي حرمن جي ٻاهرين دروازن يا ٻين روضن جي ٻاهرين دروازن تي ميندي هڻا هٿ ڇپيل ڏٺا. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته ڪنوار کي ميندي هڻي حرم ۾ وٺي ايندا آهن ۽ ڪنوار ٻاهرين دروازي تي ميندي هڻو هٿ ڇاپيندي آهي. اها رسم سعات، برڪت ۽ جوڙي جي خوشي ۽ محبت سان رهڻ لاءِ ادا ڪئي ويندي آهي. ٻيو ته ڪو به ماڻهو راهي عدم ٿيندو آهي ته ان جو جنازو به فقط ٻه يا چار ماڻهو پهريان امام عالي مقام جي روضي تي کڻي طواف ڪرائيندا آهن ۽ ان کان پوءِ غازي عباس علمدارؑ جي روضي جو طواف ڪرائي نماز جنازه پڙهي پوءِ تدفين ڪندا آهن. ٻين شهرن ۾ پڻ جتي پاڪ هستين جا روضا آهن، ايئن ئي ڪيو ويندو آهي. اڄ ڪلهه جنازي کي هڪ دروازي مان کڻي ايندا آهن ۽ ضريح جي ڀرسان گذرندي ٻئي دروازي مان نڪري ويندا آهن، ڇو ته روضن کي ٻن حصن ۾ ورهائي وِچَ تي ڄاري نصب ڪئي وئي آهي. هڪڙو پاسو عورتن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي ۽ ٻيو پاسو مردن لاءِ. ٻنهن لاءِ اچڻ وڃڻ جو رستو به الڳ ڪيو ويو آهي.


    صدام، سندس مجسما ۽ فوٽو

    صدام دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ته هو وڏو مقبول ليڊر آهي. وڏن شهرن توڙي ننڍن شهرن ۾ هر چوڪ، سرڪاري بلڊنگس، يونيورسٽين، اسڪولن وغيره ۾ پنهنجا قد آدم فوٽا لڳرائي ڇڏيا هئا. ان کان سواءِ بغداد نجف وغيره ۾ چوڪن ۾ برونز، ٽامي، پٿر وغيره جا وڏا مجسما کڙا ڪرايا هئا. ڪنهن ۾ هٿ ۾ رائيفل کنيو بيٺو آهي ته ڪنهن ۾ هٿ لوڏي ماڻهن کي سلام جو جواب ڏئي رهيو آهي. ظلم ته اهو ته هر حرم ۽ روضي جي اندر صدام جو فوٽو ۽ شجرو نصب ٿيل هيو، جنهن ۾ هن پنهنجو نسبي سلسلو حضرت عليؑ سان ملائي ڇڏيو هو. روضن وارن پوسٽرن ۾ ڪنهن هنڌ هٿ کولي نماز پڙهي رهيو آهي ۽ ڪنهن فوٽي ۾ هٿ ٻڌي. مطلب ته وڏو ظالم ۽ شاطر انسان هئو. سواءِ مخصوص ٽولي جي جيڪو مراعت يافته هو ۽ هن سان وفادار هئو باقي سڄي عراقي قوم يرغمال ٿيل هئي.
    ان کان سواءِ هر دڪان ۽ هوٽل جي مالڪ لاءِ لازمي هو ته صدر صاحب جا مختلف پوز آويزان ڪن ۽ نه ڪرڻ واري سان جيڪو حشر ٿيندو هو، سو خدا جي ڪاڳر ۾ آهي. هن جي ظلمن جي داستانن سان تاريخ ڀري پئي آهي، جيڪڏهن انهن تي لکجي ته هڪ چڱو ڀلو ضخيم ڪتاب ٿي ويندو.
    اڄ تاريخ 12 سيپٽمبر 1997ع جمعي جو ڏينهن آهي. اسان جي اڄوڪي منزل وري به نجف اشرف آهي. اڄ زوارن تيار ٿيڻ ۾ ڏاڍي دير لڳائي ڇڏي. جيڪڏهن اهڙي سستي روز رهي ته ڊپ آ ته ڪجهه زيارتون رهجي نه وڃن. خير بس ۾ سوار ٿي سوا يارهين بجي ڪوفي ۾ آياسين. اڳ ۾ ذڪر ڪيو اٿم ته ڪوفو ضلعي هيڊڪوارٽر آهي ۽ نجف گورنر جو هيڊڪوارٽر آهي. ڪوفو شهر ته ننڍو آهي، پر روڊ دوراها ۽ ڪشادا اٿس ۽ شهر گهڻي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. نجف اشرف ڪافي وڏو شهر آهي. مولا جي حرم وارو علائقو پراڻو نجف آهي ۽ اتي عمارتون به پراڻي وضع جون آهن. روضي جي ويجهو ئي آيت الله عظميٰ بشير نجفي، جيڪو پاڪستاني آهي. آية الله عظميٰ سيستاني، آية الله عظمي طبا طبائي، آية الله عظمي فياض (ڪابل وارو) ۽ ٻيا ڪيترائي مراجع تقليد رهن ٿا، پر صدام جي ظالم حڪومت جي پاليسن جي ڪري اهي سڀ آية الله نظربند آهن ۽ انهن کي حرم تائين وڃڻ جي اجازت به ناهي. جيڪڏهن ڪنهن مقلد کي انهن منجهان ڪنهن سان ملڻو آهي ته عراقي وزارت داخله جيستائين اجازت نه ڏيندي، انهن سان ملي نه سگهبو. انهن مٿين شخصيتن سان مان سن 2001 جي مئي جي مهيني ۾ ملاقات جو شرف حاصل ڪيو. اثناعشري شيعه دنيا جون وڏي ۾ وڏيون يونيورسٽيون نجف اشرف ۾ هونديون هُيون، جيڪي سڀ جون سڀ صدام بند ڪرائي ڇڏيون هيون، تنهن ڪري عالمن تدريس لاءِ قم ۽ مشهد جو رخ رکيو ۽ اتان جي اسلامي حڪومت انهن کي وڌيڪ زور وٺايو ۽ فروغ ڏنو.
    هاڻي اسين روانا ٿياسين مسجد سهله جي طرف، جنهن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.


    مسجد سهله

    مسجد سهله اها مقدس جاءِ آهي، جيڪا حضرت ابراهيمؑ جي رهڻ جي جڳهه هئي. ان کان علاوه حضرت دائودؑ ۽ حضرت خضرؑ پڻ هتي رهندا هئا. هتي ادريسؑ خطاطي ڪندو هو. مطلب ته هي وڏي عزت ۽ توقير واري جاءِ آهي. هن مسجد ۾ رهڻ ائين آهي، جيئن رسول خداﷺ جي خيمي ۾ قيام ڪرڻ.
    مسجد سهله جي زيارت ڪرڻ ۽ نوافل ادا ڪرڻ کان پوءِ اسان مسجد زيد ابن صوحان لاءِ روانا ٿياسين. هي مسجد، سهله مسجد جي ويجهو ئي آهي. زيد بن صوحان مولا عليؑ جي بزرگ صحابين منجهان هو ۽ هڪ درويش صفت انسان هو. سندس شهادت جنگ جمل دوران مولاؑجي طرفان وڙهندي ٿي هئي. ياد رهي ته جنگ جمل جناب اميرالمؤمنينؑ ۽ حضرت معاويه جي درميان لڳي هئي، جنهن ۾ بيبي عائشه خليفه وقت جي خلاف ميدان ۾ آئي هئي. جنگ جمل ۾ حضرت عليؑ کي فتح حاصل ٿي ۽ امام عليؑ جن جناب عائشه کي بصد اهتمام سندن ڀاءُ حضرت محمد بن ابوبڪر﷦ سان گڏ مدينه روانو ڪيو هو. جنگ جي دوران مولا عليؑ لشڪر دشمن کي بار بار ائين چيو پئي ته توهان پنهنجا ننگ گهرن ۾ ويهاري اسان جا ننگ ئي اسانجي سامهون مقابلي لاءِ بيهاريا آهن. توهان کي الله جو خوف ڪونهي.
    هاڻي اسان مسجد صعصعه ابن صوحان جو رخ ڪيو. صعصعه، زيد ابن صوحان جو ڀاءُ هو ۽ جناب اميرؑ جي خاص مصاحب مان هو. هو عهد نبويﷺ ۾ مسلمان ٿيو، پر ڪجهه مجبورين جي ڪري پاڻ سڳورن جي زيارت نه ڪري سگهيو هو. هيءَ مسجد سندس ئي جوڙايل آهي. ان کان پوءِ اسان مسجد حنانه ۾ داخل ٿياسين. هن جڳهه تي جنهن کي راس الحسينؑچيو وڃي ٿو، اتي امام حسينؑ جو سر مبارڪ ديوار سان ٽيڪ لڳائي رکيو ويو هو. حنان الله سائينءَ جو صفاتي نالو آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ نعم البدل ته مون کي نه ٿو ملي، پر انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته ٿڃ پيئندڙ ٻار کي سندس ماءُ جڏهن جهڪي چُمي ڏيندي آهي. انهيءَ پيار کي حنان چئبو آهي. امامؑجي سر مبارڪ کي بوسي ڏيڻ لاءِ هن مسجد جي ديوار جهُڪي هئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين جهڪيل ٿي رهي، حالانڪه ڪيترائي دفعا ديوار کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر وري به ديوار ۾ خم اچيو ٿو وڃي. جيئن ڪعبة الله شريف ۾ رڪن يماني واري ڀت جي شگاف کي سوين ڀيرا بند ڪيو ويو آهي، پر وري اتي ڏار ظاهر ٿيو پوي، جنهن کي سعودي سرڪار ميخون ۽ ڪليون هڻي بند ڪري ڪري ٿڪجي پئي آهي. اِها اُها جڳهه آهي، جتي ڪعبة الله جي ديوار ڦاٽي پئي هئي. سائڻ فاطمه بنت اسد﷦ والده جناب عليؑ ڪعبي ۾ داخل ٿي ۽ عليؑ جن هن دنيا ۾ تشريف آور ٿيا هئا. زيارتون جلدي جلدي پئي ڪيونسين ته متان ڪا زيارت رهجي نه وڃي. هاڻي اسان مسجد ڪميل بن زياد ۾ آياسين. ڪميل بن زياد مولا عليؑ جي خاص مصاحب ۾ شامل هئو. سندن تعلق قبيله نخع سان هيو ۽ انهيءَ ئي قبيلي جو سردار پڻ هيو. حضرت عليؑ سان گڏ هر جنگ ۽ جهاد ۾ شامل رهيو هو. کيس لَعِين حجاج بن يوسف مولا عليؑ جي محبت جي ڪري 90 سالن جي ضعيف العمري ۾ شهيد ڪيو. کيس قتل کان پوءِ مسجد حنانه جي پٺيان ثوبه نالي جڳهه تي دفن ڪيو ويو.
    ان کانپوءِ مولا عليؑ جي روضي جي کاٻي پاسي دنيا جي وڏي ۾ وڏي قبرستان واديءِ سلام ۾ آياسين. روايت آهي ته جنهن به انسان جو روح قبض ٿيندو آهي ته موت جو فرشتو کيس پهريائين واديءِ سلام ۾ وٺي ايندو آهي. هتي هٿ سان ليڪا پائي پنهنجي ۽ پنهنجن عزيز و اقارب جون قبرون ٺاهبيون آهن. هي هڪ قديم ترين ۽ تمام وڏو قبرستان آهي. جيستئاين نظر پوندي قبرون ئي قبرون نظر اينديون. ڪي قبرون ٻه منزله ته ڪي ٽي منزله به نظر آيون. اٽڪل هر پنجن منٽن کانپوءِ هڪ جنازو تدفين لاءِ هتي آندو ويندو آهي، جنهن کي پهريان مولا اميرالمؤمنينؑ جي ضريح مبارڪ جو ٽي دفعا طواف ڪرايو ويندو آهي. جيڪو اڄ ڪلهه ممڪن ناهي ڇو ته ضريح مبارڪ جي ٻنهي پاسي ڄاري لڳائي عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ حصا ٺاهيا ويا آهن، جيئن رش جي ڪري عورتن جي بي حرمتي نه ٿئي. هتي الله جي نبي سڳورن حضرت هودؑ ۽ حضرت صالحؑ جا روضا آهن. هتي ٻه ٻه رڪعتون نماز زيارت پڙهي مقام امام زين العابدينؑ، امام جعفر صادقؑ ۽ مقام صاحب وزمانؑجي زيارت ڪئي سين ۽ نوافل ادا ڪياسين. سخت گرمي ۽ تپش جي ڪري اڳتي وڃي نه سگهياسين ۽ موٽي مولا عليؑ جي روضي مبارڪ ۾ آياسين ۽ صحن ۾ ٻن پهرن جي ماني کاڌي سين، جيڪا ساڻ کڻي آيا هئاسين. هاڻي وضو ڪري حرم پاڪ ۾ اذن دخول ۽ زيارت پڙهي اندر داخل ٿياسين. ضريح مبارڪ کي چميون ڏنيون سين ۽ دعائون گهريون سين. ان کانپوءِ مين دروازي جي سامهون واري مارڪيٽ مان ڪجهه تسبيحون ۽ نگ وغيره خريد ڪياسين.
    مون اصلي عقيق سليماني جي يارهن موٽن داڻن واري تسبيح ورتي. هلڪي ڦلڪي خريداريءَ مان فارغ ٿي وري مولا جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي الوداعي سلام ڪيوسين. دل ۾ اها اميد کڻي ته مولا پنهنجي ۽ پنهنجي شهزادن جي زيارت لاءِ ٻيهر گهرائيندين. تسبيحون ۽ نگ وغيره ضريح سان مس ڪيم ۽ آلين اکين سان مولا کان موڪلائي ٻاهر بيٺل بس ۾ ويٺاسين. هاڻي اسان روانا ٿياسين نبي الله حضرت ذوالڪفل (ؑ) جي زيارت لاءِ. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ هڪ ننڍڙي شهر ۾ پهتاسين، جنهن جو نالو ئي ذوالڪفل آهي. هڪ پراڻي وضع جي تجر يا ونگ تي ٺهيل سنهي ڍڪ بازار مان گذري حضرت ذوالڪفل جي روضي تي آياسين. بازار جون عمارتون پراڻيون ڄڻ کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيون هيون. حضرت ذوالڪفل جو روضو جنهن ۾ سندس چئن صحآبين جون قبرون به آهن، هڪ پراڻي ۽ بوسيده عمارت آهي. صدر دروازي تي عبراني ٻوليءَ ۾ ڪجهه لکيل هيو. شايد حضرت ذوالڪفل جو نالو لکيل هجي. شهر جي حالت زار ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو. هتي به پنڻ وارن جا ڪٽڪ وڪوڙي ويا، جن ۾ اڪثريت ٻارن ۽ عورتن جي هئي. دل ئي دل ۾ حڪومت وقت ۽ سندن صدر تي لعنتون پئي وڌم، ته هيڏي امير ملڪ کي، جيڪو پيٽرول جي دولت سان مالامال آهي، غلط پاليسين سبب غريب ۽ مسڪين بنائي ڇڏيو آهي. جيئن مٿي ٻڌائي آيو آهيان هڪ بدمعاش ٽولو، جيڪو حڪومت ۽ ادارن تي قابض آهي عياشيون پيو ٿو ڪري، باقي عوام جو گذر سفر پنڻ تي آهي يا اهڙن ڪمن تي آهي جنهن جو ذڪر ڪرڻ هتي نامناسب آهي. ذوالڪفل جي مضافات ۾ ٻنيون ئي ٻنيون آهن ۽ ماڻهن جو گذر سفر زراعت تي آهي. پر سم ۽ ڪلر هتي به سنڌ وانگر زمين جو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. سم واه ته ٺهيل آهن، پر اهي سنڌ جي سم واهن وانگر ناڪاره ۽ نان فنڪشنل آهن. جنهن ڪري زمين کي سم ۽ ڪلر کائيندو ٿو وڃي. چوڌاري کجين جا وڻ هئا ۽ کجين کان سواءِ ڪو ٻيو وڻ ميويدار يا غير ميويدار نظر نه آيو.
    هاڻي اسين اڄوڪي سفر جي آخري منزل حضرت زيد بن شهيد بن امام زين العابدينؑ جي روضي تي پهتاسين. هتي مقبري جو ڪم هلي رهيو هيو. حضرت زيد شهيد امام زين العابدينؑ جو پوٽو آهي. زيدي سيد سندس اولاد مان آهن. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به امام هئڻ جي دعويٰ نه ڪئي، پر سندس شهادت کانپوءِ ماڻهن کيس مهدي موعود ۽ امام منصوص مِن الله چوڻ شروع ڪيو ۽ ائين زيديه فرقي جو بنياد پيو. جنهن جا پيروڪار گهڻاتڻا يمن ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ آهن. هنن جو نماز پڙهڻ جو طريقو ۽ ٻيا فروعي طريقا ساڳيا اهلِ سنت وارا آهن پر هي مولا علي عهؑ کي ٽن خلفاءِ راشدينؓ تي فضيلت ڏيندا آهن. ۽ کانئن وڌيڪ خلافت جو حق رکندڙ ۽ مقدم سمجهندا آهن. حالانڪه هي ڪنهن به طرح سان شيعه ناهن پر عرف عام ۾ کين تفضيلي شيعه ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇو ته هي عليؑ کي ٻين اصحابؓ تي وڌيڪ فوقيت ڏيندا آهن. يمن جي حوثين جو تعلق فرقه زيديه سان آهي. روضي جي ٻاهران ساڳيو ئي ڏيک يعني عورتون ۽ ٻار هٿ ڦهلائي خيرات لاءِ عربيءَ ۾ ٻاڏائي رهيا هئا. دعائون گهريون سين ته يا الله اسانجي ملڪ ۾ اهڙا ذليل حڪمران نه آڻجانءِ ۽ پنهنجو رحم ۽ ڪرم ڪجانءِ، ڇو ته هڪ مخصوص ٽولي جي غلط پاليسين جي ڪري ڪروڙين عام ماڻهو عذاب پيا ٿا ڀوڳين. عراق مٿان اقتصادي پابندين جي ڪري تيل جي برآمدات بند هئڻ ڪري تيل ڏاڍو سستو هو، يعني تقريباً هڪ پاڪستاني روپئي ۾ هڪ ليٽر پيٽرول ۽ 10 روپين ۾ 36 ليٽر ڊيزل هيو. ان وقت عراق ۾ بجليءَ جو اهو ئي حشر هيو، جيڪو هاڻي اسان وٽ آهي. يعني لوڊشيڊنگ جو آزار ايترو جو چار ڪلاڪ بجلي هوندي هئي ته چار ڪلاڪ غائب. پيٽرول ۽ ڊيزل سسستي هجڻ ڪري هوٽلن مٿان وڏا وڏا جنريٽر رکيل هئا، جن تي ايئرڪنڊيشنر به هليا پئي. پر اسان وٽ ته جنريٽر هلائڻ به ڏاڍو مهانگو آهي. اسان کي عراق ۾ ان وقت ايڏي لوڊشِڊنگ تي حيرت لڳندي هئي، پر نه ڄاڻ ته ڪجهه سالن کان پوءِ اسانجي جاهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري اسان سان به ساڳيو ئي حشر ٿيڻو هو، جيڪو اڃا تائين لوڙيون ٿا پيا.
    هاڻي رات ٿي وئي هئي، تنهن ڪري واپس ڪربلا لاءِ روانا ٿياسين ۽ تقريباً نائين بجي ڪربلا پهتاسين. اڄ جيئن ته گرمي به گهڻي هئي ۽ سفر به وڌيڪ ڪيو هوسين، تنهن ڪري ڏاڍو ٿڪ ٿي پيو هو، انهيءَ ۾ عافيت سمجهي سين ته سُمهجي، ڇو ته صبح جو اسان کي سامره جي زيارتن لاءِ وڃڻو هو. سامره پهچڻ کان پهريائين مناسب ٿو سمجهان ته سامره جي زيارتن جو مختصر تعارف پيش ڪجي.


    سامره

    سامره يا سرمن رائي بغداد جي اتر ۾ درياهه دجله تي آباد هڪ شهر آهي. جنهن جو مطلب آهي، جنهن ڏٺو ان کي وڻيو. ساسانين جي زماني کان وٺي هي شهر فوجي مرڪز رهيو آهي. ان جي اها حيثيت اسلامي دور ۾ به قائم رهي. سامره ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ درياهه دجله جي مٿان اڏيل هيڊ ورڪس ڏسڻ جهڙا آهن. هي شهر بغداد کان 125 ڪلو ميٽر اتر طرف آهي. هن جي آدمشماري تقريبن ٽي لک کن ٿيندي. هتي سامره يونيورسٽي ۽ ڪيئي ڪاليج وغيره آهن. هتي نائين صدي عيسويءَ ۾ عباسي خاندان جي جوڙايل هڪ خوبصورت جامعه مسجد آهي جيڪا پڻ ڏسڻ وٽان آهي. هتي امام علي نقيؑ ۽ حضرت امام حسن عسڪريؑ جا روضا آهن. حضرت امام حسن عسڪريؑکان روايت آهي ته منهنجي قبر منهنجن دوستن ۽ دشمنن ٻنهي لاءِ بلائن ۽ عذاب الاهي کان امان جو باعث آهي. ٻنهي امامن سڳورن جي ضريح جي اندر ٻه تربتون ٻيون به آهن. هڪ جناب حڪيمه خاتون عليها سلام يعني امام محمد تقيؑ جي نياڻي ۽ امام علي نقيؑ جي ڀيڻ. ان کان سواءِ هڪ تربت سائڻ نرجس خاتون جي آهي. پاڻ ٻارهين امام جناب صاحب عصر و زمانؑجي والده ۽ امام حسن عسڪريؑ جي زوجه محترمه آهن. امام حسن عسڪري عليه سلام جو موجوده روضو ايراني شهنشاهه ناصر الدين قاچار 1868ع ۾ تعمير ڪرايو. 1905ع ڌاري مٿانئس سونو گنبذ تعمير ڪرايو ويو جنهن ۾ تقريباً 72 هزار سونيون ٽائلون لڳايون ويون. ديوارن کي مخصوص ايراني نيري رنگ جي ٽائلن سان سينگاريو ويو. سامره جي افق تي امام سائين جيو روضو نمايان ۽ وڏي آب و تاب سان چمڪندو رهندو آهي. گنبذ جو قطر تقريباً 66 فوٽ ۽ اوچائي 223 فوٽ آهي. 22 فيبروري 2006ع جي نڀاڳي صبح جو عراقي وقت مطابق 6 لڳي 55 منٽن تي القائده ۽ داعش جي ملعونن بم ڦاڙيو جنهن ۾ روضي جو گنبذ شهيد ٿي ويو. سوين ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا. وري 13 جون 2007ع تي انهن ملعونن جي ويڙهاڪن سونن منارن کي جيڪي 118 فوٽ ڊگها هئا پڻ شهيد ڪيو پر انهيءَ الله سائين جي مهربانيءَ سان جاني نقصان ڪو نه ٿيو. 2007ع ۾ عراقي گورنمينٽ هڪ ترڪ ڪمپني کي روضي جي تعمير جو ڪم ڏنو جيڪو الحمد الله هاڻي مڪمل ٿي ويو آهي.سامره جي سفر کان اڳ هنن بزرگ هستين جو مختصر تعارف ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان.


    امام علي نقي

    سندن نالو علي ۽ لقب نقي ۽ هادي آهي. سندن ڪنيت ابو الحسن آهي سندن والد بزرگوار امام محمد تقي ۽ والده ماجده سمانه خاتون آهن. سندن ولادت 5 رجب المرجب 214 هجريءَ ۾ مديني منوره جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ’صريا‘ ۾ ٿي هئي. پاڻ آئمه اهلبيت جي سلسلي جا ڏهون نمبر امام آهن. عباسي خاندان جو حڪمران متوڪل ڏاڍو ظالم ۽ اهلبيت جي دشمنيءَ لاءِ مشهور هئو. هُن خاندانِ رسالت کي ستائڻ ۽ ايذا رساني ۾ ڪوئي موقعو نه وڃايو. ايتري قدر جو امام حسينؑ جي روضي جي چوگرد گهرن کي ڊهرائي پَٽ ڪري ڇڏيائين ۽ اتي زراعت ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيائين. امام حسينؑجي قبر ڏانهن پاڻي ڇڏيو ويو ته جيئن قبر ڊهي وڃي، پر امام جو معجزو هئو، جو متوڪل پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ويو. ان کان سواءِ عشره محرم ۽ عام ڏينهن ۾ ماڻهن کي امام عاليمقام جي روضي ڏانهن وڃڻ نه ڏنو ويندو هو. جيڪڏهن ڪو لڪي ڇُپي ايندو هو ته يا ته هن جو سر قلم ڪيو ويندو هو يا هن جون ٽنگون ٻانهون ڪٽيون وينديون هيون. متوڪل امام علي نقيؑ کي مديني منوره مان سامره گهرايو ۽ کين ظالم جيلر سعيد جي حوالي ڪيو ته جيئن امام تي عرصه حيات تنگ ڪري. هو امامؑکي طرح طرح جون اذيتون ڏيندو رهندو هو. هن ظالم جيلر سعيد جي حراست ۾ امام يارهن سال صعوبتون ڪاٽيندو رهيو ۽ اذيتون برداشت ڪندو رهيو.
    انهيءَ دوران متوڪل فتح ابن خاقان کي پنهنجو وزير خاص مقرر ڪيو. هي ڀلو شخص هئو اندر ۾ محبانِ اهلبيت منجهان هئو. جڏهن فتح، متوڪل تي مڪمل فتح حاصل ڪري ورتي ته هن امام علي نقيؑ جي معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ چاهيو. سامره کي آباد ڪرڻ ۽ غيرآباد علائقي کي زرخيز بنائڻ جي پاليسيءَ تحت فتح هڪ زمين جو ٽڪرو امامؑ جي نالي تي ڪيو، جيئن امام جي نان نفقي جو بندوبست ٿي سگهي. متوڪل جي متوقع انڪار جي ڪري انهيءَ زمين جي قيمت به سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي. جڏهن الاٽيز جي فهرست متوڪل جي اڳيان پيش ڪئي وئي ته امام جو نالو پڙهي کيس ڪاوڙ لڳي، پر زمين جي قيمت ادا ٿيل ڏسي چپ ڪيائين. اذيتناڪ زندان جي تڪليفن کان پوءِ امام سائين کي الڳ جڳهه ۾ رهڻ جي اجازت ملي وئي. متوڪل کي سندس پٽ مستنصر قتل ڪيو ۽ هن تخت نشيني کان پوءِ امام حسينؑ جي قبر جي زيارت جي اجازت ڏئي ڇڏي. انهيءَ عمل تي رعيت ڏاڍو خوش ٿي، پر مستنصر بالله ڇهن مهينن جي حڪومت کان پوءِ بيماريءَ ۾ گذاري ويو. ان کانپوءِ مستعين تخت تي ويٺو، پر ان جي حڪومت به ٿورو عرصو رهي. ان کان پوءِ معتز باالله تخت تي ويٺو، جيڪو ڪينه پرور هيو. هن جڏهن امامؑجي طرف ماڻهن کي رجوع ٿيندي ڏٺو، ته هن کي ڀوَ ورايو ته متان تخت کي ڪو نقصان رسي، تنهن ڪري موقعو وٺي ڪنهن طرح سان امام کي زهر وسيلي 3 رجب سن 254 هجريءَ تي شهيد ڪرائي ڇڏيو ۽ کين سامره ۾ جاءِ ڏني وئي.


    امام حسن عسڪري

    امام حسن عسڪريؑ 10 ربيع الثاني سن 232 هجريءَ ۾ مديني منور ۾ تولد ٿيا. سندن والد گرامي امام علي نقيؑ ۽ والده ماجده حديثه خاتون آهن. سندن نالو مبارڪ حسن ۽ لقب عسڪري ۽ ذڪي آهي. سندن ڪنيت ابو محمد آهي. پاڻ سلسله اهلبيت جا يارهون نمبر امام آهن. پاڻ پنجن ڇهن سالن کن جا هئا، جو سامره ۾ سندن تشريف آوري ٿي ۽ آخري عمر تائين اتي ئي قيام فرمايائون. معتز بالله به جيئن ته اهل بيت جو دشمن، هڪ جابر ۽ ظالم حڪمران هيو، تنهن امام حسن عسڪريؑ کي به طرح طرح جون اذيتون ۽ تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون. امامؑکي قيد ۾ رکيائين، ايتريقدر جو کين نه کاڌو پورو ڏنو ويندو هو ۽ نه پاڻي. پاڻ اڪثر تيمم ڪري نماز ادا ڪندا هئا. معتز باالله کان پوءِ ٻيو ظالم حڪمران معتمد تخت تي ويٺو. بنو عباس جي خليفن کي رسولِ خداﷺ جي حديث ياد هئي ته منهنجا ٻارهن جانشين ٿيندا. تنهن ڪري خلفاءِ عباسي جي اها ڪوشش هئي ته سرڪار ٻارهون امامؑپيدا نه ٿئي. تنهن ڪري معتمد باالله امام کي پنهنجن ازواج مطهرات کان پري رکيو ۽ پنهنجي جيلرن جي تحويل ۾ رکيو، پر انهن تي هن کي اعتبار نه هو، تنهن ڪري پنهنجي محل جي تهه خاني ۾ امامؑکي مقيد ڪري چاٻيون پاڻ وٽ رکيون. قدرت خدا جي، جو هڪ نصراني اتي آيو، جنهن اچي دعويٰ ڪئي ته مان جنهن وقت چاهيان مينهن وسايان ۽ هن ائين ڪري به ڏيکاريو. ڪيترائي ماڻهو ان عيسائي راهب جي پويان لڳي پيا. معتمد کي خيال آيو ته امامؑکان مدد وٺجي، سو امام کي آزاد ڪري سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. امام فرمايو ته سڀ ماڻهو شهر کان ٻاهر جمع ٿين ۽ اهو عيسائي راهب به اتي اچي. جڏهن ماڻهو ڪٺا ٿيا ۽ اهو عيسائي راهب به آيو. امام فرمايس ته تون مينهن وسائي سگهين ٿو؟ هن هڪدم چيو ته مان جڏهن چاهيان مينهن وسائي سگهان ٿو. ائين چئي هُن هٿ آسمان ڏي بلند ڪيا. ايتري ۾ امامؑجن ماڻهن کي چيو ته هن جي مُٺ ۾ جيڪا شيءِ آهي، اها کانئس وٺو. ماڻهو اها وٺي آيا، جيڪا هڪ انساني هڏي هئي. امام جن اها دفن ڪرائي ۽ نصراني کي حڪم ڪيو ته هاڻي برسات وساءِ، پر برسات ڪونه اُٺي. ان کانپوءِ امامؑجن ماڻهن کي چيو ته نماز استسقاءِ يعني نماز باران لاءِ صفون ٻڌو. پاڻ وضو ڪري نماز پڙهايائون. اڃا دعا ئي گهرن پيا ته زوردار مينهن لهي پيو ۽ سڄو علائقو جل ٿل ٿي ويو. معتمد امام سائين کان پڇيو ته ڇا ماجرا آهي. هي نصراني مينهن ڪيئن پيو وسائي؟ امام وراڻيو ته هن نصرانيءَ جي هٿ ۾ ڪنهن نبي سڳوري جي بدن جو هڪ هڏو هو، جنهن وقت هن هٿ بلند ٿي ڪيا ته الله تعاليٰ پنهنجي نبيءَ جي لڄ خاطر جلال ۾ اچي بارش پئي وسائي. جنهن ۾ هن نصرانيءَ جو ڪو به ڪمال ڪونهي. انهيءَ کانپوءِ معتمد بالله امامؑکي آزاد ڪيو ۽ پنهنجي گهر ۾ رهڻ جي اجازت ڏني.
    بهرڪيف پوءِ به امامؑپنهنجي گهر ۾ زير حراست رهيا ۽ ائين الله جي رضا سان 15 شعبان سن 255 هجريءَ ۾ حضرت امام مهديؑ دنيا ۾ تشريف کڻي آيا. ڇو ته خلفاءِ عباسين کي آئمه طاهرين کان اموين وانگر سخت ڊپ هوندو هو ته متان خلق خدا آئمه طاهرين جي ڪري اسان جن حڪومتن کي لوڏي نه وجهي. تنهن ڪري هر امام کي شهيد ڪيو ويو. حضرت امام حسن عسڪريؑ کي به معتمد بالله زهر وسيلي شهيد ڪرايو.


