سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

طفلان مسلم بن عقيل

طفلان مسلم بن عقيل

محمد ۽ ابراهيم حضرت مسلم بن عقيل بن ابيطالب جا فرزند آهن ۽ سندن والده ماجده رقيه بنت علي بن ابي طالب آهي. روايت آهي ته هي ٻئي ٻارڙا پنهنجي والد سان گڏ ڪوفي آيا هئا. حضرت مسلم﷦جي شهادت کان پوءِ ابن زياد ملعون کي خبر پئي ته مسلم﷦سان گڏ سندس ٻه پٽ هڪ جي عمر ڇهه سال ۽ ٻئي جي عمر چار سال هئي، گَڏُ هئا. ابن زياد مسلم﷦جي هنن ٻچڙن جي تلاش ۾ ماڻهو ڊوڙايا ۽ گرفتار ڪرڻ واران کي انعام ۽ اڪرام ڏيڻ ۽ پناهه ڏيڻ وارن کي سخت سزا جو اعلان ڪيو. پيءُ جي شهادت کان پوءِ هي ٻئي ٻارڙا در در جون ٺوڪرون کائيندا لِڪندا ٿي وتيا، تان جو حارث ملعون جي گهر پهتا. حارث جي زال هڪ خدا ترس ۽ مومنه عورت هئي. هُن انهن ٻارڙن کي کاڌو کارايو ۽ پناهه ڏني ۽ کين عزت ۽ احترام سان پنهنجي گهر ۾ لڪائي ڇڏيو. هوڏانهن حارث ملعون سڄو ڏينهن گهٽين ۾ انعام جي لالچ ۾ هنن شهزادن کي تلاش ڪندو رهيو. آخر سڄي ڏينهن جي خواري کان پوءِ اڌ رات جو گهر پهتو. جوڻس دير سان اچڻ جو سبب پڇيس ته هن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته جيڪڏهن ٻار ملي ويا ته وڏو انعام ملندو. سندس زال کيس ڏاڍو سمجهايو ته چند سون جي ٽڪرن تي پنهنجي قيامت ڪاري نه ڪر ۽ انهيءَ غليظ مقصد کان مڙي وڃ، پر هن پليت زال جي هڪ به نه ٻڌي. چوندو رهيو ته مان ڪنهن به صورت ۾ انعام حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو کڻي ڇا به ٿي پوي. جڏهن رات ڪافي گذري چڪي ته هن ملعون کي شڪ پيو ته شهزادا هن جي گهر ۾ ئي ڪٿي آهن. آخر هن کي سردخاني ۾ ٻارن جي ساهه کڻڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن ملعون شخص ٻنهي ستل معصومن کي ننڊ مان اٿاري درياهه فرات تي وٺي ويو ۽ وڏي شقي القلبي سان کين شهيد ڪيو. هنن ٻنهي شهزادن جو روضو ڪربلا کان 33 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مسيب ڳوٺ ۾ آهي.
هاڻي اسان مسيب پهچي وياسين. رقت آميز منظر اکين اڳيان هو، ٻه ننڍڙا قبا، جن ۾ ابي طالبؑ جا شهزاده محوِ خواب آهن. مان سمجهان ٿو ته سواءِ نسلِ يزيدي، ابن زياد وغيره جي باقي ڪو به صاحب اولاد هوندو، هتي بي اختيار روئي ويهندو. يتيم معصومن جون در در جون ٺوڪرون کائڻ سڄي ڪوفي شهر مان کين ماني ۽ پاڻي نه ملڻ، ڪو به شخص پناهه ڏيڻ لاءِ راضي نه هئڻ، سوين ملعون غليظ ناپاڪ ۽ نجس انسان ٻن ننڍڙن ٻچڙن جي پويان انعام جي لالچ ۾ شهيد ڪرڻ لاءِ سرگردان.... هاءِ زمانه هاءِ مسلمان، جيڪي پنج وقت نمازون به پڙهندا هئا ۽ اذانن ۾ اشهد ان محمد الرسول الله به چوندا هئا. منهنجو قلم هن ظلم تي لکڻ سان ڏڪڻ لڳي ٿو ۽ هي سٽون لکندي مان بي اختيار روئي ويهان ٿو.
