سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

ڪجهه حلب جي باري ۾

ڪجهه حلب جي باري ۾

1997ع واري سفر ۾ اسان حلب يعني ALEPPO ڪونه وڃي سگهياسين. پر نومبر 2007ع ۾ مان، مولوي قمر عباس، مختيار حسين ميراڻي، سندس ٻه فرزند ۽ محمد ياسين شر اسان جو پيارو دوست جڏهن شام ۽ ايران جي زيادتن تي ويا هئاسين ته حلب، رقّه، جنگ صفين جي ميدان حضرت عمار ياسر﷦ ۽ حضرت اويس قرني جي زيارت ڪئي هئي. حلب شام جو سڀ کان وڏو ۽ خوبصورت شهر آهي. حلب به دشمق وانگر پراڻو آباد شهر آهي. حلب جي ڪنهن زماني ۾ وڏي اهميت هئي، ڇو ته پراڻو شاهه راهه ريشم حلب ۾ اختتام پذير ٿيندو هو، پر پوءِ سوئيز ڪئنال ٺهڻ سان هن شهر جي واپاري لحاظ کان اهميت گهٽجي وئي. هي شهر جڏهن شام بازنطيني شهنشاهيت جو حصو هو، وڏي شان و شوڪت وارو هئو. هن شهر جي موسم سياري ۾ سرد ۽ اونهاري ۾ معتدل آهي. شهر جون شاهراهون ۽ رستا ڪشادا ۽ جايون پٿر جون ٺهيل آهن. پراڻين جاين ۾ رومن آرڪيٽيڪچر جي جهلڪ بخوبي نمايان آهي. هي شهر ترڪي کي ويجهو آهي. 2012ع جي جنگ هن شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هتي ڪرد ڪثير تعداد ۾ موجود آهن. ان کان سواءِ پراڻن عيسائين جو جن ۾ آرمينيائي، ميرونائيٽ، آرٿوڊڪس ۽ ڪيٿولڪس شامل آهن جو ڪافي تعداد هتي رهي ٿو. داعش جي تباهه ڪارين کان اڳ ۾ هتي يزيدي مذهب جا ماڻهو جام رهندا هئا. شيعا اثنا عشرين لاءِ اهو شهر ان ڪري مکيه آهي، جو هتي هڪ وڏي جاءِ جيڪا هڪ عيسائي راهب جي هئي، ان ۾ هڪ پٿر تي امام حسينؑ جو سر مبارڪ رکيو ويو. انهيءَ پٿر مان اڄ ڏينهن تائين ايام عزاداريءَ ۾ خون وهندو رهي ٿو. انهيءَ جاءِ ۾ هڪ فيملي به رهي ٿي ۽ انهيءَ پٿر واري ڪمري سان ملحقه ڪمري ۾ ڪنهن صغير بيبي جي قبر آهي، جيڪا دمشق ويندي رستي تي ئي فوت ٿي وئي يا اٺ تان ڪِري شهيد ٿي وئي. ماڻهن ٻڌايو ته اها نياڻي به امام عاليمقام جي نياڻي آهي.
