حضرت ميثم تمار
حضرت ميثم تمار مولا اميرالمؤمنين عليؑ جو خاص صحابي هو. هو وڏو عالم ۽ فاضل هو. ظاهر آهي جيڪو باب العلم سان صحبت ۾ هوندو، اهو صاحب فضل و ڪمال هوندو. ميثم بنو اسد قبيلي جي هڪ عورت جو ٻانهو هوندو هو. عليؑ ان کي خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سندس نالو ميثم رکيائون. حضرت عليؑجن ميثم کي سندس زندگيءَ ۾ ئي اهلبيت سان محبت جي ڪري شهيد ٿيڻ جي بشارت ڏني هئي ۽ کيس کجي جو اهو وڻ به ڏيکاري ڇڏيو هو، جنهن تي هنکي لٽڪائي شهيد ٿيڻو هو. ميثم ان وڻ کي پاڻي ڏيندو رهندو هو ۽ اتي نماز پڙهي دعا گهندو هئو ته هي وڻ سائو ستابو رهي، جيستائين مولاؑجي پيشنگوئي جو وقت اچي.
ميثم جڏهن سن 60 هجريءَ ۾ حج جو فريضو ادا ڪري ڪوفي آيو ته ابن زياد ملعون جي ماڻهن کيس گرفتار ڪري سندس سامهون پيش ڪيو. ابن زياد کين حڪم ڏنو ته عليؑتي تبرو ڪر. ميثم لاحول ولاقوة الابالله چيو ۽ ابن ازياد کي مخاطب ٿي چيائين ته منهنجي مولا پيشن گوئي ڪئي هئي ته منهنجو بي گناهه خون تنهنجي گردن تي هوندو ۽ مان تنهنجي هٿان شهيد ٿيندس. مختصراً ابن زياد ميثم کي انهيءَ ساڳي ئي وڻ تي لٽڪائي شهيد ڪيو ۽ مولا علي ۽ اهلبيت اطهار جي شان ۾ چيل ڪلام جي ڪري سندس وات ۾ هڪ ڪنڊن وارو يعني خاردار لغام وڌو، جيئن ڳالهائي نه سگهي ۽ فضائل اميرالمؤمنينؑبيان نه ڪري سگهي.
ان کان پوءِ کيس شهيد ڪيو ويو. روايت آهي ته ميثم جي تربت سان گوڏا مس ڪرڻ سان گوڏن جو سور ختم ٿي ويندو آهي. ميثم کي ميثم تمار انهيءَ ڪري چيو ويندو آهي، جو پاڻ کارڪون وڪڻندا هئا ۽ کارڪن يا ڪتل کي عربيءَ ۾ تمر چوندا آهن.
هتي مان مناسب ٿو سمجهان ته اڄوڪيون زيارتون جيڪي اسانجي شيڊول ۾ آهن، تن سڀني جو ٿورو ٿورو تعارف پهريان ئي ڪندو هلان.