حضرت ابراهيم مجاب ابن امام موسيٰ ڪاظمؑ
پاڻ امام موسيٰ ڪاظمؑ جا فرزند هئا. مامون رشيد جي زماني ۾ امام حسينؑ جي روضي جي مجاوري ڪندا هئا، پر پنهنجو حسب نسب پوشيده رکندا هئا. هڪ ڏينهن حڪومت کي خبر پئجي وئي ته خاندانِ رسالت جو هڪ فرد قبر حسينؑجي مجاوري ٿو ڪري. کين گرفتار ڪيو ويو. حضرت ابراهيم پنهنجي آخري خواهش ۾ امام حسينؑ کي آخري سلام ڪرڻ جو اظهار ڪيو. جڏهن کيس قبر امام حسينؑتي وٺي آيا ته هن آواز ڏنو ”اي جد امجد ابراهيم جو سلام قبول ٿئي.“ قبر اطهر مان آواز آيو ته ”تو تي منهنجو به سلام هجي اي منهنجا فرزند!“ سلام ۽ جواب جي هن گفتگو کي اتي بيٺل ماڻهن ٻڌو ۽ ان وقت کان وٺي سندن لقب مجاب پئجي ويو. مجاب معنيٰ جواب ملڻ وارو. هڪ روايت موجب حضرت قلندر شهباز سندن پڙپوٽا آهن يا سندن نسب مان آهن.
اڄ نائين سيپٽمبر تي صبح جو سوير اٿي حرم امام حسينؑ تي آياسين ۽ نماز فجر اتي ئي ادا ڪئسي سين. وضو هوٽل تان ئي ڪري نڪرندا هئاسين، ڇو ته حرمن وٽ وضو خانه وغيره ڪونه هئا. حرم کان روڊ جي ٻئي پاسي پراڻي زماني جا پائخانه وغيره ٺهيل هئا، پر اهي اهڙا ته گندا ۽ بدبودار هئا، جو وڃڻ تي دل ئي نه چاهيندي هئي، اهو هو صدام جي زماني ۾ زائرين لاءِ انتظام ۽ اهتمام. ٻي ڳالهه ته حرمن جي صحنن جا فرش ڪاٿي ڪاٿي ٽٽل ۽ ديوارن تي لڳل ڪاشيءَ جون سرون به ڀڳل هيون. زائرين کان ڪروڙين ڊالر وصل ڪرڻ جي باوجود صدام جي اوقاف کاتي جو اهو هو امام عاليمقام ۽ سندن اصحاب جي روضن جي ديک ڀال جو عالم. خير امام حسينؑ جي حرم مان نڪري آياسين غازي عباس علمدار جي حرم مبارڪ ۾، اتي زيارت پڙهي اندر داخل ٿياسين ۽ ضريح کي بوسا ڏناسين. پنهنجي ۽ پنهنجي عزيزو اقارب جي حق ۾ دعائون گهريون سين. غازيؑ جي روضي جي ٻاهران ئي ڳوٺاڻين عورتن کان ملائي، ماني ۽ ماکي ورتي سين، جيڪي هوٽل تي کڻي آياسين ۽ ناشتو ڪيو سين. ڪربلا جي قرب و جوار جون عورتون روز صبح جو حرمن وٽ ماني، ماکي ۽ ملائي وغيره وڪڻنديون آهن، جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍيون لذيذ هونديون آهن. ڳوٺاڻين ماين کي نرڙ ۽ کاڏيءَ تي ڏينڀوڙيون ڇپيل هيون، جيئن سنڌ ۾ ٻهراڙين جي ماين کي هونديون آهن. بالخصوص بروهي ماين کي جنهن کي انگريزي ۾ ٽيٽوز چون ٿا. حالانڪه پاڻ ڪريمﷺ ان کي سخت ناپسند فرمايو آهي. ان کان پوءِ گائيڊ خطاب بغداد لاءِ ٽيڪسي ڪرائي آيو ته جيئن دله ڪمپنيءَ جي مينيجر سان حساب ڪتاب ڪريون. مون کي علي شير سومري، جيڪو اهل سنت سان تعلق رکي پيو، ڏاڍو ستايو ته مون کي به بغداد وٺي وڃو، جو مون کي حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جي زيارت ڪرڻي آهي، خير مان، سائين قمر عباس، خطاب ۽ علي شير بغداد لاءِ روانا ٿياسين. ڪربلا کان بغداد تائين جا منظر هوبهو سنڌ جهڙا بلڪ خيرپور ميرس واري علائقي وارا هئا. کجين جون قطارون، واٽر ڪورس، گاهه پٺا سڀ سنڌ وارا هئا، تنهن ڪري ڌاريائپ جو احساس ئي ڪونه پئي ٿيو. دله ڪمپني شهر جي وچ ۾ هڪ مصروف شاهراه تي هئي. مينيجر جو نالو هئس ڪاظم حسين، پر وڏو چالاڪ ۽ شاطر قسم جو ماڻهو هو، انگريزي چڱي پئي ڳالهايائين. ان سان حساب ڪتاب ڪندي اسان کي ٽي ڪلاڪ کن لڳي ويا. انهيءَ کان اڳ ۾ گائيڊ اسان کي شهر جي هڪ ريسٽورينٽ تي ماني کارائي آيو. اسان علي شير کي دله ڪمپني ڏانهن وڃڻ کان اڳ ۾ ئي حضرت عبدالقادر جيلاني جي روضي تي ڇڏي آيا هئاسين. ڪيترن ڏينهن کان اخبار ڪونه پڙهي هئي، ڇو ته ايران ۾ به انگريزي اخبار ڪانه ملي سگهي هئي. وڏي ڳولا کان پوءِ مون کي هڪڙي اسٽال تان هڪ واحيات قسم جي چئن صفحن تي مشتمل غلط انگريزيءَ سان بغداد ٽائيمس اخبار ملي، جيڪا پڙهي منهنجو هيانءُ ٺري پيو. سڀ خبرون صدام جي فضائل جي باري ۾ هيون. بغداد ۾ ڏاڍي گرمي هئي، جيئن اسان جي اتر سنڌ جي شهرن ۾ هوندي آهي. دڪان گهڻو ڪري خالي، سامان گهٽ، ڇو ته امپورٽ تي بندش هئي ۽ عراق خير سان ڪجهه ٺاهيندو ئي ڪونه هئو. مون کي ٿورو زڪام ۽ بخار ٿي پيو ته سڄي ڏينهن جي جفاڪشيءَ کان پوءِ اٺ ڪيپسول اينٽي بائيوٽڪ جا ۽ فِلُو جون گوريون گائيڊ وٺي آيو. دوائن جي اڻاٺ جي ڪري روزانه بي حساب ماڻهو مئا پئي، پر صدام کي ڪا پرواهه ئي ڪونه هئي.