اسان سڀني دوستن هڪ سيون سيٽر هونڊائي ڪار نما جيپ ڀاڙي تي ڪرائي هئي ۽ رخ ڪيوسين صفين جي ميدان جو. تقريباً ڏهين بجي هوٽل السلطان تان روانا ٿياسين. ڊرائيور اسان کي هڪ غير معروف روڊ سان وٺي هليو، ڇو ته ان تي ٽريفڪ وغيره ڪانه هئي. منهنجي خيال ۾ هي اهو ئي رستو هو، جنهن سان اسيرانِ ڪربلا جو قافلو درٻار يزيد ملعون ڏانهن نيو ويو هو. رستي تي برپٽ بيابان هو. ٻنهي پاسي ڪائي آبادي پوک وغيره ڪونه هئي. بس بيابان ئي بيابان هو. اٽڪل اڍائي بجي ڌاران هڪ ننڍڙي هوٽلڙي تي پهتاسين، جنهن جو نالو هو هوٽل بغداد. هوٽل وري ڇا هڪ ڪچي عمارت هئي، جنهن ۾ هڪ ڪمري ۾ ڪاٺ جون بينچون رکيل هيون ۽ ڀتين تي غاليچي تي ٺهيل شام جو نقشو آويزان هيو ۽ باقي ڀتيون به شامي قالينن سان سينگاريل هيون. قالين دُنبي يا گهيٽي جي اُنَ جا ٺهيل هئا، جن ۾ ڪو خاص زيب زينت ڪونه هو. اسان به وڃي بينچن تي ويٺاسين. اسان کان اڳ ۾ هڪ نيدرلينڊ جو جوان جوڙو ويٺو هو، جيڪي ٻئي پيشي جي لحاظ کان وڪيل هئا، ۽ هن ٽوئر کان پوءِ واپس وڃي کين شادي ڪرڻي هئي. ٻئي ڄڻا شڪل ۽ صورت جا خوبصورت ۽ ڳالهڻ ٻولهائڻ جا شائستا هئا. ڇو ته کين انگريزي آئي پئي، تنهن ڪري ڪافي دير چانهن پيئندي ساڻن ڪچهري ڪندو رهيس. اڌ مني ڪلاڪ کانپوءِ وري اسان پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿياسين. وري به اهو ئي برپٽ بيابان، جنهن جي وچان ڪارو ڏامر جو روڊ وروڪڙ کائيندو بيابان کي ٻن حصن ۾ ورهائيندو ٿي هليو ۽ ان روڊ مٿان اسان جي اڪيلي گاڏي روان دوان هئي. رستي تي ڪوڪو ڪچو ڳوٺ نظر ٿي آيو، نه ته خير. پر مزي جي ڳالهه ته نه ڳوٺ ۾ وڻ نظر آيو ۽ نه ڪو ماڻهو. اهڙا ايڪڙ ٻيڪڙ ڳوٺ ڏسندا، سندن ڀرسان گذرندا پئي وياسين. ڪڏهن ڪڏهن ڪو انسان نظر ٿي آيو، نه ته بس. مان سوچيو پئي ته آخر ڳوٺن جي گهٽين ۾ ماڻهو نظر ڇو نه ٿا اچن. اسانجي سنڌ ۾ ته ڳوٺ جي هوٽلن تي ماڻهو چانهه جو ڪوپ پي سڄو ڏينهن ڪانڀ ڪڍيو ويٺا هوندا آهن ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏي کي پيا چتائي ڏسندا آهن. خير اهڙي بٺ علائقي مان گذري نيٺ رقّه شهر ۾ پهتاسين، جيڪو اڄ ڪلهه داعش جو هيڊڪوارٽر آهي ۽ جتان هُو يزيد جا تاريخي ظلم دهرائيندا ٿا رهن. رقّه تقريباً پنجين بجي پهتاسين. شهر خوبصورت پر ننڍو هو. اسان هڪ هوٽل تي ماني کائي چانهه جو دور ڪري روانا ٿياسين صحابي رسول حضرت عمار ياسر جي روضي تي، جيڪو رقه شهر ۾ ئي هو، پر اڄ ڪلهه ملعونن شهيد ڪري قبرن جي بي حرمتي ڪئي آهي. روضو ڪشادو هو، جنهن ۾ حضرت اويس قرني پڻ دفن ٿيل هيو. ان کان سواءِ ٻيا به صحابي اتي مدفون ٿيل آهن، جن جا نالا مٿان لکيل هئا. حضرت عمار﷦ جي روضي تي نماز زيارت ۽ ظهرين ادا ڪري آياسين جنگ صفين جي ميدان تي. اسان کي درياهه فرات ڪراس ڪرڻو پيو، جيڪو ترڪي کان اچي ٿو. هتي فرات ڪو خاص وڏو ڪونه هو، اسان جي واهن جيترو مس هئو. جنگ صفين جي ميدان تي هڪ اڌ عمارت ٺهيل هئي ۽ سامهون ميدان هو. ذهن ۾ اها سوچ هئي ته مولا جو لشڪر ڪهڙي پاسي هوندو. مولاؑجن پاڻ ڪٿي بيٺا هوندا. مولا جي مجبورين تي ڏاڍو گريو ڪيوسين ته مولا اميرؑ جي مختصر حڪومت ۾ ساڻن هڪ صوبي جي معزول گورنر 72 جنگيون ڪيون ۽ وقت جي خليفي سان سخت سرڪشي ڪئي. نه فقط اهو پر مولا عليؑ جي مٿان منبرن تي تبرو شروع ڪرايائين، جيڪو اموين هڪ مذهبي فريضو سمجهي عمربن عبدالعزيز جي دور تائين جاري