مسجد جمڪران
مسجد جمڪران قم شهر کان اٽڪل ڇهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. روايتن موجب سترهين رمضان المبارڪ سن 373 هجري مطابق 22 فبروري سن 984 عيسويءَ تي هڪ شخص نالي شيخ حسن بن مصلح جمڪراني جي ملاقات امام زمانهؑ ٿي. ساڻن گڏ حضرت خضرؑ پڻ هئا. امام زمانهؑ جمڪراني کي حڪم ڪيو ته جنهن جڳهه تي اسين بيٺا آهيون، اها پاڪ جڳهه آهي ۽ تون ان جي مالڪ حسن بن مسلم کي اسان جو نياپو ڏي ته هن جڳهه تي مسجد جوڙائي. حسن بن مسلم امامؑ جي حڪم تي سرخم تسليم ڪيو ۽ ٻڌايل جڳهه تي مسجد جوڙائي. هن مسجد جي شهرت ايراني اسلامي انقلاب کان پوءِ وڌي ۽ ڏسندي ڏسندي شيعه اثناعشري دنيا لاءِ هيءَ هڪ عظيم زيارتگاهه ۽ وسيع مسجد ٿي پئي. هن مسجد ۾ اڱاري جي رات نماز مغربين پڙهڻ جو وڏو ثواب آهي. ان کان سواءِ نماز امام زمانه پڙهڻ به تمام وڏو ثواب آهي. جنهن کي ادا ڪرڻ جو طريقو مسجد ۾ رکيل بورڊ تي انگريزي فارسي، عربي وغيره ۾ لکيل آهي. اسان ٽيڪسيون ڪرائي مسجد جمڪران ۾ پهتاسين. هشام ماڻهن جا لٿل هئا ۽ ڪيترائي ماڻهو نماز ادا ڪرڻ ۾ مشغول هئا. مسجد جي توسيع جو ڪم هلي رهيو هو ۽ ٻڌايو ويو ته مسجد جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هتي اندازاً هڪ لک ماڻهو نماز ادا ڪري سگهندا. مسجد جي ڀرسان هڪ کوهه پڻ آهي، جنهن ۾ عرضدار امام زمانهؑ ڏانهن پنهنجيون عريضيون داخل ڪندا آهن. آڪٽوبر 2012ع ۾ جڏهن هن مسجد جي مون ٻيهر زيارت ڪئي ته واقعي وڏي وسيع و عريض رقبي تي مسجد جي توسيع جو ڪم جاري هيو. هزارين گهورڙيا ۽ دوڪاندار اڱاري جي رات جڳهه لاءِ ائين بوڪنگ ڪرائيندا آهن، جيئن اسان وٽ سنڊي بازارن لاءِ بوڪنگ ٿيندي آهي. بهرحال اسان تقريباً رات جو ساڍي نائين يا ڏهين ڌاري فارغ ٿياسين ۽ پنهنجي ٽيڪسي وارن کي هٿ ڪري واپس قم آياسين. ٿڪاوٽ جي ڪري وڃي بسترن ڀيڙا ٿياسين، ڇو ته سڀاڻي تي اسان کي عراق لاءِ اُسهڻو هو، جنهن لاءِ بس جو بندوبست اسان اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو هو.
7 سيپٽمبر 1997ع تي اسان تقريباً پنجين بجي شام جو بس ۾ سوار ٿياسين ۽ اسان جي اڳين منزل ايراني ۽ عراقي بارڊر هئا. بس هلندي رهي تان ته قم شريف جي حدن کان ٻاهر شاهي رستي تي پهتاسين. روڊ جي ٻنهي طرف جبل ئي جبل هئا، پر ڪٿي ڪٿي پري کان آبادي نظر ٿي آئي. مون جيترو به ايران گهميو آهي، منهنجي خيال ۾ ميداني علائقو چوٿون حصو مَسَ آهي، نه ته پهاڙ ئي پهاڙ آهن.
اڃا قم کان هڪ ڪلاڪ کن مسافري ڪئي هونديسين ته سائين قمر عباس رڙ ڪئي، ابا عباس گاڏيءَ ۾ چڙهيو الائي نه؟ عباس يعني سندس پٽ، جيڪو ان وقت اٺن سالن کن جو هو ۽ ڏاڍو هوشيار ۽ تيز ٻار هئو. عباس هينئر ماشاءِ الله شام جو فارغ التحصيل آهي ۽ پنجاب ۾ هڪ زبردست مدرسي جو پرنسپال آهي.
