حضرت حر ابن يزيد رياحي
حر جو تعلق خاندان بني تميم سان هو. سندس والد جو نالو يزيد رياحي هو. هي اهو ئي حر آهي، جنهن امام حسينؑ کي ڪربلا کان اڳتي وڃڻ نه ڏنو هو. حر جڏهن امام عاليمقام سان پنهنجي فوج سان گڏ پهريان مليو هو ته هُن جي ۽ سندس فوج جي حالت ابتر هئي وٽانئن پاڻي ختم ٿي ويو هو ۽ اُڃ جي ڪري سندن زبانون خُشڪ ٿي ويون هيون. انهيءَ حالت ۾ امامؑجن چاهن ها ته حر جي فوج تي حملو ڪري نيست و نابود ڪري ڇڏن ها، پر امام عاليمقام جي انسانيت اهو گواره نه ڪيو، ڇو ته پاڻ انسانيت جو سبق ڏيڻ نڪتا هئا، ۽ نه جنگ ڪرڻ. امام حسينؑ غازيؑکي حڪم ڪيو ته قافلي ۾ جيڪي به پاڻي ڀريل مشڪون موجود آهن کڻي اچو. حضرت عباس علمدار فرمايو ته آقا اسان وٽ جيڪو پاڻي موجود آهي، جيڪڏهن هنن کي پياريوسين ته اسان وٽ عورتن ۽ ٻارن لاءِ به پاڻي نه بچندو. امام عالي مقام مشڪون پنهنجي هٿ ۾ جهلي حر جي هر سپاهي کي پاڻي پياريو، ايتريقدر جو سندن جانورن کي به پاڻي پياريو. امام عاليمقام جي ان حُسن اخلاق حر جي دل ۾ هڪ نقش ڇڏيو.
هاڻي امام جن چاهيو پئي ته اڳتي وڃن، پر حر امامؑجي ذوالجناح جي واڳ پڪڙي روڪيو. تنهن تي امامؑفرمايو ته حر تنهنجي ماءُ تنهنجي غم ۾ روئي تون منهنجي گهوڙي جي واڳ ٿو پڪڙين. اهو تون ڇا ٿو ڪرين. ان تي حر چيو ته مان توهانجي والده جو نالو نه ٿو وٺي سگهان، جيڪڏهن اها فاطمة الزهرا کان سواءِ ڪا ٻي هجي ها ته مان به توهان کي ساڳيو ئي جواب ڏيان ها. مو نکي مٿان کان حڪم آهي ته اوهان کي اڳتي وڃڻ نه ڏيان. جنهن وقت نماز جو وقت ٿيو ته امامؑجن فرمايو ته هاڻي نماز جو وقت ٿي ويو آهي، توهان به نماز پڙهو ۽ اسان کي به پڙهڻ ڏيو. تنهن تي حر چيو ته اسان به توهان جي اقتدا ۾ نماز پڙهنداسين. ائين حر ۽ سندس لشڪر امامؑجي پويان نماز پڙهي.
تاريخ ۾ آهي ته صبح عاشور امام حسينؑ لشڪرِ يزيد جي اڳيان آخري خطبو ڏنو، جنهن ۾ ورائي ورائي پنهنجو نسبنامو ٻڌايو ۽ رسول پاڪﷺ سان نسبت جو ذڪر ڪيو. پنهنجي اغراض و مقاصد جو ذڪر ڪيو ته مان جنگ جي ارادي سان ناهيان آيو. مان ته پنهنجا اهل و عيال ۽ معصوم ٻچڙا وٺي آيو آهيان، مون کي ڇڏيو ته مان اڳتي وڃان. ان خطبي جو حر جي دل تي وڏو اثر ٿيو. حر هاڻي جنت ۽ جهنم جي ٻواٽي تي بيٺو هو. جڏهن کيس پڪ ٿي وئي ته عمر سعد امام عاليمقامؑکي شهيد ڪندو ته هن هڪدم ارادو بدلايو، ۽ پنهنجي ڀاءُ مصعب، پٽ علي ۽ غلام سان گڏ عمر سعد جي لشڪر مان نڪري امام عاليمقام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. امام عاليمقام کي روڪڻ، يزيد جي لشڪر ۾ هُجڻ تي سخت نادم ۽ شرمسار ٿيو. امامؑکان معافي ورتائين ۽ توبهه ۽ استغفار ڪيائين. امام عالي مقامؑجن فرمايو الله تعاليٰ تنهنجي توبهه قبول ڪندو ۽ تنهنجي مغفرت ڪندو. ان کانپوءِ امام کان اجازت وٺي عمر سعد ملعون جي لشڪر تي حملو ڪيائين ۽ ڪيترن ئي دشمنن کي جهنم رسيد ڪيائين. جنگ ڪندي ڪندي پاڻ به شهيد ٿي ويو. ڪربلا جي واقعي کان پوءِ سندس ماءُ سندس لاش کڻائي وئي ۽ پنهنجي قبيلي جي هڪڙي ڳوٺڙي ’ناهيه حر‘ ۾ دفن ڪرايو. هي ڳوٺڙو سرڪار امام حسينؑ جي حرم پاڪ کان چئن پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