    حضرت بيبي نرجس خاتون

    حضرت بيبي نرجس خاتونؑ امام حسن عسڪريؑ جي زوجه ۽ امام مهديؑ جي والده آهي. هيءَ پاڪ بيبي قيصر روم جي پوٽي ۽ حضرت عيسيٰؑ جي وصي شمعون جي نسل مان هئي. هن پاڪ بيبي جي وڏي عظمت آهي، ڇو ته حجت خدا صاحب عصر و زمانؑجي والده آهي. کين خواب ۾ جناب فاطمة الزهرا سلام الله عليها مسلمان ڪيو ۽ رسول خدا صه جن حضرت عيسيٰ عليه سلام کان سندن فرزند امام حسن عسڪري سلام لاءِ سڱ گهريو هو. امام حسن عسڪري عليه سلام سان شادي کانپوءِ هن بيبيءَ کي دين جي تعليم امام علي نقي عليه سلام جي نياڻي، امام حسن عسڪري عليه سلام جي پڦي جناب حڪيمه خاتون عه جن ڏني. سندن قبر مبارڪ سندن شوهر نامدار والد امام عصر وزمان عه حضرت حسن عسڪري عليه سلام جي قبر جي لڳ ئي آهي. يعني هڪ ئي ضريح ۾ جناب حڪيمه خاتون عه، جناب نرجس خاتون عه، جناب امام علي نقي عه ۽ امام حسن عسڪري عه موجود آهن.


    حضرت بيبي حڪميه خاتون

    جناب حڪيمه خاتون عليها سلام امام محمد تقي جي صاحبزادي ۽ امام علي نقي جي همشيره آهي. سندس والده ماجده جو نالو سمانه خاتون آهي. حضرت حڪيمه خاتونؑ ڪيترين ئي حديثن جي راوي آهي ۽ حرز امام جوادؑجي به راوي آهي. پاڻ چئن امامن جو زمانو ڏٺائون يعني امام محمد تقي عه، امام علي نقي عه، امام حسن عسڪري عه، ۽ امام زمانهؑ. امام علي نقيؑ پنهنجي همشيره کي پنهنجي فرزند حسن عسڪري (ؑ) جي زوجه يعني والده امام زمانهؑبيبي نرجس خاتون جِي معلمه مقرر ڪيو ويو. امام حسن عسڪريؑ جناب حڪيمه خاتون يعني پنهنجي پڦي کي رازِ الاهي جي ظهور ۾ مددگار طور منتخب ڪيو هو. پاڻ به ساڳي ضريح ۾ امام علي نقي، امام حسن عسڪري ۽ بيبي نرجس خاتون سان محوِ خواب آهن.
    هاڻي اچو ته، هلون ٿا پنهنجي سفرنامي طرف ته اڄ صُبح جو سوير يعني، تاريخ 13 سيپٽمبر 1997ع تي نماز فجر حرم امام حسينؑ ۾ ادا ڪري غازي عباسؑ جي زيارت ڪري بس ۾ سامره وڃڻ لاءِ ويٺاسين.بس ڪربلا جون عمارتون ڇڏيندي هلي ۽ نيٺ مين هاءِ وي تي سامره وڃڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳي. رستي جي ٻنهي پاسي آبادي ئي آبادي هئي. تاحد نگاهه انگورن ۽ ڊاک جون وليون پکڙيل هيون. ڪيترائي ڪڙمي ڪاري ۽ عورتون انگور ۽ ڊاک جا ڇڳا پٽڻ ۽ پيڪ ڪرڻ ۾ مصروف هئا. ٻنهي طرفن جو نظارو ڏاڍو دل لڀائيندڙ هو. اندر خلاصي بس ۾ ٿڌي ماحول ۾ ويٺي ٻاهريان نظارا ڏاڍا وڻيا پئي، پر گرميءَ جي خبر تڏهن پئي جڏهن اسانجي بس بلد نالي ڳوٺ ۾ پهتي، جتي امام زاده سيد محمد بن امام علي نقي الهاديؑ جو روضو آهي. بس مان لهندي شديد گرمي محسوس ٿي، بهرڪيف پاڻي وغيره پي روضي ۾ اندر داخل ٿياسين. هتي ڪيترائي ننڍڙا پينگهڙا موجود هئا، جيڪي اولاد جي باس پوري ٿيڻ کانپوءِ ماڻهو هتي ڏئي ويندا آهن يا جيڪڏهن ڪو اولاد جو آرزو مند هوندو آهي ته هتان هڪڙو پينگهڙو کڻي ويندو آهي ۽ باس پوري ٿيڻ تي اهو پينگهڙو ۽ ان سان گڏ ٻيو پينگهڙو ڏئي ويندو آهي ۽ ٻارڙو زيارت لاءِ وٺي ايندا آهن، پنهنجي حيثيت آهر اتي هڪ يا ٻه ٻڪر يا دنبا قربان ڪندا آهن. جن جو گوشت تقسيم ڪيو ويندو آهي ۽ ڪجهه حصو پنهنجي لاءِ کنيو ويندو آهي. هيءُ علائقو اهل سنت جي ماڻهن سان آباد آهي. ٿورڙو اڳتي روضي جي ڀرسان ئي هڪ کليل صحن ۾ پاڻيءَ جو ناديون ۽ مٽ ڀريا پيا هئا ۽ اهي سبيل هلائڻ وارا ڪنهن صوفي فرقي سان تعلق پيا رکن، جنهن جي اسان کي خبر پئجي نه سگهي، ته ڪهڙي فرقي سان تعلق هُين. هونئن به رستي جي ٻنهي پاسي سُني آبادي آهي ۽ ماضي قريب ۾ هن علائقي تي داعش وارن جو قبضو هو. جيڪي بسن تي فائرنگ ڪندا هئا ۽ ڪن حالتن ۾ ته زائرين کي ماري انهن جون عورتون کڻي ويندا هئا. بهرحال هاڻي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اوسي پاسي مان داعش کي ڀڄائي ڪڍيو ويو آهي ۽ هي علائقو عراقي فوج جي ڪنٽرول ۾ آهي. والله اعلم بالصواب. بلد ۽ ڀر وارن ڳوٺن جي ماڻهن جو ذريعه معاش زراعت، کيتي ۽ مال پالڻ آهي. مال ۾ هي ماڻهو گهڻو ڪري دنبا ۽ ٻڪريون پالن، مينهون، ڳئون ۽ اٺ وغيره مون کي هتي نظر ڪونه آيا. جن ماڻهن جي باس پوري ٿيندي آهي، اهي به روضي جي ٻاهران ئي بيٺل ماڻهن کان ٻڪر يا دنبا وٺي اندر صحن ۾ هڪ مخصوص جاءِ تي ذبح ڪرائيندا آهن.
    هاڻي اسان جي اڳين منزل سامره هئي. تقريباً ٻارهين بجي سامره ۾ پهتاسين. سامره کان پهريائين درياهه دجله تي ٺهيل ڊيم وٽان گذر ٿيو، ڇو ته روڊ ڀرسان ئي ٿي لنگهيو. ڏاڍو دلفريب ۽ سهڻو نظارو هيو، پر وقت نه هئڻ جي ڪري ڊيم ڏسڻ لاءِ ڪونه لٿاسين ۽ سڌو سامره شهر ۾ امام حسن عسڪريؑ جي روضي تي آياسين. روضي جي اڳيان هڪ ميدان ۾ بس بيهاري وئي، جتي اڳ ۾ به ڪيئي بسون بيٺل هيون. روضي جي ٻاهران سامهون ۽ کاٻي پاسي دڪان ۽ ريسٽورينٽس ڪثير تعداد ۾ موجود هئا. اسين هاڻي روضي ۾ داخل ٿياسين. روضي جي صحن جو فرش اڇي ماربل جو لڳل آهي، پر ڀڳل ٽٽل آهي. لڳي ٿو ڪيتري وقت کان وٺي مرمت ڪانه ڪئي وئي آهي. روضي جي مٿان وڏو گول سون جي ٽائيلن سان گنبذ ۽ صدر دروازي جي ٻنهي پاسي سونا منارا پنهنجي آب و تاب سان ڪر کنيو بيٺا آهن. روضي جا خدام به اهل سنت سان واسطو رکندڙ آهن، ڇو ته هنن نماز هٿ ٻڌي تي پڙهي. روضو به پراڻي وضع جو ٺهيل آهي. اندر ڪاشيءَ جي ٽائيلن جو رنگ به ڦِٽي ويو هو. هڪ ئي ضريح ۾ جناب علي نقي عه، جناب حسن عسڪري عه، جناب حڪيمه خاتونؑ ۽ جناب نرجس خاتونؑ والده جناب امام مهديؑ آرام فرما آهن. نماز ظهرين ادا ڪئي سين ۽ ٻاهر اچي صحن ۾ ئي پاڻي، چانهه ۽ بسڪوٽن جي سبيل سان شڪم سير ٿي آياسين، غيبت امام زمانهؑ جي جاءِ تي، جيڪا روضي جي سامهون ئي ٻاهرين ديوار جي لڳ آهي. روايت آهي ته امام زمانه جي چاچي يعني امام حسن عسڪريؑ جي ڀاءُ جعفر جنهن کي پهريان جعفر ڪذاب چيو ويندو هو، پر پوءِ تائب ٿيو، جنهن ڪري بعد ۾ جعفر تواب جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو، کي به امام زمانه جي پيدا ٿيڻ جي خبر ڪانه هئي. صرف امام حسن عسڪريؑ جي ڪجهه اصحابن ۽ بيبي حڪيمه خاتون کي ڄاڻ هئي. جعفر کي ان ڪري نه ٻڌايو ويو هو، ڇو ته هن جي عباسي خلييفي معتمد جي درٻار تائين رسائي هئي.
    امام زمانهؑ جي پيدائش کي پنجن سالن جي عمر تائين مخفي رکيو ويو هو. جڏهن معتمد امام حسن عسڪريؑ کي شهيد ڪرايو ۽ نماز جنازه پڙهڻ جو وارو آيو ته جعفر نماز پڙهائڻ لاءِ جنازي جي پويان اچي بيٺو. ايتري ۾ هڪ خوبصورت پنجن سالن جو ٻار نمودار ٿيو ۽ جعفر کي ٻانهن کان جهلي پاسي ڪيو ۽ فرمايو ته چاچا امام معصوم جي نماز امام معصوم ئي پڙهائيندو آهي ۽ اوهين نه امام آهيو ۽ نه معصوم. جعفر يڪدم اتان ڀڳو ۽ معتمد جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ته حسن عسڪريؑکي ته پنجن سالن جو پٽ آهي، جنهن جو نالو محمد ۽ لقب مهديؑآهي. انهيءَ فصيح زبان ۾ مون سان ڳالهايو ۽ مون کي نماز جنازه پڙهائڻ کان منع ڪئي. جعفر معتمد جا سپاهي وٺي جڏهن پهتو ته امام زمانه نماز جنازه پڙهائي انهيءَ غيبت واري جڳهه تي سرداب ۾ غائب ٿي ويا. سپاهين ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر اندر تنگ غار ۾ داخل ٿي نه سگهيا ۽ واپس موٽي ويا. معتمد جعفر تي سخت ڪاوڙيو ته تو غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو آهي. پر جعفر جيئن ته پنهنجي اکين سان پنهنجو ڀائٽيو ڏٺو هو ۽ اهو غيبت ۾ به هليو ويو ته هو پنهنجي ڪيئي تي سخت نادم ٿيو ۽ توبه تائب ٿيو. جنهن ڪري سندس نالو جعفر تواب پئجي ويو. امام زمانه (ؑ) پنهنجي نائبن جي وسيلي ماڻهن تائين احڪام پهچائيندا رهندا هئا. هڪ نائب جو جڏهن وقت پورو ٿيڻ ورو هوندو هو ته انهيءَ کي ٻئي نائب مقرر ڪرڻ بابت ٻڌايئندا هئا. ائين ڪل چار نائب گذريا آهن، اهو سلسلو ستر سالن تائين هلندو رهيو ۽ امام جن آخري نائب کي فرمايو ته هاڻي منهنجي غيبت ڪبرا شروع ٿيڻ واري آهي. آءٌ حضرت خضرؑوانگر هن دنيا ۾ موجود هوندس، پر عام ماڻهن جي نظرن کان اوجهل هوندس. منهنجو ظهور قيامت کان پهريان ٿيندو ۽ نبي الله عيسيٰؑ منهنجي اقتدا ۾ نماز ادا ڪندو. امام مهديؑ تي اسلام جا سڀ فرقا متفق آهن، فرق صرف اهو آهي ته اثنا عشري شيعه مطابق امام سائين جن پيدا ٿي چڪا آهن ۽ قيامت تائين زندهه رهندا ۽ امام حسن عسڪريؑ جا فرزند آهن سندن نالو محمد لقب مهدي ۽ ڪنيت ابوالقاسم آهي، جڏهن ته اهل سنت جي علماءِ جو خيال آهي ته امام سائين جن پيدا ٿيندا ۽ امام حسنؑ جي پيڙهيءَ مان هوند ا۽ سندن نالو عبدالله ۽ لقب مهدي هوندو.
    خير سرداب جي زيارت کانپوءِ الوداعي سلام ڪري روضي جي سامهون هڪ ريسٽورينٽ تي مڇي ۽ ماني کاڌي سين. ماني کائي مان ڪيمرا ۾ رول پئي وڌو ته هڪ لمبي تڙنگي ترڪي ٽوپي پاتل شخص منهنجي ويجهو اچي مون کان پڇيو ته ڪير آهين؟ ڪٿان آيو آهين؟ شيعو آهين يا سني؟ مون کي جيڪي جواب مناسب لڳا، مون هن کي ڏنا. تنهن تي چوڻ لڳو ته تنهنجو امام منهنجو سوٽ آهي اها خبر اٿئي؟! مان پريشان ٿي ويس ۽ مولوي صاحب کان مطلب پڇيم. مولوي صاحب وراڻيو ته هي ڪمينو ذات جو عباسي هوندو ۽ حضرت عباس﷦ رسولِ خدا جي چاچي جي نسبت سان ۽ حضرت ابو طالب جي ڀاءُ جي نسبت سان پاڻ کي امام جو مذاقاً سئوٽ ٿو سڏائي ته منهنجي به تعظيم ڪيو. غصو ته ڏاڍو آيو، پر پرائو ملڪ کيس ڪجهه به نه چيم. گرمي به ايڏي هئي، جو زمين تي ڄڻ ٽانڊا وڇايا پيا هئا. جلدي جلدي بس ۾ سوار ٿي پنهنجي اڳين منزل مداين لاءِ روانا ٿياسين. سامره ايندي ۽ مداين ويندي بغداد شهر جي وچ مان گذر ٿيو. نئون بغداد ڏاڍو سهڻو ٺهيل آهي، روڊن سان گل ٻوٽا ۽ وڻڪار جام آهي، انهيءَ کان علاوه اوور هيڊ پُليون به جام آهن، تنهن ڪري شهر ۾ ٽريفڪ مُنجهڻ ۽ جام ٿيڻ وغيره بنهه ڪونهي. نئون شهر سٺي ترتيب سان ٺهيل آهي. عراق جا شهر ۽ ڳوٺ وغيره ڪشاده آهن ۽ روڊ رستا به دوراها ۽ ڪشاده آهن. حالانڪه ايتري آدمشماري ڪانه آهي.
    هاڻي اسان مداين شهر ۾ پهچي وياسين، جتي ٽن جليل القدر اصحاب سڳورن جا مرقد مقدس آهن.
    1. حضرت سلمان فارسي﷦
    2. حضرت جابر بن عبدالله انصاري﷦
    3. حضرت حذيفه اليماني﷦
    هي ٽيئي صحابي هڪ روضي ۾ مدفون آهن. هرهڪ جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.


    حضرت سلمان فارسي﷦

    حضرت سلمان فارسي﷦ جي فضيلت ان مان ئي ظاهر آهي جو پيغمبر خداﷺ جن فرمايو ”السّلمانُ مِنّا اهلِ البيت“ يعني سلمان اسان اهل بيت منجهان آهي. اهو اُهو انعام ۽ منزل هئي، جيڪا ٻئي ڪنهن به صحابيءَ کي حاصل ڪونه هئي. رسول اڪرم صه جو ڪوبه صحابي انهيءَ رتبي تي پهچي نه سگهيو، جو هو اهل بيت ۾ شامل هجي سواءِ سندن خاندان جي يعني پنجتن پاڪ عليهم سلام جي. پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو ته سلمان ايمان جي ڏهين درجي تي فائز آهي. پاڻ سڳورن اهو پڻ فرمايو هو ته ڪو شخص جيڪڏهن اهو ڏسڻ چاهي ته اسلام جو نور ڪنهن جي دل ۾ روشن آهي ته اهو سلمان جي چهري جي زيارت ڪري.
    سلمان﷦ کي رسول اللهﷺ ۽ حضرت عليؑ جي صحابي هئڻ جو شرف حاصل آهي. غزوة خندق ۾ سندس ئي تجويز تي رسولِ خداﷺ مسلمانن جي لشڪر جي چوڌاري کڏ کوٽائي انهن کي تحفظ فراهم ڪيو انهيءَ ڪري ان غزوي کي غزوة خندق به چيو ويندو آهي.
    حضرت سلمان﷦ حضرت عمر بن خطاب﷦ جي دور خلافت ۾ به مداين جا گورنر رهي چڪا هئا. روايت ۾ آهي ته پاڻ جڏهن مداين جا گورنر ٿي آيا، ته مداين ۾ چوري عروج تي هئي. پاڻ مداين جي ماڻهن کي گڏ ڪري اعلان ڪيائون ته اڄ کان پوءِ ڪوئي به شخص چوري نه ڪندو، نه ته ٻي صورت ۾ مان مداين جي ڪتن کي حڪم ٿو ڏيان ته هو چوري ڪرڻ واري کي ڏاڙهي ماري ڇڏين. پهريان ته ماڻهن حضرت سلمان﷦ جي ان ڳالهه تي ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪَيون ۽ چوريءَ کان نه مڙيا. نتيجو اهو نڪتو، جو ٻئي ڏينهن صبح جو ڏٺو ويو، ته ڪيترن چورن جا لاش گهٽين ۾ پيا هئا، جن کي ڪتن چيري ڦاڙي ڇڏيو هو. اهڙي طرح اهو ڪُڌو ڪم ختم ٿيو. اها هئي سلمان﷦ جي ايمان جي فضيلت.
    پاڻ حضرت عليؑ جي دور خلافت ۾ به مداين جا والي هئا. سندن وفات بحيثيت واليءِ مداين 8 صفر سن 35 هه ۾ 250 سالن جي عمر ۾ ٿي. حضرت اميرالمؤمنينؑ مديني کان اچي کين غسل ڏنو، ڪفن پارايو، نماز جنازه پڙهائي ۽ تدفين ڪئي. سلمان جي فضيلت جو اندازو ان مان لڳائجي ته جنهن کي غسل جناب اميرؑ ڏئي، ڪفن به اهو ئي پارائي ۽ باصفوف ملائڪن سان گڏ سندس جنازه نماز پڙهائي ۽ تدفين ڪري، انهيءَ صحابي جي ڇا ته منزلت هوندي.


    حضرت حذيفه يماني﷦

    حضرت حذيفه﷦ رسول اللهﷺ جي جليل القدر صحابين منجهان هئا. اهڙي طرح مولا عليؑ جي چئن خاصن منجهان پڻ هئا، يعني (1) حضرت سلمان فارسي﷦، (2) حضرت ابوذر غفاري﷦، (3) حضرت مقداد اسود ڪندي﷦ ۽ (4) حضرت حذيفه يماني﷦. حضرت حذيفه انهن منافقن کي چڱيءَ طرح سڃاڻندا هئا، جيڪي هڪ رات رسولِ خداﷺ کي شهيد ڪرڻ جي ارادي سان نڪتا هئا. اهي ڪل چوڏهن ماڻهو هئا، جن مان 9 قريش قبيلي مان ۽ باقي پنج ٻين قبيلن منجهان هئا. حضرت عمر﷦ جي دور ۾ پاڻ مداين جا گورنر هئا، مگر بعد ۾ معزول ڪيا ويا ۽ پوءِ مولا اميرؑ جي زماني ۾ حضرت سلمان فارسي﷦ جي رحلت کانپوءِ ٻيهر مداين جا والي مقرر ٿيا. پاڻ 28 محرم سن 36 هجريءَ ۾ انتقال ڪيائون.
    چون ٿا ته حضرت حذيفه﷦ درياهه دجله جي ڪناري تي مدفون هئا. ساڻن گڏ حضرت جابر بن عبدالله انصاري پڻ ڀرسان ئي دفن ٿيل هئا. سن 1932ع عيسوي مطابق 1351 هجري ان وقت عراق جي بادشاهه فيصل بن شريف حسين کي حضرت حذيفه﷦ خواب ۾ آيا ۽ بادشاهه کي مخاطب ٿي فرمايائون ته درياهه دجله جو پاڻي تيزيءَ سان منهنجي قبر ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ جابر بن عبدالله انصاري﷦ جي قبر ۾ به آهستي داخل ٿي رهيو آهي. ساڳيو خواب بادشاهه ٻئي ڏينهن به ڏٺو، پر ملڪي معاملات جي مصروفيت جي ڪري سندس ڌيان ان طرف ڪونه ويو، تان جو ٽئين ڏينهن به ساڳيو ئي خواب عراق جي مفتي اعظم ڏٺو. جنهن ۾ حضرت حذيفه﷦ مفتي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اسان ٻن ڏينهن کان بادشاهه کي چوندا ٿا اچون ته اسان جون قبرون پاڻيءَ سان ڀرجنديون ٿيون وڃن ۽ بادشاهه آهي، جو ان طرف ڌيان ئي ڪونه اٿس. انهيءَ کي ٻڌاءِ ته اسان جي قبرن کي منتقل ڪرڻ جو بندوبست ڪري. بادشاهه، مفتي ۽ وزيراعظم مشورو ڪري فيصلو ڪيو ته ذوالحج جي ڏهين تاريخ تي قبرن جي کوٽائي ڪري لاش مبارڪ منتقل ڪيا ويندا. جيئن ته ڏهين ذوالحج عيد جو ڏينهن هو ۽ حجاج جيڪي مڪي ويل هئا، تن جو پهچڻ محال هو، تنهن ڪري عوام جي اسرار تي تاريخ بدلائي 20 ذوالحج ڪئي وئي. 20 ذوالحج تي پهريائين حضرت حذيفه﷦ جي قبر کوٽي وئي ته واقعي قبر ۾ پاڻي موجود هو ۽ لاش ۽ ڪفن صحيح سلامت هئا، ڄڻ ڪو ماڻهو ستو پيو هجي. لاش مبارڪ ڪرين سان کنيو ويو ۽ هڪ اسٽريچر تي رکيو ويو. اسٽريچر کي شاهه فاروق مصر، شاهه فيصل عراق، مفتي اعظم ۽ وزيراعظم کڻي هڪ شيشي جي پيٽي ۾ منتقل ڪيو. ساڳيو ئي عمل حضرت جابر بن عبدالله انصاري﷦ جي جسم مبارڪ لاءِ دهرايو ويو ۽ ٻنهي صحابين جا جسد خاڪي حضرت سلمان فارسيءَ جي ڀرسان دفن ڪيا ويا. هاڻي ٽيئي صحابي هڪ روضي ۾ آرام فرما آهن.


    حضرت جابر بن عبدالله انصاري﷦

    حضرت جابر بن عبدالله انصاري﷦ جنهن جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آهيان. رسول ِ خدا جو هڪ جليل القدر صحابي هو. کيس امام حسينؑ جي پهرين زوار هئڻ جو شرف حاصل آهي. جيتوڻيڪ سندن نظر تقريباً ختم ٿي چڪي هئي، پر پاڻ جيئن ئي سرزمين ڪربلا ۾ آيا ته پاڻ کي پنهنجي سواريءَ تان ڪيرائي ريڙهيون پائيندا امام عالي مقامؑ جي قبر اطهر تي آيا. پاڻ رسولِ خداﷺ جا اهي صحابي آهن، جن ستن معصومين جو زمانو ڏٺو. حديث ڪساءِ کانئن ئي مروي آهي، تنهن ڪري جڏهن حديث ڪساءِ جي تلاوت ڪئي ويندي آهي، شروع ۾ سندن نالو ايندو آهي. سندن وفات 94 سالن جي عمر ۾ سن 78 هجريءَ ۾ ٿي باقي سندن تدفين جو قصو مٿي ٻڌائي چڪو آهيان. نماز ظهرين هنن ٽنهي صحابين جي روضي ۾ ادا ڪئي سين. اسان جو بس واري ڪولر جو پاڻي ختم ٿي چڪو هو. تنهن ڪري علي شير سومرو جيڪو سبيل جو ڪولر خالي ٿيڻ ڪونه ڏيندو هو. امير ميمڻ کي ساڻ ڪري برف وٺڻ ويو هو. سخت گرميءَ جي ڪري مون کي اچي اُڃ ورايو سو، سامهون هڪڙي ڇپر واري چانهه جي هوٽل تي وڃي هوٽل واري کان پاڻي گهريم. هن شريف ماڻهو گلاس ڌوئي منهنجي گذارش تي هلڪو ٿڌو پاڻي ٺاهي ڏنو، جيڪو مون پيتو. اتي درزن کن بزرگ عراقي قهوي ۽ حقي مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. تقريباً سڀني چانهه جي صلاح ڪئي ۽ مان شڪراً شڪراً چوندو سندن ٿورا مڃيندو اچي پنهنجي بس ۾ ويٺس. ايتري ۾ علي شير وارا ڪولر پاڻيءَ جو ڀري کڻي آيا. عراقي مهمان نواز ڏاڍا آهن، جيڪڏهن ڪنهن به ريسٽورينٽ يا چانهه جي هوٽل تي وڃبو ته اتي اڳ ۾ ويٺل ماڻهو توهان کي مانيءَ يا چانهه جي صلاح ڪندا.
    عراقي اثنا عشري شيعا ڏاڍا سچا ۽ مهمان نواز آهن. هونئن ته ٻيا عراقي به گهڻو تڻو مهمان نواز آهن، سندن مهمان نوازي جو ننڍڙو مثال ڏيڻ هتي مناسب ٿو سمجهان. سن 2001ع ۾ چهلم جي موقعي تي مان، منهنجي گهر واري ۽ ننڍڙو حسنين حيدر عراق وياسين. ڪربلا ۾ اسان جنهن هوٽل ۾ رهيل هئاسين، اهو حرم جي بالڪل سامهون هو. اسان کي جيستائين قافلي وارا چانهه ڏين، تيستائين مان نماز فجر کان پوءِ ٿرماس کڻي هڪ ٺيلهي واري کان چانهه وٺندو هوس. ٿرماس پنجن چانهن جو هوندو هو. مان هن کي چوندو هوس ته تو واري چانهه ثقيل آهي، يعني ڪوڙي يا تيز آهي، مون کي اڌ پاڻي ملائي ڏي ته هو پڇندو هو ايراني چانهه؟ مان چوندو هومانس ته ها. هو ويچارو پنجن چانهين جي پيسن بدران ٻن چانهن جا پيسا وٺندو هو. مان ڏاڍو چوندو هومانس ته چاهيون ته پنج ٿيون نه؟ ته هو چوندو هو ته، ڪربلا ۾ ويهي مان اها بي ايماني نه ٿو ڪري سگهان. حالانڪه سندس جُبّي تي چتيون لڳل هونديون هيون. ساڳئي سفر دوران ڪاظمين ۾ مان ۽ منهنجي گهر واري هڪ چانهه جي اسٽال تان ٻه چانهيون ورتيون. اتي اڳ ۾ هڪ دهقان يا هاري ٽائيپ ماڻهو به پنهنجي گهر واري سان چانهه پي رهيو هو. رسمي عليڪ سليڪ ٿي. ان کانپوءِ هو موڪلائي ويو. مان جڏهن چانهن واري کان پيسا پڇيا ته هن شريف ماڻهو ٻڌايو ته توهان جا پئسا جيڪو توهان سان ڳالهائي پيو، ڏئي ويو. هڪ دفعي قم ايران ۾ هڪ ريسٽورينٽ ۾ مانيءَ لاءِ وياسين. اتي اڳ ۾ هڪ عراقي عرب ويٺل هو، جيڪو صدام جي عتاب جي ڪري ايران ۾ پناهه گزين هو، تنهن ماني ٿي کاڌي. سندس لباس مان لڳو پئي ته غريب مسڪين ماڻهو آهي. اسان اڃا ڪرسين تي مس ويٺاسين ته مانيءَ کائڻ جي صلاح ڪيائين. اها آهي سندن مهمان نوازي.
    اهو رواج اسان جي ڳوٺن ۾ به اڳ هيو. مون کي ياد آهي ته جڏهن زندگيءَ ۾ پهريون دفعو پنهنجي وڏي ڀاءُ اختر علي جانوريءَ سان گڏ 1970ع ۾ مون لطيف سرڪار جي زيارت ڪئي ۽ واپسيءَ ۾ روضي واري چاڙهيءَ تي هڪ ڪچي هوٽل تي منجهند جي مانيءَ لاءِ ويٺاسين ته اتي اڳ ۾ ويٺل ماڻهن مانيءَ جي صلاح ڪئي. ان زماني ۾ لطيف سرڪار ڏي ويندڙ چاڙهي به ڪچي هئي ۽ پاسي وارا هوٽل به نانوائي هوٽل هوندا هئا. خير قصو پئي ڪيوسين مداين جو ته مداين به هڪ ڳوٺ نما شهر آهي. جيئن جاتي، چوهڙ جمالي، ٻيڙو چانڊيو، وارهه، نصيرآباد وغيره. مداين جي ڀرسان ئي ايراني شهنشاهه يزدجرد جي ڪسريٰ محل جا آثار آهن جيڪي اسان وقت جي ڪمي جي ڪري ڪونه ڏسي سگهياسين.
    هاڻي اسان جي اڳين منزل ڪاظمين هئي. تقريباً ساڍي ستين بجي بغداد مان ٿيندا ڪاظمين شريفين پهتاسين. هوٽل زمزم ۾ سامان رکي حرم پاڪ جي زيارت لاءِ نڪتاسين. زيارت جي ذڪر ڪرڻ کان اڳ ڪاظمين، امام موسيٰ ڪاظمؑ ۽ امام محمد تقيؑ جو مختصر تعارف ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان.