هنن شهزادن جي روضي ۾ سائين قمر عباس نقوي هڪ پرسوز ۽ دلدوز مجلس پڙهي، جنهن اسان کي اوڇنگارون ڏئي روئڻ تي مجبور ڪيو. هتان تقريباً هڪ بجي روانا ٿياسين. مجموعي طور سڄو علائقو، اسان جي سنڌ وانگر آهي. ڳوٺن جو نمونو پڻ ساڳيو آهي. ڍنگرن جا لوڙها، انهن ۾ ڪاٺ جا در، هرهڪ ڳوٺاڻو مالوند، گهرن ٻاهران پلال، ڪٽو ڇيڻا بلڪل اسان جي ڳوٺن جهڙو ڏيک ڏئي رهيا هئا. ”هونئن ته جيترو عراق مون ڏٺو آهي بالڪل سنڌ جهڙو لڳندو آهي. 2013ع ۾ اربعين جي موقعي تي نجف، ڪربلا، بغداد ۽ ڪيترن ئي شهرن جي مضافات ۾ لکائين شاپر، پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ديوين جي وڻن ۾ ڦاٿل ڏٺيون، جيئن اسان جي قاسم آباد ۽ شيدي ڳوٺ ۾ هونديون آهن. ڳوٺن ۾ اسان وارا ڪڪڙ ۽ ڪڪڙيون پئي ڦريا، يعني جاوا پيلا ۽ الائي ڇا ڇا. ماڻهن جون شڪليون به گهڻو تڻو سنڌين جهڙيون.“
ٿورڙي پنڌ تي هڪ ٻي زيارت حضرت محمد بن عقيل جي ڪئي سين. هاڻي اسان جي بس نهر فرات جي ان جڳهه تي بيٺي، جت بنا سِرن جي هنن معصومن جا لاشا هڪٻئي کي چنبڙيل درياهه جي ابتي رخ لڙهندا ٿي آيا ۽ ماڻهن ڪڍي مسيب ۾ دفن ڪيا. ڇو ته حارث ملعون سر مبارڪ ابن زياد وٽ کڻي ويو هو ته، جيئن انعام حاصل ڪري. فرات جي ڪناري تي ڪانڊيرن جي ڏاڍي گهڻائي هئي ۽ سندن خوشبوءِ ڏاڍي وڻي ٿي. هيءَ موسم ڪانڊيرن جي ڦوٽهڙي جي هئي تنهن ڪري منجهن ننڍڙا نيرا گلڙا پڻ هئا. فرات ڪو سنڌو جيڏو وڏو درياهه ڪونهي، هن جاءِ تي ته مون کي روهڙي ڪينال کان به ويڪر ۾ گهٽ لڳو. سامهون کجين جو اڻکٽ نظارو هو، جنهن دل باغ و بهار ڪري ڇڏي. کن پل لاءِ مون سوچيو ته ائين ته ناهي ته لاڙڪاڻي جي عاقل روڊ کان ٿورو اڳتي دادو ڪينال تي بيٺو هجان يا روهڙي ڪينال جي ڪناري تي بيهي ٺيڙهيءَ جي کجين جو نظارو ڪندو هجان. جيئن مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته عراق جو نمونو هوبهو سنڌ وارو آهي. بلڪ ماڻهن جون شڪليون به اسي سيڪڙو ساڳيون آهن. سون تي سهاڳو ته وري سنڌين وانگر سست ۽ ڪڪڙن ويڙهائڻ جا شوقين. مون کي اڄ ڪاري ٽي شرٽ پاتل آهي، تنهن ڪري سج ڏاڍو ٿو تپائيم. چِٽ جي ڇِتي اُس آهي. هڪ روايت موجب 10 محرم سن 61 هجري به هِن ئي چٽ جي مند ۾ واقع ٿيو هو. جيڪڏهن ڪوئي ناصبي هتي مون سان گڏ هجي ته خبر پويس ته هتي ايئرڪنڊيشنڊ بس هئڻ جي باوجود به هر پندرهن ويهن منٽن کانپوءِ شديد اُڃ ٿي لڳي. ڪربلا ۾ انهي ئي مند ۾ امام عاليمقام، سندن ٻچڙن ۽ اصحابن تي ملعونن ٽي ڏينهن پاڻي بند ڪيو ۽ کين اڃو ۽ بکيو شهيد ڪيو. هاءِ ڪربلا هاءِ ڪربلا!
