سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

ڪوئيٽا کان تفتان

ڪوئيٽا کان تفتان

رضوان علي موڪلائي هليو ويو ۽ اسان ڇهين بجي ڪوئيٽا کي الوداع ڪيو. ان وچ ۾ علي شير سومري، جيڪو اسٽيٽ لائيف ۾ آفيسر آهي، هڪ ڀلو ڪم ڪيو، جو هڪ وڏو فل سائيز نيري رنگ جو ايراني ڪولر بس اسٽينڊ تان ئي وٺي برف سان ڀرائي آيو، جيئن رستي تي اُڃ جو مسئلو نه ٿئي. پاڪستاني بسن ۾ انسانن کي جانورن وانگر واڙيو ويندو آهي ۽ پاڻي ڪانجهي جو ڪو جوڳو بندوبست ڪونه هوندو آهي، تنهن ڪري هر ڪنهن کي پنهنجو بِلو پاڻ ئي ڪرڻو هوندو آهي. ڪن وٽ ننڍا ٿرماس هيا. مون وٽ به هڪ عدد ٿرماس هيو، جنهن ۾ نارمل پاڻي هيو، ڇو ته مان ٿڌي پاڻيءَ کان هميشه لنوائيندو آهيان. ۽ ڪوشش ڪري سادو پاڻي (جنهن کي اڄڪلهه چيو وڃي ٿو) اهو پيئندو آهيان.
بس ڪوئيٽا لڪ باءِ پاس تان لنگهي تفتان واري رستي تي آئي. جيئن جيئن ڪوئيٽا کان پري ٿيندا وياسين، بس ۾ گرمي وڌڻ شروع ٿي وئي. روڊ جي ٻنهي پاسي ٺوٺ جابلو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ بس وادي چلتن جي وچان ڊوڙندي ٿي رهي، تان جو اوندهه ٿي وئي ۽ ٻاهر ڪجهه به نظر نه ٿي آيو. روڊ جي حالت ڪا سٺي ڪونه هئي، جيتوڻيڪ پنهنجي پر ۾ هي بين الاقوامي روڊ ٿو سڏجي. اڳتي هلي ان رستي مان هڪ رستو ڪراچيءَ لاءِ نڪري ٿو، جيڪو آر سي ڊي هاءِ وي جي نالي مشهور آهي. جيئن جيئن بس اڳتي وڌندي رهي، رستي جي حالت اڃا خراب ٿيندي ٿي وئي. رات ڇانئجي وڃڻ جي ڪري ڪابه خبر نه پئي پئي ته روڊ جي ٻنهي پاسن ۾ ڇا آهي؟ ڪٿي ڪٿي ڪو گئس گولو يا ڪا بتي ٽمڪندي نظر ٿي آئي، جا يا ته ڪنهن ڳوٺڙي جي هئي، يا ڪنهن روڊ سائيڊ جهوپڙا هوٽل جي. بهرڪيف سخت اذيتناڪ سفر سان واسطو پيو هيو، پر جيئن ته قصد زيارت هئو، تنهنڪري بجاءِ شڪايت ڪرڻ جي مون فقط شڪر پئي ڪيو ته الله سائين زيارتن ڪرڻ جو انمول موقعو عطا ڪيو هيو. تقريباً ٻارهين بجي رات جو بس هڪ جهوپڙي ٽائيپ هوٽل تي بيٺي، جتي سليماني چانهه، ٺريل دال ۽ سخت ٺوٺ نان سان رات جي ماني کائي وري وڃي بس ۾ ويٺاسين. بس ڀٽاري وري لوڏا لما کائيندي هلندي ٿي رهي. اهڙي حالت ۾ ننڊ اچڻ ته محال هئي، تنهن ڪري تسبيح تي وظائف وغيره پڙهڻ ۾ لڳي ويس. رستي تي نوشڪي، دالبندين ۽ نوڪنڊي ڳوٺن مان گذر ٿيو، جن کي بلوچستان ۾ شهر سڏيو ٿو وڃي. حالانڪه اهي شهر سنڌ جي ڳوٺن کان به بدتر آهن. هي رستو تقريباً 610 ڪلوميٽر آهي. هن وقت شايد مڪمل ٿي ويو هجي، پر 1997ع ۾ هي اڃا زيرِ تعمير هيو، تنهن ڪري بس ڪٿي ڪٿي ڪچي رستي تان ٿي هلي. آخرڪار ڪوهه دليل جو سلسلو ختم ٿي ويو ۽ الله الله ڪري اسان جو هي اذيت ناڪ سفر پورو ٿيو. ان وچ ۾ فجر جو روڊ جي ڪناري بس بيهاري وئي ۽ ڪيترن دوستن نماز فجر جن ۾ مولوي صاحب به شامل هيو، روڊ جي ڪناري تي ئي پڙهي. پنهنجو وضو ڪونه هيو، تنهن ڪري بس ۾ ويهڻ کي ئي عافيت سمجهيم. بس ۾ ٻه ڪراچيءَ جون ڇوڪريون پڻ هيون، جيڪي قم مقدس جي ڪنهن مدرسي جون طالبات هيون ۽ تعطيلات گذاري واپس قُم پئي ويون. مون ٻنهي نياڻين کي داد ڏنو ته علم جي حُصول لاءِ ڪيڏا ڪشالا ڪري هي نينگريون ايڏي وڏي منزل لاءِ بس ۾ سوار آهن. ظاهر آهي ته ڪراچيءَ کان به بس ۾ آيون هونديون. جس هجي انهن نياڻين کي.