    ڪاظمين

    ڪربلا کان ڪاظمين تقريباً 65 ميل کن ٿيندو. جيڪو دجله نديءَ جي ڪناري تي آباد آهي. هن شهر جو نالو امام موسيٰ ڪاظمؑ جي نالي تي ڪاظمين آهي. پهريائين هي بغداد جو مضافاتي محلو هو، جيڪو مقابر قريش جي نالي سان سڏيو ويندو هو. پر آهستي آهستي هي هڪ خوبصورت شهر ٿي پيو. بغداد کان هي تقريباً پنج ڇَهه ڪلوميٽر کن ٿيندو. ڪاظمين جو پراڻو نالو ڪرخ هيو. تاتارين هن تي حملو ڪري بغداد وانگر تباهه ڪري ڇڏيو. پوءِ آهستي آهستي مختلف بادشاهن جي دور ۾ هن شهر ترقي ڪئي. شهر سان گڏ روضي اطهر جي توسيع به شان و شوڪت سان ڪئي وئي. خصوصاً خاندان بويهي جي ٽئين بادشاهه معزالدولة جي زماني ۾ يعني سن 323 هجريءَ ۾. ان کانپوءِ سلجوقي دور يعني 469 هجريءَ کان 552 هجريءَ ۾ درياهه دجله جي ٻوڏ کان بجاءَ لاءِ چار ديواري ٺاهي وئي. موجده روضي جي شڪل و صورت پهرين ۽ ٻئي صفوي دور ۾ ظاهر ٿي. سون جي ٽائلن جا ٻه گنبذ ۽ مينار ۽ محراب ٺهرايا ويا. هن وقت ڪاظمين هڪ وڏو شهر ۽ روضو اطهر هڪ تمام خوبصورت ۽ حسين تعمير جو مظهر آهي. ڪاظمين کي جوادين به چيو وڃي ٿو. قرآن پاڪ ۾ لفظ ڪاظمين ٻه دفعا آيو آهي. هڪ سورة آل عمران آيت نمبر 134 ۽ ٻيو سورة غافر آيت نمبر 18. امام موسيٰ ڪاظمؑ کي غصي تي ضبط ڪرڻ جي ڪري ڪاظم سڏيو وڃي ٿو. ڇو ته غصي تي ضبط ڪرڻ امام معصوم جي صفات ۾ شامل آهي، امام محمد تقي جوادؑ جي ڪري به شهر کي ڪاظمين سڏجي ٿو، يعني ٻه غصي تي ضبط ڪرڻ وارا. حضرت امام موسيٰ ڪاظمؑ ۽ امام محمد تقيؑ هڪ ئي ضريح ۾ آهن. هيءَ ضريح به حضرت امام حسينؑ، مولا عليؑ ۽ غازي عباس علمدارؑ جي ضريحن وانگر خوبصورت آهي. روضي جي اندر ۽ ٻاهر صحن ۾ ماڻهن جو هڪ انبوهه هوندو آهي، جيڪي امامن سڳورن جي زيارت لاءِ عراق کان علاوه دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان اچي سلام لاءِ حاضري ڏيندا آهن. هتي شيعه اثناعشري دنيا جا چار عظيم ترين عالم سڳورا به محو خواب آهن. جن ۾ (1) شيخ مفيد (2) خواجه نصيرالدين طوسي (3) سيد مرتضيٰ (4) سيد رضي شامل آهن. الله تعاليٰ انهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏيڻ فرمائي. هاڻ سندن قبرون ظاهر ڪونه آهن، فقط ديوارن تي نشاندهي ٿيل آهي.
    هن شهر ۾ بيبي زبيده (رح) هارون جي رشيد جي گهرواري جو مقبرو پڻ آهي جتي زائرين حاضري ڀريندا آهن ڇو ته هيءَ بيبي پڻ اهلبيت اطهار سان محبت ڪندڙ هئي جڏهن ته سندس گهروارو هارون رشيد حڪومت کي خطري جي پيش نظر خانواده رسول تي ڪڙي نظر رکندو هو ۽ وقت جي امام کي قيدوبند جون صعوبتون ڏئي عوام الناس کان پري رکندو هو ته جيئن ڪا شورش يا انقلاب برپا نه ٿي پوي ۽ سندس بادشاهي ختم ٿي وڃي.
    بيبي زبيده جو وڏو ڪارنامو درياهه دجله مان نهر ڪڍرائي مڪي تائين پهچائڻ آهي، جنهن کي نهر زبيده چوندا آهن ۽ ان جا آثار اڄ ڏينهن تائين موجود آهن.


    امام موسيٰ ڪاظم

    امام موسيٰ ڪاظم 7 صفر المظفر سن 128 هجريءَ ۾ ابوا جي ڳوٺ ۾ تولد ٿيا، جيڪو مڪي مڪرمه ۽ مدينه منوره جي وچ تي ڪنهن جاءِ تي آهي. پاڻ امام جعفر صادقؑ جا فرزند آهن. سندن والده ماجده جو نالو حميده خاتونؑ آهي. پاڻ خليفه برحق ۽ مسلمان اثناعشري شيعن جا ستين نمبر تي امام منصوص مِن الله آهن. سندن لقبن ۾ عبد صالح، نفس ذڪيه صابر، امين، باب الحوائج، زين المجتهدين ۽ ڪاظم آهن. سندن شهرت لقب ڪاظم سان آهي، يعني ضبط ڪرڻ وارو. پاڻ ڏاڍا حليم طبيعت جا هئا ۽ جيڪو به ساڻن ظلم ڪندو هو، اهو به برداشت ڪندا هئا ۽ کين معاف ڪري ڇڏيندا هئا.
    20 سالن جي عمر ۾ مرتبه امامت تي فائز ٿيا ۽ 35 سالن تائين رشد و هدايت جو نور پکيڙيندا رهيا. اموي ۽ عباسي بادشاهه آئمه طاهرين جي علم جي تدريس رشد و هدايت ڏيڻ جي ڪري هميشه انهيءَ ڏر ۽ خوف ۾ هوندا هئا ته ائين نه ٿئي جو ماڻهو امامن جي پاسي ٿي وڃن ۽ اسان جي حڪومت ختم ٿي وئي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اموي ۽ عباسي بادشاهه هر قسم جي عياشين ۽ براين ۾ مبتلا هجڻ جي باوجود خليفة الرسولﷺ چورائيندا هئا ۽ جمعي جي خطبي ۾ انهن جو نالو ورتو ويندو هو. بهرڪيف هارون رشيد به انهيءَ خطري جي پيش نظر امام موسيٰ ڪاظمؑ کي مديني منوره مان روضه رسولﷺ تان گرفتار ڪرائي بغداد آندو. جنهن وقت کين گرفتار ڪيو ويو ان وقت پاڻ نماز پڙهڻ ۾ مشغول هئا. بغداد ۾ امامؑ کي يحيٰ برمڪي جيڪو وزيراعظم هو، جي تحويل ۾ ڏنو، جنهن ملعون ڪافي سالن جي قيد کان پوءِ سندي بن شاهڪ جي وسيلي امام کي زهر وسيلي شهيد ڪيو. شهادت کانپوءِ سندن جسد مبارڪ بغداد جي پل تي آندو ويو ۽ نهايت توهين آميز لفظ لکي سندن جسد خاڪي جي ڀرسان لڳايا ويا. لفظ هئا ’هـــٰذا امام الرافضة فاعرفوه‘. يعني هي رافضين جو امام آهي، هن کي سڃاڻو. انهيءَ کانپوءِ منادي ڪرائي وئي ته ڏسو ته موسيٰ بن جعفر رافضن جو امام طبعي موت مري ويو آهي ۽ انهيءَ جي بدن تي ڪو زخم جو نشان موجود ڪونهي. درٻاري عالمن ۽ فقيهن اهڙي فتويٰ جاري ڪئي سواءِ حضرت احمد بن حمبل جي، حالانڪ کيس ڏاڍو ڏرايو ۽ ڌمڪايو ويو.
    امام جي شهادت واري عرصي دوران هارون رشيد هاسيڪار دارالخلافه کان ٻاهر هليو ويو هو، جيئن امام جي خونِ ناحق کان بچي سگهي، پر سڀ ڪجهه سندس حڪم مطابق ٿيو هو. هارون جي چاچي سليمان بن جعفر جنهن پنهنجي محل مان اهو ماڻهن جو انبوهه ۽ نعري بازي ڏٺي پئي، پنهنجي گروه سان لهي آيو ۽ دشمنن کان امامؑجو لاش مبارڪ وٺي غسل ۽ ڪفن جو بندوبست ڪيو. کين قيمتي ڪفن زيب تن ڪيو ويو، جنهن تي پورو قرآن لکيل هو. سندن نماز جنازه ۽ تدفين لاءِ اعجاز الاهي سان سندن فرزند امام علي رضاؑ مديني کان بغداد تشريف کڻي آيا ۽ کين مقابر قريش ۾ دفن ڪري واپس مديني هليا ويا. ڪاظمين کي ان وقت مقابر قريش سڏيو ويندو هو. جڏهن مديني وارن کي خبر پئي ته سڄو مدينو سوڳوار ٿي ويو ۽ تعزيت جو سلسلو جاري ٿي ويو.


    امام محمد تقي جواد

    امام سائين جو نالو محمد تقي، ڪنيت ابوجعفر ۽ لقب جوادؑآهي. پاڻ اهلبيت رسولﷺ جا نوان امام آهن. سندن والده جو نالو سبيڪھ خاتون آهي، جيڪي رسول خداﷺ جي بيبي ام المؤمنين ماريه قبطيه جي خاندان مان هيون. امام محمد تقي جي ولادت باسعادت 10 رجب المرجب 195 هه ۾ مدينه منوره ۾ ٿي.
    بنو عباس جي زماني ۾ شيعان عليؑلاءِ زمين تنگ ڪئي وئي هئي. شيعان عليؑٿيڻ ڄڻ وڏو گناهه جو ڪم هو. انهيءَ ڏوهه ۾ قيد ڪرڻ، قتل ڪرڻ، جائيداد جي ضبطي ، گهرن کي ڊاهڻ، ملڪ نيڪالي ڏيڻ وغيره جا ڪم شيعن خلاف ٿيندا رهندا هئا. تنهن ڪري ڪيتريون ئي بزرگ هستيون پاڻ کي شيعو ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪنديون هيون. هٿ ٺوڪيا درٻاري فقيه ۽ امام پيدا ڪيا ويا، جن کي نه ته علم و دانش حاصل هو ۽ نه ئي صاحبِ ولايت هئا. ماڻهن کي اجاين مذهبي مناظرن ۾ الجهايو ويو، جنهن ڪري ڪيترائي فرقه معرضه وجود ۾ آيا، جن جو فائدو حڪمرانن کي ٿي پهتو. سڄي تاريخ اهڙين گندين حرڪتن سان ڀري پئي آهي، جنهن تي روشني وجهڻ اسان جي سفرنامي کي نه فقط ڊگهو بڻائيندو، پر هڪ تاريخي بحث ڇڙي پوندو، جيڪو منهنجو مقصد ناهي. مان فقط انهن پاڪ هستين جو ذڪر ڪندي انهن سان لاڳاپيل واقعن جو فقط ذڪر ٿو ڪيان، نه ته خالي روزمرهه جي ڪارروائي لکڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته، آخر هيڏا ڪشالا ڪاٽي، وقت ڪڍي تڪليفون سهي، انهن هستين جي سلام لاءِ ڇو ٿو وڃي، اهو ٻڌائڻ تمام گهڻو ضروري آهي. تنهنڪري مختصر تاريخي پس منظر ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان.
    مامون عباسي، بني عباس جو سڀ کان وڌيڪ هوشيار، چالاڪ ۽ دورانديش حڪمران هو. هن ڪوشش ڪئي ته گذريل حڪمرانن جي بنسبت هن جو رويو خاندان رسالتﷺ سان ڪجهه ٻئي قسم جو هجي. مامون رشيد عباسي سندن ڪرامات هدايات ۽ ارشادات کان متاثر ٿي کين بغداد گهرايو ۽ پنهنجي ڌيءُ ام الفضل سان امام سائينءَ جي شادي ڪرائي. سال کن بغداد ۾ رهڻ کانپوءِ امام سائين جن پنهنجي گهر واريءَ سان مديني هليا ويا. سندن زياده تر وقت مسجد نبويﷺ ۾ درس و تدريس ۾ گذرندو هو ۽ اهل مدينه ۽ ٻيا مسلمان سندن وعظ و نصيحت مان استفادو حاصل ڪندا هئا.
    معتصم بالله عباسي جي اقتدار ۾ ايندي ئي امام کي زبردستي مديني مان بغداد گهرايو. هُنَ حاڪمِ مدينه عبدالمالڪ کي کين گرفتار ڪري بغداد اماڻڻ لاءِ تاڪيدي خط لکيو. هڪ سال تائين امام (ؑ) کي قيد ۾ رکيو ويو. قيد ۾ هئڻ جي باوجود امام جي محبان جو دائرو وسيع کان وسيع تر ٿيندو پئي ويو، جنهن جو معتصم کي سخت خطرو رهندو هو. هڪ ڏينهن ام الفضل کي گهرائي انعام و اڪرام جي لالچ ڏئي کين انگورن ۾ زهر ڏياري شهيد ڪرايو ويو. انگورن جي زهر سندن بدن تي هڪدم اثر ڪيو ۽ انهي ڪري 29 ذي القعد 220 هجريءَ ۾ رڳو 25 سالن جي صغيرسني ۾ سندن شهادت ٿي. شهادت کان پوءِ امام علي نقيؑباعجاز امامت مديني مان آيا ۽ پنهنجي والد ماجد جي تجهيز و تڪفين ڪئي ۽ کين سندن ڏاڏي امام موسيٰ ڪاظمؑ جي ڀرسان رکيو ويو. جيئن ته سندن ڏاڏي مڪرم (ؑ) جو لقب ڪاظم ۽ سندن لقب جواد (ؑ) آهي. تنهن ڪري شهر کي ڪاظمين ۽ ريلوي اسٽيشن کي جوادين سڏيو ويندو آهي.
    زيارت ۽ اذن دخول پڙهي ٻنهي امامن سڳورن جي ضريح کي چنبڙي بوسا ڏناسون ۽ دعائون گهريون سين. روضي اندر تمام گهڻِ رش هئي، ضريح ۽ ديوار جي وچ وارو مفاصلو گهٽ هئڻ ڪري ضريح کي بوسو ڏئي نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ٿو پوي. تنهن ڪري زيارت ڪرڻ محل احتياط ضروري آهي. زيارت ڪري ان کانپوءِ شهر اندر هڪ ريسٽورينٽ تي ماني کائي هوٽل زمزم تي آياسين. هوٽل زمزم حرم جي پٺين پاسي ۽ بازار جي وچ تي آهي. هوٽل جي دريءَ مان حرم جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. مون هوٽل جي دريءَ مان ئي ڪجهه فوٽو ڪڍي ورتا. هوٽل وڏو ۽ ڪشادو آهي، پر ڏاڍو پراڻو آهي. ڪمرا وڏا هوادار پر صفائي نالي ڪان ڪونه اٿس، جهڙا اٿس گدا ميرا تهڙا اٿس بسترا گدلا، باٿ روم به ڪشادا اٿس. مگر جتي ڊبليو سي (w.c) جيڪڏهن ٽُٽي پئي آهي ته انهيءَ کي سيمينٽ سان بند ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري صفائيءَ کان وانجهيل آهي. خير هڪ رات گذارڻي آهي، خير سان گذري ويندي، ٻيو ته زيارتن ڪرڻ ۾ تڪليفون اينديون آهن. جيڪي صبر سان برداشت ڪرڻيون پونديون آهن ۽ شڪوو شڪايت ڪانه ڪبي آهي. شل الله سائين انهن تڪليفن باعث زيارت قبول فرمائي ۽ امامين عليهم سلام اسان جو سلام قبول ڪن.
    صبح جو ناشتو ڪري وياسين ڪيمرا جا رول وٺڻ، جيڪي سولائيءَ سان ملي ويا. هاڻي سامان لاهي هوٽل جي لابيءَ ۾ ويهي بس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. نيٺ ساڍي يارهين بجي صبح جو بس آئي ۽ اسين پوڻين ٻارهين ڌاران بس ۾ سامان رکائي پنهنجي سيٽن تي براجمان ٿي ويٺاسين. هاڻي ڪاظمين کانپوءِ بغداد مان ٿيندا شام ملڪ ڏي ويندڙ مين هاءِ وي تي پهتاسين. بغداد کان دمشق تقريباً ساڍا اٺ سو ڪلوميٽرن جو رستو ٻڌايو ويو. روڊ تمام ويڪرو ۽ عاليشان آهي. روڊ دوراهو يعني dual carriage way موٽر وي آهي، جنهن تي بهترين Asphat concrete ٿيل آهي. رستي تي اڍائي ٽين بجي ڌاران هڪ ڳوٺ جي هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ بيٺاسين. مانيءَ ۾ مون هشم نالي ڊش گهرائي. هشم گوشت جي رس وارو ٻوڙ هوندو آهي، ۽ منجهس ڀوريل نان پَيل هوندو آهي. سرڪار عبدالمطلبؑجي والد کي هاشم به ان ڪري چوندا هئا، جو پاڻ مڪي ۾ قحط سالي واري زماني ۾ پنهنجا اٺ ڪهرائي انهن جو ٻوڙ رڌائي انهن ۾ نان ۽ مانيون ڀورائي ۽ وجهرائي عوام ۾ تقسيم ڪندا هئا، تنهنڪري سندن نالو هاشم پئجي ويو هو. ماني کائي ڀر واري مسجد ۾ نماز ظهرين ادا ڪرڻ آياسين، ته مسجد ۾ موجود ماڻهو اسان کي نماز پڙهندي چتائي ڏسي رهيا هئا، جنهن مان سمجهيوسين ته هي علائقو غير شيعه ۽ شيعه زائرين جي خير خواهن جو ناهي. نماز مان فارغ ٿي وري اچي بس ۾ سوار ٿياسين ۽ بس وري مين هاءِ وي تي هلڻ لڳي، بس ڪشادي، آرامده ۽ ايئر ڪنڊيشنر لاجواب هوس، تهڙوئي سندس ڊرائيور عدنان، بااخلاق ۽ تعاون وارو انسان هو ۽ مولائي به يگانو هو. تقريباً ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن کانپوءِ برپٽ بيابان شروع ٿي ويو. ٻنهي پاسي رڻ ئي رڻ هو. هڪ جاءِ تي فرات نديءَ مٿان گذر ٿيو، جتي درياهه جي پاڻيءَ جو رنگ گهرو سائو نظر آيو. فرات جي اوسي پاسي کجيون نظر آيون ۽ ڪٿي ڪٿي زمين ۾ آبادي به نظر آئي. بس ان کاپوءِ بيابان جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. ڪٿي ڪٿي ننڍڙا ڳوٺ نظر آيا، جن جي ڀرپاسي ۾ ڪا به زمين آباد نظر ڪانه آئي. عدنان ٻڌيو ته هنن ڳوٺن جي ماڻهن جو دارومدار سمگلنگ تي آهي، جيڪي عراق مان تيل، پيٽرول، ڊيزل وغيره اٺن تي کڻي غير معروف ۽ غير محفوظ صحرائي پيچرن تان ٿيندا شام پهچندا آهن ۽ اتان کاڌي پيتي جو سامان دوائون، بسڪوٽ، ڪپڙا لٽا، سگريٽ، چاڪليٽ وغيره کڻي اچي عراقي شهرن ۾ کپائيندا آهن. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن انهن تي هٿ پڻ هلڪو رکيو آهي جيئن شام کي چور دروازي مان پيٽرول ۽ ڊيزل ملي سگهي ۽ عراق کي موٽ ۾ اشياءَ خورد و نوش ۽ لٽا ڪپڙا وغيره ملي سگهن. اسان جنهن علائقي مان گذري رهيا هئاسين اهو علائقو ماضي قريب ۾ ڪيئي سال داعش جي قبضي ۾ رهيو آهي، جنهن کي عراقي فورسز ۽ رضاڪارن تازو هاڻي آزاد ڪرايو آهي. عراق جي حڪومت جي نااهلي چئبي، جو هنن صدام جي موت کان پوءِ فوج مان صدام جا ماڻهو ڪونه ڪڍيا، ۽ اهي موجوده حڪومت جا خير خواهه ڪونه هئا، تنهن ڪري گيريزن جون گيريزن آرٽلري سوڌو داعش حوالي ڪري ڀڄي ويا ۽ اهڙي طرح ISIS جو بنياد پيو.
    انهن برپٽ بيابانن جي وچان ڪاري ڏامر جو روڊ تيزيءَ سان ڊوڙندو ٿي رهيو. ڪنهن ڪنهن جاءِ تي ننڍڙو خيابان نظر ٿي آيو نه ته الا الا خير سلا. هاڻي سج لهڻ ٻڏڻ وارو هو. هن هيڏي وشال صحرا ۾ گول ڳاڙهي سج جو لهڻ هڪ دلڪش منظر هيو. مان ڪا گهڙي سج کي آهستي آهستي افق ۾ لهندي ڏٺو پئي، جنهن مون کي ڏاڍو سرور ٿي ڏنو. بس تيز رفتاريءَ سان هلندي ٿي هلي ۽ سج آهستي آهستي نظرن کان غائب ٿي ٽٻي هڻي ويو. هاڻي اسان جي گاڏي يعني بس جون لائيٽون ئي روڊ تي لڳي رهيون هيون، نه ته ٻاهر ٻاٽ اونداهي هئي. خير پوڻين نوين بجي رات جو عراقي بارڊر الوليد جنوب تي پهتسين. اميگريشن، ڪسٽم تي اهائي گِــهِلَ ۽ اجائي سجائي دير. مون کي صرف بيگ بس مان لاهڻ ۽ چيڪ ڪرائڻ جو وڏو خفي جو ڪم ٿي لڳو. پر مجبوريءَ ۽ پرائو ملڪ جنهن جي اڍنگي ۽ ظالم حڪومت الله جي پناهه. ڪُڇڻ ۽ احتجاج جي گنجائش ڪانه هئي. ٻاهر چڱي ڀلي ٿڌ هئي، ۽ هوا گهلي رهي هئي. واريءَ جو سيءُ ۽ گرمي جنهن جنهن جو مشاهدو هوندو، انهن کي خبر هوندي. ته ڪيڏي نه ظالم موسوم هوندي آهي. ٻي ڳالهه ته شام ملڪ هونئن به ٿڌو آهي، تنهن ڪري عراقي هي علائقو شام جي ويجهي هئڻ ڪري ڪجهه ٿڌو آهي. مون کي هاف سليوز ٽي شرٽ پاتل هئي، تنهن ڪري سيءُ ڪجهه وڌيڪ ٿي لڳو. مان بيگ مان لوئي ڪڍي کڻي پاڻ کي ويڙهيو تڏهن ڪجهه مزي ۾ آيس، هونئن به گهٽ ننڊ ۽ ٿڪ جي ڪري سيءُ وڌيڪ لڳندو آهي. خير عراقي حڪام مان جان ڇڏائي تقريباً ست ڪلوميٽر پري شامي بارڊرر تنف تي آياسين. هن وقت رات جا تقريباً ساڍا يارهن عراقي وقت موجب ٿيا هئا. هتي به اهائي اميگريشن ۽ ڪسٽم جي گِهِلَ ۽ اجائي سجائي دير. سبب شايد اهو آهي، ته هتان جا حڪام چاهيندا هوندا ته ماڻهن جي چهل پهل هلندي رهي نه ته هن برپٽ بيابان ۾ هي اڪيلا ڇا ڪن. شام جي بارڊر تي به اوتروئي ٽائيم لڳي ويو. ٻنهي بارڊرن تي تحفا ڏناسين، ڇو ته ڪسٽم ۽ اميگريشن حڪام کي عراق ۽ شام جي بارڊرن تي تحفا ڏيڻ ڄڻ ته ڪو خدائي قانون هجي، جي خدائي قانون نه ته حڪومت جو قانون ته ضرور آهي. ڇو ته وڏي ديدهه دليري سان تحفن جي تقاضا ٿي ڪيائون. جي تحفا نه مليا ته اجايا سجايا روڙا اٽڪائي، بسون بيهاري ڇڏيندا. هاڻي نه توهان هتان جا نه هتان جا. تنهن ڪري بهتري ان ۾ آهي، ته ڏنو پٽ ڇُٽي جو. تحفن ۾ سگريٽ، سينٽ، پرفيوم، اگربتيون، چانهه، کنڊ ۽ اهڙي قسم جون شيون شامل هونديون آهن، نه ته 50 ڊالرن جو نوٽ ته اڃا به سٺو ڪم ڏئي ويندو آهي، اٽڪل پوڻين ٻين بجي شامي بارڊر تان ڪليئرنس ٿي. هاڻي ننڊ جي ديويءَ اچي نينهن لڳايو هو ۽ مان سندس آغوش ۾ سمهي پيس، پر ننڊ جي ديويءَ جو ايڏو به عشق مونسان ڪونه هو، جو سڄي واٽ ڀاڪر ۾ ڀري سمهاري. ڪنهن ڪنهن مهل ڌڪو ڏئي ٿي اٿاريائين. سڀ کان وڏو ڌڪو اوڏي مهل ڏنائين، جنهن وقت مون کي ڇڏي ڊرائيور کي ڳراٽڙي پاتائين، جي ڊرائيور پاڻ نه سنڀالي ها ته وڃي کاهي ۾ ڪِرون ها ۽ الله کي پيارا ٿي وڃون ها. ها ان کانپوءِ مان ۽ ننڊ بس ۾ نه ملڻ جو عهد ڪيو ۽ مان جاڳندو رهيس، تان جو صبح جو پنجين بجي سائڻ زينب جي شهر زينبيه ۾ پهتاسين. اسان جو بندوبست عبدالڪريم شعبلي جي هاسٽل نما هوٽل ۾ ٿيل هو. شعبلي جا اهڙا ڪيترائي هوٽل حرم جي ويجهو آهن، جن مان ڪن ۾ ايرانين کي، ڪنهن ۾ لبنانين ۽ ٻين عربن کي ۽ ڪن ۾ پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگلاديشي زائرين کي رهائيندو آهي. پر مڙني مان ايرانين جا هوٽل وڌيڪ سٺا هوندا آهن. هڪ ته هنن جا قافلا سالار برجسته هوندا آهن، هو ٻن ٻن ٽن ٽن سوَن جي گروپن ۾ ٽوئرسٽ ڪمپني جي وسيلي ايندا آهن، جڏهن ته اسان جي اندرونِ سنڌ جا قافله سالار صحيح نه هوندا آهن ۽ ڪنجوسي سان ڪم هلائي زوارن کي تڪليف ۾ وجهي پئسو ڪمائيندا آهن. خير مان پنهنجي ڪمري ۾ سامان سڙهو رکي، لت ڏئي سمهي پيس، تان جو نائين بجي صبح جو اک کُلي. شعلبي جي هوٽلن ۾ هر وِنگ ۾ سٺو ڪچن يا بورچيخانو هوندو آهي، جتي زائرين پنهنجي مرضيءَ جو کاڌو پچائي سگهندا آهن. ٿانوَ غيره به موجود هوندا آهن، جيئن زائرين کي تڪليف نه ٿئي. ان کان سواءِ مسجدون زنانه مردانه الڳ الڳ ۽ مجلس لاءِ مخصوص هال هوندا آهن، جتي ماڻهو مجلس ڪرائي سگهندا آهن.
    اٽڪل ساڍي يارهين بجي صبح جو تيار ٿي جناب زينب بنت عليؑ جي حرم ۾ آياسين. ضريح پاڪ جي زيارت ڪري بوسا ڏئي اکيون اشڪبار ڪيونسين. مولاءِ ڪائنات (ؑ) جي شهزادي جي تڪليفن ۽ صعوبتن تي گريو ڪيوسين. دعائون گهريون سين ۽ نماز ظهرين ادا ڪئيسين. نماز ظهرين کانپوءِ ماني کائي پنهنجي رهائش السبطين تي آياسين. ٿورڙي ڪچهريءَ کان پوءِ وري سمهي رهياسين. ان وقت تقريباً دمشق جي وقت مطابق ساڍا ٽي کن ٿيا هئا، تان جو ڇهين بجي اک کلي. تيار ٿي وري روضي جي زيارت لاءِ وياسين ۽ ساڍي اٺين بجي حرم مان ٻاهر نڪري زينبيه شهر جو چڪر لڳايوسين. زينبيه ننڍو شهر آهي، ۽ دمشق کان هونئن ته اٺ ڏهه ڪلوميٽر کن ٿيندو، پر هاڻي ڄڻ گڏجي ويو آهي. اطراف ۾ زيتونن يعني olive ۽ انجيرن جا باغ آهن. شهر خوبصورت آهي، پر عراق ۽ ايران جي مقابلي ۾ هتي مهانگائي ڏاڍي آهي.
    پاڪستاني سڪو ڪرنسي ڊيلر وٺن ٿا ۽ هڪ هزار روپين جي عيوض يارهن سو شامي ليرا ڏين ٿا. سن 2000 ۾ وري جڏهن ويو هوس ته پاڪستاني هزار روپين جا 900 ليرا ٿي ڏنائون. ليرا درحقيقت شامي پائونڊ آهي. 2007ع ۾ ته مورڳو پاڪستاني ڪرنسي ورتائون ئي نه ٿي. پر هندوستاني ڪرنسي وغيره ورتائون ٿي، پوءِ مونکي سوچ آئي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڄ ڏينهن تائين اسانجو رُپيو برف وانگر ڳرندو ٿو رهي. اسان جي حڪمرانن جيڪو اسانجي معيشت جو حشر ڪيو آهي، انهيءَ جو حساب الله انهن کان وٺندو. پاڪستان ٺهڻ وقت ڊالر ۽ روپيو برابر هئا. جڏهن ته برطانوي پائونڊ ۾ ٻه روپيا هئا. آهستي آهستي ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 108 روپين جو لڳو آهي، شرم جي ڳالهه آهي حڪومتن لاءِ ۽ ان کان وڌيڪ عوام لاءِ، جيڪي اهڙن ناعاقبت انديش ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي چونڊي حڪومتن ۾ موڪلين ٿا، جيڪي پنهنجا ڀِڀَ ڀري عوام کي قرضن ۽ مهنگائي جي بار هيٺ دٻائيندا ٿا رهن، نتيجاً سڪي جو value گهٽبو ٿو رهي.
    هاڻي ڪجهه ذڪر ڪنداسين سائڻ زينب ، زينبيه ۽ دمشق جو، ته پڙهندڙن کي ڪجهه شهرن جي ڄاڻ ٿئي ۽ تاريخي حقائق جي پروڙ پوي.


    جناب زينب بنت علي

    جناب زينب ، مولاؑ ۽ جناب فاطمه الزهرا جن جون دخترنيڪ اختر آهن. سندن نانو جناب رسول اللهﷺ ۽ ناني ام المؤمنين جناب خديجة الڪبرا جن آهن. سندن ولادت باسعادت 5 جمادي الاول سن 6 هجريءَ ۾ مدينه منوره ۾ ٿي. سندن نالو مبارڪ جناب رسول اللهﷺ جن رکيو. سندن تربيت رسول ڪريمﷺ، جناب مولا عليؑ ۽ جناب فاطمه الزهرا سيدة النساءِ العالمين جن ڪئي. سندن شادي سندن سئوٽ حضرت عبدالله ابن جعفر طيار﷦ سان ٿي. جڏهن 28 رجب سن 61 هجريءَ ۾ امام حسينؑ مدينو ڇڏيو ۽ مڪي ۾ آيا ۽ مڪي مان وري ڪربلا آيا ته سائڻ زينب حضرت عبدالله بن جعفر طيار﷦ يعني پنهنجي شوهر نامدار جي اجازت سان پنهنجا ٻه فرزند حضرت عون ۽ محمد عليهم سلام ساڻ ڪري پنهنجي عالي مرتبت ڀاءُ سان گڏ ڪربلا ۾ آيون. ڪربلا جي ميدان ۾ سندن ٻئي شهزادا جن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان، دين الاهيءَ جي واسطي قربان ٿيا ۽ شهادت ماڻيائون. ڪربلا کان پوءِ هن عظيم بيبي ۽ شير دل خاتون جي مٿان وڏي ذميداري عائد ٿي. مستورات جي حفاظت، ٻارن جي دلجوئي، بيمار ڀائٽيي امام زين العابدينؑ جي تيمارداري. امام حسينؑ جي وصيت مطا بق ڪوفي ۽ شام جي بازارن ۾ حسينيت جو پيغام نشر ڪرڻ ۽ خطبا ڏيڻ جن ٻنهي شهرن ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. درٻار يزيد ۾ سندن تاريخي خطبي محلِ يزيدي لعين جي در و ديوارن کي ڌوڏي ڇڏيو هو. پاڻ هر ذميداريءَ کي تمام احسن طريقي سان نڀايائون. اهي سندن ۽ امام سجادؑ جا فقط خطبا ئي نه هيا، پر هڪ وڏو جهاد هئو، جن جي ڪري عوام الناس کي اهلبيت اطهارؑسان ٿيل ظلمن جي ڄاڻ ٿي نه ته شهداءِ ڪربلا جو خون رائيگان وڃي ها ۽ اهو واقعو هڪ قصه پارينا ٿي وڃي ها.
    سندن خطبن ۽ تقريرن مان يزيد ملعون کي خطرو محسوس ٿيڻ لڳو ته ڪٿي عوام جاڳي نه پوي ۽ انقلاب برپا ٿي پوي. تنهن ڪري مجبور ٿي اهل بيت اطهار کي آزاد ڪري مديني واپس ڪيو.
    جناب زينب عليها سلام دمشق ۾ سڀ کان پهرين مجلس جو اهتمام ڪيو ۽ شامين جي اڳيان امام عاليمقامؑجا مصائب بيان ڪيا ۽ امام حسينؑ جي مقصد ۽ مشن کي اڳتي وڌايو.
    امام حسينؑ جي شهادت کانپوءِ پنهنجي گهر واري حضرت عبدالله ابن جعفر طيار سان شام ڏانهن هڪ سفر ۾ 15 رجب المرجب سن 62 هجريءَ ۾ حضرت زينب هن فاني دنيا کي وداع ڪيو ۽ کين دمشق جي ڀرسان ئي جاءِ ڏني وئي. سندن روضو مبارڪ دمشق کان 10 ڪلوميٽر کن پري آهي ۽ هي شهر سيده زينبؑ جي نالي سان مشهور آهي. هِنَ شهر کي زينبيه چيو ويندو آهي. هاڻي ته دمشق ۽ زينبيه گڏجي ٻه جاڙا شهر ٿي پيا آهن.
    موجوده وقت ۾ هي شهر دمشق سان گڏجي ويو آهي ۽ سواريءَ ۾ ايندي ويندي خبر ڪانه پوندي آهي ته دمشق ڪٿي ختم ٿيو ۽ زينبيه ڪٿان شروع ٿيو.