رکيو. انهيءَ سوچ سان گڏ اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. سج لهڻ ٻڏڻ وارو هو ۽ اسانجي اڳين منزل امام عاليمقام جي سر مبارڪ رکڻ جي جاءِ هئي، جيڪا حلب ۾ آهي. رات جو اٺين ڌاران حلب ۾ انهيءَ جاءِ تي پهتاسين. هڪ پٿر جي ٺهيل شاندار عمارت هئي. هڪ ڪمري ۾ ضريح اندر پٿر رکيل هيو، جتي راهب، يزيدي لشڪر کان امام حسينؑ جو سر مبارڪ سڄي رات لاءِ وٺي پاڻ وٽ رکيو. امام جي سر مبارڪ راهب سان گفتگو ڪئي. راهب امام عالي مقام جو سِرُ مبارڪ نه پئي ڏيڻ چاهيو، تنهن ڪري پنهنجا ست ئي پٽ واري واري سان ڪهي ملعونن کي صبح جو ڏيندو رهيو. هي سر آهي، جيڪو مون توهان کان ورتو هو ۽ هو چون ته هي سر ناهي. آخر امام جن راهب کي فرمايو ته تون منهنجي ڳچيءَ تان رت اُگهندو پنهنجي پٽن جا سر ڳنڍيندو وڃ، اهي سڀ زندهه ٿي ويندا ۽ تون هنن کي منهنجو سر موٽائي ڏي. اهو قصو مون تمام گهڻي اختصار سان لکيو آهي نه ته هي هڪ وڏو داستان آهي. خير اسان ان پٿر جي زيارت ڪئي، پٿر جو رنگ ڳاڙهو هو. ان کانپوءِ ڀرسان ئي معصوم بيبي جي زيارت ڪئي. ٻاهر ڪيتريون ايراني بسون بيٺيون هيون ۽ اندر ڪافي تعداد ۾ ايراني عزاداري ڪري رهيا هئا. اسان به ساڻن گڏ عزاداري ڪري نماز مغربين ادا ڪري واپس گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. نومبر جو مهينو هو، حلب ۾ ڪافي خنڪي هئي. انهيءَ محلي ۾ سڀ جايون پٿر جون ٺهيل رومن اسٽائيل ۾ جڙيل هيون. هتي عيسائين جو ڪثير تعداد رهي ٿو. حلب شهر جي وچ مان هلندي نيٺ حلب دمشق شاهراهه تي پهتاسين. پاسي ۾ بيٺل هڪ ٺيهلي واري کان چانهه وٺي پيتي سين ۽ وري گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. روڊ تمام سٺو هو ۽ ٽريفڪ به جام هئس. پر خبر ئي نه پئي ته سامهون دمشق نظر آيو. هاءِ وي جي هڪ ريسٽورينٽ تي ماني کائڻ لاءِ لهي پياسين. بهترين محل وقوع، سهڻي ريسٽورينٽ، اسٽاف خوش اخلاق ۽ ماني ڏاڍي لذيذ هئي. ايئن يارهين بجي رات جو اسين پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. دل ته ڏاڍي ٿي چئي ته هتي يزيدي مذهب جو تفصيلي ذڪر ڪريان، پر سفرنامي ۾ انهن جي باري ۾ مختصر احوال ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان اُهو هن ريت آهي ته يزيدي اصل ۾ ڪردن منجهان آهن ۽ اترادي ڪردي ٻولي ڳالهائيندا آهن. يزيدين جا نالا مسلمانن جهڙا آهن. خبر ئي نه پوندي آهي ته هي يزيدي آهي يا مسلمان. ڏينهن ۾ ڇهه دفعا عبادت ڪندا آهن، پر سج ڏانهن منهن ڪري . سندن قبرن تي قرآن، توريت ۽ انجيل جون آيتون لکيل هونديون آهن. هنن جو مذهب زردتشت، اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت جي مسڪچر آهي. اصل ۾ هنن جو تعلق عراق جي نينوا صوبي سان آهي. يزيدي الله جي وحدانيت کي مڃڻ وارا آهن، پر ستن مقدس ملائڪن کي پڻ مڃيندا آهن، جن جو سردار ملڪ طائوس آهي، يعني عزازيل. جنهن لاءِ هنن جو عقيدو آهي ته هن سرڪشي ته ڪئي هئي تنهن ڪري ڌڻيءَ انهي جا پر کسي ڇڏيا، پَرَ سندس آهه و زاري ۽ زار و قطار روئڻ جي ڪري دوزخ جي باهه وسامي وئي آهي. خدا تعاليٰ هن کي معاف ڪري ملڪ طائوس يعني مور ملائڪ بڻائي ڇڏيو آهي. (معاذالله) جيڪو ٻين ملائڪن جو حاڪم آهي. يزيدين جو نشان مور آهي. سندن گهرن ۾ ڀتين تي، پلنگن تي، ڪرسين ۽ ديوانن تي مور ڇپيل هوندا آهن، جنهن کي هو مقدس سمجهندا آهن. هاڻي وري موٽون ٿا پنهنجي سفرنامي تي.