اسانجي بس هاڻي حضرت حر جي روضي جي ٻاهران رُڪي ۽ اسين روضي ۾ داخل ٿياسين. سائين قمر عباس صاحب مجلس پئي پڙهي ۽ حضرت حر جا فضائل ۽ مصائب بيان پئي ڪيا. مون کي ننڍي هوندي کان ئي حضرت حر سان ڪا دلچسپي نه هوندي هئي، منهنجو پنهنجو خيال ته جيڪڏهن حر مولا امام عاليمقام کي نه روڪي ها ته شايد امام جن سنڌ ۾ اچن ها ۽ هي ذبح عظيم نه ٿئي ها. ’ڪتاب معارف ابن قتيبھ‘ طبع مصر ۾ ابن قتيبھ لکي ٿو ته امامؑ پنهنجي تعارف ڪرائڻ کان پوءِ فرمايو ته جيڪڏهن توهان منهنجي عراق پهچڻ تي راضي ناهيو ته مون کي سنڌ ڏي وڃڻ ڏيو. تنهن ڪري مان ٻاهر صحن ۾ هيڏي هوڏي پئي گهميس. تنهن زماني ۾ موبائيل سسٽم به ڪونه هئو ۽ ڊجيٽل ڪيمرائون به ڪونه هيون. تنهن ڪري 35mm جا فلم رول هوندا هئا، جيڪي عراق ۾ بنهه ڪونه يا ڏاڍا ڏکيا ملندا هئا. تنهن ڪري مون پاڻ سان هڪ عدد ڪونيڪا ڪيمرا ۽ ست کن فلمي رول آندا هئا. ٻه ته ايران ۾ ڀرجي ويا هئا ۽ باقي مون وٽ پنج بچيا هئا، جن مان ٽي اڄوڪي زيارتن لاءِ کنيا هئم. جڏهن ٻاهر نڪرڻ وارا ٿياسين ته مون حضرت حر جي روضي جو فوٽو ڪڍڻ چاهيو ته ڪيمرا رول واپس موٽي ويو. رول ڪڍي جو ڏسان ته فلم جو جيڪو ٽڪرو ٻاهر نڪتل هوندو آهي، ۽ ڪيمرا جي ڏندن ۾ ڦاسائبو آهي، اهو به رول ۾ اندر هليو ويو. وري مون ٻيو رول ڪڍيو اهو به ائين اندر هليو ويو. مون چيو ته ڪيمرا کي الائجي ڇا ٿي ويو آهي، وري ٽيون رول ڪڍيم. جڏهن ان سان به ساڳيو حشر ٿيو ته ڏاڍو شڪي ۽ نادم ٿيم. دل ئي دل ۾ سوچيم ته حضرت حر نه چاهيو ته مان سندس روضي جي عڪس بندي ڪيان. خير پريشاني ڏاڍي ٿي ۽ واپس اچي بس ۾ ويٺاسين ۽ حضرت عون بن عبدالله بن جعفر بن ابيطالب يعني فرزندِ ثاني زهرا سائڻ زينب عليها سلام جي روضي ڏانهن روانا ٿياسين. حضرت عون جو روضو مبارڪ ڪربلا کان 9 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. پاڻ جنگ ڪندا ڪربلا کان پري نڪري ويا، جيئن سيدالشهداءَ ۽ سندن والده ثانيء زهرا زينب ڪبرا کين شهيد ٿيندي نه ڏسن. تاريخي حوالن موجب سندن عمر 9 سال کن آهي. هاڻي اسين سرڪار عونجي ضريح پاڪ کي بوسا ڏئي روئي به رهيا هئاسين، ۽ دعائون به گهري رهيا هئاسين. هتي لاهوري قافلي جي سالار سيد سجاد حسين مجلس پڙهي ۽ سڄو روضو پاڪ آهه و بڪا سان گونجڻ لڳو. ڪجهه وقت مختصر عزاداري ڪئي سين ۽ اچي بس ۾ ويٺاسين. بس جو ڊرائيور ۽ صادق اسان سان گڏ عزاداري ڪندا ٿي رهيا، باقي خطاب ڪڏهن ٻاهر ته ڪڏهن اندر بيٺو هوندو هو. هاڻي اسان جي منزل مسيب هئي، جتي طفلان مسلم بن عقيل بن ابي طالبؑ يعني حضرت محمدؑ ۽ ابراهيمؑ جا روضا آهن.