    زينبيه يا سيده زينب

    هي شهر دمشق گورنري جي ماتحت آهي، جتي جناب سيده زينب جو روضو آهي. هي شهر جيئن مٿي ٻڌائي آيو آهيان دمشق کان تقريباً 10 ڪلوميٽر کن جي فاصلي تي هئو. پر هاڻي آبادي وڌڻ جي ڪري ذري گهٽ دمشق سان گڏجي ويو آهي. سوا لک کن آدمشماري جو هي شهر بنيادي طرح شيعه آباديءَ وارو شهر آهي ۽ شام ملڪ جو ڏهون نمبر وڏو شهر آهي. هي شهر “رِف دمشق” ضلعي جو مرڪزي شهر آهي. هتي هڪ رورل ميونسپل ڪميٽي آهي. شيعه دنيا جو هي هڪ مقدس شهر آهي ۽ تقريباً ڏهه لک يا وڌيڪ زائرين هن شهر ۾ جناب زينب عليها سلام جي روضي اقدس جي زيارت تي ايندا آهن. شهر جي موسم اونهاري ۾ معتدل ۽ سياري ۾ تمام گهڻي ٿڌي هوندي آهي. هن شهر ۾ ڪيترائي مدرسه، اسڪول ۽ مذهبي انسٽيٽيوٽس آهن، جتان سڄيءَ دنيا جا شاگرد فارغ التحصيل ٿيندا آهن. هتي زائرين لاءِ هر قسم جا هوٽل موجود آهن. هتي ٽريفڪ جو انتظام عمده ۽ امن و امان جي صورتحال بهترين آهي. ماضي قريب ۾ داعش جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ جناب زينبؑ جي روضي جي ٻاهران ڪار بم بلاسٽ ٿيا آهن يا پري کان داعشي ملعونن روضي اقدس تي راڪيٽ داغيا هئا، جنهن ڪري روضي جو ڪجهه حصو شهيد ٿي ويو هو. باقي اسان جي سفر وارن ڏينهن ۾ هي شهر ته ڇا پر پورو شام ملڪ امن و امان جي حوالي سان هڪ بهترين ملڪ هو. 1997ع واري زماني ۾ حافظ الاسد اڃا زنده هئو ۽ سڄي ملڪ مٿان سندس پوري گرفت هئي. سيده زينبيه جي مضافات ۾ زيتون، انجير، صوف، چيري، زردالو، ڊاک، انگور، اخروٽ، بادام ۽ ٻيا ڪيترائي ٻيا ڦل پوکيا ويندا آهن ۽ انهن جا ڪافي باغ آهن. بهرڪيف هي شهر هر لحاظ کان هڪ سهڻو، دل کي وڻندڙ ۽ من کي موهيندڙ آهي. دل چوندي آهي جيڪر هتي رهي پئجي، پر اسان جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي.


    روضه اقدس جناب زينب بنت علي

    بي بي زينب جو روضو انتهائي خوبصورت، جيڪو ذوق نظر ۽ دل جي حضور سان ڊزائين ڪيو ويو آهي. ضريح مبارڪ سون جي ورقن سان لکيل آيتن سان ڀريل آهي. هر وقت ماڻهن جو هڪ هجوم ضريح مبارڪ کي چنبڙي سائڻ کي شهداءِ ڪربلا جو پُرسو ڏيندو نظر ايندو آهي. دروزان تي به سون سان آيتون لکيل آهن. جناب زينب جي تربت واري هال کي شيشي جي ديوار لڳائي عورتن لاءِ الڳ ۽ مردن لاءِ الڳ ويهڻ جو انتظام ڪيل آهي. جنهن آرڪيٽيڪٽ هي موجوده روضو ڊزائين ڪيو آهي ان جو نالو رضا المرتضيٰ آهي. هي روضو مبارڪ موجوده شڪل ۾ سن 1990ع ۾ ٺهي راس ٿيو هو. گنبذ جي اندران خوبصورت ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي. جڏهن ته گنبذ جي ٻاهران سونيون ٽائيلون چڙهيل آهن. روضي سان گڏ هڪ مسجد آهي، جنهن ۾ تقريباً 1300 ماڻهو هڪ وقت نماز ادا ڪري سگهندا آهن ۽ اهڙا تقريباً ڏيڍ سئو کن ماڻهو ملحقه ورانڊن ۾ نماز پڙهي سگهن ٿا. روضي جا دروازا سونا ٺهيل آهن. ديوارين تي شيشي ۽ سون جي ميناڪاري ٿيل آهي. روضي جي سامهون هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، جنهن ۾ ڪپڙن لٽن، رانديڪن کان وٺي ڪتابن تائين هر قسم جا دوڪان آهن. روضي ۾ ٻه وڏا مناره آهن، جيڪي عمده آرڪيٽيڪچر ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان ٺهيل آهن. چوڏهين صدي عيسويءَ کان وٺي روضي جي سار سنڀال مرتضيٰ فيملي ڪندي ايندي آهي. روضي جي تزئين و آرائش ۽ سار سنڀال جو خرچ ايراني حڪومت ڏيندي آهي. رات جو تقريباً ڏهين بجي ڌاري روضو قائم ڪيو ويندو آهي يعني بند ڪيو ويندو آهي ۽ اذان تهجد مهل کوليو ويندو آهي. ايران جي فيلسوف ۽ اسڪالر ڊاڪٽر علي شريعتي وصيت ڪئي هئي ته مون کي جناب زينبؑ جي روضي ۾ دفن ڪيو وڃي، تنهن ڪري ان جي وفات کان پوءِ کيس روضي جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو آهي، جتي پڻ هر سال لکين ايراني فاتحه خواني ڪرڻ ايندا آهن.
    فيبروري 2016ع ۾ داعش جي ملعونن يهودين جي ايجنڊا تي عمل ڪندي هن روضي کي شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر الحمدالله روضي پاڪ کي ڪو نقصان نه پهتو. ملعونن جي ڪيل ٽن بم بلاسٽن ۾ ملحقه عمارتن کي سخت نقصان پهتو هو. تقريباً 50 ماڻهو شهيد ۽ 110 سخت زخمي ٿي پيا هئا.
    هاڻي اچون ٿا پنهنجي سفر طرف ته روضي مان نڪري سامهون بازار جو چڪر هنيونسين. ڪافي سٺيون شيون مليون ٿي. هونئن ته منهنجو ارادو ڪجهه سامان خريد ڪرڻ جو هو، پر مشهد شريف ۾ ڦرجي واقعي کان پوءِ مون ڊالر ڏاڍي احتياط سان ٿي کپايا، ڇو ته کٽل پيسا مون کي پورا ڪرڻا هئا، ان ڪري جو مان مشهد ۾ واعدو ڪري آيو هوس ته زيارتون انشاءِ الله سڀ ڪنداسين ۽ واپس نه وينداسين. تنهن ڪري مون پنهنجي لاءِ ڪا به خريداري نه ڪئي سواءِ ڪجهه آيتن جي، جيڪي زري جي برٿ سان ڪاري ڪپڙي تي ڀريل هيون. بازار گهمندا ڦرندا تقريباً يارهين بجي هوٽل سبطين تي آياسين ۽ رسمي ڪچهري ڪري سمهي رهياسين.
    اڄ تاريخ 16 سيپٽمبر 1997ع تي صبح جو سوير اٿي سائڻ زينب عليها سلام جي روضي تي حاضري ڀري، اتي ئي نماز فجر ادا ڪئي سين. وري واپس هوٽل تي اچي وهنجي سهنجي تيار ٿي نڪتاسين اڄ جي زيارتن لاءِ. اسان تقريباً ڏهه لڳي ڏهن منٽن تي بس ۾ سوار ٿي روانا ٿياسين. ٻارهين بجي ڌاري شهر عدرة ۾ پهتاسين، جتي حضرت حجر بن عدي الڪندي جي روضي تي پهتاسون، جتي سندن ست دوست ٻيا به آرامي آهن. زينبيه کان عدرة تائين ڏاڍو خوبصورت نظارو هو. روڊ جي ٻنهي پاسي ميون جا باغ جن ۾ اخروٽ، زردالو، انجير، زيتون، آلو بخارا، چيري ۽ ٻين ڪيترن ئي ميون جا وڻ هئا. جيئن اسان وٽ روڊن جي برمن تي ٻٻر، ڪنڊي، بيد مشڪ يا ڪارنو ڪارپس جا غير رومانوي وڻ لڳل هوندا آهن، جيڪي غير سايه دار هئڻ کان سواءِ ڪو سهڻا به ڪونه لڳندا آهن. هر ديس جي پنهنجي آب و هوا ۽ مٽي آهي، جيئن اسان جو ديس انتهائي گرم آهي، اتي وڻ به اهي ئي پوکيا ٿا وڃن، جيڪي انهيءَ گرميءَ جي سٽ سهي سگهن، پر اسانجي ملڪ جي ماڻهن جون عادتون به عجيب آهن. ننڍين ننڍين چورين کان وٺي اغوا لاءِ ماڻهو کڻڻ اسان جي سنڌ جي ڄڻ وڏي ڪا انڊسٽري آهي. منهنجو روڊ جي انجنيئر جي حيثيت ۾ اهو ذاتي تجربو آهي ته هزارين نِم جا ٻوٽا سال ۾ ٻه ڀيرا مان پنهنجي حد جي روڊن ۾ لڳرائيندو هيس. هڪ مارچ جي مهيني ۾ ۽ ٻيو آگسٽ جي مهيني ۾، پر مجال آهي جو بيلدار انهن کي پاڻِ ڏين، پر جيڪڏهن ڪو فرض شناس بيلدار ۽ روڊ ميٽ انهن کي پاڻي ڏيندو ته پاسي مان گذرندڙ ماڻهو اهو نم جو ٻوٽو پٽي ويندو. ڳوٺن ۾ به اسان جي ماڻهن کي ٻوٽن ۽ وڻن سان ڪا ازلي دشمني آهي. سوين ڳوٺ مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺا آهن، جن ۾ پاڻي هوندي سوندي ڇانوَ وارا وڻ ڪونه هوندا نه ته اسان جي گرم علائقي ۾ بڙ، پپل، نم، سريهن وغيره آرام سان اسري سگهن ٿا. اسين سنڌ جا ماڻهو جيڪڏهن وڻ پوکيون ته هوند گرمي به گهٽجي وڃي ۽ بارش پڻ ٿئي. الله اسان کي سمجهه ۽ سگهه ڏي ته وڻ پوکيون.
    سو ڳالهه پئي ڪئي سين زينبيه کان عروه جي روڊ جي، ته ڪٿي ڪٿي روڊ جي ٻنهي پاسن جي وڻن جون لامون پاڻ ۾ ائين ڳنڍيل ۽ هڪٻئي ڏي جهڪيل هيون، جو اهو ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ سرنگهه مان پئي لنگهياسين.
    حضرت حجر بن عدي الڪندي جو روضو مبارڪ پنهنجي پوري شان و شوڪت سان زائرين جي ڀليڪار ٿئي ڪئي. پاڻ رسول اڪرمﷺ جا صحابي، حضرت عليؑ جا ساٿي ۽ امام حسنؑ۽ امام حسينؑ سان پيار ڪرڻ وارا ۽ اهل بيت اطهار جا خير گهرا هئا. سندن وجود اهل بيت اطهار جي محبت جي هڪ علامت هئو. کين امير شام جي حڪم تي گرفتار ڪري دمشق پئي آندو ويو ۽ ساڻن گڏ سندن ساٿي به هئا. جڏهن عروة جي ڳوٺ وٽان پهتا ته امير شام جو حڪمنامو آيو ته حجر جيڪڏهن پنهنجن ساٿين سان گڏ عليؑ تي تبرو ڪري ته کين آزاد ڪيو وڃي نه ته اتي ئي قتل ڪيو وڃي. حضرت حجر بن عدي ۽ سندس دوستن جي انڪار تي کين اتي ئي شهيد ڪيو ويو. ڪجهه سال پهريان يعني 2014ع ۾ ملعون عالمي قوتن جي پشت پناهي سان پيدا ٿيل گروهه جيڪو پاڻ کي اسلامڪ اسٽيٽ ۽ خبر ناهي ڇا ڇا ٿو سڏائي، تن جي ظالم ويڙهاڪن حضرت حجر بن عدي جي روضي ۽ قبر مبارڪ کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. سندن لاش مبارڪ جيڪو صحيح سلامت هو ڪڍي بيحرمتي ڪرڻ وارا هئا، جو شامي فوجي جوان پهچي ويا ۽ هنن ظالم يزيدي ٽولي کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو. يزيدي نسل جا ماڻهو ۽ سندس پيروڪار اڃا سوڌو هلندا ٿا اچن. سندن اهلبيت اطهار، سندن صحابين ۽ مڃڻ وارن سان دشمني زور شور سان قائم آهي، جنهن جو مثال داعش، طالبان ۽ هڪ ڪٽر بادشاهي حڪومت جي روپ ۾ موجود آهي.
    خير اسانجي مولوي صاحب اتي هڪ مجلس پڙهي. زوارن نوحه خواني ڪئي، تهن کان بعد گريو ۽ ماتم ڪري وري واپس دمشق روانا ٿياسين. هتي ٿورڙو ذڪر دمشق شهر جي شان و شوڪت جو ڪري پوءِ پنهنجي اڳين منزل مقابر سبايه باب صغير جي باري ۾ ڳالهائينداسين.


    دمشق

    دمشق، شام جي گاديءَ جو هنڌ ۽ خوبصورت شهر آهي. حلب شام جو وڏي ۾ وڏو شهر ۽ دمشق ٻيو نمبر شهر آهي. 2004ع جي آدمشماري مطابق سندس آبادي ڇويهه لک کن آهي. اسان جي سفر دوران يعني 1997ع ۾ ڪجهه گهٽ هوندي. دمشق سياري ۾ ٿڌو ۽ اونهاري ۾ معتدل آهي. هي دنيا جي تمام گهڻن پراڻن شهرن مان هڪ آهي، جيڪي مسلسل آباد رهندا آيا آهن. هي شهر حضرت ابراهيمؑ کان به اڳ آباد هئو. شهر جي وچ مان برادا ندي وهي ٿي، جنهن جي ٻنهي پاسي عاليشان قسم جا هوٽل ۽ شاپنگ مال وغيره آهن.
    اموين جڏهن خلافت تي قبضو ڪيو ته هنن دمشق کي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ بڻايو. اهو تقريباً 661ع کان 750ع جي وچ وارو عرصو آهي. جڏهن عباسين اموين کان تخت ڦريو ته هنن دمشق ڇڏي بغداد کي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ بڻآيو. موجده دمشق 105 چورس ڪلوميٽر يعني 41 چورس ميلن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. جنهن مان 30 چورس ميل سڌو ميداني علائقو آهي ۽ باقي آبادي جبل قيسيون تي آهي. جبل قيسيون تي بيهي دمشق جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. خصوصاً رات جي وقت جي ڇا ڳالهه ڪجي. روڊ سائيڊ تي چانهن جي ٺيلهي تان ورتل سليماني چانهه جون چسڪيون ڀريندي ٿڌي هوا ۾ پلاسٽڪ جي ڪرسيءَ تي ويهي مون کي جيڪو دمشق نظر آيو، اهو اڄ تائين نه ٿو وسري.
    پراڻي دمشق جو انداز ئي نرالو آهي. پراڻي وضع جون عمارتون ۽ ريسٽورنٽس جن ۾ بهترين سوادي کاڌن سان لبن يعني لسيءَ جو لطف ئي پنهنجو آهي. هتي عيسائي ۽ يهودي عربن جي چڱي خاصي آبادي آهي، جيڪي صدين کان هتي آباد آهن. عورتون حسين، قداور ۽ بت ۾ ڀريل پر متناسب فگر ڄڻ يورپي عورتون هجن. عمومي ڊريس جين جي پينٽ ۽ ان جي مٿان جرسي جي ڪپڙي جي ٽي شرٽ، دمشق ۾ برقعو مون کي ڪٿي نظر نه آيو سواءِ زائرين عورتن جي، جيڪي اوسارا ڪڍنديون بازار حميديه يا بازار شام مان گذرندي نظر آيون. دمشق جا ماڻهو ملنسار ۽ تواضع ڪرڻ وارا آهن. سندن رويو تمام سٺو ۽ پنهنجائپ وارو آهي. پراڻي دمشق مان هاڻي گهڻائي ماڻهو لڏي پوش علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن ۽ انهن جي جاءِ تي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو آباد ٿي ويا آهن، جن کي شهري وضع قطع جي خبر ڪانهي، بهرڪيف اڃا ڪجهه پراڻا ڪٽنب صدين کان وٺي پراڻي دمشق ۾ رهندا ٿا اچن ۽ انهن کي پنهنجي خانداني دمشقي هئڻ تي فخر آهي. مان هڪ عيسائي ۽ هڪ يهوديءَ جي دڪان تان ٻارن جي ڪپڙن جون قيمتون پڇيون. منهنجي انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ تي هو وڌيڪ خوش پئي ٿيا، حالانڪه کين صرف عربي ٿي آئي. عيسائي ۽ يهودي جي دڪانن جي سڃاڻپ ان مان پئي ٿي ته حافظ الاسد جي فوٽي سان گڏ عيسائي جي دڪان تي صليب ۽ يهوديءَ جي دڪان تي ڇهه ڪنڊو ڊيوڊ اسٽار لڳل هو. نه ته هنن اهو پڇيو ته تون ڪير آهين، ڪٿان جو آهين، مسلمان آهين يان نه؟ ڪجهه به نه... ان مان مون سمجهيو ته شام صحيح سيڪيولر ملڪ آهي، جنهن ۾ سنين، شيعن، علوين، صوفين، عيسائين، يهودين ۽ يزيدين يا خالدي فرقي جي ماڻهن ۾ ڪا به تفريق نه آهي ۽ هر فرقي ۽ مذهب جي پيروڪارن کي زندگي پنهنجي عقيدي مطابق گذارڻ جي کلي ڇُٽي آهي. اتي صوفين جو به چڱو ڀلو تعداد آهي، جن جا به ڪيترائي فرقا آهن. پر هرڪو پنهنجي عقيدي ۾ مگن آهي. دمشق ۾ ڪردن جو به چڱو ڀلو تعداد آهي. ڪرد پنهنجي سلوار ڪوٽي ۽ پيٽ تي ڪمر پٽو ٻڌڻ جي ڪري نمايان نظر ايندا آهن. سلوار جي ٻچي ايتري ڊگهي جو پاچن جي ليول تي هوندي آهي. مون کي شربت وڪڻڻ وارا اڪثر ڪرد نظر آيا. ڪرد عراق، ترڪي، ايران ۽ شام جي بارڊرن ملڻ وارين جڳهن تي آباد آهن ۽ آزادي وٺڻ جون وڏيون تحريڪون هلائي رهيا آهن. صدام ته ڪردن جي مٿان وڏو ظلم ڪيو هو، پر صدام کان پوءِ عراقي آئين ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، جنهن مطابق صدر ڪرد، وزيراعظم اثناعشري شيعو ۽ اسپيڪر لازميءَ طرح سني هوندو. لبنان جي گهرو ويڙهه کان پوءِ اتي به اهڙو ئي آئين پاس ڪيو ويو هو ته صدر عيسائي، وزيراعظم سني، اسپيڪر شيعو اثناعشري ۽ دروزن کي هڪ عدد وزارت ڏني ويندي آهي. باقي ڪابينا به ائين ئي آباديءَ جي تناسب سان ورهائي ويندي آهي. هن وقت ڪردن جي آزاديءَ جي وڏي تحريڪ ترڪيءَ ۾ هلندڙ آهي، جنهن جو ليڊر عبدالله اوچلان جيل ۾ آهي ۽ ڦاسيءَ مان ڦري عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيو آهي. هن وقت به داعش سان شام ۾ فوجين سان گڏ ڪرد وڙهي رهيا آهن، جيڪي ترڪيءَ جي سرحد لڳ رهن ٿا. انهن مان ڪجهه يزيدي مذهب سان به تعلق رکن ٿا.
    دمشق اها اقتدار جي ويڙهه صدين کان ڏٺي آهي. خلفاءِ الراشدينؓ کان پوءِ دمشق کي حضرت معاويه گادي بڻائي بادشاهت جو بنياد رکيو. جيڪو 90 سالن کن تائين هلندو رهيو. عيسائين جي ڪليسا (Church) تي قبضو ڪري ان کي درٻار ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن ۾ نبي خدا حضرت يحيٰ بن ذڪريا (ؑ) جي تربت آهي. انهيءَ درٻار ۽ محل ۾ هر قسم جون بدمعاشيون ۽ بداعماليون هلنديون رهيون، تان جو 90سالن کان پوءِ عباسين اموين کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ دمشق تي قبضو ڪيو. عباسين، اموين جي قبرستان کي کوٽائي بادشاهن شهزادن اميرن ڪبيرن جا هڏا ڪڍرائي ساڙائي ڇڏيا. ڇهه مهينا کن عباسين دمشق مان حڪومت ڪئي، پر پوءِ بغدد کي دارالخلافا بڻايون. ان کانپوءِ ڪجهه وقت فاطمين به دمشق تي قبضو ڪيو هيو، جن کي وري ترڪن شڪست ڏني. ائين دمشق اڄ ڏينهن تائين خوني راند ڏسندو پيو ٿو اچي. هاڻي به آمريڪا سعودي عرب ۽ خليجي رياستون بشار الاسد کي لاهڻ لاءِ پوين ٻن سالن کان ڀرپور ڪوشش ڪري رهيون آهن ۽ اسد وري پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻ لاءِ ايران ۽ روس جي مدد سان ڏنڊو مڇايون ويٺو آهي. باقي هن وقت شام جي حلب شهر جي مضافات ۽ رقه شهرن تي داعش جو قبضو آهي، جن جي ظلمن جا داستان روز پيا ٿا اخبارن ۾ اچن. داعش وارن پنهنجن مخالفن يعني ڪردن، شيعن، دروز ۽ يزيدي فرقي جي ماڻهن کي ڪهڻ ۽ مارڻ عين ثواب، انهن جي عورتن کي ٻانهيون بڻائي سرعام نيلام ڪرڻ ۽ انهن جي ٻارن کي جيئرو ساڙڻ هڪ نيڪ ڪم قرار ٿا ڏين ۽ پنهنجي پر ۾ ان کي جهاد ٿا چون. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن کي امداد، ڊالر ۽ هٿيار ڪير ٿو ڏئي، انهيءَ تي تبصرو ڪرڻ اجايو آهي. هر ذي شعور ماڻهو سمجهي ٿو ورنه هڪ باغي گروهه ٻن ملڪن جي ٽڪرن تي قابض ٿي ماڻهن سان ائين ظلم ڪندو وتي، جيئن جرمن نازي به نه ڪندا هئا. قصو ڪوتاه دمشق جي تاريخ ۽ تفصيلي حالات لکڻ منهنجي سفرنامي جي دائري ۾ نٿو اچي، تنهن ڪري مان پنهنجي سفرنامي ڏانهن واپس ٿو موٽان.
    عدره مان حضرت حجر بن عدي جي زيارت ڪري واپس دمشق آياسين. شهر مان گذرندي پراڻي دمشق ۾ مقابر سبايه باب صغير تي پهتاسين. باب صغير دمشق جو پراڻو قبرستان آهي، جنهن ۾ هيٺيون عظيم هستيون محوِ استراحت آهن.

    1. بي بي فاطمة بنت حسينؑ
    2. حضرت بلال حبشي﷦. حضرت بلال جي قبر وڏي ۽ مٿانئس ڪتبو عربي سان گڏ حبشي يا ڪنهن آفريقي زبان ۾ پڻ لکيل آهي.
    3. حضرت عبدالله ابن امام جعفر صادقؑ
    4. حضرت عبدالله ابن جعفر طيارؑ
    5. بيبي ميمونه بنت امام حسينؑ
    6. بيبي اسماءِ زوجه حضرت جعفر طيار (﷦)
    7. بيبي حميده بنت حضرت مسلم بن عقيلؑ
    8. بيبي فضه شهزادي حبش ۽ جناب سيدة النساءِ العالمين جي ڪنيز ۽ خدمتگذار.