هاڻي اسانجو قافلو حضرت قاسم المعروف ابو الجاسم بن امام حسن المجتبيٰ جي روضي تي پهتو ۽ اندر وڃي زيارت ڪئي سين.
حِلّه ويندي شهر هِنديه مان گذر ٿيو، جنهن جي ڀرسان نهر فرات جي شاخ وهي ٿي. چون ٿا ته هن جاءِ تي هندستان جا قافلا ڊاٻو ڪندا هئا، تنهن ڪري هن شهر نما ڳوٺ تي نالو هنديه پئجي ويو آهي. هتي به فرات جو نظارو ڏاڍو دلفريب ۽ لُڀائيندڙ هو. بغداد شهر مان وري دجله درياهه وهي ٿو، جيڪو پڻ خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿو. دجله جي ٻنهي پاسي ريسٽورينٽس آهن، جتي تازي مڇي پڪڙي فرائي ڪري ڏني ويندي آهي. اسان کي اهڙن چونچلن جو وقت ڪونه هو، تنهن ڪري ايندي ويندي دجله جي نظارن کان لطف اندوز ٿيندا هئاسين. هاڻي ته بغداد ۾ دجله جي پل جون ٻئي سائيڊون وڏن سيمينٽ بلاڪس سان ڍڪيون ويون آهن، تنهن ڪري درياهه نظرئي نه ايندو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته هارون رشيد دجله ۾ رت جگا ڪندو هو، جنهن ۾ رقص ۽ سرور جون محفلون لڳنديون هيون. انهي قسم جي محفلن لاءِ هزار کن شاهي ٻيڙا هر سهولت سان مزين جن جا منهن مختلف پکين ۽ جانورن جهڙا هوندا هئا، درياهه ۾ ترندا رهندا هئا ۽ انهن سڀني ۾ وڏو ٻيڙو خليفة المسلمين ظِل اِلاهي هارون رشيد صاحب جو هوندو هو، جنهن جي رقص و سرود، شباب ۽ ڪباب جي محفل ٻين ٻيڙن کان اور هوندي هئي. بهرحال اسلامي تاريخ ڪهڙا ڪهڙا رنگ ڏٺا آهن. انهن تي بحث ڪرڻ اسان جي هن سفرنامي جي احاطي کان ٻاهر آهي. افسوس صرف اهو ٿيندو آهي تاريخ ۾ اهڙن دورن کي سنهري دور چيو ويندو آهي. تازو جن ترڪيءَ جو ميرا سلطان يا ڪو سم سلطان ڊراما غور سان ڏٺا هوندا ته انهن کي ڀليءَ ڀت پروڙ پئجي وئي هوندي ته اهڙن خلفاءِ المسلمين جا ڪرتوت ڇا هوندا هئا. ۽ معاذ الله پاڻ کي خلفاءِ راشدين جا جانشين ۽ تسلسل سمجهندا هئا. هزارين بي نڪاحيون ٻانهيون سندن تصرف ۾ هونديون هيون.
هاڻي اسان حله شهر ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. شهر ۾ داخل ٿيندي ئي مسجد رد الشمس هئي، جتي مولا عليؑ سج کي پلٽائي نماز عصر ادا ڪئي هئي. اسان اڃا اندر ئي ويٺا هئاسين ته هڪ لبناني قافلو به مسجد ۾ داخل ٿيو. سڀ افراد خوشپوش هئا، عورتون خوبصورت ۽ مرد وجيه هئا. صاف سٿرا به اهڙائي هئا. اسان سان مردن مصاحفو ڪيو ۽ رسمي تعارف ۽ حال احوال ٿيو. اسان پاڻ سان پُلاءَ ٺاهي کنيو هو. نماز مان فارغ ٿي اتي ئي مانجهاندي جي تيارين ۾ لڳي وياسين.