اڄ تاريخ 18 سيپٽمبر تي ٻارهين بجي ڌاران سڄي گروپ کي ساڻ ڪري دمشق ويم. اڄ مولوي صاحب اسان سان ڪونه هو. ڇو ته هو رات جو ئي موڪلائي مائٽن سان ملڻ ويو هو. بازار حميديه يعني بازار شام مان ٿيندا سڌو بيبي سڪينه جي روضي تي آياسين. بازار حميديه ۾ معمول مطابق چهل پهل هئي. مردن عورتن جو لباس يورپي طرز جو ۽ شڪل شبيهه ۾ يورپين جهڙا گهمندا ڦرندا خريداريون ڪندا پئي وتيا. روضي ۾ به ڪافي خلق هئي. عورتن جي پاسي ڪا فارسيءَ ۾ مجلس هلي رهي هئي، تنهن ڪري سڄي روضي ۾ سوڳ واري ڪيفيت هئي ۽ روئڻ ۽ گريه ڪرڻ جو آواز هو. خير اسان نماز ظهرين ادا ڪري ڪجهه گهڙيون اتي ئي ويٺا رهياسين. اڃا ويٺا ئي هئاسين ته هڪڙو خدام ڊوڙندو اندر آيو، جيڪو نسلاً ڪابلي هو ۽ ٿوري ٿوري اردو ڳالهائي پيو، ڇو ته هو ڪجهه وقت پاڪستان ۾ رهيو هيو. هن غلط سلط اردوءَ ۾ چيو ”آپ پاڪستاني هي. ايڪ چور آپڪا جوتا چرايا هي. پوليس آپڪو ٿانه مين بلاتا هي.“ ٻاهر نڪري ڏسان ته واقعي منهنجو بئلينس ڪمپنيءَ جو اسپورٽس شو غائب هو. مان گهڻو ئي چيومانس ته بوٽ وڃي کڏ جي تري ۾ پوي. مان ٿاڻي تي نه هلندس. هن چيو ”اِدَر ڪا قانون هي، آپڪو چلنا پڙيگا.“ خير هن ويچاري مون کي هڪ چمپل ڏني، ۽ مان اها پائي هن سان گڏ سنهين گهٽين مان ٿيندو مين روڊ تي آيس. ٻه منزله بلڊنگ تي مٿان بورڊ لڳل هو ’شرطه‘. خدام مون کي مٿين منزل تي وٺي هليو ۽ هيڊ محرر يا وڏي منشيءَ جي آفيس ۾ ويهاريائين. وڏي منشي اٿي بيهي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ڪرسيءَ تي ويهاريو. سندس آفيس ۾ چوڌاري لوهه جون ريڪون رکيل هيون، جيڪي فائيلن سان سٿيل هيون. سڀئي ويٺل ماڻهو چتائي ڏسي رهيا هئا، ڇو ته مان سڀني ۾ اجنبي هئس. خدام کي هنن ويهڻ جي صلاح ڪانه ڪئي ۽ هو بيٺو ئي رهيو. هاڻي آڏي پڇا شروع ٿي. خدام چين ته بوٽ هن جو آهي ۽ هي پاڪستاني آهي. هاڻي آڏي پڇا سان گڏ وڏو منشي ايف. آءِ. آر جيڪا عربيءَ ۾ هئي، لکندو ٿي رهيو. مون کي جيڪا عربي آئي ٿي، مون جواب ٿي ڏنا ۽ جي منجهيس ٿي ته خدام کي اردو ۾ ٿي ٻڌايم ۽ هو ترجمو ڪندو کين ٻڌائيندو پئي ويو. آڏي پڇا جو انداز هن ريت هو، جيڪو مون اک وتائي پاڻ وٽ نوٽ پئي ڪيو.