    مٿيان نالا قبرستان جي داخلي دروازي تي لکيل آهن. ان کان سواءِ هتي بي بي ام ڪلثومؑ بنت امير المومنينؑ، بيبي سڪينه بنت امام حسينؑ، ام المومنين جناب ام سلميٰ جن کي رسالتماب هڪ شيشي مٽيءَ سان ڀريل ڏني هئي ۽ فرمايو هئائونس ته اي سلميٰ جڏهن هن مٽيءَ جو رنگ رت جهڙو ٿي وڃي ته سمجهجانءِ ته منهنجو ٻچڙو حسين ڪربلا ۾ شهيد ٿي ويو آهي. اها شيشي مون کي جبرائيلؑ آڻي ڏني آهي ۽ اها خبر ٻڌائي آهي. روايت آهي ته ٽپهري جي وقت 10 محرم سن 61 هجري واري ڏينهن ام المومنين ام سلميٰ محوِ خواب هيون، جو کين رسول خدا خواب ۾ نظر آيا. سندن وار مبارڪ کليل ۽ گرد آلود هيا. ام سلميٰ کي مخاطب ٿي چيائون ته سلميٰ حسينؑشهيد ٿي ويو آهي. تون ستي پئي آهين. ام المومنين خواب مان بيدار ٿي شيشي ڪڍي جو ڏسي ته ان ۾ پيل مٽي رت جهڙي ڳاڙهي ٿي وئي هئي. ان کان پوءِ هن سڄي هاشمي ويڙهي کي اطلاع ڏنو ۽ سڄي مديني ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻي بيبي اُم المؤمنين اُم حبيبه بنت ابو سفيان آهي. ام المومنين ام حبيبه لاءِ روايت آهي ته مڪو اڃا فتح ڪونه ٿيو هو ۽ پاڻ رسول اڪرم جي زوجيت ۾ هيون. هڪ لڱا ابو سفيان مديني آيو ۽ سڌو ام حبيبه جي گهر آيو. اچڻ سان بستر رسول تي اچي ويٺو ۽ ڌيءُ کان پڇيائين ته محمدﷺ ڪٿي آهي؟ رسولﷺ جي بستر تي ويهڻ جي ڪري ام حبيبه کي سخت غصو آيو ۽ پيءُ کي چيائين ته هتان اٿو. جو هي بسترو رسول پاڪ جو آهي ۽ توهين ڪافر آهيو. ابو سفيان ڪاوڙ سٽيندو ۽ ڌيءُ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو گهران نڪري ويو. ان کان سواءِ هتي جناب عبدالله بن امام زين العابدينؑ۽ عبدالله بن مڪتوم﷦ صحابي رسولِ خداﷺ به دفن ٿيل آهن. قبرستان ۾ اندر ئي بي بي سڪينه بنت امام حسينؑ ۽ جناب ام ڪلثوم بنت عليؑجون ضريحون به آهن. اسان هيٺ تهه خاني ۾ لَهي وياسين، جو ڪنهن زماني ۾ قيدخانو هيو ۽ ڪربلا جي اسيرن کي اتي رکيو ويو هو. هيءَ اهڙي جڳهه هئي، جيڪا قبرستان جي اندر بيابان ۽ بُٺَ ۾ هُئي. هتي بي بي سڪينهؑ کي صغيرسني ۾ سندن وفات تي امام زين العابدينؑ پنهنجن هٿن سان دفن ڪيو هو. بي بي جي روضي تي ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري معصوم بيبيءَ جي صغير سني ۾ هيترين مصيبتن کي ڀوڳڻ تي بي اختيار گريو ڪيوسين. امام حسينؑجي شهادت کانپوءِ مسلمانن جون خيمن کي باهيون ڏيڻ، ننڍڙي سڪينهؑ جا ڇڪي دُر لاهڻ جنهن ڪري سندن ڪنن مان خون جاري ٿيو ۽ سخت سور ۽ ايذاءُ رسيو هُين. اونداهي زندان ۾ قيد ڪرڻ اهو سڀ ڪجهه سوچي ڪوئي ڪٺور دل انسان ئي نه روئندو باقي جنهن ۾ رتي برابر به انسانيت هوندي، اهو انهن ظلمن کي ياد ڪري اشڪبار ضرور ٿيندو. سائڻ سڪينه جي تربت تي اسان جي مولوي صاحب سندس مصائب تي مجلس پڙهي ۽ اسان سڀني گريو ڪيوسين. ان کان پوءِ بيبي ام ڪلثوم بنت حضرت عليؑ جي زيارت ڪري. بي بي فضه ، حضرت بلال حبشي﷦ جيڪو اولين مسلمانن مان هو ۽ جناب رسول خداﷺ جي برقعي مٽائڻ کان پوءِ اذان ڏيڻ ڇڏي ڏني هئائين. ان کانپوءِ حضرت عبدالله ابن جعفر طيار﷦ جي تربت تي آياسين. غرض ته سڀني مقتدر هستين جون زيارتون ڪيونسين. جن جا نالا مٿي ڏئي چڪو آهيان.
    اتي هڪ پراڻي، بوسيده ڀڳل ٽٽل ڇت سان هڪ قبر نظر آئي، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته حضرت معاويه جي قبر آهي، پر مون کي اها ڳالهه ذاتي طور تي سمجهه ۾ ڪونه آئي. ان ڪري جو عباسين جڏهن اموين تي فتح حاصل ڪئي ته هنن زنده شهزادن کي ته هڪ محفل رچائي، مدعو ڪيو، جنهن ۾ شراب ۽ شباب جو دور دوران هئو، جڏهن اموي مخمور ٿيا ته عباسين جلادن کي سندن سر قلم ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ ائين ڪي ٿڏي تي مري ويا ۽ جيڪي زخمي هئا، تن جي مٿان قالين وڇائي عباسين رقص پئي ڪيو ۽ هو زخمن ۽ ٻوسٽ جي ڪري مري ويا. ان کان سواءِ انهن ڪنهن به اموي جي قبر کي ڪونه ڇڏيو، پر هر هڻائي هڏا ڪڍي ساڙائي ڇڏيا هئائون. سو امير معاويه جي قبر ڪٿان آئي. مون کي اها ڳالهه من گهڙت ۽ جڙتو لڳي. باب صغير مقابر سبايه مان نڪري روڊ جي ٻئي طرف مقام سر شهدا ۽ ملحقه مسجد جي زيارت ڪئي سين جيڪو به ان زماني ۾ زندان هيو. اتي نماز ظهرين ادا ڪئي سين. اٽڪل ساڍي ٽين بجي ڌاري حضرت هابيل بن حضرت آدمؑ جي زيارت لاءِ نڪتاسين. حضرت هابيل جي مقبري تي پهچڻ ۾ تقريباً هڪ ڪلاڪ کن لڳي ويو. رستو مري جي رستي وانگر جبل جي چوڌاري ٿي ڦريو. رستي تي ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون آيون، جن تي بيهاريو ويو ۽ فوجي اندر گهڙي مسافرن کي ڏسي واپس لهي ٿي ويا. روڊ ڏاڍو خطرناڪ ۽ پر پيچ هو، پر ڊرائيور ڪمال مهارت ۽ ڪافي اسپيڊ سان وڏي اطمينان سان گاڏي هلائيندو ٿي رهيو. قرب و جوار جو نظارو بالڪل اهڙوئي هيو، جهڙو پاڪستان جي اترين علائقن جو آهي. حضرت هابيل جو مقبرو سطح سمنڊ کان 7000 فوٽ کن اوچو ٿيندو. هابيل جي روضي کان پهريان واري چيڪ پوسٽ تي ڪيمرائون وٺي رکيائون، ڇو ته حضرت هابيل واري ايراضيءَ ۾ فوٽو ڪڍڻ جي ممانعت آهي. الله الله ڪري حضرت هابيل تي پهتاسين. علائقو بي حد خوبصورت ۽ وڻندڙ هو. حضرت هابيل جي قبر تقريباً 20 فوٽ ڊگهي ۽ چار فوٽ ويڪري آهي. قبر جي چوڌاري گِرل لڳل آهي. اندر هڪ فريم ۾ حضرت آدمؑ کان وٺي رسول اڪرمﷺ تائين شجرو لڳل هو. ان کان سواءِ قرآني آيتون وغيره فريمن ۾ لڳل هيون. مقبرو ۽ ملحقه مسجد ٻئي ننڍا پر خوبصورت عمارتون آهن. مقبري ۾ ڪنهن چشمي مان پاڻي اچي ٿو، جيڪو پيئڻ ۾ مٺو ۽ لذيذ آهي. مان مقبري کان ٻاهر نڪري ٿورو اڳيان نظارو ڏسڻ ويس ته سامهون لبنان نظر پئي آيو. کاٻي پاسي جي جبلن لاءِ ٻڌايو ويو ته اهي گولان هائيٽس آهن. هتي هر قسم جا دوڪان ريسٽورينٽس ۽ ٻيون شيون شڪليون ويندي ڪپڙن تائين هر شيءِ موجود آهي. دمشقي جوڙا هتي پڪنڪ ملهائڻ ايندا آهن ۽ رات جو رهي به پوندا آهن. اوسي پاسي ۾ صوفن آڙن ۽ ٻين ڦلن جا وڻ آهن. مجموعي طرح ڏاڍي دل لڀائيندڙ جڳهه آهي. حضرت هابيل جي قبر تي ماڻهن کي مون گول پٿر Pebbles گسائيندي ڏٺو، پُڇڻ تي معلوم ٿيو ته پٿر گسائي ماڻهو پاڻ سان کڻي ويندا آهن، جو جوڙن ۽ هڏن جي سور تي پٿر گهمائڻ سان سور لهي ويندو آهي. والله اعلم بالصواب. خير ڪجهه وقت گهمي ڦري نظارن جو لطف وٺي تقريباً پنجين بجي دمشق آياسين. دمشق جي مين روڊ کان بازارِ شام يا سوق الحميديه ۾ داخل ٿياسين. بازار شام جو داخلي دروازو پٿر جو ٺهيل هئو ۽ ڪافي اوچو هو. محرابي دروازي جي مٿان نقش ونگار ڇپيل هئا. جيڪي هاڻي گهڻي قدر ڦٽي ويا هئا. بازار شام اها بازار آهي، جيڪا منو ڪلوميٽر کن ڊگهي آهي. ۽ مسجد بنو اميه يعني سابق درٻار يزيد ملعون تي ختم ٿئي ٿي. روايت آهي ته اهو منو ڪلوميٽر جو مفاصلو اهلبيتؑ اطهار جي قيدي قافلي کي ٽن ڏينهن ۾ طئي ڪرايو ويو هو يعني اسيران ڪربلا ان وچ ۾ مسلمانن جون پندرهن اذانون ٻڌيون هيون. بازار ۾ هڪ باب ساعت آهي، اِها اُها جڳهه آهي، جتي اسيران ڪربلا عليهم سلام جي قافلي کي 18 ڪلاڪ اڀ پيرو بيهاريو ويو هو. درٻار کان اها جاءِ فقط 72 قدمن جي مفاصلي تي آهي.
    باب الساعت جي هيٺان ڪاغذي گلن جي تزئين و آرائش مستقل ڪئي ويندي آهي ۽ اها وڏي اهتمام سان صدين کان جاري و ساري آهي. اها آرائش انهيءَ جڳهه تي جتي اسيران ڪربلا کي 18 ڪلاڪ بيهاريون ويو هو ۽ مٿانئن پٿر اڇلايا ويا هئا، دمشنانِ اهل بيت پنهنجي دل جي تسڪين لاءِ ڄڻ هڪ مذهبي فريضو سمجهندا آهن ۽ ملهائي خوش ٿيندا آهن، ڇو ته هن علائقي ۾ اموي نسل جا ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا، جيڪي اهل بيت اطهار جا ڪٽر دشمن آهن. جيئن ته شام هڪ سيڪيولر ملڪ آهي، تنهن ڪري ڪنهن جي زباني يا عملي دل آزاري ڪرڻ کان سواءِ جيڪڏهن ڪو به ماڻهو پنهنجي مذهب يا فرقي تي هلي ٿو ته ان تي ڪائي پاندي ڪانهي. باب الساعت کي سينگارڻ سان بلاشبه اهل تشيع ۽ عام سني مسلمانن جي دل آزاري ته ٿيندي هوندي، پر مذهبي آزاديءَ جي ڪري ڪو دنگو فساد ڪونه ٿو ٿئي. بازار شام هڪ ڍڪ بازار آهي. جنهن جي ڇت ونگ يا تجرتي اڌ گول جي صورت ۾ آهي. سندس ٻنهي طرفن کان هر قسم جا دڪان آهن. دڪانن جي مٿان درين مان اهل بيت تي پٿر وسايا ويا هئا ۽ انهن تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ڪيون ويون هيون. اها آهي اسان مسلمانن جو شاندار ماضي جو آل رسولﷺ کي باغي قرار ڏئي مردن کي شهيد ڪري عورتن ۽ ٻارن کي اسير ڪري ڪربلا کان دمشق هڪ بي آب و گياهه رستي کان آندو ويو هو، جيڪو 1200 ڪلوميٽر ڊگهو هو، جڏهن ته اصل رستو 900 ڪلوميٽر کن هيو، پر جيئن ته اصل رستي تي ڳوٺن ۽ وستين ۾ رهڻ وارن کي خبر پئجي وڃي ها ته هي خاندان رسالتماب آهي ته ماڻهو اٿي کڙا ٿين ها، تنهن ڪري اسيران ڪربلا کي اهڙي رستي کان آندو ويو، جيڪو نه فقط ڊگهو، ڏکيو، غير معروف هو، پر اتان جي ماڻهن کي خبر به ڪونه هئي، ته هي ڪنهن جو قافلو آهي. جڏهن انهن کي ٻڌايو ٿي ويو ته هي حڪومت جا باغي ۽ قيدي آهن ته انهن وستين ۽ واهڻن جي ماڻهن پڻ قافلي تي پٿر ٿي وسايا. نه فقط اهو پر ان رستي تي ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جون قبرون آهن، جيڪي اٺن کي هڪلڻ ۽ سندن ڀڄڻ جي ڪري ڪجاون تان ڪريا ٿي ۽ سندن مائن کي اجازت ڪانه هئي ته اهي ٻارن کي کڻن. ڪي ته تڏي تي ئي ٿي مري ويا ۽ ڪي تڙپي تڙپي شهيد ٿي ويا، پر ملعونن قافلي کي نه ٿي بيهاريو.
    بازار شام ختم ٿيندي ئي ان جي آخر ۾ وري ٻه سنهيون بازاريون نڪرن ٿيون. کٻي پاسي واري سوڙهي بازار جناب بيبي رقيه بنت امام حسينؑ جي روضي ڏي ٿي وڃي، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. يزيد جي محل يا مسجد اميه کان پهريان رومن ديوتا جپيٽر جي مندر جا مکيه کنڊر آهن، جن کي حڪومت شام مينٽين ڪندي ٿي اچي. جپيٽر جي مندر کان کاٻي طرف هڪ سنهي گهٽي ٿي وڃي، جنهن تي ٻه بندوق بردار سپاهي پهرو ڏئي رهيا هئا. ٻڌڻ ۾ آيو ته ان طرف يزيد جي قبر هئي، پر هاڻي اها موجود ناهي، پر ان طرف سندس خاندان جا ماڻهو ۽ ٻيا بنو اميه جا افراد جيڪي عباسين کان بچي ويا هئا، رهن ٿا. تنهن ڪري زائرين جي اوڏانهن وڃڻ تي پابندي آهي. هاڻي اسين مسجد بنو اميه ۾ داخل ٿياسين، جيڪا هڪ پر شڪوه عمارت آهي. پٿر ۽ چُنَ سان اوساري ٿيل آهي، پٿر تمام وڏا ۽ سهڻي طريقي سان تراشيل آهن، جنهن کي اسين علم تعمير ۾ Ashlar Masonry چوندا آهيون. پٿر جي سائيز 6x4 فوٽن کان گهٽ نه هئي. ڇت تمام اوچي ۽ ڪاٺ جي پٽين ۽ رنگين روف ٽائيلن سان ٺهيل هئي. اها درٻار اصل ۾ آرمينيائي عيسائين جي هڪ ڪليسا هئي، جنهن تي مسلمانن قبضو ڪري درٻار ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. بنو اميه جي اقتدار جي خاتمي کان پوءِ ان کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو. خبر ناهي ته ان جو نالو مسجد بنو اميه ڪهڙي دور ۾ رکيو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته صلاح الدين ايوبيءَ جي زماني ۾ رکيو ويو هجي، ڇو ته هو به اهلبيت جو دشمن ۽ محبانِ اهلبيت جو جاني دشمن هيو.
    مسجد ۾ حضرت يحيٰ بن ذڪرياؑ جي تربت آهي. چون ٿا ته هتي هڪ کوهه هوندو هو. ان جي محراب تي حضرت يحيٰ بن ذڪرياؑکي ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو هو. هڪ روايت آهي ته کين ذبح ڪيو ويو هو. مسجد جي صحن ۾ ٽي مکيه جايون آهن. پهرين اها جتي بيبي زينبؑ بيهي خطبو ڏنو هو ۽ درٻار ۾ سخت بي چيني پئجي وئي هئي. ان ڪري بيبيؑ جي آواز کي دٻائڻ لاءِ يزيد ملعون ڪيترن ئي مؤذنن کي گهرائي زور زور سان اذانون ڏيارڻ شروع ڪيون، جيئن بيبيؑ جو آواز ماڻهن تائين نه پڄي. ڏهن ٻارهن موذنن جو اذان ڏيڻ جو رواج اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. مون به کين اذانون ڏيندي ٻڌو. ڏهه ڄڻا اسٽولن تي ويٺل هئا ۽ سندن سامهون مائيڪون لڳل هيون ۽ واري واري سان اذان جا لفظ دهرائيندا ٿي ويا. بيبي زينبؑ جي خطبي ڏيڻ واري جاءِ تي هاڻي هڪ اٺ ڪنڊو گنبذ آهي. ٻي جڳهه ڏنڊي ٻيڙيون لڳل اسيران ڪربلا جي بيهڻ جي جاءِ آهي. هتي به هڪ گنبذ تعمير ٿيل آهي. ٽين جڳهه انهيءَ ملعون موذن جي اذان ڏيڻ جي آهي، جنهن 16 دفعا لمبي لمبي اذان چئي بيبي جي خطاب ۾ رخنو پئي وڌو. انهن ٽنهي جاين تي مختلف نمونن جا گنبذ ٺهيل آهن. انهن پليدن کي اهو شرم به ڪونه پئي آيو ته اذان ۾ گهڙي گهڙي رسول پاڪﷺ جو نالو پئي ورتو ويو ۽ انهيءَ ئي سيد النبياء جي اولاد کي زنجير جڪڙي درٻار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاريو ويو هو. هتي هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته آچر جي ڏينهن فجر جي نماز کان پوءِ مسجد اميه عيسائين لاءِ کولي ويندي آهي ته جيئن هو پنهنجي سروس ۽ عبادت ڪري سگهن. اهڙي مذهبي رواداري شام کان سواءِ ڪٿي به ڪونهي.


    بي بي زينب عليها سلام جو خطاب

    بي بي زينب عليها سلام جو خطاب

    يزين ملعون درٻار جي هن وڏي هال ۾ شاهاڻي دٻدٻي سان پنهنجن عزيزن ۽ درٻارين سان گڏ ويٺو هو. درٻار ۾ تقريباً چوڏهن سؤ ڪُرسين جو انتظام ڪيو ويو هو، جن تي شهر جا عمائدين ويٺل هئا. يزيد ملعون هڪ مٿاهين تخت تي ويٺو هو. بي بي زينب (ع) جرات ۽ هشمت سان اهڙو ته خطبو ڏنو، جو ماڻهن کي مولا عليؑ ياد اچي ويو. هن شير دل بيبيءَ جو خطاب ۽ انداز تخاطب تاريخي، منفرد ۽ جداگانو هيو. بيبي سانئڻ علم و فضل عقل ۽ دانش جو اهو درياهه وهايو، جنهن جو تاريخ ۾ مثال ڪونه ٿو ملي. هڪ لٽيل ڦريل ٿڪل، اوجاڳيل، زنجيرن ۾ جڪڙيل، زخمن سان چُور قافلي جي سربراهه جي حيثيت ۾ پنهنجي خاندان ۽ نبيﷺ جي چشم و چراغ امام حسينؑ سان ٿيندڙ ظلمن جو داستان اهڙي انداز سان پيش ڪيو، جو درٻار ۾ سانت ٿي وئي. عمائدين شهر جي مٿان جڏهن حق ۽ صداقت جو راز کلي ويو ۽ عين ممڪن هو ته درٻار ۾ بي چيني ڦهلجي وڃي ها ۽ ڪو انقلاب برپا ٿي وڃي ها، ته يزيد ملعون طئي ٿيل حڪمت عمليءَ مطابق مؤذن گهرائي اذان تي اذان ڏيارڻ لڳو، جيئن بيبيءَ جي آواز کي دٻائي سگهي، پر بيبي جي خطبي کي بند ڪرائي نه سگهيو ۽ بيبي پنهنجو خطبو جاري رکيو. بيبي زينب جو اهو خطبو ڪتابي صورت ۾ انگريزي ۽ اردو ترجمي سان موجود آهي. جنهن ۾ بيبي دانش، فضل، علم، فصاحت ۽ بلاغت جا سمنڊ اُٿلائي وڌا آهن. حق ۽ باطل جي ڄاڻ ڏني آهي. شام کان سوين ڪوهه پري ڪربلا ۾ جيڪو ڪِيسُ ڪيو ويو هو، سانئڻ اهو عوام الناس تي آشڪار ڪيو ۽ ائين اڄ تائين بيبي جي خطاب ڪري هر انسانيت رکندڙ بشر ظلم کان نفرت ۽ مظلومن سان همدردي ڪندو رهي ٿو سواءِ انهن ظالم، سفاڪ، وحشي درندن، شقي القلب بي درد ماڻهن جي، جيڪي انساني شڪل ۾ سوئر، رڇ، بگهڙ ۽ ٻيا خونخوار درندا آهن.
    درٻار هال به صحن وانگر ڪشادو هيو. ان ۾ پٿر جا وڏا وڏا گول ٿنڀا پنهنجي دور جي ڪاريگرن جي هنر جو بي مثال نمونو هئا. ڇت به گنبذ وانگر گول آهي. هتي هڪ ڪاٺيءَ جو چبوترو به آهي، جنهن تي سرڪار سيد الشهداءِؑ جو سر مبارڪ رکيو ويو هو ۽ يزيد ملعون بار بار سر مبارڪ ۽ چپن مبارڪن کي لڪڻ سان ڌڪ پئي هنيا. جنهن تي اتي ويٺل صحابي اهو چئي يزيد کي ڇُنهبيو ته خدا جو قسم آهي ته انهن لبن کي مون رسول الله (ﷺ) کي ڪيئي دفعا چُمندي ڏٺو هو. چون ٿا ته انهيءَ صحابي کي يزيد شهيد ڪرائي ڇڏيو هو.
    آل رسول(ﷺ) جا دشمن اڃا تائين پنهنجي مڪروه ڪاررواين ۾ سرگرم آهن. اها آلِ رسول سان دشمني ناهي ته ٻيو ڇا آهي، جو اسانجي هڪ اسلامي بادشاهت واري ملڪ جي مکيه بندرگاهه واري شهر ۾ هڪ روڊ يزيد ابن معاويه جي نالي تي رکيل آهي. هي روڊ امام شافعي ( ) روڊ کي پرنس سعود الفيصل روڊ سان ملائي ٿو. ان کان علاوه سندس گاديءَ واري شهر ۾ هڪ وڏو سيڪنڊري اسڪول ’مدرسة يزيد بن معاويھ الثانويھ‘ ٺاهيو ويو آهي. ان کان علاوه الائي ڇا ڇا سندس نالي جي پويان منسوب ٿيل آهي. اسان وارا ملان جيڪي اتان جا پگهاردار آهن، اهي هتي به اهڙوئي زهر ڦهلائيندا رهن ٿا. سندن ڪيئي تقريرون جيڪي هو يزيد جي شان ۾ ڪن ٿا يُوٽيوب (Youtube) تي موجود آهن. ان کان علاوه انهي قسم جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن. جن ۾ معاذالله يزيد کي خليفة المسلمين، اميرالمؤمنين ۽ بي قصور لکيو ويو آهي. جن سان شيعن ۽ اهلبيت (ع) سان محبت رکندڙ اهل سنت جي دل آزاري ٿئي ٿي. نه خوفِ خدا نه خوف رسول (ﷺ).
    درٻار جي کٻي پاسي ٻاهر هڪ ڪمرو آهي، ان ۾ داخل ٿبو ته امام زين العابدينؑ جو مصلو آهي، جنهن جي اڳيان شيشو لڳل آهي. پاڻ جڏهن به هتي ايندا هئا ته انهيءَ جاءِ تي عبادت ڪندا هئا. ان سان گڏ هڪ چانديءَ جو ٺهيل جارو آهي، جنهن ۾ چاليهن ڏينهن تائين امام عاليمقام جو سِرُ مبارڪ رکيو ويو هو. ان سان گڏ ئي يزيد جو خزانو آهي، جنهن کي شيشي جي فريم سان بند ڪيو ويو آهي. هتي هڪ گول جڳهه آهي، جنهن کي سائي ڪپڙي سان ڍڪيو ويو آهي. هتي رسول اڪرمﷺ جو وار مبارڪ رکيل آهي. چون ٿا ته هتي امام حسينؑ جو سر مبارڪ به دفن ٿيل آهي، جيڪا ڳالهه صحيح ناهي، ڇو ته امام زين العابدينؑ سر مبارڪ کي جسم مبارڪ سان پوءِ گڏ دفن ڪرايو هو.
    درٻار جي صحن ۾ هڪ توب رکيل هئي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هيءَ صلاح الدين ايوبيءَ جي توب هئي. درٻار جي ٻاهر کاٻي پاسي صلاح الدين ايوبيءَ جو محل به آهي، جتي اسان ڪونه وياسون. انهيءَ کانپوءِ هڪ سنهي بازار مان ٿيندا جناب رقيه بنت امام حسينؑ جي روضي تي آياسين.


    حضرت رقيه جو تعارف

    حضرت رقيه جو تعارف

    حضرت رقيهؑ امام حسينؑ جي نياڻي آهي. سندن والده گراميءَ جو نالو اُمِ رُباب آهي. پاڻ 24 ذوالحج سن 56 هجريءَ ۾ مديني ۾ پيدا ٿي. پاڻ پنهنجي بابا امام حسينؑ سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي ۽ امام عاليمقام به ساڻس ڏاڍو پيار ڪندا هئا. قضيه ڪربلا ۾ هيءَ معظمه موجود هئي ۽ سندس عمر مبارڪ فقط ٽي سال هئي. سندس نالي جي حوالي سان اختلاف آهي. برصغير هند و پاڪستان ۾ کيس سڪينهؑ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته ايران، عراق، شام ۽ عرب دنيا ۾ رقيه بنت امام حسينؑ چون ٿا. مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، ته سندن روضو قبرستان باب صغير ۾ زندان ۾ جناب ام ڪلثوم بنت عليؑ سان گڏ آهي.
    هاڻي اسين جنهن روضي طرف وياسين پئي، جيڪڏهن اهو روضو بيبي رقيه يعني بيبي سڪينه جو آهي، ته پوءِ زندان شام ۾ ٺهيل تمثيلي ضريح چئجي اهو علم الله کي آهي. چون ٿا ايراني آية الله عظميٰ جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي. ان کي بيبي خواب ۾ آئي ته منهنجو مدفن هن جڳهه تي آهي ۽ هتي ڀرسان گندي پاڻيءَ جو نالو ٿو وهي، جيڪو اسان کي تنگ ٿو ڪري. تنهن ڪري هتي اسان جي قبر ٺهرايو. انهيءَ خواب کان پوءِ انهيءَ آية الله هتي روضي جو بنياد رکيو. هي هڪ سفيد سنگ مرمر جي انتهائي خوبصورت عمارت آهي. ڪشادو صحن ۽ روضي اندر خوبصورت سون ۽ چاندي جي ٺهيل ضريح جي اندر تربت ۽ ضريح تي قرآني آيات اڪريل آهن. اندر ايراني بهترين غاليچا وڇايل هئا. هتي به ماڻهن جو ڪافي تعداد هيو. روضي جي سار سنڀال جو انتظام به ايرانين جي حوالي هيو.
    زيارت ڪري نمازِ زيارت ۽ نماز مغربين کان پوءِ سائين قمر عباس مجلس پڙهي. تنهن بعد سنهي بازار مان ٿيندا، جيڪا بمشڪل 12 فوٽ کن ٿيندي، ٻاهر آياسين. دڪان ننڍڙا ۽ بازار جي ٻنهي پاسي هئا، چون ٿا ته هي به قيدخانو هو ۽ دڪان قيدين جون ڪوٺيون هيون. هڪ ٻن ڪمرن کي علامتي سبز رنگ سان اصلي حالت ۾ رکيو ويو آهي، جيئن زائرين ۽ سياحن کي اندازو ٿئي ته ماضيءَ ۾ انهن جي شڪل و صورت ڪيئن هُئي. اٺين بجي رات جو وري جناب زينب جي زيارت ڪئي سين. زيارت مان فارغ ٿي هڪ PCO تان ڳوٺ فون ڪيم، ٽن منٽن جا 230 ليرا ورتائون. ادا وڏي مرحوم امداد علي خان سان مختصر گفتگو ٿي. ان کانپوءِ موٽي هوٽل تي آياسين. ماني ٽڪي کائي رات جو دير تائين ڪچهري ڪندا رهياسين ۽ مصائب اهلبيت تي ڳالهائيندا رهياسين ۽ پوءِ سمهي پياسين.
    اڄ تاريخ 17 سيپٽمبر 1997ع تي فجر جي نماز هوٽل تي ادا ڪري وري سمهي پيم، تان جو ساڍي اٺين بجي اک کلي. اڄ سڄو ڏينهن ڪيڏانهن ئي نه وياسين. ٻن پهرن جي ماني کائي جناب زينب عليها سلام جي حرم ۾ آياسين. نماز ظهرين ادا ڪري حرم ۾ ئي ويهي رهياسين ۽ قرآن پاڪ، دعاء ڪميل جو دور ڪندا رهياسين تان ته نماز مغربين جو وقت ٿي ويو. نماز مغربين جماعت سان ادا ڪئي سين. نماز کانپوءِ مولوي قمر عباس نقوي صاحب هڪ زبردست مجلس پڙهي. اسان سان گڏ لاهوري قافلو به هيو. مجلس ايتري ته رقت آميز هئي، جو ڪيئي ايراني ۽ عرب به مجلس ٻڌڻ ويهي رهيا. ان کانپوءِ عزاداري ڪئي سين.
    مان ۽ قمر عباس صاحب رات جو نائين بجي ڌاران مسٽر عبدالڪريم شعلبيءَ جنهن جي هوٽل ۾ اسان جو قيام هو، سان ملڻ ۽ حساب ڇڏائڻ وياسين. ڏاڍو شاندار انسان هو. ماني کائڻ جي دعوت ڏنائين. جنهن لاءِ اسان کيس مؤدبانه معذرت ڪئي. مون کيس پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته جيڪڏهن مان مستقبل قريب ۾ پاڪستان آيس ته توهان سان ضرور ملندس. شعلبي صاحب سان حساب ڪتاب مان فارغ ٿي مان ۽ سائين قمر عباس صاحب سندس عزيز آغا اظهر صاحب جي گهر رات جي مانيءَ جي دعوت تي وياسين. ماني ڏاڍي لذيذ هئي. اظهر صاحب جي گهر واري لبناني عرب آهي، ۽ سائين قمر عباس صاحب جي زوجه جي قريبي رشتيدار آهي. زينبيه شهر جو آغا اظهر صاحب وارو محلو مون کي ته پنهنجي شهر لاڙڪاڻي جي پاڙن جهڙو لڳو. کليل ناليون جاين جڳهين جو نمونو صفا اسان جي شهر جهڙو هيو. آغا صاحب کان موڪلائي هوٽل سبطين تي آياسين. اسان جي لاهوري گروپ جي هڪ عورت جنهن جو نالو سيده عابده هو، پنهنجي قافلي جي ڀيٽ ۾ اسان جي قافلي کي وڌيڪ پسند ٿي ڪيو، ڇو ته اسان سيده ۽ نياڻي هئڻ ڪري سڀئي سنڌي سندس ڏاڍي عزت ڪندا هئاسين، تنهن ڪري هوءَ ويچاري اسان سڀني کي چوندي هئي ته توهين منهنجا ڀائر آهيو، ڪيڏي نه عزت ٿا ڏيو، پر اسان جي لاهوري قافلي وارن ۾ اها مروت ڪانهي. هر هڪ خودغرض ۽ مطلبي آهي. خير ان مومنه سان اڄ هڪ معجزو رونما ٿيو. بيبي سيده عابده کي ڪينسر جي بيماري هئي. اسان کي پوءِ ياد آيو ته هوءَ هر روضي تي ڏاڍو گريو ڪندي هئي ۽ ليلائيندي رهندي هئي. جناب زينب جي حرم ۾ گريو ڪندي سندس اک لڳي وئي. کيس خواب ۾ سائڻؑ جو ديدار نصيب ٿيو، جنهن سندس ڪينسر واري جڳهه تي زور ڏئي چيو ته عابده اٿ تنهنجي بيماري ختم ٿي وئي آهي. تون روزانو يارهن تسبيحون درود جون پڙهندي ڪر. سائڻ زينبؑ جي زور سان ڪلهي کي ڇڪڻ جي ڪري سندس قميض به اتان ڦاٽي پئي هئي، جيڪا هن قافلي جي عورتن کي ڏيکاري. بيبي عابده ڏاڍو خوش هئي. انهيءَ معجزي جي ڪري هن مجلس ڪرائي هئي ۽ نياز به تقسيم ڪيو هو. اهڙا ڪيئي معجزا ٿيندا رهندا آهن، جيڪي تصديق کان پوءِ رجسٽر ڪيا ويندا آهن. اهڙو معجزو منهنجي سامهون به غازي عباس علمدارؑ جي روضي جي دروازي تي سن 2009ع ۾ ٿيو، جيڪو مون اکين سان ڏٺو. هڪ مشلول ماڻهو جيڪو هلي نه پئي سگهيو، تنهن کي ماڻهو ٻانهن مان جهليو وٺيو پئي آيا. سندس پير گسندي ٿي هليا. جيئن ئي اهي دروازي تي پهتا ته ماڻهن منجهانئس هٿ ڪڍيا ۽ مولا عباس کي سڏيندا رهيا. اهو ماڻهو لڏندو لمندو ٿاٻڙندو نيٺ در کي هٿ ڏئي بيهي رهيو ۽ لوهي پائيپ کي جهَلي هلڻ شروع ڪيائين.


