سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

مرقد علوي جي تعمير

مرقد اميرالمؤمنين جي جڳهه جي خبر آئمه اهلبيت ۽ مخصوص فردن کان سواءِ ڪنهن کي ڪونه هئي ۽ خبر به ڪيئن هجي، ڇو ته قبر هڪ ويران جڳهه ۽ دڙي جي مٽيءَ ۾ لڪل هئي. نه قبر جو نشان هو ۽ نه ئي ڪا تخطي يا ڪتبو لڳل هيو. هڪ دفعي هارون رشيد عباسي سن 170 هجريءَ ۾ برسر اقتدار اچڻ کانپوءِ ڪوفي جي اطراف ۾ سير و شڪار لاءِ آيو. هن ڪجهه هرڻ ڏٺا ۽ انهن جي پويان پنهنجا شڪاري ڪتا ۽ باز ڇڏيا. هرڻ هڪ دڙي تي چڙهي ويا ۽ پر شڪاري ڪتا ۽ باز بيهي رهيا ۽ دڙي تي نه چڙهيا. ان تي هو سخت حيران ٿيو ۽ حيره ڳوٺ جي هڪ بزرگ کي گهرائي پڇيائين ته ڪهڙي جڳهه آهي، جتي هرڻن کي امان ٿي ملي ۽ شڪاري ڪتا ۽ باز بيهي ٿا رهن ۽ انهن جي پويان ڪونه ٿا وڃن. ان شخص ٻڌايو ته هتي امير المومنين عليؑ جو مدفن آهي. هارون ان شخص کي انعام ڏئي روانو ڪيو ۽ قبر جي زيارت ڪرڻ کان پوءِ اتي هڪ ڳاڙهي رنگ جو گنبذ اڏايو ۽ قبر اطهر جي تعمير ڪرائي. سفيد سرن جي چار ديواري ڏياري. محمد ابن زيد حسيني والي طبرستان، معتضد بالله عباسي جي دور ۾ قلعه نما روضو تعمير ڪرايو. جڏهن عضد الدوله فنا خسرو ابن رکن الدوله اقتدار ۾ آيو ته هن تمام سهڻي عمارت ٺهرائي ۽ ديوران تي ساڳ جي ڪاٺيءَ جو ڪم ڪرايو ۽ اڇي رنگ جو گنبذ تعمير ڪرايو. ان تعمير کان پوءِ عضد الدوله وصيت ڪئي ته مون کي نجف اشرف ۾ سرڪار عليؑ جي ڀرسان دفن ڪجو. 914 هجريءَ ۾ شاهه اسماعيل صفوي فولادي ضريح ٺهرائي ۽ حرم ۾ سونا شمعدان نصب ڪرايا. ان کان پوءِ مختلف بادشاهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ تعمير ۽ توسيع ڪئي، جن جا نالا شاهه عباس ڪبير، شاهه صفي صفوي ۽ نادر شاهه افشاري، محمد خان قاچار آهن. ملا طاهر سيف الدين بوهره جماعت جي داعي مطلق به ڪافي ڪم ڪرايو. 2013ع ۾ مون جڏهن اربعين جي موقعي تي زيارت جو شرف حاصل ڪيو ته تمام گهڻو توسيع جو ڪم هلندڙ هو. روڊ کان حرم تائين ايليويٽر نصب ڪيا ويا هئا. صحن ايئرڪنڊيشنڊ ڪيا پئي ويا. غسلخانن جو ڪم به زور شور سان جاري هيو.
