جناب سيده فاطمة بنت موسيٰ ڪاظمؑ
حضرت معصومه (ع) امام موسيٰ ڪاظمؑ جي وڏي نياڻي آهي. سندن نالو فاطمة ڪبريٰ آهي. سندن ولادت پهرين ذوالقعد 173 هجريءَ ۾ مدينه منوره ۾ ٿي. جڏهن سندن والد امام موسيٰ ڪاظمؑ کي بغداد ۾ شهيد ڪيو ويو ته ان وقت سندن عمر 10 سال هئي. سندن ولادت وقت سندن والد هارون رشيد جي زندان ۾ هئا. امام موسيٰ ڪاظمؑ کي عباسي خليفن ڪيترائي ڀيرا قيد ڪرايو ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري آزاد ڪيو، تنهن ڪري جناب معصومه (ع) کي شفقتِ پدري گهٽ نصيب ٿي.
سندن تربيت سندن برادر گرامي امام علي رضاؑ جن ڪئي. سن 200 هجريءَ ۾ جڏهن مامون رشيد امام رضاؑ کي مديني مان خراسان زبردستي گهرايو ته امام سائين جن اڪيلا خراسان هليا آيا. حضرت معصومه (ع) هڪ سال کان پوءِ ڀاءُ سان ملڻ خاطر مدينه کان خراسان جو سفر ڪيو. چون ٿا ته ساڻن سفر ۾ پنج ڀائر، ڀائٽيا ۽ ڪجهه ٻانهيون پڻ هيون. جڏهن هي قافلو شهر ساوه ۾ پهتو، جيڪو قم کان 23 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هيو ته اتي جي ماڻهن هن ننڍڙي قافلي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ اٽڪل 23 جوان شهيد ٿي ويا، ڇو ته ساوه جا ماڻهو اهلبيت جا ڪٽر دشمن هئا. سانئڻ معصومه جڏهن اهو منظر ڏو ته سخت پريشان ٿيون ۽ بيمار ٿي پيون. شهر ساوه ۾ غيرامني محسوس ڪندي چيو ته مون کي قم شهر وٺي هلو، ڇو ته مان پنهنجي بابا کان ٻڌو آهي ته قم اسان اهلبيت جي چاهڻ وارن جو مرڪز آهي. اهڙيءَ طرح پاڻ قم ڏانهن رواني ٿي ويون. قم جي ماڻهن کي جڏهن اها خبر پئي ته هو سانئڻ جي استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري آيا. قُم جي هڪ بزرگ هستي موسيٰ بن خزرج اشعري اٺ جون واڳون سنڀاليون ۽ اهڙي طرح پاڻ 201 هجريءَ ۾ قم شهر ۾ وارد ٿيون ۽ موسيٰ بن خزرج جي گهر ترسيون. 17 ڏينهن ترسڻ کان پوءِ پاڻ بيماريءَ جي حالت ۾ هن فاني دنيا مان، 10 ربيع الثاني 201 هجريءَ ۾ خالقِ حقيقي سان وڃي مليون.
بيبي معصومه جو روضو اڄ ڪلهه وسيع ڪيو ويو آهي. ڪيترائي نوان صحن ٺاهيا ويا آهن. ساڳي طرح نون صحنن ۾ پاڻيءَ جون سبيلون پڻ لڳايون ويون آهن. مون جڏهن پهريون دفعو سن 1991ع ۾ هي حرم ڏٺو هو، ان زماني ۾ ڪو خاطر خواهه زيب ۽ آرائش جو ڪم ٿيل ڪونه هو. ملحقه قبرستان به صاف سٿرو ڪونه هو. گنبذ جي مٿان ڪنجهي جي نيل ۾ ڪنجهي مان ئي ٺهيل سج جي شڪل لڳل هئي، جيڪا ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئي، پر هاڻي اهي سج جون شڪليون گنبذن تان هٽايون ويون آهن. مشهد وانگر هتي به جابجا عڪس داري ممنوع است (يعني فوٽو ڪڍڻ منع آهي) جون پليٽون آويزان هيون. مون کي اڄ ڏينهن تائين اهو به سمجهه ۾ نه آيو آهي، ته سکر بئراج، ڪوٽڙي بئراج ۽ گڊو بئراج جي پلين تي به لکيل هوندو آهي ”فوٽو ڪڍڻ منع آهي“ يا No photography وغيره. اڄ ڪلهه اها ڳالهه مزحقه خيز ۽ کِل جهڙي ٿي لڳي، ڇو ته گوگل ۽ ٻين پروگرامن ۾ انهن سڀني اسٽرڪچرن جا فوٽوز موجود آهن. بهرڪيف انهيءَ ۾ به ڪا رمز رکيل هوندي، جيڪي منهنجي موٽي دماغ جي سوچ کان ٻاهر آهي.