اسين اڄ صبح جو پهرين سيپٽمبر تي اٺين بجي تفتان پهتاسين. تفتان جي افعالن جي مون کي ته اڳ ئي خبر هئي، ڇو ته نومبر 1991ع ۾ ايران جي زيارتن لاءِ هن ئي بارڊر تان ايران ۾ داخل ٿيا هياسين. رستي جي مٽي، سڄي رات جو اوجاڳو ۽ بس جنهن طرح سان ڇاڇوليو ۽ ڌونڌاڙيو هيو، لِڱُ لِڱُ ڏکيو پئي. ڪجهه ٿڪ ڀڃڻ لاءِ مون سائين کي عرض ڪيو ته سائين اميگريشن ڪرائڻ کان پهريان ڪجهه گهڙيون آرام ڪريون ۽ ٿورو گهڻو تازا توانا ٿيون. سڀني دوستن کي مون واري صلاح وڻي. ان زماني ۾ تفتان ۾ فقط هڪ ئي هوٽل هيو نالو هيس حفيظ هوٽل، جنهن کي مان واحيات هوٽل چوندو آهيان. سامان کڻي حفيظ هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين، جيڪو بس اسٽاپ کان گهڻو پري ڪونه هيو. هوٽل جو حال پورو هيو. ڪمرا ڪچا، هنڌ بسترا گندا ۽ مٽيءَ سان ڀريل. ٿوري ٿڦڪي هڻڻ سان مٽي ٻُنڀ ڏئي ٿي نڪتي. واش روم وغيره جو ڪوبه بندوبست ڪونه هو، بس ٻه ٽي پُيون ٺهيل هيون، جن کي دروازا به ڪونه هئا ۽ چوڌاري ٽپڙي ٽنگيل هئن. ڊبليو سي وري ڇا دِلي يا مَٽ جي گهانگهه زمين ۾ پوريل هئي ۽ گهانگهه جي هيٺان وري کڏو وغيره هيو. هاڻِ سنڀاليو ته اهڙي ٽوائليٽ ۾ حاجت لاءِ وڃجي ته ڪيئن؟ بهرڪيف پاڻيءَ جي جگ سان هٿ منهن ڌوئي چانهه بسڪوٽ کائي هوٽل ڇڏيوسين. جهڙو هوٽل هيو گندو ۽ اهڙو ئي هيس اسٽاف. تفتان هڪ ڳوٺڙو آهي،جنهن ۾ ڪا به سهولت ڪانهي. بجلي ۽ پاڻي به ايران مان ايندو اٿن. گهٽيءَ ۾ مني چينجر سروٽن تي ويٺي ڊالرن يا پاڪستاني روپين عيوض ايراني ريال مٽي پئي ڏنا. هاڻي اسين اميگريشن ۽ ڪسٽم لاءِ روانا ٿياسين. FIA جي آفيس به هڪ ٻن ڪمرن تي مشتمل هئي ۽ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪو جوڳو بندوبست ڪونه ٿيل هيو. اس ۾ قطار ٺاهي بيٺاسين، پر ايف آءِ اي وارن جلدي ڪم اُڪلايو ۽ ايگزٽ جو ٺپو هڻي ڏنو. ايف آءِ اي وارا ڏاڍا خوش اخلاق ۽ تعاون ڪرڻ وارا هيا، شايد ان ڪري جو هنن کي خبر هئي هي مسافر ويچارا سڄي رات جا جاڳيل هوندا ۽ بس به هنن سان ڏاڍي جُٺ ڪئي هوندي. تنهن ڪري شريف ۽ رحمدل هئا. ڪسٽم وارن اشرافن ته سامان ئي چيڪ نه ڪيو، ۽ اسين ايراني دروازي ڏانهن روانا ٿياسين. هڪ وڏي ڀت تي خميني صاحب جون تصويرون آويزان هيون، جن تي لکيل هيو ته سني ۽ شيعا ڀائر آهن وغيره. دروازي تي بيٺل سپاهي پاسپورٽ، پاڪستاني اميگريشن جو ٺپو ۽ ايراني ويزا ڏسي دروازي مان ايران جي سرحد ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني. ايران جي بارڊر جو نالو ’مير جاوه‘ آهي. اسانجي اميگريشن ۽ ايراني اميگريشن آفيسن ۾ زمين آسمان جو فرق هيو. آفيس تمام سٺي ۽ سڄي ۾ ايئر ڪولنگ سسٽم هيو. ايراني اميگريشن آفيس ۾ گهِڙندي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ دوزخ مان بهشت ۾ آيا هئاسين. ايراني ڪسٽم وارن بيگون کولايون، ڇو ته اسان پاڪستاني دنيا ڀر ۾ ضياءَ الحق جي آندل تحفي هيروئن جي ڪري مشهور آهيون، ۽ انهي اڇي پائوڊر جي کڻي اچڻ تي ايران ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ موت جي سزا کان گهٽ سزا آهي ئي ڪونه. ڪسٽم ۽ اميگريشن مان فارغ ٿي يعني دخول يا اينٽري جو ٺپو هڻائي هاڻي اسين ايران جي سرحدن ۾ هياسين. اسان کي ان مرحلي ۾ اندازاً ٻه ڪلاڪ کن لڳي ويا هئا. بلڊنگ مان نڪري زاهدان لاءِ هڪ مِني بس ڪِرائي تي ڪرائي تقريباً ڏيڍ بجي ايراني وقت مطابق زاهدان پهتاسين. اونهاري ۾ ايران اسان کان اڌ ڪلاڪ پوئتي هوندو آهي ۽ سياري ۾ ڏيڍ ڪلاڪ يعني ڊي ٽائيم سيونگ سسٽم تي هلندو آهي. اسان وٽ به ڪجهه وقت اهڙي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر ڪامياب نه وئي ۽ مجبور ٿي حڪومت کي سياري اونهاري هڪ ئي وقت رکڻو پيو. حُڪومتن ته ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر اسان جي عوام کي (Day time saving) ڊي ٽائيم سيونگ سمجهه ۾ نه آيو سو نه آيو.
بُک به اچي پاسا ورتا هئا، سو سامان سوڌو اچي هڪ ريسٽورينٽ تي ويٺاسين. چڱي خاصي گرمي هئي. ماني کائي نڪتاسين ته مشهد مقدس لاءِ بس پڪڙجي، سو ٽيڪسين ۾ سوار ٿي زاهدان جي لاري اڏي تي وارد ٿياسين. آخر ٽين بجي واري بس ۾ اچي سوار ٿياسين. سامان اسانجو بس جي هيٺان وارن خانن ۾ رکيو ويو. باقي پاڻ سان پاسپورٽ، پئسا، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون، جن ۾ پاڻيءَ جو ٿرماس وغيره شامل هئا، کنيوسين. ايراني بسن ۾ وڏن ڪولرن ۾ نجي برف کڻي هلندا آهن. برف کي فارسيءَ ۾ چون يَخ. اهو پاڻي اهڙو ته ٿڌو ٿو ٿئي، جو مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ پيئڻ ئي مشڪل ٿيو پوي، ڇو ته مان ٻاروهي زڪامي، تنهن ڪري هيڏانهن ٿڌو برف جو پاڻي پيتو ناهي هوڏانهن نڇن کي ڄڻ وارو ملي ويو. تنهن ڪري مان ٿڌو پاڻي ناهيان پيئندو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي مزاج مطابق پاڻي کڻندو آهيان.