مولا جي ضريح ۾ هڪ پاسي حضرت آدمؑ ۽ ٻئي پاسي حضرت نوحؑ مولاءِ ڪائنات سان آرامي آهن. مولا جي حرم جي پٺ ۾ بهيي ڏسبو ته تمام گهڻي ايراضيءَ ۾ پاڻي نظر ايندو، جنهن کي درياهه نجف چون ٿا. حقيقت ۾ اِها اُها جاءِ آهي، جتي طوفان نوح (ؑ) آيو هو ۽ تنور مان چشمو ڦٽو هو، جنهن مان پاڻي ٻُنڀَ ڏئي ٻاهر نڪتو هو ۽ ٿوري دير ۾ جبلن جي چوٽين کان مٿي ٿي ويو هو. سواءِ حضرت نوحؑ ۽ سندس اصحاب جي، جيڪي ٻيڙيءَ ۾ سوار هئا. باقي سڄي قوم غرق ٿي وئي هئي. خير ضريح جو طواف ڪيوسين ۽ نماز ظهرين ادا ڪري ڪربلا لاءِ واپس بس ۾ اچي ويٺاسين. نجف اشرف به ڏاڍو گرم شهر آهي. نئون نجف بازارين جي لحاظ کان بهتر آهي باقي پراڻو نجف پراڻي لاڙڪاڻي وانگر آهي. صفائي جو نظام به اسانجي شهرن جهڙو، ايتريقدرجو هوٽل وارن جو روڊ جي وچ تي پاڻي هارڻ ۽ روڊ سائيڊ کان پيل گندگي صفا اسان جي شهرن جو ڏيک پئي ڏنو. هاڻي نجف ڇڏي واپس ڪربلا روانا ٿياسين. ڊرائيور ڏاڍو خوش مزاج ماڻهو آهي. مون کان عربيءَ ۾ پڇيائين ته گهڻيون زالون اٿئي؟ مون چيو ته هڪ، ته يڪدم چيائين ”هل انت مفلس فقير“. ڇا تون مفلس فقير آهين؟ مون وراڻيون نه. ”لا اَنا مهندس، مهندس اعليٰ شارعات“، نه مان انجنيئر آهيان، روڊس جو وڏو انجنيئر. چيائين ته مان تنهنجي جڳهه تي هجان ها ته چار ڪريان ها. مان ڊرائيور هوندي به ٻن گهر وارين جو ور آهيان. مون چيو ته اسان وٽ هڪ زال جو رواج آهي، چيائين ته جيڪڏهن تون چاهين ته مان تنهنجي بهترين گهراڻي مان سهڻي عورت سان شادي ڪرايان. خير ڊرائيور ۽ خطاب سان ڪچهرين ڪرڻ ۾ وقت جي خبر ئي نه پئي ۽ ايئن پنجين بجي شام جو ڪربلا ۾ وارد ٿياسين. مجموعي طرح عراقي ماڻهو خصوصاً ڪربلا، نجف ۽ ٻين پاڪ شهرن جا ايرانين کان وڌيڪ خوش اخلاق ۽ محبت ڪرڻ وارا لڳا.
ڪربلا پهچي هوٽل تي سمهي رهياسين تان ته رات جو اٺين بجي اک کلي. اٿي وهنجي تيار ٿي نڪتاسين حرمين جي زيارت لاءِ. اڄ جمعي رات جي ڪري ٻنهي حرمن تي وڏي رش هئي، جيئن مشهد ۾ امام رضاؑ تي هوندي آهي. بهرڪيف پهريان غازي عباس علمدارؑ جي زيارت ڪري نماز مغربين ۽ نوافل اتي ادا ڪياسين. ان کان پوءِ امام حسينؑ جي زيارت ڪري ماني ٽڪي کائي هوٽل تي آياسين. مختصر ڪچهريءَ کانپوءِ سمهي پياسين. هتي هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته مون ٻنهي حرمن جي ٻاهرين دروازن يا ٻين روضن جي ٻاهرين دروازن تي ميندي هڻا هٿ ڇپيل ڏٺا. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته ڪنوار کي ميندي هڻي حرم ۾ وٺي ايندا آهن ۽ ڪنوار ٻاهرين دروازي تي ميندي هڻو هٿ ڇاپيندي آهي. اها رسم سعات، برڪت ۽ جوڙي جي خوشي ۽ محبت سان رهڻ لاءِ ادا ڪئي ويندي آهي. ٻيو ته ڪو به ماڻهو راهي عدم ٿيندو آهي ته ان جو جنازو به فقط ٻه يا چار ماڻهو پهريان امام عالي مقام جي روضي تي کڻي طواف ڪرائيندا آهن ۽ ان کان پوءِ غازي عباس علمدارؑ جي روضي جو طواف ڪرائي نماز جنازه پڙهي پوءِ تدفين ڪندا آهن. ٻين شهرن ۾ پڻ جتي پاڪ هستين جا روضا آهن، ايئن ئي ڪيو ويندو آهي. اڄ ڪلهه جنازي کي هڪ دروازي مان کڻي ايندا آهن ۽ ضريح جي ڀرسان گذرندي ٻئي دروازي مان نڪري ويندا آهن، ڇو ته روضن کي ٻن حصن ۾ ورهائي وِچَ تي ڄاري نصب ڪئي وئي آهي. هڪڙو پاسو عورتن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي ۽ ٻيو پاسو مردن لاءِ. ٻنهن لاءِ اچڻ وڃڻ جو رستو به الڳ ڪيو ويو آهي.