مسجد سهله
مسجد سهله جي زيارت ڪرڻ ۽ نوافل ادا ڪرڻ کان پوءِ اسان مسجد زيد ابن صوحان لاءِ روانا ٿياسين. هي مسجد، سهله مسجد جي ويجهو ئي آهي. زيد بن صوحان مولا عليؑ جي بزرگ صحابين منجهان هو ۽ هڪ درويش صفت انسان هو. سندس شهادت جنگ جمل دوران مولاؑجي طرفان وڙهندي ٿي هئي. ياد رهي ته جنگ جمل جناب اميرالمؤمنينؑ ۽ حضرت معاويه جي درميان لڳي هئي، جنهن ۾ بيبي عائشه خليفه وقت جي خلاف ميدان ۾ آئي هئي. جنگ جمل ۾ حضرت عليؑ کي فتح حاصل ٿي ۽ امام عليؑ جن جناب عائشه کي بصد اهتمام سندن ڀاءُ حضرت محمد بن ابوبڪر سان گڏ مدينه روانو ڪيو هو. جنگ جي دوران مولا عليؑ لشڪر دشمن کي بار بار ائين چيو پئي ته توهان پنهنجا ننگ گهرن ۾ ويهاري اسان جا ننگ ئي اسانجي سامهون مقابلي لاءِ بيهاريا آهن. توهان کي الله جو خوف ڪونهي.
هاڻي اسان مسجد صعصعه ابن صوحان جو رخ ڪيو. صعصعه، زيد ابن صوحان جو ڀاءُ هو ۽ جناب اميرؑ جي خاص مصاحب مان هو. هو عهد نبويﷺ ۾ مسلمان ٿيو، پر ڪجهه مجبورين جي ڪري پاڻ سڳورن جي زيارت نه ڪري سگهيو هو. هيءَ مسجد سندس ئي جوڙايل آهي. ان کان پوءِ اسان مسجد حنانه ۾ داخل ٿياسين. هن جڳهه تي جنهن کي راس الحسينؑچيو وڃي ٿو، اتي امام حسينؑ جو سر مبارڪ ديوار سان ٽيڪ لڳائي رکيو ويو هو. حنان الله سائينءَ جو صفاتي نالو آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ نعم البدل ته مون کي نه ٿو ملي، پر انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته ٿڃ پيئندڙ ٻار کي سندس ماءُ جڏهن جهڪي چُمي ڏيندي آهي. انهيءَ پيار کي حنان چئبو آهي. امامؑجي سر مبارڪ کي بوسي ڏيڻ لاءِ هن مسجد جي ديوار جهُڪي هئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين جهڪيل ٿي رهي، حالانڪه ڪيترائي دفعا ديوار کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر وري به ديوار ۾ خم اچيو ٿو وڃي. جيئن ڪعبة الله شريف ۾ رڪن يماني واري ڀت جي شگاف کي سوين ڀيرا بند ڪيو ويو آهي، پر وري اتي ڏار ظاهر ٿيو پوي، جنهن کي سعودي سرڪار ميخون ۽ ڪليون هڻي بند ڪري ڪري ٿڪجي پئي آهي. اِها اُها جڳهه آهي، جتي ڪعبة الله جي ديوار ڦاٽي پئي هئي. سائڻ فاطمه بنت اسد والده جناب عليؑ ڪعبي ۾ داخل ٿي ۽ عليؑ جن هن دنيا ۾ تشريف آور ٿيا هئا. زيارتون جلدي جلدي پئي ڪيونسين ته متان ڪا زيارت رهجي نه وڃي. هاڻي اسان مسجد ڪميل بن زياد ۾ آياسين. ڪميل بن زياد مولا عليؑ جي خاص مصاحب ۾ شامل هئو. سندن تعلق قبيله نخع سان هيو ۽ انهيءَ ئي قبيلي جو سردار پڻ هيو. حضرت عليؑ سان گڏ هر جنگ ۽ جهاد ۾ شامل رهيو هو. کيس لَعِين حجاج بن يوسف مولا عليؑ جي محبت جي ڪري 90 سالن جي ضعيف العمري ۾ شهيد ڪيو. کيس قتل کان پوءِ مسجد حنانه جي پٺيان ثوبه نالي جڳهه تي دفن ڪيو ويو.