اڄ تاريخ 6 سيپٽمبر تي اسان کي قم جون زيارتون پوريون ڪرڻيون هيون، تنهن ڪري صبح جو سوير اٿي حرم ۾ نماز فجر پڙهي سين. حرم جي ٻاهران ئي هڪ ريسٽورينٽ تان نيرن ڪري ٽيڪسيون ڪري امامزاده ناصرالدين جي روضي تي جيڪو امام زين العابدينؑ جو پڙپوٽو ٻڌايو وڃي ٿو. زيارت ڪئي سين. ان کان پوءِ امام زاده احمد بن زين العابدينؑ جي زيارت ڪئي سين ۽ هر روضي تي آخر ۾ ٻه رڪعتون نماز زيارت پڙهي سون. ان کان پوءِ امام زاده اسماعيل بن محمد بن امام جعفر صادق (ؑ) جي زيارت ڪري پوءِ آياسين، حضرت موسيٰ مبرقع جي روضي تي جتي ’چهل اختران‘ جو مرقد پڻ آهي. ’چهل اختران‘ معنيٰ چاليهه ستارا يا چهل دختران يعني هتي ’چاليهه سيد زاديون نياڻيون دفن ٿيل‘ آهن. هڪ ڪتبي تي صفوي بادشاهه طهماسپ جو نالو لکيل آهي. پهريان هي هڪ چوڪنڊي چبوتريءَ جي شڪل ۾ هيو، پر حڪومت ايران هاڻي هڪ عاليشان ضريح نصب ڪرائي آهي. سڀ کان پهريان جيڪو شخص هتي دفن ٿيو هو، سو موسيٰ مبرقع هيو. هو هڪ متقي، پرهيزگار شخص هيو ۽ هميشه پنهنجو چهرو مبارڪ ڍڪي هلندو هو، ڇو ته سندس چهري جي کل نازڪ هوندي هئي ۽ سج جي تيز روشني برداشت نه ڪري سگهندي هئي. موسيٰ مبرقع ۽ امام زاده موسيٰ بن جواد (ؑ) جا الڳ الڳ روضا آهن. هاڻي منجهد ٿي وئي هئي، ٽيڪسيءَ واري کي واپس هوٽل جو چيوسين. جنهن اسان کي اسان جي رهائشگاهه تي لاٿو. ڪجهه وقت آرام ڪري مانجهاندو ڪيوسين.
جيئن ته سڀاڻي اسان کي بغداد لاءِ روانو ٿيڻو هيو. تنهن ڪري قم مان سڀ ڪم ڇڏائڻا هئا. نماز ظهرين مان فارغ ٿي پل آهنچي ڪراس ڪري سڌو روڊ ڏئي هلندا پڇائيندا آخر انصاريان پبليڪيشن وارن وٽ پهتاسين. مون ڪافي ڪتاب انگريزيءَ ۾ خريد ڪيا، جيڪي رسول پاڪﷺ ۽ آئمه طاهرين جي زندگيءَ تي سوليءَ انگلش ۾ لکيل آهن. سڀ کان بهترين ڪتاب جيڪو مون کي وڻيو، اهو هو پنجن فقهن ۾ فروعي اختلاف ڪهڙو آهي يعني جعفري، حنفي، حنبلي، شافعي ۽ مالڪي مڪتبن ۾ بنيادي فقهي ڇا فرق آهي. اهو ڪتاب مان ڪيئي دفعا پڙهي چڪو آهيان ۽ ڏاڍو ڪارآمد ڪتاب آهي. اسان کي هاڻي تمام گهٽ وقت هو، تنهن ڪري خميني صاحب جي رهائش گاهه ڏسڻي هئي، ۽ رات جو ڪجهه پهر مسجد جمڪران ۾ گذارڻو هو. ٽيڪسيون ڪرائي پراڻي قم ۾ آية الله خمينيءَ جي رهائش گاهه تي آياسين، جيڪا هڪ پراڻي طرز جي عمارت آهي ۽ خميني صاحب جي خاندان جي استعمال هيٺ آهي. هي هڪ منزلو سادڙو گهر آهي، جنهن جي مٿان گاري جو ليپو ٿيل آهي. اندر ڪافي جهڳيون ڏسڻ جهڙيون هيون. پر ٿڪاوٽ جي ڪري جلدي موٽڻ واري ڪري هوٽل تي آياسين ۽ ڪجهه دير آرام ڪيوسين. مغربين حرم ۾ ادا ڪري رات جي ماني کاڌيسين ۽ هلياسين مسجد جمڪران ڏانهن، جنهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو. هتي هڪ ڳالهه لکندو هلان ته، جيڪڏهن مان هر هڪ ساٿيءَ جي روزمرهه جي ڪارروائي لکندو هلان ته هي سفرنامو ڏاڍو وڏو ٿي ويندو، تنهن ڪري اهي شيون ته اڄ فلاڻو ۽ فلاڻو پاڻ ۾ وڙهي پيا، اڄ مون کي بخار ٿي پيو. فلاڻي فلاڻي سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. اهڙين ڳالهين کان مون پاسو ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪري فقط مقصد جي ڳالهه ڪئي آهي. اميد ته قارئين منهنجي ان ڳالهه سان اتفاق ڪندا. ذاتي ڳالهين لکڻ سان پڙهندڙ بوريت جو شڪار ٿيندو.