    ڪجهه حلب جي باري ۾

    ڪجهه حلب جي باري ۾

    1997ع واري سفر ۾ اسان حلب يعني ALEPPO ڪونه وڃي سگهياسين. پر نومبر 2007ع ۾ مان، مولوي قمر عباس، مختيار حسين ميراڻي، سندس ٻه فرزند ۽ محمد ياسين شر اسان جو پيارو دوست جڏهن شام ۽ ايران جي زيادتن تي ويا هئاسين ته حلب، رقّه، جنگ صفين جي ميدان حضرت عمار ياسر﷦ ۽ حضرت اويس قرني جي زيارت ڪئي هئي. حلب شام جو سڀ کان وڏو ۽ خوبصورت شهر آهي. حلب به دشمق وانگر پراڻو آباد شهر آهي. حلب جي ڪنهن زماني ۾ وڏي اهميت هئي، ڇو ته پراڻو شاهه راهه ريشم حلب ۾ اختتام پذير ٿيندو هو، پر پوءِ سوئيز ڪئنال ٺهڻ سان هن شهر جي واپاري لحاظ کان اهميت گهٽجي وئي. هي شهر جڏهن شام بازنطيني شهنشاهيت جو حصو هو، وڏي شان و شوڪت وارو هئو. هن شهر جي موسم سياري ۾ سرد ۽ اونهاري ۾ معتدل آهي. شهر جون شاهراهون ۽ رستا ڪشادا ۽ جايون پٿر جون ٺهيل آهن. پراڻين جاين ۾ رومن آرڪيٽيڪچر جي جهلڪ بخوبي نمايان آهي. هي شهر ترڪي کي ويجهو آهي. 2012ع جي جنگ هن شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هتي ڪرد ڪثير تعداد ۾ موجود آهن. ان کان سواءِ پراڻن عيسائين جو جن ۾ آرمينيائي، ميرونائيٽ، آرٿوڊڪس ۽ ڪيٿولڪس شامل آهن جو ڪافي تعداد هتي رهي ٿو. داعش جي تباهه ڪارين کان اڳ ۾ هتي يزيدي مذهب جا ماڻهو جام رهندا هئا. شيعا اثنا عشرين لاءِ اهو شهر ان ڪري مکيه آهي، جو هتي هڪ وڏي جاءِ جيڪا هڪ عيسائي راهب جي هئي، ان ۾ هڪ پٿر تي امام حسينؑ جو سر مبارڪ رکيو ويو. انهيءَ پٿر مان اڄ ڏينهن تائين ايام عزاداريءَ ۾ خون وهندو رهي ٿو. انهيءَ جاءِ ۾ هڪ فيملي به رهي ٿي ۽ انهيءَ پٿر واري ڪمري سان ملحقه ڪمري ۾ ڪنهن صغير بيبي جي قبر آهي، جيڪا دمشق ويندي رستي تي ئي فوت ٿي وئي يا اٺ تان ڪِري شهيد ٿي وئي. ماڻهن ٻڌايو ته اها نياڻي به امام عاليمقام جي نياڻي آهي.
    اسان سڀني دوستن هڪ سيون سيٽر هونڊائي ڪار نما جيپ ڀاڙي تي ڪرائي هئي ۽ رخ ڪيوسين صفين جي ميدان جو. تقريباً ڏهين بجي هوٽل السلطان تان روانا ٿياسين. ڊرائيور اسان کي هڪ غير معروف روڊ سان وٺي هليو، ڇو ته ان تي ٽريفڪ وغيره ڪانه هئي. منهنجي خيال ۾ هي اهو ئي رستو هو، جنهن سان اسيرانِ ڪربلا جو قافلو درٻار يزيد ملعون ڏانهن نيو ويو هو. رستي تي برپٽ بيابان هو. ٻنهي پاسي ڪائي آبادي پوک وغيره ڪونه هئي. بس بيابان ئي بيابان هو. اٽڪل اڍائي بجي ڌاران هڪ ننڍڙي هوٽلڙي تي پهتاسين، جنهن جو نالو هو هوٽل بغداد. هوٽل وري ڇا هڪ ڪچي عمارت هئي، جنهن ۾ هڪ ڪمري ۾ ڪاٺ جون بينچون رکيل هيون ۽ ڀتين تي غاليچي تي ٺهيل شام جو نقشو آويزان هيو ۽ باقي ڀتيون به شامي قالينن سان سينگاريل هيون. قالين دُنبي يا گهيٽي جي اُنَ جا ٺهيل هئا، جن ۾ ڪو خاص زيب زينت ڪونه هو. اسان به وڃي بينچن تي ويٺاسين. اسان کان اڳ ۾ هڪ نيدرلينڊ جو جوان جوڙو ويٺو هو، جيڪي ٻئي پيشي جي لحاظ کان وڪيل هئا، ۽ هن ٽوئر کان پوءِ واپس وڃي کين شادي ڪرڻي هئي. ٻئي ڄڻا شڪل ۽ صورت جا خوبصورت ۽ ڳالهڻ ٻولهائڻ جا شائستا هئا. ڇو ته کين انگريزي آئي پئي، تنهن ڪري ڪافي دير چانهن پيئندي ساڻن ڪچهري ڪندو رهيس. اڌ مني ڪلاڪ کانپوءِ وري اسان پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿياسين. وري به اهو ئي برپٽ بيابان، جنهن جي وچان ڪارو ڏامر جو روڊ وروڪڙ کائيندو بيابان کي ٻن حصن ۾ ورهائيندو ٿي هليو ۽ ان روڊ مٿان اسان جي اڪيلي گاڏي روان دوان هئي. رستي تي ڪوڪو ڪچو ڳوٺ نظر ٿي آيو، نه ته خير. پر مزي جي ڳالهه ته نه ڳوٺ ۾ وڻ نظر آيو ۽ نه ڪو ماڻهو. اهڙا ايڪڙ ٻيڪڙ ڳوٺ ڏسندا، سندن ڀرسان گذرندا پئي وياسين. ڪڏهن ڪڏهن ڪو انسان نظر ٿي آيو، نه ته بس. مان سوچيو پئي ته آخر ڳوٺن جي گهٽين ۾ ماڻهو نظر ڇو نه ٿا اچن. اسانجي سنڌ ۾ ته ڳوٺ جي هوٽلن تي ماڻهو چانهه جو ڪوپ پي سڄو ڏينهن ڪانڀ ڪڍيو ويٺا هوندا آهن ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏي کي پيا چتائي ڏسندا آهن. خير اهڙي بٺ علائقي مان گذري نيٺ رقّه شهر ۾ پهتاسين، جيڪو اڄ ڪلهه داعش جو هيڊڪوارٽر آهي ۽ جتان هُو يزيد جا تاريخي ظلم دهرائيندا ٿا رهن. رقّه تقريباً پنجين بجي پهتاسين. شهر خوبصورت پر ننڍو هو. اسان هڪ هوٽل تي ماني کائي چانهه جو دور ڪري روانا ٿياسين صحابي رسول حضرت عمار ياسر جي روضي تي، جيڪو رقه شهر ۾ ئي هو، پر اڄ ڪلهه ملعونن شهيد ڪري قبرن جي بي حرمتي ڪئي آهي. روضو ڪشادو هو، جنهن ۾ حضرت اويس قرني پڻ دفن ٿيل هيو. ان کان سواءِ ٻيا به صحابي اتي مدفون ٿيل آهن، جن جا نالا مٿان لکيل هئا. حضرت عمار﷦ جي روضي تي نماز زيارت ۽ ظهرين ادا ڪري آياسين جنگ صفين جي ميدان تي. اسان کي درياهه فرات ڪراس ڪرڻو پيو، جيڪو ترڪي کان اچي ٿو. هتي فرات ڪو خاص وڏو ڪونه هو، اسان جي واهن جيترو مس هئو. جنگ صفين جي ميدان تي هڪ اڌ عمارت ٺهيل هئي ۽ سامهون ميدان هو. ذهن ۾ اها سوچ هئي ته مولا جو لشڪر ڪهڙي پاسي هوندو. مولاؑجن پاڻ ڪٿي بيٺا هوندا. مولا جي مجبورين تي ڏاڍو گريو ڪيوسين ته مولا اميرؑ جي مختصر حڪومت ۾ ساڻن هڪ صوبي جي معزول گورنر 72 جنگيون ڪيون ۽ وقت جي خليفي سان سخت سرڪشي ڪئي. نه فقط اهو پر مولا عليؑ جي مٿان منبرن تي تبرو شروع ڪرايائين، جيڪو اموين هڪ مذهبي فريضو سمجهي عمربن عبدالعزيز جي دور تائين جاري رکيو. انهيءَ سوچ سان گڏ اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. سج لهڻ ٻڏڻ وارو هو ۽ اسانجي اڳين منزل امام عاليمقام جي سر مبارڪ رکڻ جي جاءِ هئي، جيڪا حلب ۾ آهي. رات جو اٺين ڌاران حلب ۾ انهيءَ جاءِ تي پهتاسين. هڪ پٿر جي ٺهيل شاندار عمارت هئي. هڪ ڪمري ۾ ضريح اندر پٿر رکيل هيو، جتي راهب، يزيدي لشڪر کان امام حسينؑ جو سر مبارڪ سڄي رات لاءِ وٺي پاڻ وٽ رکيو. امام جي سر مبارڪ راهب سان گفتگو ڪئي. راهب امام عالي مقام جو سِرُ مبارڪ نه پئي ڏيڻ چاهيو، تنهن ڪري پنهنجا ست ئي پٽ واري واري سان ڪهي ملعونن کي صبح جو ڏيندو رهيو. هي سر آهي، جيڪو مون توهان کان ورتو هو ۽ هو چون ته هي سر ناهي. آخر امام جن راهب کي فرمايو ته تون منهنجي ڳچيءَ تان رت اُگهندو پنهنجي پٽن جا سر ڳنڍيندو وڃ، اهي سڀ زندهه ٿي ويندا ۽ تون هنن کي منهنجو سر موٽائي ڏي. اهو قصو مون تمام گهڻي اختصار سان لکيو آهي نه ته هي هڪ وڏو داستان آهي. خير اسان ان پٿر جي زيارت ڪئي، پٿر جو رنگ ڳاڙهو هو. ان کانپوءِ ڀرسان ئي معصوم بيبي جي زيارت ڪئي. ٻاهر ڪيتريون ايراني بسون بيٺيون هيون ۽ اندر ڪافي تعداد ۾ ايراني عزاداري ڪري رهيا هئا. اسان به ساڻن گڏ عزاداري ڪري نماز مغربين ادا ڪري واپس گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. نومبر جو مهينو هو، حلب ۾ ڪافي خنڪي هئي. انهيءَ محلي ۾ سڀ جايون پٿر جون ٺهيل رومن اسٽائيل ۾ جڙيل هيون. هتي عيسائين جو ڪثير تعداد رهي ٿو. حلب شهر جي وچ مان هلندي نيٺ حلب دمشق شاهراهه تي پهتاسين. پاسي ۾ بيٺل هڪ ٺيهلي واري کان چانهه وٺي پيتي سين ۽ وري گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. روڊ تمام سٺو هو ۽ ٽريفڪ به جام هئس. پر خبر ئي نه پئي ته سامهون دمشق نظر آيو. هاءِ وي جي هڪ ريسٽورينٽ تي ماني کائڻ لاءِ لهي پياسين. بهترين محل وقوع، سهڻي ريسٽورينٽ، اسٽاف خوش اخلاق ۽ ماني ڏاڍي لذيذ هئي. ايئن يارهين بجي رات جو اسين پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. دل ته ڏاڍي ٿي چئي ته هتي يزيدي مذهب جو تفصيلي ذڪر ڪريان، پر سفرنامي ۾ انهن جي باري ۾ مختصر احوال ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان اُهو هن ريت آهي ته يزيدي اصل ۾ ڪردن منجهان آهن ۽ اترادي ڪردي ٻولي ڳالهائيندا آهن. يزيدين جا نالا مسلمانن جهڙا آهن. خبر ئي نه پوندي آهي ته هي يزيدي آهي يا مسلمان. ڏينهن ۾ ڇهه دفعا عبادت ڪندا آهن، پر سج ڏانهن منهن ڪري . سندن قبرن تي قرآن، توريت ۽ انجيل جون آيتون لکيل هونديون آهن. هنن جو مذهب زردتشت، اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت جي مسڪچر آهي. اصل ۾ هنن جو تعلق عراق جي نينوا صوبي سان آهي. يزيدي الله جي وحدانيت کي مڃڻ وارا آهن، پر ستن مقدس ملائڪن کي پڻ مڃيندا آهن، جن جو سردار ملڪ طائوس آهي، يعني عزازيل. جنهن لاءِ هنن جو عقيدو آهي ته هن سرڪشي ته ڪئي هئي تنهن ڪري ڌڻيءَ انهي جا پر کسي ڇڏيا، پَرَ سندس آهه و زاري ۽ زار و قطار روئڻ جي ڪري دوزخ جي باهه وسامي وئي آهي. خدا تعاليٰ هن کي معاف ڪري ملڪ طائوس يعني مور ملائڪ بڻائي ڇڏيو آهي. (معاذالله) جيڪو ٻين ملائڪن جو حاڪم آهي. يزيدين جو نشان مور آهي. سندن گهرن ۾ ڀتين تي، پلنگن تي، ڪرسين ۽ ديوانن تي مور ڇپيل هوندا آهن، جنهن کي هو مقدس سمجهندا آهن. هاڻي وري موٽون ٿا پنهنجي سفرنامي تي.
    اڄ تاريخ 18 سيپٽمبر تي ٻارهين بجي ڌاران سڄي گروپ کي ساڻ ڪري دمشق ويم. اڄ مولوي صاحب اسان سان ڪونه هو. ڇو ته هو رات جو ئي موڪلائي مائٽن سان ملڻ ويو هو. بازار حميديه يعني بازار شام مان ٿيندا سڌو بيبي سڪينه جي روضي تي آياسين. بازار حميديه ۾ معمول مطابق چهل پهل هئي. مردن عورتن جو لباس يورپي طرز جو ۽ شڪل شبيهه ۾ يورپين جهڙا گهمندا ڦرندا خريداريون ڪندا پئي وتيا. روضي ۾ به ڪافي خلق هئي. عورتن جي پاسي ڪا فارسيءَ ۾ مجلس هلي رهي هئي، تنهن ڪري سڄي روضي ۾ سوڳ واري ڪيفيت هئي ۽ روئڻ ۽ گريه ڪرڻ جو آواز هو. خير اسان نماز ظهرين ادا ڪري ڪجهه گهڙيون اتي ئي ويٺا رهياسين. اڃا ويٺا ئي هئاسين ته هڪڙو خدام ڊوڙندو اندر آيو، جيڪو نسلاً ڪابلي هو ۽ ٿوري ٿوري اردو ڳالهائي پيو، ڇو ته هو ڪجهه وقت پاڪستان ۾ رهيو هيو. هن غلط سلط اردوءَ ۾ چيو ”آپ پاڪستاني هي. ايڪ چور آپڪا جوتا چرايا هي. پوليس آپڪو ٿانه مين بلاتا هي.“ ٻاهر نڪري ڏسان ته واقعي منهنجو بئلينس ڪمپنيءَ جو اسپورٽس شو غائب هو. مان گهڻو ئي چيومانس ته بوٽ وڃي کڏ جي تري ۾ پوي. مان ٿاڻي تي نه هلندس. هن چيو ”اِدَر ڪا قانون هي، آپڪو چلنا پڙيگا.“ خير هن ويچاري مون کي هڪ چمپل ڏني، ۽ مان اها پائي هن سان گڏ سنهين گهٽين مان ٿيندو مين روڊ تي آيس. ٻه منزله بلڊنگ تي مٿان بورڊ لڳل هو ’شرطه‘. خدام مون کي مٿين منزل تي وٺي هليو ۽ هيڊ محرر يا وڏي منشيءَ جي آفيس ۾ ويهاريائين. وڏي منشي اٿي بيهي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ڪرسيءَ تي ويهاريو. سندس آفيس ۾ چوڌاري لوهه جون ريڪون رکيل هيون، جيڪي فائيلن سان سٿيل هيون. سڀئي ويٺل ماڻهو چتائي ڏسي رهيا هئا، ڇو ته مان سڀني ۾ اجنبي هئس. خدام کي هنن ويهڻ جي صلاح ڪانه ڪئي ۽ هو بيٺو ئي رهيو. هاڻي آڏي پڇا شروع ٿي. خدام چين ته بوٽ هن جو آهي ۽ هي پاڪستاني آهي. هاڻي آڏي پڇا سان گڏ وڏو منشي ايف. آءِ. آر جيڪا عربيءَ ۾ هئي، لکندو ٿي رهيو. مون کي جيڪا عربي آئي ٿي، مون جواب ٿي ڏنا ۽ جي منجهيس ٿي ته خدام کي اردو ۾ ٿي ٻڌايم ۽ هو ترجمو ڪندو کين ٻڌائيندو پئي ويو. آڏي پڇا جو انداز هن ريت هو، جيڪو مون اک وتائي پاڻ وٽ نوٽ پئي ڪيو.
    وڏو منشي: هَل اَنت باڪستاني
    (ڇا تون پاڪستاني آهين؟
    مان: بليٰ انا پاڪستاني
    (ها مان پاڪستاني آهيان)
    وڏو منشي: ما اِسمُڪَ؟
    (تنهنجو نالو ڇا آهي؟)
    مان: مختار علي جانوري
    وڏو منشي: ماهو اسم والد لڪ
    (تنهنجي والد جو نالو ڇا آهي؟)
    مان: حسين بخش خان
    وڏو منشي: اين تسڪن
    (ڪٿي جو ويٺل آهين؟)
    مان: انا مقيم في لارڪانه باڪستان
    (مان لاڙڪاڻه، پاڪستان جو ويٺل آهيان.)
    وڏو منشي: اين هو لارڪانه في ڪراتشي اُو لاهور؟
    لاڙڪاڻو ڪاٿي آهي، ڪراچي ۾ يا لاهور ۾؟)
    مان: في ڪراتشي
    (ڪراچيءَ ۾)
    وڏو منشي: اظهار جواز سفر لڪ
    (پنهنجو پاسپورٽ ڏيکار)
    مان: هذا جواز سفري
    (هي آهي منهنجو پاسپورٽ)
    وڏو منشي: اظهار تاشير الدخول الخاصه
    (پنهنجي ويزا ڏيکار)
    ان کان پوءِ هن پاسپورٽ نمبر لکيو. وري مون ڏي ڏٺائين. چيائين:
    ڇا ٿو لکين، مون کي ڏيکار. مون سنڌيءَ ۽ عربيءَ ۾ لکيل سوال جواب هن کي ڏيکاريا. عربي ته پڙهي ويو، پر سنڌيءَ تي پڙ ڪڍي بيٺو، هي ڪهڙي ٻولي ٿو لکين ۽ ڇو ٿو لکين. منهنجي ڊائري کسڻ تي هو ته مان خدام کي چيو ته مان هڪ ليکڪ آهيان ۽ سفرناما لکندو آهيان. تنهن ڪري مان پنهنجي زبان جنهنجو نالو سنڌي آهي، ۽ عربيءَ وانگر ئي لکبي آهي، انهيءَ ۾ نوٽس ٿو لکان. ڇو ته مون کي شام ملڪ جي پوليس جي بهتر ڪارڪردگي ڏسي انهيءَ جي تعريف ۾ لکڻو آهي. پوءِ ته همراه جون واڇون ٽڙي پيون. ڏاڍو خوش پئي ٿيو. وري وري سنڌي پڙهڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين، پر پڙهي نه پئي سگهيو. پنهنجو نالو وليد ٻڌايائين ۽ چيائين ته منهنجو ذڪر نالي سان ڪجانءِ. مان ها ڪئي ۽ هن مونکي ڊائري واپس ڪئي. ان کانپوءِ بوٽ جو رنگ ۽ جورابن جو رنگ پڇيو. تصديق ڪرڻ کانپوءِ صحيح وٺي مون کي بوٽ واپس ڏنو ويو. هاڻي چيائون ته هلو وڏي شرطي ڏي، جنهن جي آفيس ڀرسان ئي هڪ ڪمري ۾ هئي. سندس شولڊرن تي ٽي ٽي ڦول لڳل هئا. پٺيان حافظ الاسد جو فوٽو ۽ ٽيبل تي سورية يعني شام ملڪ جو جهنڊو رکيل هو. هن اٿي بيهي آڌرڀاءُ ڪيو. پڇيائين ته ڇا ڪندو آهين؟ ٻڌايومانس ته انجنيئر آهيان ۽ هتي زينبيه ۾ عبدالڪريم شعلبي جي هوٽل تي ٽڪيل آهيان. ان کان پوءِ چور کي منهنجي سامهون آندائون. 18 يا 20 سالن جو حسين جوان هو. کيس منهن ۾ ڌڪ لڳل هئا، جيڪي کيس پوليس وارن هنيا هئا. مان چيو مانِ ته هن کي ڇڏيو، مون بوٽ معاف ڪيو. منهنجي ان چوڻ کانپوءِ به انسپيڪٽر اٿي کيس لَت ٺڪاءُ ڪئي. انسپيڪٽر چيو ته هي وڏو چور آهي. هن وٽان بنا لائسنس جي پسٽل رِڪور ٿيو آهي. (وقد تم مسدس غير مرخص ريڪو فيرد منه، انّھ لِصُّ ڪبير) مون کڻي ماٺ ڪئي. انسپيڪٽر جا ٿورا مڃي شڪراً شڪراً چوندو بوٽ پائي چمپل خدام کي ڏنم ۽ وري ساڳي روڊ کان اندر گهٽين مان ٿيندا وري روضي ۾ آياسين. اسان کي ٻه ڪلاڪ کن لڳي ويا هئا، تنهن ڪري زوار ويچارا ڏاڍا پريشان ويٺا هئا ته صاحب الائي ڪاڏي ويو. مون کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ سندن پريشاني گهٽ ٿي. مون سڄي ماجرا ڪري ٻڌائيمان. آخر روضي تي دعا گهري واپس پنهنجي هوٽل السبطين تي آياسين. مغربين جي نماز جناب زينب جي روضي تي ادا ڪئي سين. اڄ وري به لاهوري قافلي مان جهنگ وارن مجلس ڪرائي ۽ عزادري ٿي، جنهن ۾ هر ملڪ جا ماڻهو شريڪ ٿيا، ڪي مقامي، ڪي مسقط عمان جا، ڪي ايراني، بحريني، سعودي وغيره. حالانڪ مجلس اردوءَ ۾ هئي، پر هو سڀئي ويٺا غور سان ٻڌن پيا، ڇو ته امامؑجي مجلس ۾ ويهڻ پڻ ثواب آهي.
    سائين قمر عباس نقوي صاحب موٽي آيو هو. رات جو مون کي ساڻ ڪري مولانا عشرت صاحب جي گهر آياسين. جتي هن اسان لاءِ رات جي ماني تيار ڪرائي هئي. ڏاڍي خلوص سان لذيذ کاڌا ۽ پرتڪلف ماني کارايائين. عشرت صاحب هتي طالب العلم آهي ۽ فيملي سان رهندو آهي. آخر رات جو ٻارهين بجي ڌاري واپس هوٽل تي آياسين.
    اڄ تاريخ 19 سيپٽمبر 2016، چئين بجي شام جو بغداد لاءِ روانا ٿياسين. زينبيه مان نڪري مين هاءِ وي تي آياسين، ۽ اسان جي اڳين منزل عراقي تنف بارڊر هيو. شامي بارڊر مان خروج ڪرائي رات جو تقريباً هڪ بجي تنف بارڊر تي پهتاسين. الوليد بارڊر تان ڪليئرنس ۾ اسان کي اٽڪل هڪ ڪلاڪ کن لڳو هو. پر هتي تنف بارڊر تي ٻن ڪلاڪن کان مٿي وقت لڳو. هڪ ته بجلي ڪونه هئي، ڇو ته بارڊر تي لوڊشيڊنگ هئي ۽ ٻيو ته اسان واري ڊرائيور جيڪو ابولاعليٰ ڊرائيور جو مامو هو، تنهن دمشق ۽ زينبيه مان تمام گهڻو سامان ورتو هو، جنهن ۾ چاڪليٽ، کٽمٺڙا، شرٽون، چمپليون وغيره هيون، عراقي ڪسٽم وارا بس کي ائين چنبڙي پيا، جيئن سنڌ باد سيلانيءَ جي پنجين سفر ۾ سامونڊي جهاز تي جنڙا. بهرحال ويچاري کي ڏاڍو ڇيڇاڙيائون. مال به ڪافي کنيائونس ۽ پئسا به جهجها ڪڍيائونس. ويچاري جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. خير الله الله ڪري ڪسٽم ۽ اميگريشن مان جان ڇڏائي سين ۽ عراقي حدن ۾ داخل ٿياسين، جتي اسان جو ڊرائيور ابوالاعليٰ اڳ ۾ ئي انتظار ۾ بيٺو هيو ۽ ڪلهه کان وٺي هتي آيل هو. اسان سان ڏاڍي پاٻوهه سان مليو ۽ اسين خير سان بغداد لاءِ روانا ٿياسين.
    اڄ تاريخ 20 سيپٽمبر 1997ع تي صبح جو نائين بجي بغداد پهتاسين. ڊرائيور بس کي بغداد جي گهٽين ۾ هلائيندو هليو، تان جو پنهنجي گهر جي اڳيان گاڏي روڪيائين ۽ اتي سمورو سامان لاهي گهر کڻي ويو. مون کي ڏاڍي اڃ لڳي هئي، سو انهيءَ گهٽيءَ ۾ هڪ ٽريول ايجنسيءَ ۾ گهڙي ويس. اتي هڪ سهڻي اسڪرٽ ۾ ملبوس ڇوڪري ويٺي هئي. مان پاڻي گهريومانس ته ويچاري جڳ کڻي ڀر واري دڪان تان پاڻي ڀري آئي. اڳي هئي ڊگهڙي ويتر وڏي کڙي وارو سينڊل پاتل هئس ته اڃا ڊگهي پئي لڳي. سلڇڻي وري اهڙي جو پاڻي پياري چانهه جو پڇيائين، مان سندس شڪريو بجا آڻي واپس بس ۾ اچي ويٺس. جي اسان جي ملڪ جي ڪنهن ٽريول ايجنسيءَ تي ويٺل مائي کان پاڻي گهران ها ته دس گارين جا ٻڌائي ها. ايتري ۾ ڊرائيور پنهنجو سامان لاهي ورتو ۽ اسان کان موڪلائي ويو. اسٽيئرنگ هاڻي ابوالاعليٰ اچي سنڀاليو. ٿورو کل ڀوڳ به پئي ڪيوسين ۽ هو بس به هلائيندو ٿي رهيو. بغداد کان ٻاهر نڪري مضافات ۾ هڪ ننڍڙي هوٽل تي ناشتو ڪيوسين، جو ڏاڍي بک لڳي هئي. اٽڪل ٻارهين بجي ڌاران روانا ٿياسين ۽ ڏيڍ بجي ڪربلا جي هوٽل رساله ۾ پهتاسين. ساڳين ئي ڪمرن ۾ سامان رکي ڪجهه دير آرام ڪيوسين ۽ ڇهين بجي ڌاري حرمين جي زيارت لاءِ روانا ٿياسين. اول جناب سيد الشهداءِ حسينؑ جي زيارت ڪري سرڪار غازي عباس علمدارؑ جي زيارت ڪئي سون ۽ نماز مغربين ادا ڪئي سون.
    حرمين جي اطراف وارن دڪانن مان هڪ تي هلي وياسين، دڪان مالڪ سيد ۽ شريف النفس انسان هو. اسان ڪجهه سجده گاهون، ڪفن، خاڪ شفا جون تسبيحون ۽ کارڪون وغيره خريد ڪيون، جيڪي هن نهايت ئي مناسب اگهه تي ڏنيون. گهڙي گهڙي ائين پئي چيائين ته مولا جا زوار آهيو، تنهن ڪري توهان سان ليکو ناهي. اهي شيون ائين ئي کڻي وڃو. هن شريف انسان بهترين چانهه پيئاري ۽ سامان بهترين طريقي سان پئڪ ڪري ڏنو. کانئس جڏهن موڪلايو سون، ته ائين موڪلايائين جيئن ڪنهن عزيز کان موڪلائجي. الله سائين کيس انهيءَ محبت واري رويي جو اجر عطا ڪري. هاڻي واپس هوٽل تي آياسين. ٿوري گهڻي ڪچهري ڪري ٻارهين بجي سمهي پياسين.
    اڄ 21 سيپٽمبر 1997ع تي صبح جو سوير اٿي حرم امام حسينؑ جي زيارت ڪئي. نماز فجر اتي پڙهي سين. سلام وداع کان پوءِ غازي عباس علمدار جي حرم مبارڪ جي زيارت ڪري سلام وداع ڪيوسين ۽ واپس هوٽل تي آياسين. تيار ٿي اٽڪل نائين بجي بغداد لاءِ روانا ٿياسين. بغداد شهر ۾ حضرت قمبر﷦ غلام مولا عليؑ جي زيارت ڪري بغداد ريلوي اسٽيشن لڳ حضرت بهلول ۽ نبي الله حضرت يوشع بن نونؑ جي روضن جي زيارت ڪئي سين.


    نبي الله حضرت يوشع بن نونؑ

    نبي الله حضرت يوشع بن نونؑ

    هي نبي سڳورو حضرت موسيٰؑ جو وصي ۽ خليفو هئو. بني اسرائيل جي سرداري سنڀالڻ کان پوءِ مٿائن سخت ڏکيو وقت آيو، پر پاڻ تمام مشڪلن کي نه فقط منهن ڏنو، پر پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي. پاڻ ٽن بادشاهن جو زمانو ڏٺائون. جڏهن سندس سرداريءَ جي ڌاڪ ڄمي وئي ته اها ڳالهه منافقن کي نه وڻي، تن ڇا ڪيو، جو حضرت موسيٰؑ جي گهر واري بيبي صفوره بنت حضرت شعيبؑ کي حضرت يوشع بن نونؑ خلاف ڀڙڪايو. هن بني اسرائيل مان ئي پنهنجي حامين جو لشڪر تيار ڪري حضرت يوشع بن نون تي حملو ڪيو. ٻنهي پاسي جنگ ڇڙي وئي ۽ اٽڪل ويهارو هزار کن ماڻهو هن جنگ ۾ مارجي ويا. بيبي صفوره کي قيد ڪري حضرت يوشع بن نون وٽ آندو ويو. پاڻ کيس اهو چئي آزاد ڪيائون ته مان تنهنجو معاملو قيامت جي ڏينهن حضرت موسيٰؑ تي ٿو ڇڏيان. حضرت يوشع بن نونؑ حضرت عيسيٰؑ کان 1426 سال پهريان ٿي گذريا آهن. پاڻ وفات کان پهريائين حضرت موسيٰؑ جا تبرڪات حضرت هارونؑ جي فرزند جي حوالي ڪري کيس بني اسرائيل جو سردار مقرر ڪيو هئائون. هن روضي ۾ هڪ قسم جي خوشبوءِ هوندي آهي. جنهن جو هڳاءُ ٻارهوئي هوندو آهي. چون ٿا ته هتي هڪ وڏو ۽ قديم نانگ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رهندو آهي، جيڪو زائرين کي ڪجهه ناهي چوندو. اسان مختلف پاسن ۾ ان کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان کي اهو نانگ نظر نه آيو. والله اعلم بالصواب. هتان ويجهو ئي بغداد جي ريلوي اسٽيشن آهي، جيڪا هاڻي بند آهي. پري کان ڪيتريون ئي بوگيون بيٺل نظر آيون، جيڪي ڪيتري ئي عرصي کان بيٺل آهن، خبر ناهي ڪهڙي سبب جي ڪري ريلوي بند ڪئي وئي آهي يا ته حڪومتي نااهلي آهي يا حڪمرانن جو ڪو مفاد هوندو.


    حضرت بُهلُول دانا

    حضرت بُهلول جو اصل نالو وَهب بن عمرو آهي. سندس پيدائش ڪوفي ۾ ٿي. سندس تعلق عباسي خاندان سان آهي. ڪي چون ٿا هارون رشيد جو سڳو سئوٽ هيو يا ڪو قريبي عزيز هو. اسان جي ملڪ ۾ کيس بُهلول جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي. پاڻ امام جعفر صادقؑ جي شاگردن مان هيو. امام موسيٰ ڪاظمؑ جي زماني ۾ هن بهلول جي نالي سان شهرت ماڻي. لفظ بُهلول (ب تي پيش ۽ هه تي جزم) کل مک، سچي ۽ کري ماڻهوءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
    هارون رشيد جڏهن ڪيترن ئي ڪرائي جي عالمن ۽ مفتين کان امام موسيٰ ڪاظمؑ جي قتل جي فتويٰ طلب ڪئي ته انهن ۾ حضرت بهلول به شامل هو، ڇو ته هو عالم سان گڏ بغداد جي اشرافيه ۾ شمار ٿيندو هو. بهلول کي خبر هئي ته انڪار جي صورت موت يقيني آهي، تنهن ڪري امامؑ کان رهنمائي لاءِ بُهلول ۽ سندس ٻه ٻيا ساٿي امام جي زندان تي آيا ۽ سڄي ماجرا، يعني هارون رشيد جي امامؑ کي شهيد ڪرڻ واري سازش لکي روشن دان مان امامؑ کي موڪليائون ته اسين ڇا ڪريون ۽ اسان لاءِ ڪهڙو حڪم آهي. امامؑ هڪ ٺڪري تي اکر ’ج‘ لکي زندان جي روشن دان مان ٻاهر اڇلايو. انهي هڪڙي حرف بهلول ۽ سندس ساٿين تي حڪمت جا دروازا کولي ڇڏيا. هڪ ڄڻي مان مراد جلاوطني ورتي. ٻئي جبل ۽ بُهلول جُنون ورتو. يعني چريائپ. بس ان وقت کان وٺي بُهلول پاڻ کي چريو ظاهر ڪرڻ لڳو ۽ چرين وانگر گهمندو ڦرندو ٿي رهيو. جيئن ته چري ماڻهوءَ مان حڪومت کي ڪو خطرو ڪونه هو. انهيءَ ڪري بهلول جي جان بچي وئي. بهلول جي دانائيءَ جي حڪايتن جا ڪتاب ڀريا پيا آهن. ماڻهو کيس چريو به چوندا هئا ۽ وتائي فقير وانگر سندس علمي ۽ عقلي گفتن جو ذڪر به ڪندا هئا. دراصل هو آلِ محمد جو ديوانو هئو ۽ کيس جنت جي بشارت مليل هئي. حضرت بهلول جي مزار تي به ٿڌي هوا ۽ هڪ عجيب خوشبوءِ گهلندي رهندي آهي. ڇا ته انسان هو، جنهن ٺٺ جي زندگيءَ کي لت هڻي فقيرانه لباس زيب تن ڪيو ۽ محل شاهي ۾ سمهڻ کان گهٽين ۾ سمهڻ کي اوليت ڏني، صرف آلِ محمد جي محبت ۾.
    حضرت بهلول جو روضو به حضرت يوشع بن نونؑ جي روضي سان لڳ آهي. هڪ ڪمري ۾ سندس قبر آهي ۽ انهيءَ جي چوڌاري لوهو جهنگلو آهي. مٿانئس سائي چادر يا پڙ پيل آهي. ان قبر واري ڪمري کان اڳ ۾ ايندڙ ڪمري ۾ ڀت تي گرمکي ٻوليءَ ۾ لکيل سنگ مرمر جي هڪ وڏي ٽائيل تختي آهي. چون ٿا ته هن ڪمري ۾ سکن جي روحاني پيشوا بابا گرونانڪ چلو ڪڍيو هو. انهيءَ روضي سان گڏ زير زمين هڪ ڪمرو ٺهيل آهي. جنهن ۾ ماڻهو بيهي به نه سگهندو ۽ صحيح طرح سان ليٽي به نه سگهندو. انهيءَ ڪمري جي مٿان هڪ چمني ٺهيل آهي. هن ڪمري يا زندان ۾ هارون رشيد امام موسيٰ ڪاظمؑ کي ڪئي سال قيد رکيو هو.
    امامؑ کي انهيءَ چمني يا روشندان ذريعي ماني ڳڀو ۽ پاڻي ڏنو ويندو هو. انهيءَ زندان مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪ سوڙهي سرنگهه ٺهيل آهي، جنهن مان امام کي بوقت ضرورت ٻاهرين دنيا ۾ آندو ويندو هو. اها سرنگهه حضرت يوشع بن نونؑ جي روضي وٽ نڪرندي آهي. اڄڪلهه سرنگهه جي منهن کي لوهه جي دروازي سان بند ڪيو ويو آهي. دروازي تي هڪ سائو ڪپڙو ٽنگيل آهي. زندان کي ڪانڪريٽ ڀري بند ڪيو ويو آهي. بس باقي ڄڻ آثار ۽ نشان موجود آهن.
    هاڻي اسان جي اڳين منزل مسجد براثا هئي، جنهن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.