لبنانين کي به صلاح ڪئي سين، پر هنن شڪراً شڪراً چئي اهو ٻڌايو ته هو ماني کائي آيا آهن. هاڻي اسانجي منزل شهر ديوانيه هئي، رستي تي امام حسن المجتبيٰؑ جي نياڻي شڪريه بنت حسن جي زيارت ڪئي سين. مولا عليؑ جي اولاد جون ٻيون ڪيتريون ئي زيارتون اطراف ۾ موجود هيون، پر ڊرائيور چيو ته واپسيءَ ۾ يا ڪنهن ٻئي ڏينهن تي هلنداسين. ديوانيه ۾ امامزاده قاسم بن امام موسيٰ ڪاظمؑ جي زيارت کان مشرف ٿياسين. واپسيءَ ۾ جناب حمزه بن حسن بن عبدالله بن ابوالفضل العباس جي زيارت ڪئي سين ۽ واپس ڪربلا ڏانهن روانا ٿياسين.
اڄ مسيب ڳوٺ ۾ به غربت جو اهو ئي حال نظر آيو، جيڪي مقام علي اڪبرؑ تي ڪربلا ۾ نظر آيو هو. صدام جي ضدي، ظالمانه، مطلق العناني ۽ بي حَس پاليسين جي ڪري سڄي عراق ۾ ڏاڍي غربت آهي. شرفاء پنڻ تي مجبور آهن. مان ته حَسِين جوان ڇوڪرين ۽ خوبصورت ٻارن کي هٿ ٽنگيندي خيرات گهرندي ۽ پنندي ڏٺو پئي ته ڪنبجي پئي ويس. مسجد ردالشّمس وٽ ٻارن ايڏي ته پيهه ڪئي جو مان ٻارن جي گهيري ۾ اچي ويس، هٿن مان پيسا ڦرڻ ۽ کيسن مان نوٽ ڪڍڻ جي ڪوش ڪري رهيا هئا. منهنجي حالت ڏسي ساٿي زائرين مون کي بچايو، پر ڪيترائي دينار ڦاٽي پيا. اها هئي ماڻهن جي هيري صدام خان عرف هلاڪو خان جي حڪومت، جنهن ۾ صرف مراعت يافته طبقو ئي خوش هو، باقي عوام الناس بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل هو. چوندا آهن ته ظلم قائم آهي، پر ظالم فنا آهي. سو هن همراهه سان به اهو ئي قصو ٿيو. اڄ تائين انهيءَ ئي عراق جي ڪن علائقن ۽ شام جي ڪجهه حصن ۾ صدام جا پيروڪار جيڪو ظلم ڪن ٿا، اهو بيان ڪرڻ کان ئي ٻاهر آهي. بَم بلاسٽ، خودڪش حملا، جهاد باالنڪاح جهڙي ڪڌي رسم، اقليتي فرقي جي عورتن کي غلام ڪري وڪڻڻ ۽ ننڍڙن ٻارڙن کي لوهه جي پڃري ۾ بند ڪري جلائڻ اهو اڄڪلهه ايڪيهين صديءَ جي ظلم جي ڪهاڻي آهي ته ٻئي طرف انسان مريخ تي پهچڻ جا خواب ٿو ڏسي ۽ چنڊ تي ڪالونين اڏائڻ جي پلاننگ ٿو ڪري. اسلام جي نالي تي اڄڪلهه به ايڏو ته ظلم ٿو ڪيو وڃي جو هاڻي ته يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو مسلمانن ۽ اسلام جو نالو ٻڌي ڇرڪن ٿا ۽ اسلام جي جيڪا توسيع ۽ واڌارو ٿيو پئي، اهو هنن تڪفيري ظالمن جيڪي يهودي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، جي ڪري يا ته ختم ٿي ويو آهي يا نه هئڻ جي برابر آهي.