ان کانپوءِ مولا عليؑ جي روضي جي کاٻي پاسي دنيا جي وڏي ۾ وڏي قبرستان واديءِ سلام ۾ آياسين. روايت آهي ته جنهن به انسان جو روح قبض ٿيندو آهي ته موت جو فرشتو کيس پهريائين واديءِ سلام ۾ وٺي ايندو آهي. هتي هٿ سان ليڪا پائي پنهنجي ۽ پنهنجن عزيز و اقارب جون قبرون ٺاهبيون آهن. هي هڪ قديم ترين ۽ تمام وڏو قبرستان آهي. جيستئاين نظر پوندي قبرون ئي قبرون نظر اينديون. ڪي قبرون ٻه منزله ته ڪي ٽي منزله به نظر آيون. اٽڪل هر پنجن منٽن کانپوءِ هڪ جنازو تدفين لاءِ هتي آندو ويندو آهي، جنهن کي پهريان مولا اميرالمؤمنينؑ جي ضريح مبارڪ جو ٽي دفعا طواف ڪرايو ويندو آهي. جيڪو اڄ ڪلهه ممڪن ناهي ڇو ته ضريح مبارڪ جي ٻنهي پاسي ڄاري لڳائي عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ حصا ٺاهيا ويا آهن، جيئن رش جي ڪري عورتن جي بي حرمتي نه ٿئي. هتي الله جي نبي سڳورن حضرت هودؑ ۽ حضرت صالحؑ جا روضا آهن. هتي ٻه ٻه رڪعتون نماز زيارت پڙهي مقام امام زين العابدينؑ، امام جعفر صادقؑ ۽ مقام صاحب وزمانؑجي زيارت ڪئي سين ۽ نوافل ادا ڪياسين. سخت گرمي ۽ تپش جي ڪري اڳتي وڃي نه سگهياسين ۽ موٽي مولا عليؑ جي روضي مبارڪ ۾ آياسين ۽ صحن ۾ ٻن پهرن جي ماني کاڌي سين، جيڪا ساڻ کڻي آيا هئاسين. هاڻي وضو ڪري حرم پاڪ ۾ اذن دخول ۽ زيارت پڙهي اندر داخل ٿياسين. ضريح مبارڪ کي چميون ڏنيون سين ۽ دعائون گهريون سين. ان کانپوءِ مين دروازي جي سامهون واري مارڪيٽ مان ڪجهه تسبيحون ۽ نگ وغيره خريد ڪياسين.
مون اصلي عقيق سليماني جي يارهن موٽن داڻن واري تسبيح ورتي. هلڪي ڦلڪي خريداريءَ مان فارغ ٿي وري مولا جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي الوداعي سلام ڪيوسين. دل ۾ اها اميد کڻي ته مولا پنهنجي ۽ پنهنجي شهزادن جي زيارت لاءِ ٻيهر گهرائيندين. تسبيحون ۽ نگ وغيره ضريح سان مس ڪيم ۽ آلين اکين سان مولا کان موڪلائي ٻاهر بيٺل بس ۾ ويٺاسين. هاڻي اسان روانا ٿياسين نبي الله حضرت ذوالڪفل (ؑ) جي زيارت لاءِ. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ هڪ ننڍڙي شهر ۾ پهتاسين، جنهن جو نالو ئي ذوالڪفل آهي. هڪ پراڻي وضع جي تجر يا ونگ تي ٺهيل سنهي ڍڪ بازار مان گذري حضرت ذوالڪفل جي روضي تي آياسين. بازار جون عمارتون پراڻيون ڄڻ کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيون هيون. حضرت ذوالڪفل جو روضو جنهن ۾ سندس چئن صحآبين جون قبرون به آهن، هڪ پراڻي ۽ بوسيده عمارت آهي. صدر دروازي تي عبراني ٻوليءَ ۾ ڪجهه لکيل هيو. شايد حضرت ذوالڪفل جو نالو لکيل هجي. شهر جي حالت زار ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو. هتي به پنڻ وارن جا ڪٽڪ وڪوڙي ويا، جن ۾ اڪثريت ٻارن ۽ عورتن جي هئي. دل ئي دل ۾ حڪومت وقت ۽ سندن صدر تي لعنتون پئي وڌم، ته هيڏي امير ملڪ کي، جيڪو پيٽرول جي دولت سان مالامال آهي، غلط پاليسين سبب غريب ۽ مسڪين بنائي ڇڏيو آهي. جيئن مٿي ٻڌائي آيو آهيان هڪ بدمعاش ٽولو، جيڪو حڪومت ۽ ادارن تي قابض آهي عياشيون پيو ٿو ڪري، باقي عوام جو گذر سفر پنڻ تي آهي يا اهڙن ڪمن تي آهي جنهن جو ذڪر ڪرڻ هتي نامناسب آهي. ذوالڪفل جي مضافات ۾ ٻنيون ئي ٻنيون آهن ۽ ماڻهن جو گذر سفر زراعت تي آهي. پر سم ۽ ڪلر هتي به سنڌ وانگر زمين جو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. سم واه ته ٺهيل آهن، پر اهي سنڌ جي سم واهن وانگر ناڪاره ۽ نان فنڪشنل آهن. جنهن ڪري زمين کي سم ۽ ڪلر کائيندو ٿو وڃي. چوڌاري کجين جا وڻ هئا ۽ کجين کان سواءِ ڪو ٻيو وڻ ميويدار يا غير ميويدار نظر نه آيو.
