مولا علي جو گهر مبارڪ
گهر جي مرڪزي دروازي تي قرآني آيتون اڪريل آهن. سامهون صحن آهي ۽ ان جي کاٻي پاسي جناب حسن ۽ حسين عليهم سلام جي درس جو ڪمرو ۽ ان سان لاڳيتو ڪمرو ملاقاتين لاءِ آهي. سڄي پاسي منڍ ۾ جيڪو ڪمرو آهي، ان ۾ شهادت کان پوءِ مولاءِ ڪائنات کي جناب امام حسنؑ ۽ جناب عبدالله بن جعفر طيار غسل ڏنو، جڏهن ته سندن فرزند محمد حنفيه مٿان پاڻي ٿي هاريو. ان سان لاڳيتو ننڍي ڪمري ۾ سرڪار امير المومنين کي ڪفن ڏنو ويو. انهيءَ طرف اڳيان هڪ صفو آهي، جنهن ۾ پاڻ آرام فرمائيندا هئا. ان سان گڏ ئي مولاؑجي پنهنجن هٿن سان کوٽيل کوهه آهي، جنهن مان اڄ ڏينهن تائين هزارين گيلن پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو، پرپوءِ به ان ۾ ڪنهن قسم جي گهٽتائي ڪانه آئي آهي، هڪ وڏو معجزو آهي. اسان جنهن وقت پهرين زيارت يعني 1997ع ۾ ڪئي ته کوهه هر خاص و عام لاءِ کليل هو ۽ هر زوار اتان پاڻي پيتو به پئي ۽ پاڻ سان ساڻ به کنيو ٿي. پر هاڻي کوهه کي بند ڪري ان مٿان موٽرون هنيون ويون آهن. ۽ نلڪن جي وسيلي کوهه جو پاڻي ٻاهران حاصل ڪري سگهجي ٿو. چوڏهن سَوَ سالن کان وٺي آب زمزم وانگر هن کوهه مان پاڻي ڪڍيو ٿو وڃي، پر قدرت خداونديءَ سان هن ۾ ڪڏهن به گهٽتائي ڪونه آئي آهي. ان جي پويان ٽي صَفا ننڍا ڪمرا آهن ۽ انهن جي سامهون اوترائي ٽي ڪمرا آهن. هن وقت گهر جي تزئين و آرائش جو ڪم جاري آهي. ٻاهرين ڀت کي ٽائيلون لڳايون ويون آهن. هتي هزارين زائرين روزانو حاضري ڀريندا آهن. مولا جي گهر جي اڳيان سڄي هٿ تي هڪ کڏ آهي، جنهن ۾ مولا جا پاليل ڪاز ۽ بدڪون هونديون هيون. روايت آهي ته جنهن وقت 19 رمضان المبارڪ تي پاڻ نماز فجر ادا ڪرڻ لاءِ نڪتا هئا ته ڪازن سندن چوغي کي چهنبن سان پڪڙيو هو گويا مولا کي منٿون ڪري رهيا هئا ته جيڪر نه وڃو. مولا جن مسڪرائي عبا ڇڏائي مسجد ڏي روانا ٿيا هئا.
هنن مختصر تعارفن کان پوءِ هاڻي پنهنجي سفر جو سلسلو شروع ڪنداسين، جتي ڇڏيو هوسين يعني حضرت ميثم تمار جي روضي وٽ. حضرت ميثم تمار جي زيارت ڪري مسجد ڪوفه آياسين ۽ اتي مختلف مصلن تي نوافل ادا ڪري مولا عليؑ جي محراب جي زيارت ڪئي سين. ضربت واري جڳهه تي بوسا ڏناسين ۽ گريو ڪيوسين. ان کان پوءِ مسجد ڪوفه جي کاٻي ڪنڊ يعني اولهه ڏکڻ واري ڪنڊ تي جناب مسلم بن عقيل عليه سلام جي زيارت جو شرف حاصل ڪري امير مختار جي تربت تي آياسين، جيڪا حضرت مسلم بن عقيلجي روضي ۾ اندر ئي آهي. ان کان پوءِ حضرت هاني بن عروه جي روضي تي اياسين، جيڪو پڻ مسجد ڪوفه جي کاٻي ڪنڊ يعني ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ تي آهي، جي زيارت ڪئي سين. پوءِ مسجد ڪوفه کان ٻاهر نڪري سامهون ئي مولا اميرؑ جي نياڻي خديجة بنت علي ابن ابي طالب جي زيارت ڪري پنڌ ئي پنڌ جناب اميرؑ جي دولت خاني تي آياسين، جنهن جو مختصر تعارف پڻ مٿي ڏئي چڪو آهيان. مولا پاڪ جي گهر جي زيارت ڪري مختلف ڪمرن ۾ نوافل ادا ڪري مولا جي کوهه تي آياسين، جيڪو گهر ۾ اندر ئي آهي. کوهه مان ڍءَ تي پاڻي پي سيراب ٿياسين. هاڻي بک به پاسو ورتو هيو، سو مولاؑجي گهر مبارڪ مان ٻاهر نڪري ماني کاڌي سين، جيڪا زوارن ٺاهي کنئي هئي. منهنجي لاءِ ايراني، عربي طعام وغيره ڪوبه مسئلو نه هوندو آهي، ڇو ته مان هونءَ به ڳاڙهن مرچن کان پاسو ڪندو آهيان، پر ساٿي زوارن کي عربي ايراني کاڌو يا سليماني چانهه صفا ڪونه پئي وڻي، تنهن ڪري لاڙڪاڻي کان ئي رڌڻ پچائڻ جو سامان ۽ سڪل کير کڻي آيا هئاسين.
مانيءَ مان فارغ ٿي بس ۾ نجف اشرف وڃڻ لاءِ وڃي ويٺاسين، جيڪو ڪوفي سان گڏيو پيو آهي. ڪوفو ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ نجف اشرف صوبي جو هيڊڪوارٽر آهي. بس هلندي هلي، تان جو خبر ئي نه پئي ته ڪوفو ڪڏهن پورو ٿيو ۽ نجف اشرف ڪٿان شروع ٿيو. اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ اسان جي بس اميرؑ جي حرم جي پٺيان بيٺي ۽ بس مان لهي يڪدم حرم ۾ داخل ٿياسين، ڇو ته اهو ممڪن ئي نه هو ته عليؑجي حرم وٽ پهچجي ۽ داخل ٿيڻ ۾ دير ڪجي. ايامن کان اها آرزو هئي ته جناب عليؑ جي حرم مبارڪ جي زيارت ڪجي. سامهون ضريح تي جيئن ئي نظر پئي ته ڊوڙي ڄاري پاڪ کي چنبڙي پيس، راسخ عقيدي ۽ فرط جذبات ۾ ڳوڙها زاروقطار وهڻ لڳا. پاڻ کي مولا جي حوالي ڪري رڳ رڳ مان اها دعا پئي نڪتي ته مولا هن غريب مسڪين جي حاضري قبول فرماءِ. پنهنجن پيارن جا واسطا ڏئي عرض ڪيم ته مولا منهنجي مشڪل ڪشائي ڪر ۽ مون تي پنهنجي نظرِ ڪرم ڪر.