هونئن به سائين قمر عباس صاحب جو ديني درس و تدريس جي حوالي سان لاڙڪاڻي وارن تي وڏو احسان آهي. رائيس ڪينال جي ڪناري تي وسيع ۽ عريض مدرسة ابوالفضل العباس ڇوڪرن لاءِ جنهن جو پرنسپال پاڻ آهي ۽ نياڻين لاءِ مدرسة خديجة الڪبريٰ بهارپور محلي ۾، جنهن جي پرنسپال سائينءَ جي نياڻي آهي، قائم ڪيا آهن. مدرسة ابو الفضل العباس جي زمين ڪنهن ابڙي صاحب هديتاً ڏني هئي ۽ مدرسة خديجة الڪبريٰ جو پلاٽ انجنيئر مختيار علي ميراڻي صاحب هديو ڪيو هو. ٻنهي مدرسن کي قائم ڪرڻ ۾ سائين قمر عباس جون وڏيون ڪاوشون آهن. مدرسن جي تعمير ۾ به لاڙڪاڻي جي ماڻهن مالي تعاون ڪيو ۽ هاڻي به انهن جي ئي تعاون سان هي ٻئي مدرسه عُلماء ڪرام پيدا ڪري رهيا آهن.
قصو ڪوتاهه هرهڪ پريشان ٿي ويو ته عباس الائي ڪٿي رهجي ويو ۽ هيڏي ساري قم شهر ۾ عباس کي ڪٿي ڳولهبو. انهيءَ شش و پنج ۾ 15 ويهه منٽ کن ٻيا به گذري ويا. اوچتو مون کي خيال آيو ته عباس متان بس جي پوين سيٽن تي لڪي پيو هجي يا سمهي رهيو هجي، ڇو ته اُن وقت هو اهڙيون شرارتون ڪندو هو. ڇا ڏسون ته عباس صاحب بس جي آخر ۾ ڊرائيور جي بستر استراحت تي محوِ خواب آهي. اهو ڏسي سڀني کي سرهائي ٿي ۽ الله سائين جو شڪر ادا ڪيوسين.
بس هلندي رهي، تان جو سج لهڻ ٻڏڻ وارو ٿيو ته، ڊرائيور مين هاءِ وي ڇڏي هڪ لنڪ روڊ ورتو، مان ڇو ته ڊرائيور جي ڀرسان ويٺو هيس، تنهن ڪري پڇيومانس ”آغا که دَر آن شما ما را دراين راهه کوچک رانندگي هستند“ (آغا هن ننڍي رستي تي تون اسان کي ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃين؟) هن جواب ڏسو ته ”آغا مادرم برزگ من اينجا در رُوستائي کوچک است که دور نيست زندگي مي کند، من مي خواهم برائي ديدن و دست بوسي کردن.“ (منهنجي ٻڍڙي ماءُ هتي هڪ ڳوٺ ۾ رهندي آهي، جيڪو هتان گهڻو پري ڪونه آهي، مان چاهيان ٿو ته ان جي دست بوسي ڪريان) مان بلي يعني ها چيو. ۽ هن بس جي رفتار تيز ڪئي. ڏهن پندرهن منٽن ۾ اسان جي بس ان ڳوٺ ۾ پهتي. ڳوٺ ڇا هيو هڪ جنت جو ٽڪرو هو چوطرف زردالن، آلو بخارن، چيري، آڙو، صوفن ۽ انجيرن جا وڻ هئا. ڳوٺ ۾ ٻاڪرو ۽ ريڍو مال به هيو، پر مجال آهي جو ڪٿي، پلال، ڪُٽو، بُهه يا مال جون ڦونگڙيون هجن. هڪ صاف سٿرو ۽ جنت نظير ڳوٺ هئو. گهر سهڻا ننڍڙا شيشي جي درين سان. بس جي آواز تي ٻار گهرن مان نڪري آيا، اسين به هيٺ لهي بيٺاسون، ٻارن ۽ زالن اسان کي ائين پئي ڏٺو، ڄڻ ڪا آسماني مخلوق هجون، ڇو ته هن ڳوٺ ۾ اڳ ۾ ڪوئي ڌاريون ماڻهو يا ڪنهن ٻئي ملڪ جو ماڻهو آيل هجي ها ته هي اسان کي اهڙين متحير نگاهن سان ڪين ڏسن ها. ڊرائيور پنهنجي والده کي ٻڌايو ته هي پاڪستاني زوار آهن ۽ ڪربلا مقدس جا عازم سفر آهن. مائي ڪربلا جو نالو ٻڌي گريو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اسان کي وڏي پاٻوهه مان مٿي تي شفقت جو هٿ پيري دعائون ڏيڻ لڳي ۽ عرض ڪرڻ لڳي ته جناب سيد الشهداءِؑ کي منهنجا ادب ۽ سلام عرض رکجو. ان کان پوءِ هن چانهن جي صلاح ڪئي، پر اسان کانئس معافي ورتي، موڪلائي دعا لاءِ التماس ڪيوسين. هتي ٻڌائيندو هلان ته صدام جي ايران سان اٺ سالا جنگ دوران ۽ جنگ کان پوءِ ايراني عراقي سفارتي تعلقات معدوم ٿي ويا هئا، تنهن ڪري ايراني