وڏو منشي: هَل اَنت باڪستاني
(ڇا تون پاڪستاني آهين؟
مان: بليٰ انا پاڪستاني
(ها مان پاڪستاني آهيان)
وڏو منشي: ما اِسمُڪَ؟
(تنهنجو نالو ڇا آهي؟)
مان: مختار علي جانوري
وڏو منشي: ماهو اسم والد لڪ
(تنهنجي والد جو نالو ڇا آهي؟)
مان: حسين بخش خان
وڏو منشي: اين تسڪن
(ڪٿي جو ويٺل آهين؟)
مان: انا مقيم في لارڪانه باڪستان
(مان لاڙڪاڻه، پاڪستان جو ويٺل آهيان.)
وڏو منشي: اين هو لارڪانه في ڪراتشي اُو لاهور؟
لاڙڪاڻو ڪاٿي آهي، ڪراچي ۾ يا لاهور ۾؟)
مان: في ڪراتشي
(ڪراچيءَ ۾)
وڏو منشي: اظهار جواز سفر لڪ
(پنهنجو پاسپورٽ ڏيکار)
مان: هذا جواز سفري
(هي آهي منهنجو پاسپورٽ)
وڏو منشي: اظهار تاشير الدخول الخاصه
(پنهنجي ويزا ڏيکار)
ان کان پوءِ هن پاسپورٽ نمبر لکيو. وري مون ڏي ڏٺائين. چيائين:
ڇا ٿو لکين، مون کي ڏيکار. مون سنڌيءَ ۽ عربيءَ ۾ لکيل سوال جواب هن کي ڏيکاريا. عربي ته پڙهي ويو، پر سنڌيءَ تي پڙ ڪڍي بيٺو، هي ڪهڙي ٻولي ٿو لکين ۽ ڇو ٿو لکين. منهنجي ڊائري کسڻ تي هو ته مان خدام کي چيو ته مان هڪ ليکڪ آهيان ۽ سفرناما لکندو آهيان. تنهن ڪري مان پنهنجي زبان جنهنجو نالو سنڌي آهي، ۽ عربيءَ وانگر ئي لکبي آهي، انهيءَ ۾ نوٽس ٿو لکان. ڇو ته مون کي شام ملڪ جي پوليس جي بهتر ڪارڪردگي ڏسي انهيءَ جي تعريف ۾ لکڻو آهي. پوءِ ته همراه جون واڇون ٽڙي پيون. ڏاڍو خوش پئي ٿيو. وري وري سنڌي پڙهڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين، پر پڙهي نه پئي سگهيو. پنهنجو نالو وليد ٻڌايائين ۽ چيائين ته منهنجو ذڪر نالي سان ڪجانءِ. مان ها ڪئي ۽ هن مونکي ڊائري واپس ڪئي. ان کانپوءِ بوٽ جو رنگ ۽ جورابن جو رنگ پڇيو. تصديق ڪرڻ کانپوءِ صحيح وٺي مون کي بوٽ واپس ڏنو ويو. هاڻي چيائون ته هلو وڏي شرطي ڏي، جنهن جي آفيس ڀرسان ئي هڪ ڪمري ۾ هئي. سندس شولڊرن تي ٽي ٽي ڦول لڳل هئا. پٺيان حافظ الاسد جو فوٽو ۽ ٽيبل تي سورية يعني شام ملڪ جو جهنڊو رکيل هو. هن اٿي بيهي آڌرڀاءُ ڪيو. پڇيائين ته ڇا ڪندو آهين؟ ٻڌايومانس ته انجنيئر آهيان ۽ هتي زينبيه ۾ عبدالڪريم شعلبي جي هوٽل تي ٽڪيل آهيان. ان کان پوءِ چور کي منهنجي سامهون آندائون. 