    مسجد براثا

    مسجد براثا

    مسجد براثا هڪ مشهور ۽ تبرڪ واري جڳهه آهي. هن وقت براثا بغداد جو هڪ حصو ٿي ويو آهي نه ته تاريخي حوالن مان ثابت آهي ته براثا ڳوٺ بغداد شهر آباد ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي موجود هو. امير المومنين عليؑ خارجين سان جنگ لاءِ ويندي هن جاءِ تي نماز ادا ڪئي هئي ۽ هن ئي ڳوٺ جي ڪنهن حمام ۾ غسل فرمايو هو. هن مسجد جي فضيلت لاءِ کوڙ ساريون روايتون موجود آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

    1. هتي حضرت مريمؐ جو گهر هئو.
    2. هي جڳهه حضرت عيسيٰؑ جي ملڪيت هئي.
    3. حضرت بيبي مريم لاءِ چشمو هتي جاري ٿيو هو.
    4. جناب امير المومنين علي بن ابي طالبؑاهو چشمو ٻيهر کوليو
    5. حضرت امام حسن ۽ امام حسين عليهم سلام جي هتي نماز پڙهڻ
    6. ڪيترن ئي نبي سڳورن جي هتي نماز ادا ڪرڻ
    7. مولا عليؑ جو سج لهڻ کان پوءِ ٻيهر گهرائڻ وغيره.

    هن مسجد ۾ هڪ وڏو ڪارو پٿر رکيل آهي. ان جي باري ۾ روايت آهي ته جناب امير عليؑ جڏهن هتي تشريف فرما ٿيا ته هتان جي رهواسين مولا کي چيو ته توهان جي دليري، بهادري، شجاعت ۽ طاقت تمام گهڻو مشهور آهي. اسان کي جيڪڏهن هي پٿر سيري ڏيکاريو ته اسان جو ايمان تازو ٿي ويندو. پاڻ ان پٿر کي اشارو ڪيائون ته اهو پٿر نه فقط پنهنجي جاءِ تان هٽي ويو، پر ان جاءِ تان هڪ مٺي پاڻيءَ جو چشمو ڦُٽي نڪتو. چشمو هاڻي بند ٿي ويو آهي. تنهن ڪري ان جي جاءِ تي هڪ خوبصورت مُنارو ٺاهيو ويو آهي. پر ڪارو پٿر اڃا موجود آهي. جنهن جي اسان پاڻ زيارت ڪئي. ان ڪاري پٿر جا ٽڪرا ماڻهو ڀڃي تبرڪ طور پاڻ سان صدين کان وٺي کڻي ويندا رهيا آهن، پر پٿر اڃا سوڌو ايڏو ته ڳرو آهي، جو ڪنهن پهلوان جي کڻڻ کان به چڙهيل آهي. پٿر کي ڇهڻ سان آلو لڳندو، ڄڻ مٿس پاڻي هاريل هجي. جيتوڻيڪ بغداد ۾ سخت گرمي هوندي آهي ۽ هي پٿر مسجد جي صحن ۾ رکيل آهي، پر هٿ رکڻ سان هٿ کي آلاڻ لڳندي، جيڪا منهنجي سمجهه کان مٿي آهي. انهيءَ آلاڻ کي وٽين سان يا هٿن سان ميڙي پاڻي ڍُڪ جي صورت ۾ آڻي سگهجي ٿو. اسان به انهن ڦڙن پيئڻ جي سعادت حاصل ڪئي. قدرت وارو پنهنجا راز پاڻ ئي ڄاڻي ٿو. هن پٿر کان سواءِ مسجد ۾ اندر هڪ ميز تي ٻيو وڏو ۽ گهڙيل پٿر رکيل آهي. جنهن تي قرآني آيتون اُڪريل آهن. چون ٿا ته هي پٿر بيبي مريم لاءِ آسمان مان لٿو هو. هن پٿر کي ڇُهڻ سان هوءَ صحتياب ٿي وئي هئي. اڄ ڏينهن تائين بيمار ۽ لاعلاج ماڻهو هن پٿر کي اچي ڇُهندا آهن ۽ بيمارين مان شفا حاصل ڪندا آهن.
    اسان جي ڪن دوستن جي اصرار تي اڄ وري اسان ٻيهر شيخ عبدالقادر جيلاني جي روضي تي آياسين. حسب معمول اڄ به ضريح وارو دروازو بند هو. اسان جي هڪ ساٿي پاڻ سان گڏ سندن گادي نشين جو فوٽو آندو هو، ڇو ته گادي نشين انهن وٽ اڪثر لاهوري محله لاڙڪاڻي ۾ مريدن کي زيارت ڪرائڻ لاءِ ايندو آهي. روضو بند ڏسي اسان ڀرسان ئي سندن رهائشگاهه تي وياسين. جتي ويٺل ماڻهن ڀڳل ٽٽل اردوءَ ۾ چيو هندستاني حاجي، پاڪستاني حاجي، چنده اڌر لکائو وغيره وغيره. اسان جي ساٿي جنهن جو نالو بابُو هو، تنهن فوٽو ڏيکاري چين ته هن سان ملڻو آهي، چيائيون اُهو ترڪي ويل آهي، باقي ان جي ڀائرن سان ملو. اسان اتي ئي بيهي رهياسين، پر بابو ۽ ٻيو دست علي شير سومرو هنن سان ملڻ ويا. ٻڌايائون ته لفٽ ڪونه ڪرايائون ۽ ڪَنَ ڇٻا ڪري موٽي آيا ۽ اسين سڀيئي اچي بس ۾ سوار ٿياسين ته جيئن ڪاظمين جو وداعي سلام ڪري اچجي. مون کي هڪ ڳالهه سخت اچرج ۾ وڌو ته عراق ۾ ٻيا حرم ته سڄو ڏينهن رات جو ڏهين ساڍي ڏهين بجي تائين کليل هوندا آهن ۽ وري تهجد جي اذان تي چئين بجي صبح جو کلندا آهن، پر هتي حضرت عبدالقادر جيلاني جو روضو بند ڇو ٿو رکيو وڃي. حالانڪه هند ۽ سنڌ ۽ سڄيءَ دنيا ۾ سندن لکائين مريد ۽ پيروڪار آهن.
    خير هاڻي اسان بغداد ڇڏي ڪاظمين شريفين لاءِ روانا ٿياسين. دجله جي پل مٿان گذرندي اسان کي غريب الوطن، بي قصور ۽ مظلوم امام ڪاظمؑ جو لاش مبارڪ ياد آيو، جيڪو ان زماني جي پل تي رکي ٺِٺي لاتي وئي هئي، ۽ هڪ بورڊ آويزان ڪيو ويو هو ته ’هذا امام الرافضين‘، جيڪو پوءِ هارون رشيد جي چاچي اتان هٽرائي غسل ڏياريو هو، جنهن جوذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. مان اهلبيت اطهار عليهم سلام ۽ سندن مڃيندڙن تي اڄ ڏينهن تائين ٿيندڙ ظلمن تي سوچ ۾ گم هوس، جو اسان جي بس ڪاظمين ۾ اچي پهتي. حرم مبارڪ جي زيارت ڪري وداعي سلام ڪري ٻنهي آئمه اطهار يعني امام موسيٰ ڪاظم ۽ امام محمّد تقي عليهم سلام کي عرض ڪيوسين ته آقا اسان کي سڀني زيارتن جو شرف وري وري نصيب ٿئي. هاڻي مون ابوالاعليٰ کي چيو ته، بيبي زبيده زوجه هارون رشيد جو روضو ڏيکار. هن چيو ته اهو ته ڪاظمين ۾ آهي. توهان کي زيارت ڪرائيندو ٿو هلان. آخر اسان بيبي زبيده جيڪا مومن عورت هئي، ۽ هارون رشيد جي سڳي سئوٽ هئي، جي روضي ۾ هياسين. هڪ عاليشان روضي اندر پاڻ آرامي آهن. مون سوچيو پئي ته ڪيترا انسان هن بيبيءَ جا سلامي آهن ۽ سندس گهر وارو اهڙو ته ملعون آهي، جو سندس قبر ئي ڪانهي. الله الله، جو وهي سو لهي، بيبيءَ تي فاتحه پڙهي وري داخلِ اُتوبوس ٿياسين. ايراني بس کي اُتُوبوس يعني آٽوبس چون، تنهن ڪري اهو اصطلاح ڪتب آندو اٿم.
    چوندا آهن ته وڍين پيٽان سڄا ۽ سڄن پيٽان وڍيا. اهو مثال ان ڪري ياد آيو، جو جڏهن يزيد ملعون واصل جهنم ٿيو، سندس پٽ معاويه ثاني يا معاويه صغير ( ) کي تخت تي ويهاريائون. هن جو اهلبيت اطهار سان پنهنجي نالائق پيءُ جا ظلم ڏٺا هئا ۽ ٻڌا هئا ته هن کي پيءُ کان سخت نفرت ۽ اهلبيت سان محبت ٿي پئي هئي. هُو ڪن روايتن مطابق ڇهين ڏينهن ۽ ڪن روايتن ۾ ڇهن مهينن کان پوءِ تخت ۽ تاج کي لت هڻي اهو چئي هليو ويو ته هي اسان جو حق ناهي، جن جو آهي تن کي ڏيو. ۽ پوءِ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذارڻ لڳو. سندس تخت ٺڪرائڻ کان پوءِ يزيد جو ٻيو پُٽُ ۽ وارث خالد هو، جيڪو اڃا ننڍيءَ عمر جو هو. مروان بن حڪم هڪ ٽل سوچي يزيد جي بيواه کي شاديءَ جي آڇ ڪئي ۽ چيائين ته جيستائين تنهنجو پٽ وڏو ٿئي مان ريجينٽ طور حڪومت هلائيندس ۽ تنهنجي پٽ جي وڏي ٿيڻ تي حڪومت سندس حوالي ڪندس. مائي اها ڳالهه قبول ڪري مروان سان شادي ڪئي ۽ مروان خليفو بڻجي ويو. مروان جڏهن پوڙهو ٿيو ته هن جي دل ۾ گدڙ جاڳيو، سو ڇا ڪيائين جو پنهنجي پٽ عبدالمالڪ بن مروان کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري پروانو جاري ڪري ڇڏيائين. خالد جي ماءُ کي سخت ڪاوڙ آئي ته مروان مون سان دوکو ڪيو آهي. بجاءِ منهنجي پٽ جي پنهنجي پٽ کي وليعهد مقرر ڪيو اٿائين، سو ڇا ڪيائين جو هڪ ڏينهن جيئن مروان گهري ننڊ ۾ ستل هو. مائي هڪ کاٻر جو گدو مروان جي وات تي رکي چڙهي ويٺي. مائي هئي سٻر تنهن ڪري مروان ڇڏائي نه سگهيو ۽ ٻوساٽجي مري ويو. سو قصو کٽائڻو ته ڳالهه پئي ڪئيسين معاويه ثانيءَ جي ته، 2008ع جي نومبر ۾ مون سان سفر ايران ۽ شام ۾ سائين قمر عباس نقوي، مختيار حسين ميراڻي، سندس ٻه شهزادا ۽ منهنجو پيارو دوست محمد ياسين شر گڏ هئا. اسان کي معاويه صغير جي قبر جي ڳولا هئي، بازار حميديه ۾ جنهن کان ٿي پڇيوسين، هن لاتعلقيءَ جو اظهار پئي ڪيو. آخر الله جو هِڪُ ڀلو ٻانهو ملي ويو، جنهن هڪ سنهي گهٽي ڏي اشارو ڪري ٻڌايو ته انهيءَ گهٽيءَ ۾ آهي. اسان به گهٽيءَ مان هلندا ٿي وياسين، پر ٻنهي پاسي پڪين ٻن ۽ ٽن ماڙ جاين جو اڻ کٽ سلسلو هيو، وري اڳتي هلي هڪ گهٽي ساڄي پاسي ٿي وئي، ته هڪ کاٻي پاسي. گهٽيون سوڙهيون ڄڻ لاڙڪاڻي جي کٽاڻ بازار جون گهٽيون هجن. خير اتي بيٺل هڪ ماڻهوءَ کان مولوي قمر عباس صاحب وري ڏَسُ پڇيو ته هن کاٻي پاسي واري گهٽي ڏي وڃڻ لاءِ چيو. ڪافي پنڌ کان پوءِ کاٻي پاسي هڪ مسجد نظر آئي. مسجد ننڍي هئي ۽ ٻاهران تالو لڳل هوس. مسجد تي لکيل هو ”مسجد معاوية صغير“. هيٺان لکيل هو ”هذا قبرة معاوية صغير هُوَ مِن محبان اهلبيت عليهم سلام.“ اسان ٻاهران ئي بيهي فاتحه پڙهي واپس آياسين. ان مان ثابت ٿيو ته وڍين پيٽان سڄا ۽ سڄن پيٽان وڍيا. هتي اهڙا اڪيچار مثال ڏئي سگهان ٿو، پر ڪتاب جي طوالت کي مدنظر رکندي احوال مختصر ٿو ڪريان.
    تقريباً منجهند جا اڍائي پئي ٿيا. اسان جي اڳين منزل عراقي بارڊر خانقين هيو. اسان جي بس ڪاظمين ڇڏي مين هاءِ وي تي هلڻ شروع ڪيو ۽ ڪجهه پنڌ کان پوءِ هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي جي هوٽل تي بيٺاسين ته ٻن پهرن جي ماني کائجي. ماني کائڻ کان پوءِ ڀرسان هڪ دوڪان تان ڏاڍيون سٺيون کارڪون ورتم، ته سڄي رات کائيندو رهندس ۽ سفر به ڪٽبو رهندو. هن شريف ماڻهو کجيءَ جي ٽٻڻيءَ ۾ پلاسٽڪ جي ڪَلي وجهي کارڪون رکي ڏنيون. کارڪ وڏي سائيز جي، مٺي ۽ ريشه دار هئي، تنهن ڪري بس ۾ ويهڻ سان ئي مان سنگت سوڌو ڪجهه کارڪون کاڌيون، پر ڪافي بچي پيون. خير ساڍي پنجين بجي صبح جو عراقي بارڊر تي پهتاسين، جتي اميگريشن ۽ ڪسٽم وغيره ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويو. ان کان پوءِ ايراني بارڊر خسروي تي آياسين. هتي اڳ ۾ ئي هڪ جهنگ پنجاب جو قافلو لٿل هو، جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو هئا، تنهن ڪري اسان کي ٻه ڪلاڪ کن انتظار ڪرڻو پيو ۽ آخر نائين بجي ايراني وقت مطابق اسين ايراني حدن ۾ داخل ٿياسين.
    سائين قمر عباس ڦڙتي ڪري هڪ بهترين قسم جي وولوو بس ڪرائي آيو. بس ڏاڍي آرامده ۽ ڪشادي هئي. حسب معمول مان اڳين سيٽ تي براجمان ٿي ويٺس. رستي تي ڪيتريون ئي فوجي چيڪ پوسٽون آيون، جن تي اسان کي بيهاري شائسته انداز ۾ پاسپورٽ وغيره چيڪ پئي ڪيا ويا. فوجي ڇوڪرا گهڻو تڻو ويهن ٻاويهن سالن جا مس هئا. ڇو ته مان اڳيان ويٺو هوس. تنهن ڪري هنن مون کان ڪربلا جي خاڪ شفا يعني تربت ۽ تسبيح نماڻي انداز سان ٿي گهري. اهي شيون منهنجي هٿ واري ٿيلهي ۾ هيون، تنهن ڪري سولائيءَ سان هر هڪ کي هڪ تربت ۽ هڪ خاڪ شفا جي تسبيح ڏيندو پيو هلان، جنهن تي ويچارا ممنون ممنون چوندا ٿي رهيا. اسان وارن ساٿين چيو ته سائين سڀئي اتي ورهائي هلندو ته ڳوٺ وارن کي ڇا ڏيندو. مان چيومانِ ته هنن ويچارن کي عراق جي ويزا ڪانه ٿي ملي. توهان ڪيڏا خوش نصيب آهيو، جو زوار ٿي آيا آهيو ۽ جام خاڪ شفا ۽ تسبيحون ورتيون اٿو. جيڪڏهن هنن کي ڏيندو ٿو هلان ته اها پڪ اٿم ته هي سڀ نمازي آهن تنهن ڪري مون کي ثواب ملندو. اسان وارن جي حالن جي مون کي خبر آهي، جيڪڏهن سڀ خاڪ شفائون ۽ تسبيحون ورهائجي ويون ته به مڙوئي خير آهي. تڏهن سڀني چپ ڪئي. ان کان پوءِ به مون وٽ کوڙ ساتريون تربتون ۽ تسبيحون بچي پيون هيون، جيڪي مون ڳوٺ اچي ورهايون. هن بس ۾ به اسان سان لاهوري گروپ گڏ هيو، جنهن مان ٻه ڪردار مون کان نه ٿا وسرن. هڪڙو بزرگ ٿلهو متارو حيدري صاحب، جنهن کي سڄي سفر ۾ ڪاري گوڏ ۽ ڪاري قميص پاتل هئي ۽ ٻيو هڪ ماستر صاحب ۽ ان جي گهر واري. بقول سندن سالار سيد سجاد حسين شاهه جي ته ماسٽر صاحب سڄي زندگي پينٽ ڪانه پاتي ۽ هاڻي هليو آ زيارتن تي سوٽ بوٽ پائي. ماسٽر صاحب پاڻ کي عقل ڪل پيو سمجهي ۽ پنهنجي سالار سان گهڙي گهڙي الجهيو پئي. سندس گهر واري جا افعال وري اهي هئا، جو ننڍڙي ٻار جا پوٽي سان ڀريل ڪڇا ايراني بارڊر تي واش بيسن ۾ پئي ڌوتا ۽ ايراني ڀنگي جيڪو ڪجهه فارسيءَ ۾ هن کي گهٽ وڌ پئي ڳالهايو، اهو مون ٻڌو ۽ ايرانيءَ کي ڇنڊ پٽيم. مائي کي به سمجهايم ته ڪجهه عقل سک. سفر ۾ ٻار جا ڊائيپر کڻبا آهن، پر هن ويچاري کي ڊائيپرن جي خبر ئي ڪونه هئي، ته ڇا ٿيندا آهن. حيدري صاحب وري بزرگ هئڻ ڪري بار بار بس پئي روڪائي ته مون کي پيشاب لڳو آهي ۽ مان روڪي نه ٿو سگهان. تنهن ڪري بادل نخواسته ڊرائيورن اسان جي اصرار تي بس ٿي روڪي. حيدري صاحب فارغ ٿي بنا طهارت جي وري اچيو بس ۾ ويهي. بهرحال زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي ڪردار ٽڪرائجن ٿا ۽ هر هڪ جي اداڪاري ۽ صداڪاري پنهنجي پنهنجي آهي. اسين وري ٻين لاءِ ڪردار هونداسين. ڪي اسان تي کلندا هوندا، ڪن کي اسان سان محبت هوندي ته ڪن کي نفرت. اهو دنيا جو دستور آهي.
    اڄ تاريخ 22 سيپٽمبر 1997ع تي صبح جو نائين بجي ايراني وقت مطابق قُم شريف ۾ پهتاسين. ڊرائيور اسان کي پل آهنچي وٽ ڇڏيو. مون کيس بچيل کارڪون تحفي ۾ ڏنيون ته هي ڪربلا جون اٿئي. ڊرائيور ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وڏا ٿورا مڃيائين. ان کان پوءِ اسان هوٽل ڪسريٰ تي آياسين ۽ اتي ئي قيام ڪيوسين. ٿورڙو گهڻو آرام ڪري زيارت معصومهؑ قم لاءِ حرم ۾ وياسين. زيارت مان فارغ ٿي روضي جي ٻاهران ئي دڪانن تان تبرڪ وغيره خريد ڪيوسين ۽ وري واپس هوٽل تي آياسين. ماني ٽڪي کائڻ کان پوءِ وري بازار جو چڪر ڏيڻ وياسين. اسان جي ڪجهه ساٿين سئيٽر وغيره خريد ڪيا. مان هڪڙو يزد شهر جو ٺهيل ڪمبل، هڪ سَوڙ يا رضائي خريد ڪيا. ان زماني ۾ اهڙيون رضائيون گهڻو ڪري اسان جي ملڪ ۾ ڪونه ٺهنديون هيون. يا شايد وِڪي رضائي وارن اڃا تازيون شروع ڪيون هيون. ان کان سَوا جناب فاطمة الزهرا جي ڪارپيٽ تي ڇپيل زيارت، هڪ مولا حسينؑ جي روضي جي شبيهه وارو ڪارپيٽ خريد ڪيا. انهيءَ کان پوءِ جناب معصومه قم جي حرم ۾ نماز مغربين ادا ڪري، ماني کائي اچي هوٽل پهتاسين. ٿڪ ۽ ڊگهي سفر جي ڪري سوير ئي سمهي پياسين.
    اڄ تاريخ 23 سيپٽمبر تي تهران لاءِ روانا ٿياسين.
    رستي تي آية الله خميني صاحب جي روضي تي رڪياسين. امام خميني جي مزار تهران کان اٽڪل 20 ڪلوميٽر کن پهريان ايندي آهي. تمام وڏي ايراضيءَ تي هيءَ مزار اڃا زير تعمير آهي. مزار جو اسٽيل جو ڍانچو تقريباً مڪمل ٿيڻ وارو آهي. گنبذ به تقريباً ٺهي چڪو آهي. ان کان علاوه ڀرسان ڪيتريون ئي عمارتون زير تعمير هيون. يا ٺهي چڪيون هيون. هڪ پاسي هڪ عظيم الشان مسجد، لائبرري ۽ ڪيترائي اپارٽمينٽس ٺهي چڪا هئا، ته ٻئي پاسي اڃا تعمير جو ڪم جاري هيو. ٻاهر گاڏين جي پارڪنگ جو به جوڳو بندوبست ٿيل هيو. چانهه ۽ ٻي رفريشمينٽ جون به ڪيئي ڪئبنون موجود هيون. ان کان علاوه واش رومس يعني دست شوئي جون به ڪثير عمارتون ٺهيل هيون. امام خميني جي شخصيت ڪنهن تعريف جي محتاج ڪونهي. هن پنج هزار ساله شهنشاهيت (جيڪا حقيقت ۾ اڍائي هزار ساله آهي) کي هڪ عوامي انقلاب سان ختم ڪري جمهوري حڪومت قائم ڪئي. انقلاب ايران ۽ ان کانپوءِ جي حالتن سان اسانجي هن سفرنامي جو واسطو ڪونهي، ڇو ته اهو هڪ سياسي بحث ٿي ويندو. بهرحال خميني صاحب گذريل صديءَ جي وڏن انقلابي ليڊرن منجهان هڪ هئو. جيئن لينن، مائوزي تنگ، هوچي منه، فيدرل ڪاسترو، چي گويرا، منڊيلا، ڪم ال سِنگ وغيره.
    اسان مزار اندر داخل ٿياسين ته ديوارين جي اندر اڃا پارٽيشن پينل والس ڪونه ٺاهيون ويون هيون. تنهن ڪري في الوقت قناطون هڻي پينل والس ٺاهيون ويون هيون. اندر قالينن جي جاءِ تي ساده گلم وڇايل هئا. اندر ٻه قبرون هيون. هڪ وڏي خميني صاحب جي ۽ ٻي سندس فرزند احمد خميني صاحب جي. قبرن جي چوڌاري جنگلو لڳل هو. هڪ بورڊ تي خميني صاحب جي زيارت به لکيل هئي. اسان فاتحه پڙهي مزار مان ٻاهر نڪري پنهنجي بَسِ ۾ اچي ويٺاسين.
    هاڻي اسان کي ري شهر جيڪو اڄڪلهه تهران جو حصو آهي، رُخ ڪيوسين، ڇو ته اتي شاهه عبدالعظيم حسني ( ) جي زيارت ڪرڻي هئي.


    شاهه عبدالعظيم الحسني

    شاهه عبدالعظيم الحسني

    سندن سلسلو چئن پشتن سان امام حسن المجتبيٰؑ سان ملي ٿو. يعني عبدالعظيم بن عبدالله بن علي بن الحسن بن زيد بن الحسن المجتبيٰ (ؑ) علي بن ابي طالب (ؑ). امام موسيٰ ڪاظمؑ جي شهادت وقت سندن عمر ڏهه سال هئي. پاڻ امام علي رضاؑ جا شاگرد هئا ۽ کانئن ئي علم حاصل ڪيائون ۽ روايتون نقل ڪيون اٿائون. امام علي رضاؑ کان پوءِ امام محمد تقي جوادؑ ۽ امام علي نقيؑ جن کان به علم ۽ فيض حاصل ڪيائون.
    پاڻ چئن امامن سڳورن جي زيارت ڪئي هئائون. چئني امامن سڳورن جا پاڻ صحابي، نيڪ سيرت، زُهد ۽ تقويٰ جا صاحب ٿي گذريا آهن. بنو عباس جي ظالم ۽ جابر حڪمرانن جڏهن اهلبيت اطهار ۽ سادات جي مٿان ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي ته پاڻ لڏي اچي ري شهر ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. پاڻ مومنن جي گهرن جي تهه خانن ۾ رهندا هئا ۽ عبادت الاهي ۾ مشغول رهندا هئا. رات جي پهر ۾ حضرت حمزه بن موسيٰ ڪاظمؑ جي قبر جي زيارت ڪندا هئا. سندن تمام گهڻا فضائل آهن، جيڪي هن سفرنامي ۾ بيان ڪرڻ جي گنجائش ناهي. بهرحال پاڻ وڏا فقيه ۽ علم و فضل جا صاحب هئا. شاهه عبدالعظيم 15 شوال سن 252 هجريءَ ۾ هن فاني دنيا کي 79 ورهين جي عمر ۾ الوداع ڪيو. روايتن ۾ آيو آهي ته هن عظيم المرتبت هستي جي زيارت ڪرڻ جو ثواب امام حسينؑ جي زيارت ڪرڻ جيڏو آهي.


    حضرت حمزه بن امام موسيٰ ڪاظم

    حضرت حمزه بن امام موسيٰ ڪاظم

    شاهه عبدالعظيم جڏهن ري شهر ۾ لِڪي گذاريندا هئا ته رات جي پهر ۾ حضرت حمزه جي قبر تي به حاضري ڀريندا هئا ۽ زيارت ڪندا هئا. شاهه عبدالعظيم جي زيارت کان پوءِ هن بزرگ جي زيارت ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هي امامزادو به علم ۽ فضل ۾ ڪمال جو درجو رکندڙ هو ۽ صاحب عرفان ۽ پاڪ سيرت انسان هو.
    سرزمين ايران، عراق، شام ۽ سنڌ ۾ امامزادن يا انهن جي فرزندن جون جابجا زيارتون آهن. ڪراچي سنڌ ۾ غازي عبدالله شاهه اصحابي جن زندهه مثال آهن. جيڪي امام حسن عليه سلام جي فرزند حسن مثنيٰ جا پوٽا آهن. ڇا رسول الله صه جن کي مسلمانن اسلام جي اشاعت جو اهو صلو ڏنو جو سندن خاندان جي ماڻهن کي دربدر ڪري ڳولهي ڳولهي شهيد ڪيو ويو ڇو ته اموي، عباسي ۽ ٻين بادشاهن کي سچ ٻڌڻ ڪڙو لڳندو هو. تنهنڪري سچار ۽ راستباز ماڻهن کي شهيد ڪيو ويندو هو. اهلبيت ۽ ساڻن محبت ڪندڙن سان دشمني جو داستان رسول پاڪ برقعي مٽائڻ کان شروع ٿئي ٿو جيڪو اڄ سوڌو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري آهي.


    امامزاده طاهر

    امامزاده طاهر

    امامزاده طاهر جو اصلي نالو عبدالله آهي ۽ هي بزرگ امام زين العابدينؑ جي نسل سان آهي. يعني طاهر بن محمد (المبرقع) ابن حسن ابن حسين ابن عيسيٰ ابن يحيٰ ابن حسين ابن زيد ابن امام زين العابدينؑ.
    امام زاده طاهر چوٿين صدي هجريءَ جي جيّد عالمن منجهان هئا ۽ ري شهر جي مشهور ۽ معروف شخصيت هئا. پاڻ جليل القدر، بزرگ عالم ۽ صاحبِ ڪرامات هئا. سندن روضو مبارڪ حضرت شاهه عبدالعظيم حسني جي صحن جي اتر اوڀر ۾ آهي.
    ٽنهي بزرگن جن جو احوال مٿي ڏئي آيو آهيان، تن جي زيارت جو شرف حاصل ڪري نمازون ادا ڪيونسين. شاهه عبدالعظيم ۽ ٻن بزرگن جا روضا جڏهن مون 1991ع ۾ ڏٺا هئا ته سٺي حالت ۾ ڪونه هئا، پر حڪومت ڪافي خرچ سان روضن کي نئين سر تعمير ڪرايو آهي. اسان امام خميني جي والده محترمه جي قبر به اتي ئي ڏٺي. ايران ۾ روضن جي اندر جيڪي قبرستان آهن، انهن جي قبرن مٿان پٿر جون تختيون ئي لڳل آهن. جيڪي سائي سنگ مرمر جون آهن. سواءِ الله جي نالي جي، جنهن لاءِ فقط ٽي نڪتا استعمال ڪيا ويندا آهن. يعني ڪنهن جو نالو عبدالله آهي ته اهو ائين لکيل هوندو (عبد ...) باقي ٻيا سڀ پاڪ نالا تختين تي لکيل هوندا آهن. ڇو ته انهن جي چواڻي فقط الله نالو ئي ذاتي آهي، جيڪو ڪو به انسان نه ٿو رکي سگهي. باقي ٻيا نالا صفاتي آهن ۽ انهن ماڻهن جا آهن، جيڪي اتي دفن ٿيل آهن. انهيءَ اصول تحت زائرين قبرن جي تختين مٿان گهميا پئي پَرَ اسان ان کي بي حرمتي تصور ڪندا آهيون.