هاڻي اسين اڄوڪي سفر جي آخري منزل حضرت زيد بن شهيد بن امام زين العابدينؑ جي روضي تي پهتاسين. هتي مقبري جو ڪم هلي رهيو هيو. حضرت زيد شهيد امام زين العابدينؑ جو پوٽو آهي. زيدي سيد سندس اولاد مان آهن. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به امام هئڻ جي دعويٰ نه ڪئي، پر سندس شهادت کانپوءِ ماڻهن کيس مهدي موعود ۽ امام منصوص مِن الله چوڻ شروع ڪيو ۽ ائين زيديه فرقي جو بنياد پيو. جنهن جا پيروڪار گهڻاتڻا يمن ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ آهن. هنن جو نماز پڙهڻ جو طريقو ۽ ٻيا فروعي طريقا ساڳيا اهلِ سنت وارا آهن پر هي مولا علي عهؑ کي ٽن خلفاءِ راشدينؓ تي فضيلت ڏيندا آهن. ۽ کانئن وڌيڪ خلافت جو حق رکندڙ ۽ مقدم سمجهندا آهن. حالانڪه هي ڪنهن به طرح سان شيعه ناهن پر عرف عام ۾ کين تفضيلي شيعه ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇو ته هي عليؑ کي ٻين اصحابؓ تي وڌيڪ فوقيت ڏيندا آهن. يمن جي حوثين جو تعلق فرقه زيديه سان آهي. روضي جي ٻاهران ساڳيو ئي ڏيک يعني عورتون ۽ ٻار هٿ ڦهلائي خيرات لاءِ عربيءَ ۾ ٻاڏائي رهيا هئا. دعائون گهريون سين ته يا الله اسانجي ملڪ ۾ اهڙا ذليل حڪمران نه آڻجانءِ ۽ پنهنجو رحم ۽ ڪرم ڪجانءِ، ڇو ته هڪ مخصوص ٽولي جي غلط پاليسين جي ڪري ڪروڙين عام ماڻهو عذاب پيا ٿا ڀوڳين. عراق مٿان اقتصادي پابندين جي ڪري تيل جي برآمدات بند هئڻ ڪري تيل ڏاڍو سستو هو، يعني تقريباً هڪ پاڪستاني روپئي ۾ هڪ ليٽر پيٽرول ۽ 10 روپين ۾ 36 ليٽر ڊيزل هيو. ان وقت عراق ۾ بجليءَ جو اهو ئي حشر هيو، جيڪو هاڻي اسان وٽ آهي. يعني لوڊشيڊنگ جو آزار ايترو جو چار ڪلاڪ بجلي هوندي هئي ته چار ڪلاڪ غائب. پيٽرول ۽ ڊيزل سسستي هجڻ ڪري هوٽلن مٿان وڏا وڏا جنريٽر رکيل هئا، جن تي ايئرڪنڊيشنر به هليا پئي. پر اسان وٽ ته جنريٽر هلائڻ به ڏاڍو مهانگو آهي. اسان کي عراق ۾ ان وقت ايڏي لوڊشِڊنگ تي حيرت لڳندي هئي، پر نه ڄاڻ ته ڪجهه سالن کان پوءِ اسانجي جاهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري اسان سان به ساڳيو ئي حشر ٿيڻو هو، جيڪو اڃا تائين لوڙيون ٿا پيا.
هاڻي رات ٿي وئي هئي، تنهن ڪري واپس ڪربلا لاءِ روانا ٿياسين ۽ تقريباً نائين بجي ڪربلا پهتاسين. اڄ جيئن ته گرمي به گهڻي هئي ۽ سفر به وڌيڪ ڪيو هوسين، تنهن ڪري ڏاڍو ٿڪ ٿي پيو هو، انهيءَ ۾ عافيت سمجهي سين ته سُمهجي، ڇو ته صبح جو اسان کي سامره جي زيارتن لاءِ وڃڻو هو. سامره پهچڻ کان پهريائين مناسب ٿو سمجهان ته سامره جي زيارتن جو مختصر تعارف پيش ڪجي.