18 يا 20 سالن جو حسين جوان هو. کيس منهن ۾ ڌڪ لڳل هئا، جيڪي کيس پوليس وارن هنيا هئا. مان چيو مانِ ته هن کي ڇڏيو، مون بوٽ معاف ڪيو. منهنجي ان چوڻ کانپوءِ به انسپيڪٽر اٿي کيس لَت ٺڪاءُ ڪئي. انسپيڪٽر چيو ته هي وڏو چور آهي. هن وٽان بنا لائسنس جي پسٽل رِڪور ٿيو آهي. (وقد تم مسدس غير مرخص ريڪو فيرد منه، انّھ لِصُّ ڪبير) مون کڻي ماٺ ڪئي. انسپيڪٽر جا ٿورا مڃي شڪراً شڪراً چوندو بوٽ پائي چمپل خدام کي ڏنم ۽ وري ساڳي روڊ کان اندر گهٽين مان ٿيندا وري روضي ۾ آياسين. اسان کي ٻه ڪلاڪ کن لڳي ويا هئا، تنهن ڪري زوار ويچارا ڏاڍا پريشان ويٺا هئا ته صاحب الائي ڪاڏي ويو. مون کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ سندن پريشاني گهٽ ٿي. مون سڄي ماجرا ڪري ٻڌائيمان. آخر روضي تي دعا گهري واپس پنهنجي هوٽل السبطين تي آياسين. مغربين جي نماز جناب زينب جي روضي تي ادا ڪئي سين. اڄ وري به لاهوري قافلي مان جهنگ وارن مجلس ڪرائي ۽ عزادري ٿي، جنهن ۾ هر ملڪ جا ماڻهو شريڪ ٿيا، ڪي مقامي، ڪي مسقط عمان جا، ڪي ايراني، بحريني، سعودي وغيره. حالانڪ مجلس اردوءَ ۾ هئي، پر هو سڀئي ويٺا غور سان ٻڌن پيا، ڇو ته امامؑجي مجلس ۾ ويهڻ پڻ ثواب آهي.
سائين قمر عباس نقوي صاحب موٽي آيو هو. رات جو مون کي ساڻ ڪري مولانا عشرت صاحب جي گهر آياسين. جتي هن اسان لاءِ رات جي ماني تيار ڪرائي هئي. ڏاڍي خلوص سان لذيذ کاڌا ۽ پرتڪلف ماني کارايائين. عشرت صاحب هتي طالب العلم آهي ۽ فيملي سان رهندو آهي. آخر رات جو ٻارهين بجي ڌاري واپس هوٽل تي آياسين.
اڄ تاريخ 19 سيپٽمبر 2016، چئين بجي شام جو بغداد لاءِ روانا ٿياسين. زينبيه مان نڪري مين هاءِ وي تي آياسين، ۽ اسان جي اڳين منزل عراقي تنف بارڊر هيو. شامي بارڊر مان خروج ڪرائي رات جو تقريباً هڪ بجي تنف بارڊر تي پهتاسين. الوليد بارڊر تان ڪليئرنس ۾ اسان کي اٽڪل هڪ ڪلاڪ کن لڳو هو. پر هتي تنف بارڊر تي ٻن ڪلاڪن کان مٿي وقت لڳو. هڪ ته بجلي ڪونه هئي، ڇو ته بارڊر تي لوڊشيڊنگ هئي ۽ ٻيو ته اسان واري ڊرائيور جيڪو ابولاعليٰ ڊرائيور جو مامو هو، تنهن دمشق ۽ زينبيه مان تمام گهڻو سامان ورتو هو، جنهن ۾ چاڪليٽ، کٽمٺڙا، شرٽون، چمپليون وغيره هيون، عراقي ڪسٽم وارا بس کي ائين چنبڙي پيا، جيئن سنڌ باد سيلانيءَ جي پنجين سفر ۾ سامونڊي جهاز تي جنڙا. بهرحال ويچاري کي ڏاڍو ڇيڇاڙيائون. مال به ڪافي کنيائونس ۽ پئسا به جهجها ڪڍيائونس. ويچاري جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. خير الله الله ڪري ڪسٽم ۽ اميگريشن مان جان ڇڏائي سين ۽ عراقي حدن ۾ داخل ٿياسين، جتي اسان جو ڊرائيور ابوالاعليٰ اڳ ۾ ئي انتظار ۾ بيٺو هيو ۽ ڪلهه کان وٺي هتي آيل هو. اسان سان ڏاڍي پاٻوهه سان مليو ۽ اسين خير سان بغداد لاءِ روانا ٿياسين.