    بيبي شهر بانو عليها سلام

    بيبي شهر بانو عليها سلام

    اسان جي اڄوڪي آخري زيارت بيبي شهر بانو يعني زوجة امام حسينؑ ۽ والده جناب امام علي زين العابدينؑ جي هئي.
    هاڻي اسان بس ۾ وري سوار ٿياسين ۽ اسان جي اڳين منزل جناب شهر بانو جي مزار هئي. شهر تهران جي مضافات ۾ بيبي جي مزار جبل تي هڪ پر فضا مقام تي آهي. هتي سندن روضو ۽ اهو غار موجود آهي، جتي پاڻ رهنديون هيون. جناب شهر بانو جي منزلت جو اندازو ان مان لڳايو ته جناب امام اول عليؑ ۽ جناب سيدة النساء عاللمين عليها سلام جي ننهن، امام حسينؑ جي زوجه ۽ امام علي زين العابدينؑ جي والده ماجده آهن. روايتن ۾ آهي ته ايراني آخري بادشاهه يزد جرد بن شهريار جون ٻه نياڻيون فارس فتح ٿيڻ کانپوءِ قيد ٿي آيون ته حضرت عمر﷦ ٻنهي شهزاديون وڏي ڪيهان بانو ۽ ننڍي شهر بانو مولا عليؑ جي حوالي ڪيون ته کين پنهنجي اختيار سان جنهن جي تصرف ۾ ڏين ته سندن مرضي، ڇو ته اوهين هاشمي ۽ اعليٰ نسل آهيو. ۽ هنن شهزادين کي سندن مرتبي مطابق پرڻايو. مولا عليؑ وڏي بيبي ڪيهان بانو حضرت محمد بن ابي بڪر﷦ جي نڪاح ۾ ڏني، جيڪي سندن شاگرد رشيد، پاليل ۽ خاص صحابي هئا ۽ ننڍي بيبي شهر بانو مولا حسينؑ جي نڪاح ۾ ڏني. پوءِ پاڻ امام حسينؑ جن کي فرمايائون ته هن سان نيڪ سلوڪ ڪجان ۽ ڇو ته تو کي هن مان اهو ٻار پيدا ٿيندو، جيڪو تو کان پوءِ تمام مخلوق کان افضل هوندو. امام زين العابدين عليه سلام جن سندن بطن مبارڪ مان پيدا ٿيا. هڪ روايت ۾ آهي ته قتل امام حسينؑ کان پوءِ شوهر نامدار جي حڪم مطابق جناب شهر بانو ذوالجناح جي پشت تي سوار ٿي “ري جبل” تي پهچي غائب ٿي ويون. مسجد مقام غيبت بيبي شهربانو تهران شهر کان ستن اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. چون ٿا ته پهاڙي تي پهچي بيبي دعا گهري ته زمين ڦاٽي پئي ۽ پاڻ ان ۾ غائب ٿي ويون، پر منهنجو عقل ان کي ان ڪري تسليم نه ٿو ڪري ته بيبي سائڻ جهڙي ٻاجهاري ماءُ پنهنجي بيمار فرزند امام زين العابدين کي ڪيئن ڇڏي وڃي سگهيون هُونديون. بهرڪيف اسان اتي مجلس جو اهتمام ڪيو ۽ عزاداري ڪري نياز تقسيم ڪيو. ان کانپوءِ مٿي پر فضا جڳهه تي ڪجهه گهڙيون ويهي چانهه پيتي، جنهن مان فارغ ٿي بس واري کي چيوسين ته اسان کي جنوبي بس ٽرمينل تي ڇڏي. اسان هن سان حساب ڪري فارغ ڪري بس ٽرمينل ۾ سڀاڻي يارهين بجي صبح واري بس ۾ زاهدان لاءِ ٽڪيٽون بڪ ڪرايونسين.
    ٻين بجي ڌاري تهران مان قم واري بس پڪڙي قم لاءِ روانا ٿياسين. حسب عادت اسان نَفَر يعني پنهنجا ساٿي ڳڻيا ته هميشه وانگر مسٽر علي شير سومرو سوار ڪونه هو. ڪيترن ئي دوستن چيو ته فڪر نه ڪريو ننڍڙو ٻار ڪونهي، جو گم ٿي ويندو. ڀل ڳولهيندو وتي آخر اچي ويندو. سڄي سفر ۾ هن هر روضي تي دير ڪئي هئي ۽ بس ۾ به آخر ۾ چڙهندو هو. ان وچ ۾ اسان کيس ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پوندا هئاسين. خير علي شير کي تهران جي هوا کائڻ لاءِ ڇڏي اسان اچي قم ۾ پهتاسين. ڪافي وقت کانپوءِ علي شير به ٻي بس پڪڙي سهڪندو اچي هوٽل تي پهتو. ويچاري ڪو شڪوو شڪايت ڪانه ڪئي، جو ڏوهه سندس ئي هيو. هاڻي هوٽل تي ٿورو آرام ڪري سڀني دوستن صلاح ڪئي ته ڪجهه سامان اڃا وٺجي، ڇو ته ايراني ڪمبل نه فقط سٺا، پر ڏاڍا گرم آهن. سو سڀني ساٿين بازار جو رخ ڪيو. هڪڙي ڪمبلن جي دوڪان تي آياسين. دوست خريداريءَ کي لڳي ويا. مولوي صاحٻ ترجمان جا فرائض انجام ٿي ڏنا، ايراني دوڪاندار سامان جي قيمت تي ايئن ئي گهپي ڪندا آهن. جيئن اسان وٽ پٺاڻ ڪندا آهن. يعني ڪمبل هوندو هڪ لک تومان جو ته قيمت ٻه لک تومان ٻڌائيندا ۽ جي پنجاهه هزار جو هوندو ته لک ٻڌائيندا. پوءِ منهن بُڇڙو ڪندا. فارسيءَ ۾ برو ڀلو چوندا نيٺ لهندي لهندي اصلي قيمت تي ايندا، جيڪي اصلي کان به ڪافي مٿي هوندي. اها گَهپي مون ڏٺو ته گهڻو ڪري پاڪستاني زائرين سان ٿا ڪن. پاڪستاني به وڏا اُستاد آهن. پنجويهه ٽيهه ڪمبل کولرائي وري وٺندا ڪونه. تنهن ڪري هو ڏاڍو خفي ٿيندا آهن ۽ فارسيءَ ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن. ٻيو ته هو لباس ڏسي به اندازو لڳائيندا آهن ته هي ماڻهو چيز وٺندو يا نه. نه ته اتي ئي چوندا ته ڪمبل يا ڪا ٻي شيءِ ڪانهي. حالانڪ جام پيون هونديون اٿن. پر جي توهان هڪ شيءِ پسند ڪري خريد ڪئي ته پوءِ توهان کي کوڙ ساتريون نيون ويرائٽيون ڏيکاريندا. قهوو پياريندا وغيره. هتي بارگين جو سلسلو وڏو آهي. تنهن ڪري سوچي سمجهي قيمت طئي ڪجي. سو مون کي به ڪمبلن جي دڪان تي هڪ مصلو ڏاڍو وڻي ويو. مون اهو خريد ڪيو. بازار گهمندي رات ٿي وئي. تنهن ڪري سوچيوسين ته نماز مغربين حرم ۾ پڙهي ماني کائجي، نماز مان فارغ ٿي هڪ پاڪستاني ريسٽورينٽ تي رات جي ماني کائي هوٽل تي موٽي آياسين. سامان وغيره پيڪ ڪري، ٿيلها ٺاهي سمهي رهياسين.


    وطن واپسي

    وطن واپسي

    اڄ 24 سيپٽمبر 1997ع تي اسان جي ساٿي زوار ڪوڙل صبح جو چئين بجي اٿاريو. هٿ منهن ڌوئي وُضو ڪري حرم ۾ نماز شب ۽ نماز فجر ادا ڪرڻ کان پوءِ معصومه قم کي وداعي سلام ڪيوسين. ان کانپوءِ وري هوٽل تي آياسين. اسان کي هتي لاهوري قافلي کان ڌار ٿيڻو هو، جو هنن جي منزل مشهد پاڪ ۽ اسان جي منزل زاهدان هئي. بيبي عابده روئي موڪلايو ته مون کي توهان جهڙا ڀائر مليا، جن سان پندرهن ڏينهن کن ساٿ رهيو ۽ توهان منهنجو سڳي ڀيڻ وانگر خيال رکيو، جڏهن ته منهنجي پنجابي ڀائرن منهنجي ڪابه مدد ڪانه ڪئي. خير هن رقت آميز منظر ۾ اسان کانئن موڪلايو ۽ ستين بجي هوٽل ڇڏي بس پڪڙي تهران روانا ٿياسين. نائين بجي ڌاري تهران ٽرمينل جنوبيءَ تي پهتاسين. ڪلاڪ ٻه ٽرمينل تي گهمندا رهياسين، جيستائين بس لڳي. ايران خصوصاً تهران جو بس ٽرمينل ايئرپورٽ وانگر آهي، جنهن ۾ هر تعاوني شماري جي بس جو پنهنجو پنهنجو ڊڪٽ آهي، جيئن اسان وٽ جهاز اچي اسڪاءِ برج ۾ لڳندو آهي ۽ مسافرواڪ ويز جي ذريعي جهاز تي چڙهندا آهن. هتي به هر تعاوني شماري جو پنهنجو دروازو آهي، جنهن مان مسافر سامان کڻي اتي بيٺل بس تي چڙهندو آهي.
    تقريباً پوڻين يارهين بجي بس لڳي. جڏهن سامان رکڻ جو وارو آيو ته ڊرائيور پِڙُ ڪڍي بيٺو ته اساس زياده است. معنيٰ سامان گهڻو آهي. ايڏو سامان مفت ۾ ڪونه چاڙهيندس. ۽ انهيءَ جا وڌيڪ پئسا ڏيو، ڇو ته هر مسافر فقط هڪ بيگ کڻي سگهي ٿو. مولوي صاحب کيس ڏاڍو سمجهايو ته ٽڪيٽ تي 15 ڪلوگرام وزن لکيل آهي. تون توريندين ته اسان سڀني مسافرن جو سامان مقرر وزن کان گهٽ بيهندو، پر هو چوي ته مين نه مانون. آخر ڳالهه وڃي جهيڙي تي پهتي. مينيجر لهي آيو. مولوي صاحب ايرانين کي ست سُريون ٻڌايون. چي عراق وياسين، شام وياسين. ڪٿي به مسئلو ڪونه ٿيو، پر توهان ايرانين جهڙو بدبخت اسان کي ڪٿي به نه مليو. عراقي ۽ شامي توهان کان لک دفعا بهتر آهن. همراهه اصلي هٿن مان پيا وڃن. سخت چڙي پيا. چيائون ته توهان پاڪستاني وري ڪهڙا چڱا مڙس آهيو. ڪالهه ئي اسان جا چار ايراني انجنيئر شهيد ڪيا اٿو. واقعي هڪ ڏينهن اڳ ڪلفٽن برج جي مٿان گذرندڙ اسٽيل برج تي ڪم ڪندڙ غريب بي گناهه ايراني انجنيئرن کي اسان جي دهشتگرد مذهبي پارٽيءَ جي ڪارڪن شهيد ڪيو هو. خير اها ته هنن فقط ڳالهه ڪئي اسان کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ، نه ته انهيءَ روٽ يعني تهران زاهدان روٽ تي ڊرائيور ڪلينر سڀ ايراني بلوچ هوندا آهن. جيڪي تمام گهٽيا ذهن جا مالڪ ۽ خود ايرانين جا دشمن هوندا آهن. هو حڪومت جا به سخت مخالف آهن. خير اهو ايرانين جو سياسي مسئلو آهي. باقي ايراني ايترا به سٺا ڪونه آهن، جو اسانجا شيعا مولوي صاحب انهن جا قصيدا ڳائيندا وتندا آهن. منهنجي ذاتي تجربي ۽ تجزئي مطابق ايراني پاڻ کي آريو ۽ اعليٰ نسل قوم سمجهڻ ڪري اسان کي گهٽ سمجهندا آهن. سچ پڇو ته جي اسان جون پاڪ هستيون انهن ملڪن ۾ نه هجن ته مان شايد ئي ڪوئي عرب ملڪ يا ايران گهمڻ وڃان ها. خير قصو پئي هليو سامان جو نڀاڳن پنج هزار تومان وڌيڪ وٺي سامان چاڙهيو. سوائي يارهين بجي بس خير سان رواني ٿي. جهڙو بس جو واحيات ۽ بدشڪل ڊرائيور هو تهڙو ئي هو وري سندس ايڊيشنل ڊرائيور يعني ڪلينر نڀاڳو. وڏا واتوڙي ۽ بڪواسي سڄي واٽ ايراني بلوچيءَ ۾ مٿو هڻندا ٿي هليا. هي سفر مون کي سخت بور ڪري رهيو هو ۽ ميلي جي موٽ به هئي. تنهن ڪري مان انهيءَ سوچ ۾ هئس ته هي چوويهن ڪلاڪن جو سفر ڪيئن گذرندو. خير يزد، رفسنجان، ڪاشان وغيره مان گذرندا تاريخ 25 سيپٽمبر 1997ع تي هڪ بجي زاهدان پهتاسين. سڄو علائقو خصوصاً بلوچستان وارو بُٺ ۽ بيابان آهي. علائقو غير رومانوي، گرمي، ايئرڪنڊيشنر ڪونه، بس جون خراب سيٽون، ڊرائيور ۽ ڪلينر ذليل انسان، تعاوني شماره نمبر 1 جي واحيات ۽ بي ڪار بس. هن سفر سڄي سفر جون ڪسرون پوريون ڪري ڇڏيون. رستي تي هڪ دفعو ٽائر پنڪچر ٿيس. ان کان سواءِ ڪافي دفعا بس کي خوامخواهه روڪي پئي بيهاريائين. ۽ وقت پئي ضايع ڪيائين. مطلب ته هن جي سرشت ۾ هيو ته مسافرن کي وڌ ۾ وڌ اذيت ڏجي.
    زاهدان ۾ اميد هئي ته ڪجهه گهڙيون آرام ڪبو ۽ ماني کائبي پر ڪم ان جي صفا ابتڙ ٿيو. بس مان لهندي ئي هڪ مني بس ملي وئي ۽ مولي صاحب تڪڙ ڪري ان سان ريٽ طئي ڪري ورتو. مرتا ڪيا نه ڪرتا جي مصداق هن بس مان سامان لاهي مِني بس ۾ چاڙهيوسين. لڱن ۾ سور، اوجاڳي جي ڪري اکين جو ڪُرڻ ۽ دل الٽي مائل هئي، پر سڀني ڳالهين کي پويان ڦٽي ڪري بارڊر لاءِ روانا ٿياسين. بارڊر تي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئر ڪرائيندي ٻه ڪلاڪ کن لڳي ويا. آخر خروج جو ٺپو هڻائي پنهنجي ملڪ جي سر زمين تي اچي پهتاسين. پنهنجي ملڪ جي اميگريشن ۾ وقت ڪونه لڳو ۽ يڪدم فارغ ٿي وياسين. هاڻي اڃا وڏو مرحلو رهيل هو، يعني تفتان کان ڪوئيٽا تائين جو اذيت ناڪ سفر.
    جيئن ئي اميگريشن مان فارغ ٿياسين بسن وارا پڪ اپن وارا ڪڍ لڳي ويا ته اسان سان هلو. جي پڪ اپ پيا ڪرايون ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي پڪ اپ يا ان کان وڌيڪ ٿين ها. ۽ سڄو گروپ ڇڄي ڌار ڌار ٿي وڃي ها. تنهن ڪري فيصلو ڪيوسين ته بس ۾ ٿا هلون. آخر البلال بس سروس وارا اسان کي گهيري ويا ۽ سامان وڃي بس ۾ رکيائون. بک به ڏاڍي لڳي هئي، پر هن برپٽ بيابان ۾ فقط هڪڙو ئي واحيات قسم جو حفيظ هوٽل هو. جتي سخت ذليل قسم جي فرنچير تي ويهي، غليظ قسم جي ٿانون ۾ سخت بڪواس جهڙي بي سوادي ٿڌي ماني کائي شڪم سير ٿياسين. الله شل دشمن کي به ان گندي حفيظ هوٽل جي ماني نه کارائي. منهنجو وس پڄي ته اهو هوٽل ئي بلڊوز ڪرائي ان جي مالڪ ۽ ڪارندن کي ڪوڙا هڻايان، ڇو ته هو پيءُ جو ريٽ وٺي ٿڌي ۽ بي سوادي ماني زائرين کي کائڻ لاءِ ڏيندا آهن. ڌوڙ هجي انهيءَ حفيظ هوٽل ۽ سندس مالڪ جي منهن ۾. اسان جي البلال جي واحيات قسم جي ڪوچ تقريباً ساڍي ستين بجي هلي. سيٽون سوڙهيون ۽ اڀيون غير آرامده ۽ صفائي ٺپ ڪونه. پر پوءِ به بس ماڻهن سان کچا کچ ڀريل هئي. رستي تي ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون آيون ٿي، جن تي بلوچستان جي ليويز پوليس جا جوان تعينات هئا. ڇو ته بسن ۾ گريزي جو سامان يعني ڪمبل، ڪولر، چانهه، ايراني لسي، کاڄرو تيل، بسڪوٽ ويفر، ڪاسميٽڪس جو سامان ۽ سئيٽر وغيره سمگل ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ پيٽرول جا ڪين به کڻندا آهن. تنهن ڪري جابجا بس جو ڊرائيور لهي ليويز وارن سان مڪ مڪا ڪري پئي آيو ۽ اسان جي به سامان جي چيڪنگ مان جان ڇٽي ٿي پئي. بس ٻه ليويز جا جوان ڪوچ ۾ اندر گهڙي ٿي آيا ۽ سرسري نگاهه وجهي واپس لهي پئي ويا “ويچارا سدورا”. انهيءَ سرسري چيڪنگ ۾ به ويهه پنجويهن منٽن کان اڌ ڪلاڪ تائين جو وقت ضايع پئي ٿيو. ڪوچ سڳوري ۾ ايئر ڪنڊيشنر وغيره ڪونه هو. تنهن ڪري کامندا، رجهندا ۽ پچندا 26 سيپٽمبر 1997ع تي اچي صبح جو ساڍي ڏهين بجي ڪوئيٽا لٿاسين. مون کي ٿَڪ ۽ اوجاڳي جي ڪري بخار نڪري پيو هو. سو مون ساٿين کي جواب ڏنو ته مان اڄ لاڙڪاڻي مري پوان ڪونه هلندس. هو موڪلائي ريلوي اسٽيشن ڏانهن ويا، جيئن بولان ميل پڪڙي سگهن ۽ مان وري ڪينٽ ۾ پنهنجي ڀاڻيجي رضوان علي جمالي جي گهر آيس. حالي احوالي ٿي مان بخار جون ٽڪيون کائي جو سمهيس ته شام جو اک کلي. اها رات رضوان علي وٽ رهي، ٻئي ڏينهن يعني 27 سيپٽمبر تي مان به بولان ميل پڪڙي لاڙڪاڻي آيس. ڪوئٽا اسٽيشن تي رضوان علي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ اسد علي ڇڏڻ آيا. تقريباً رات جو ٻين اڍائي بجي تاريخ 28 سيپٽمبر تي لاڙڪاڻي پهتس.


    عراق جي تازي صورتحال

    عراق جي تازي صورتحال

    صدام جي ڦاسيءَ کان وٺي اڄ تائين عراق هڪ غير يقيني ۽ مسلسل خانه جنگيءَ جو شڪار رهندو پئي آيو آهي. وزيراعظم نوري المالڪي جي ڪمزور ۽ حڪمت عملي کان خالي حڪومت عراق کي متحد رکڻ بدران ڪمزور ڪيو. بجاءِ ان جي ته بعث پارٽيءَ جي مسلسل ڪيترن ئي ڏهاڪن تي مشتمل حڪومت جي خاتمي کان پوءِ انهيِءَ پارٽيءَ جا آفيسر ۽ فوجي ڪڍيا وڃن ها يا انهن جو خاتمو آندو وڃي ها، پر کين هلڻ ڏنو ويو، جن حڪومت مخالف قوتن سان ملي پنهنجي ئي ملڪ ۾ هٿرادو خانه جنگي ڪرائي. نتيجتاً هر شهر ۾ بم ڌماڪا ۽ قتل و غارتگري کي فروغ مليو. انهن فوجين ۽ آفيسرن ۾ صدام جي عزيزن، دوستن ۽ تڪريتين جو جهجهو تعداد هيو، جن حڪومت کي اندران ۽ اندران کوکلو پئي ڪيو. عالمي قوتن ۽ ڪن عرب ملڪن جو به انهيءَ خانه جنگيءَ ۾ هٿ هيو ۽ اڄ ڏينهن تائين آهي. داعش جهڙين ظالم ۽ انسان دشمن تنظيمن کي هٿيار ۽ ڏوڪڙ ڏئي مضبوط ڪيو ويو. تان جو عراق جي ڳپل حصي تي ۽ شام جي به چڱي وڏي علائقي تي هن تنظيم قبضو ڪري ورتو. صدام جا پاليل عراقي فوجي برگيڊن جون برگيڊون هٿيارن سميت انهيءَ ظالم تنظيم جي حوالي ڪري ڀڄي ويا ۽ انهيءَ تنظيم جي سربراهي ابوبڪر بغدادي ڪري رهيو هيو. جنهن پاڻ کي خود ساخته امير المومنين چوائڻ شروع ڪيو. سندن ڀاڙي جي قاتلن مخالف ماڻهن جي ٻارن کي ساڙائي ماري ڇڏيو. عورتون ٻانهيون ڪري نيلام ڪيون ۽ مردن کي جانورن وانگر ذبح ڪيو ويو. جڏهن انهيءَ تنظيم هڪ سگهاري عرب ملڪ کي جيڪو پيٽرول جي دولت سان مالامال آهي، کي به حملي جون ڌمڪيون ڏنيون تڏهن وڃي عالمي قوتن کي ڪجهه شرم آيو ۽ سندن ڊالرن جي امداد ۾ گهٽتائي ڪئي. عراق هن وقت ڪيترائي علائقا خالي ڪرائي ورتا آهن، جنهن جو وڏو مثال موصل جو شهر آهي. چوندا آهن ته ظلم قائم آهي، پر ظالم نيست و نابود ٿي ويندو آهي. دنيا ۾ اهڙا سوين مثال ملن ٿا.
    ڇويهين ڊسمبر 2016ع تي وري هڪ دفعو عراق جي زيارتن جو موقعو مليو. ايئر گائيڊ ڪمپنيءَ جي قافلي سان صبح جو ڏهين بجي ڪراچي ايئر پورٽ کان قطر ايئر لائين ذريعي وايا دوحا روانا ٿياسين. تقريباً ساڍي چئين بجي اسان جو جهاز بغداد ايئرپورٽ تي لٿو. قطر ايئرلائين جو جهاز سٺو ۽ سروس بهترين هئي. دوحا ايئرپورٽ به دبئي ايئرپورٽ وانگر سهڻو ۽ وڏو ايئرپورٽ هيو، باقي بغداد ايئرپورٽ هڪ ته ننڍو، ٻيو ٻارهن ڪوهي سُڃ. هڪ اڌ عراقي ايئرويز جو جهاز بيٺو هو، باقي ٿيو خير. اسانجي ايئر گائيڊ واري محسن نيانيءَ جو اميگريشن وارن سان سٺو رشتو قائم آهي، تنهن ڪري اميگريشن ۽ ڪسٽم مان جلدي فاغ ٿي پنهنجي ٻڌايل نمبرن وارين بسن ۾ ويهي ڪاظمين روانا ٿياسين.
    ڪاظمين ۾ اسانجي رهائش جو بندوبست هوٽل قصر ڪاظمين ۾ هيو، جيڪو حرم جوادينؑ کان سڏ پنڌ تي هئو. هوٽل ڪو خاص خوبين جو حامل ڪو نه هئو بس گذاري لائق هو. ايئر گائيڊ جي محسن نياني کان پنهنجي ڪمري جي چاٻي وٺي ڪجهه گهڙين لاءِ آرامي ٿياسين. رات جي ماني کائي حرم ڪاظمين جي زيارت لاءِ روانا ٿياسين. سخت ٿڌ ۽ گهاٽو ڪوهيڙو هئو، تنهن ڪري سڏ پنڌ تان به ڪجهه نظر نٿي آيو. حرم جي صحن ۾ به ڏاڍو سيءُ هيو. زيارت ڪري نمازون پڙهي هوٽل تي واپس اچي سمهي رهياسين. سفر جي ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ اچي وئي. سخت ٿڌ جي ڪري نماز فجر هوٽل تي ئي پڙهي سين. ناشتي مان فارغ ٿي پنهنجن پنهنجن بسن ۾ سوار ٿي ڪربلا لاءِ روانا ٿياسين. اڳي جڏهن بغداد کان ڪاظمين اچبو هو ته دجلا جي پل تان لنگهڻو پوندو هو ۽ درياهه دجله وهندي نظر ايندو هو، پر هاڻي سيڪيورٽي جي پيش نظر ڪانڪريٽ جون وڏيون ديواريون اڏيون اٿن، جن جي ڪري دجله نظر ڪونه ٿو اچي. بهرڪيف ٽپهري ڌاري ڪربلا ۾ پهتاسين. ڪربلا ۾ اسان جو بندوبست هوٽل بئرون ۾ ٿيل هو، جيڪو فائيو اسٽار هوٽل آهي، پر حرم امام حسينؑ جي حرم کان ڪجهه پنڌ تي آهي. هوٽل تي سامان هوٽل جي ملازمن لاهي لابيءَ ۾ رکيو ۽ اسان اتي ئي لابي ۾ پنهنجي ڪمري جي چاٻي ملڻ جي انتظار ۾ ويهي رهياسين. ڪجهه وقت ۾ اسان کي ڪمري جي چاٻي ملي وئي ۽ پنهنجو سامان کڻائي ڪمري ۾ آياسين. هوٽل تمام بهترين جاءِ تي هو، اسانجي دري جي شيشي مان فرات مان نڪرندر نهر علقمه سائي پاڻيءَ سان وهندي پئي نظر آئي. چوڌاري کجين جا باغ هئا ۽ هڪڙو پُرڪيف نظارو پردي هٽائڻ سان سامهون هيو. ڇو ته هوٽل حرم کان ڪجهه وٿيرڪو هو، تنهن ڪري هوٽل طرفان هوٽل کان حرم ۽ واپس اچڻ لاءِ ڪوسٽر بسن جو انتظام هو، جيڪي هر پندرهن منٽن کانپوءِ نڪتيون ٿي. اسان به غسل ڪري مغربين نماز پڙهڻ لاءِ حرم امام حسينؑ تي آياسين. زيارت ڪري نمازون پڙهي حضرت عباس علمدارؑ جي حرم جي زيارت ڪري سخت سيءَ ۾ وري هوٽل تي واپس آياسين. رات جي مانيءَ واري بوفي ۾ تمام بهترين قسم جا کاڌا هئا. هوٽل جو مصري مينيجر ۽ اردني اسسٽنٽ مينيجر گهڙي گهڙي هر ٽيبل تي پئي آيا ۽ کاڌي وغيره جي باري ۾ پئي پڇيائون. بهرڪيف تمام پر آسائش هوٽل هو ۽ اسٽاف وغيره به سائشتو ۽ باادب قسم جو هو.
    ڪاظمين مان ڪربلا لاءِ جڏهن نڪتا هئاسين، ته بغداد ۾ مسجد براثا جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان، جي زيارت ڪئي هئي سين ۽ ڪاري پٿر واري چشمي مان پاڻي ميڙي پيتوسين.
    ڪاظمين، ڪربلا، بغداد، نجف، سامره ۽ مڙني شهرن ۾ سخت چيڪنگ آهي. جنهن جو سبب داعش جون دهشتگرد ڪارروايون آهن. چپي چپي تي چيڪ پوسٽن هوندي به ظالم پنهنجون ڪارروايون ڪري ٿا وڃن. خودڪش حمله ۽ بم وغيره اڇلن ٿا. جنهن جي ڪري سوين بي گناهه ماڻهو شهيد ٿي ٿا وڃن. خبر ناهي ته اهي ڪنهن جي ايجنڊا تي ٿا هلن. الله سائين کين نسيت و نابود ڪري.
    حرمن جي تزئين و آرائش جو ڪم زور شور سان جاري آهي. کليل صحن ڍڪي ايئرڪنڊيشنڊ ڪيا ويا آهن، پر خلق ايتري ٿي اچي، جو ڪاٿي کان ٻاهر. هڪ ڏينهن ڪربلا شهر جون زيارتون ڪيونسين. جنهن ۾ ڪف عباس عه، مقام علي اڪبر عه، مقام علي اصغر، نهر علقمه، خيما گاهه، باغ امام جعفر صادقؑ شامل آهن. ٻئي ڏينهن تي اطراف جي زيارتن لاءِ نڪري وياسين، جنهن ۾ حضرت عونؑ، حضرت حُرُّؑ ۽ مسيب ۾ طفلان مسلم بن عقيل عليهم سلام جون زيارتون ڪيونسين. ائين ٽئين ڏينهن تي صبح جو ڇهين بجي سامره لاءِ نڪتاسين. بغداد کان سامره تائين روڊ جي ٻنهي پاسي فوجي چوڪيون سوَن جي تعداد ۾ هيون. رستي تي ڪيترائي هوٽل، جايون جڳهيون ۽ پيٽرول پمپ ڊٺل نظر آيا. ڪيتريون ئي سڙيل گاڏيون روڊ جي ٻنهي پاسي ڪي اونڌيون ڪي پاسيريون پيون هيون. اهو سڄو علائقو داعش جي قبضي ۾ هو، جنهن کان عراقي فوجن آزاد ڪرائي ورتو آهي. مون کي ياد آهي ته جڏهن سن 2014ع ۾ انهيءَ ايئر گائيڊ وارن سان مان جڏهن اربعين يا چهلم تي عراق آيو هيس، ته سامره ڪونه وٺي ويا هئا، ڇو ته گهڻو علائقو داعش جي قبضي ۾ هو، تنهن ڪري بسن تي حملن جو خطرو هو، پر هاڻي الله جي فضل سان اسان سامره ڏانهن راهي هئاسين. اٽڪل يارهين ڌاري سامره پهتاسين. بسون ڪلوميٽر کن پري جهليون ويون، ٿڌ چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان. مٿان وري بوندا باندي جنهن ڄاڙيون وڄائي ڇڏيون. حرم ۾ پهچي مولانا محمد علي نقوي صاحب جي اقتدا ۾ نماز ظهرين ادا ڪئي سين ۽ زيارتن کان مشرف ٿيندي واپس بسن ۾ ويٺاسين. هتي به روضي جو ڪم زور شور سان جاري هئو. سرداب جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو اٿن، ان جي جاءِ تي هڪ خوبصورت ۽ وسيع بيسمينٽ ٺاهي ڇڏي اٿائون، جنهن ۾ سنگ مرمر جو فرش لڳل آهي ۽ ديوارن تي ڪاشيڪاري ۽ ميناڪاريءَ جو ڪم هلندڙ هو. عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ رستا ۽ الڳ الڳ پورشن رکيا اٿائون. سامره شهر ۾ وڏي فوجي ڇانوڻي به قائم ڪئي اٿائون. ان کان سواءِ حرم جي تقريباً هم چورس ڪلوميٽر تائين جايون، هوٽل، مسافرخانه ختم ڪري فوج جي حوالي ڪيا ويا آهن.
    سامره مان واپس ايندي بَلد شهر ۾ حضرت محمد ابن امام علي نقيؑ جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. هن علائقي جي چوڌاري به فوجي هيڊڪوارٽر هو، ڇو ته هن علائقي جي آسپاس کان به هميشه حملي جو خطرو رهندو ٿو اچي. زيارت مان فارغ ٿي بسن ۾ ويٺاسين، ۽ اٽڪل ڏهين بجي رات جو هوٽل بئرون تي پهتاسين، جتي رات جي بُوفي ڊنر اسانجي انتظار ۾ هئي. بک به ڏاڍي لڳي هئي ۽ ٿڪ به ڏاڍو ٿيو هو، تنهن ڪري ماني کائي وڃي بستري ڀيڙا ٿياسين. هڪ ڏينهن ٻيو به ڪربلا ۾ گذاري نجف اشرف لاءِ روانا ٿياسين.
    نجف اشرف ۾ اسان جو پنجن ڏينهن جو پروگرام رٿيل هو. نجف ۾ اسانجو قيام هوٽل قصردُر ۾ هيو. هوٽل پراڻو هو، پر حرم سان لڳ هو. هوٽل مان نڪري هڪ چيڪ پوسٽ ڪراس ڪري، جيڪا هوٽل جي ڀرسان ئي هئي، مولا عليؑ جي صحن ۾ ٿي پهتاسين. مولا عليؑ جي حرم جي به تمام گهڻي توسيع، تزئين ۽ آرائش هلي رهي آهي. ٿڌ هِتي اڃا به سرس هئي. رات جو صحن ۾ ڄڻ بيٺو ئي نٿي ٿيو، ڇو ته جيڪٽن ۽ سياري جي سموري سامان هوندي به نڪ، ڪن ۽ منهن پارو ٿيو پئي ويو. روزانو حرم جي زيارت نصيب ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن مسجد ڪوفه ۾ اعمال ڪياسين ۽ منجهس اندر جن هستين جون زيارتون آهن، يعني جناب مسلم بن عقيل عه، حضرت امير مختار﷦، حضرت هاني بن عروة ۽ مسجد کان ٻاهر جناب ميثم تمار﷦ ۽ جناب خديجة بنت عليؑ جي زيارت ڪري مسجد سهله آياسين. تنهن کان پوءِ واپس نجف اشرف آياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو مولا عليؑ جو وداعي سلام ڪري نجف ايئرپورٽ لاءِ روانا ٿياسين. قطر ايئرويز جي جهاز ۾ دوحا ۽ دوحا کان پوءِ خير سان ڪراچيءَ ۾ ڇهين جنوريءَ تي صبح جو پنجين بجي پهتاسين.


    حوالا

    حوالا

    1. تاريخ ڪاظمين (سيد ارتضيٰ عباس نقوي)
    2. زادِ سفر (محمد رضا مرچنٽ)
    3. علي ڪي بيٽي (ڊاڪٽر علي قائمي)
    4. چوده ستاري (سيّد نجم الحسن ڪراروي)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 866
    ڪتابن جو مشاهدو: 2397200
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 613538
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