ڪربلا، نجف ۽ ٻين عراقي شهرن جون زيارتون نه ڪري سگهندا هئا. تنهن ڪري ايراني عراق ڏي ويندڙ يا موٽندڙ زائرين جي وڏي عزت ۽ توقير ڪندا هئا. هاڻي اسان مين هاءِ وي تي پهچي وياسين. بس پنهنجي مقرر اسپيڊ سان ڪاري ڏامر جي روڊ تي اڏامندي ٿي هلي. ٻاهر اونداهيءَ جي گُرڙ پکيءَ پنهنجا پَرَ کنڊيرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڏسندي ڏسندي ٻاهر ٻاٽ اونداهي ٿي وئي. بتيون فقط تڏهن ٿي نظر آيون، جڏهن ڪنهن ڳوٺ جي ڀرسان ٿي گذرياسون، يا ڪنهن وڏي شهر جي وچ مان هاءِ وي تان ٿي گذرياسون. جن جن شهرن مان گذرياسون، اهي صاف سٿرا، مين روڊ دوراهو، هر چوڪ تي گول باغيچو، ان جي وچ تي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڦوهارا، ماڻهن جي ويهڻ لاءِ بينچون، گل ٻوٽا وغيره هئا. لائيٽنگ جو بندوبست ايترو شاندار جو رات جو شائبوئي نه پئي ٿيو، اسان رستي تي جمال بن امام موسيٰ ڪاظم (ؑ) ۽ محمد بن موسيٰ بن امام جعفر (ؑ) جي روضن جي ڀرسان لنگهياسين، جيڪي روڊ جي ڪناري تي ئي هئا. مان ڪجهه وقت ان تي پئي سوچيو ته رسول اڪرمﷺ جي برقعي مٽائڻ کان پوءِ ڪيئن نه اهلبيت اطهار ۽ انهن جي اولاد تي ظلم، جبر ۽ ستم جا پهاڙ ٽُٽي پيا ۽ اهو سڀ ڪرڻ وارا ٻيا ڪونه هئا، پر خود مسلمان هئا، ڪڏهن اموي بادشاهن جي روپ ۾، ڪڏهن عباسي بادشاهن جي روپ، ڪڏهن ترڪ بادشاهن جي روپ ۾ ته ڪڏهن اڄ ڪلهه جي شدت پسند گروپن جي روپ ۾. خاندانِ اهلبيت تي ايترو ظلم ۽ ستم ٿيندو رهيو، جو ڪي مدينو ڇڏي ايران جي پهاڙن ۾ قيام پذير ٿيا ته ڪي سنڌ ڏي آيا، جنهن جو چٽو مثال غازي عبدالله شاهه آهي، پر کين اتي به بادشاهن سڪون سان رهڻ ڪونه ڏنو ۽ کين شهيد ڪرائي ڇڏيائون. عبدالله شاهه غازي مديني مان سنڌ ۾ آيو، پر هتي به اموين کين ڪونه ڇڏيو ۽ شهيد ڪري ڇڏيو. حضرت عبدالله شاهه غازي امام حسنؑ جا پڙپوٽا آهن ۽ سندن شجرو مبارڪ هيئن آهي. عبدالله شاهه غازي بن محمد نفس زڪيه بن عبدالله محض بن حسن مثنيٰ بن امام حسنؑ بن امام عليؑ. اها اسان سنڌ وارن جي خوشقسمتي آهي، ته هن هستيءَ جو مدفن ڪراچي، سنڌ ۾ آهي. رستي تي جن شهرن مان گذرياسين، انهن ۾ اراڪ، شاهزند، مهرجان ملاير، ڪرمانشاهه، اسلام آباد ۽ قصر شيرين قابل ذڪر آهن. اسلام آباد شهر ۾ گاڏي روڪرائي نماز فجر ادا ڪئي سين، سيپٽمبر جو مهينو هو ۽ ٻاهر ڪافي ٿڌ هئي، وضو ڪندي ڄڻ ڏڪڻي وٺي وئي. نماز فجر مان فارغ ٿي چانهه ڍڪ پي وري رخت سفر ٻڌوسين. گاڏي هلندي هلي، هاڻي اسان شهر قصرِ شيرين پهتاسين. صبح ٿي ويو هو، سج نڪري آيو هو. تنهن ڪري هر شيءِ صاف ۽ سٿري پئي نظر آئي. قصر شيرين شهر به ايران عراق جي جنگ دوران ڪافي تباهه ٿي ويو هو، پر هن وقت نئين سري سان آباد ڪيو ويو آهي. قصر شيرين فرهاد جي شيرين جي نالي سان مشهور آهي. قصر شيرين ڇڏي آخرڪار 8 سيپٽمبر 8 بجي صبح جو ايراني بارڊر خسروي پهتاسين. رستي تي روڊ جي ٻنهي پاسي ڀڳل ٽُٽل ٽينڪون، آرميءَ جون گاڏيون وغيره ڪثير تعداد ۾ نظر آيون، جنهن مان تازو ٿيل جنگ جا آثار نمايان هئا. قصر شيرين ۾ ٻڌايائون ته، فرهاد جي کوٽيل واهي جا آثار موجود آهن، جنهن مان هاڻي به پاڻي وهي ٿو، پر اسان کي وقت نه هو، تنهن ڪري اهو ڏسي نه سگهياسين.