اڄ تاريخ 20 سيپٽمبر 1997ع تي صبح جو نائين بجي بغداد پهتاسين. ڊرائيور بس کي بغداد جي گهٽين ۾ هلائيندو هليو، تان جو پنهنجي گهر جي اڳيان گاڏي روڪيائين ۽ اتي سمورو سامان لاهي گهر کڻي ويو. مون کي ڏاڍي اڃ لڳي هئي، سو انهيءَ گهٽيءَ ۾ هڪ ٽريول ايجنسيءَ ۾ گهڙي ويس. اتي هڪ سهڻي اسڪرٽ ۾ ملبوس ڇوڪري ويٺي هئي. مان پاڻي گهريومانس ته ويچاري جڳ کڻي ڀر واري دڪان تان پاڻي ڀري آئي. اڳي هئي ڊگهڙي ويتر وڏي کڙي وارو سينڊل پاتل هئس ته اڃا ڊگهي پئي لڳي. سلڇڻي وري اهڙي جو پاڻي پياري چانهه جو پڇيائين، مان سندس شڪريو بجا آڻي واپس بس ۾ اچي ويٺس. جي اسان جي ملڪ جي ڪنهن ٽريول ايجنسيءَ تي ويٺل مائي کان پاڻي گهران ها ته دس گارين جا ٻڌائي ها. ايتري ۾ ڊرائيور پنهنجو سامان لاهي ورتو ۽ اسان کان موڪلائي ويو. اسٽيئرنگ هاڻي ابوالاعليٰ اچي سنڀاليو. ٿورو کل ڀوڳ به پئي ڪيوسين ۽ هو بس به هلائيندو ٿي رهيو. بغداد کان ٻاهر نڪري مضافات ۾ هڪ ننڍڙي هوٽل تي ناشتو ڪيوسين، جو ڏاڍي بک لڳي هئي. اٽڪل ٻارهين بجي ڌاران روانا ٿياسين ۽ ڏيڍ بجي ڪربلا جي هوٽل رساله ۾ پهتاسين. ساڳين ئي ڪمرن ۾ سامان رکي ڪجهه دير آرام ڪيوسين ۽ ڇهين بجي ڌاري حرمين جي زيارت لاءِ روانا ٿياسين. اول جناب سيد الشهداءِ حسينؑ جي زيارت ڪري سرڪار غازي عباس علمدارؑ جي زيارت ڪئي سون ۽ نماز مغربين ادا ڪئي سون.
حرمين جي اطراف وارن دڪانن مان هڪ تي هلي وياسين، دڪان مالڪ سيد ۽ شريف النفس انسان هو. اسان ڪجهه سجده گاهون، ڪفن، خاڪ شفا جون تسبيحون ۽ کارڪون وغيره خريد ڪيون، جيڪي هن نهايت ئي مناسب اگهه تي ڏنيون. گهڙي گهڙي ائين پئي چيائين ته مولا جا زوار آهيو، تنهن ڪري توهان سان ليکو ناهي. اهي شيون ائين ئي کڻي وڃو. هن شريف انسان بهترين چانهه پيئاري ۽ سامان بهترين طريقي سان پئڪ ڪري ڏنو. کانئس جڏهن موڪلايو سون، ته ائين موڪلايائين جيئن ڪنهن عزيز کان موڪلائجي. الله سائين کيس انهيءَ محبت واري رويي جو اجر عطا ڪري. هاڻي واپس هوٽل تي آياسين. ٿوري گهڻي ڪچهري ڪري ٻارهين بجي سمهي پياسين.
اڄ 21 سيپٽمبر 1997ع تي صبح جو سوير اٿي حرم امام حسينؑ جي زيارت ڪئي. نماز فجر اتي پڙهي سين. سلام وداع کان پوءِ غازي عباس علمدار جي حرم مبارڪ جي زيارت ڪري سلام وداع ڪيوسين ۽ واپس هوٽل تي آياسين. تيار ٿي اٽڪل نائين بجي بغداد لاءِ روانا ٿياسين. بغداد شهر ۾ حضرت قمبر﷦ غلام مولا عليؑ جي زيارت ڪري بغداد ريلوي اسٽيشن لڳ حضرت بهلول ۽ نبي الله حضرت يوشع بن نونؑ جي روضن جي زيارت ڪئي سين.