بيبي شهر بانو عليها سلام
اسان جي اڄوڪي آخري زيارت بيبي شهر بانو يعني زوجة امام حسينؑ ۽ والده جناب امام علي زين العابدينؑ جي هئي.
هاڻي اسان بس ۾ وري سوار ٿياسين ۽ اسان جي اڳين منزل جناب شهر بانو جي مزار هئي. شهر تهران جي مضافات ۾ بيبي جي مزار جبل تي هڪ پر فضا مقام تي آهي. هتي سندن روضو ۽ اهو غار موجود آهي، جتي پاڻ رهنديون هيون. جناب شهر بانو جي منزلت جو اندازو ان مان لڳايو ته جناب امام اول عليؑ ۽ جناب سيدة النساء عاللمين عليها سلام جي ننهن، امام حسينؑ جي زوجه ۽ امام علي زين العابدينؑ جي والده ماجده آهن. روايتن ۾ آهي ته ايراني آخري بادشاهه يزد جرد بن شهريار جون ٻه نياڻيون فارس فتح ٿيڻ کانپوءِ قيد ٿي آيون ته حضرت عمر ٻنهي شهزاديون وڏي ڪيهان بانو ۽ ننڍي شهر بانو مولا عليؑ جي حوالي ڪيون ته کين پنهنجي اختيار سان جنهن جي تصرف ۾ ڏين ته سندن مرضي، ڇو ته اوهين هاشمي ۽ اعليٰ نسل آهيو. ۽ هنن شهزادين کي سندن مرتبي مطابق پرڻايو. مولا عليؑ وڏي بيبي ڪيهان بانو حضرت محمد بن ابي بڪر جي نڪاح ۾ ڏني، جيڪي سندن شاگرد رشيد، پاليل ۽ خاص صحابي هئا ۽ ننڍي بيبي شهر بانو مولا حسينؑ جي نڪاح ۾ ڏني. پوءِ پاڻ امام حسينؑ جن کي فرمايائون ته هن سان نيڪ سلوڪ ڪجان ۽ ڇو ته تو کي هن مان اهو ٻار پيدا ٿيندو، جيڪو تو کان پوءِ تمام مخلوق کان افضل هوندو. امام زين العابدين عليه سلام جن سندن بطن مبارڪ مان پيدا ٿيا. هڪ روايت ۾ آهي ته قتل امام حسينؑ کان پوءِ شوهر نامدار جي حڪم مطابق جناب شهر بانو ذوالجناح جي پشت تي سوار ٿي “ري جبل” تي پهچي غائب ٿي ويون. مسجد مقام غيبت بيبي شهربانو تهران شهر کان ستن اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. چون ٿا ته پهاڙي تي پهچي بيبي دعا گهري ته زمين ڦاٽي پئي ۽ پاڻ ان ۾ غائب ٿي ويون، پر منهنجو عقل ان کي ان ڪري تسليم نه ٿو ڪري ته بيبي سائڻ جهڙي ٻاجهاري ماءُ پنهنجي بيمار فرزند امام زين العابدين کي ڪيئن ڇڏي وڃي سگهيون هُونديون. بهرڪيف اسان اتي مجلس جو اهتمام ڪيو ۽ عزاداري ڪري نياز تقسيم ڪيو. ان کانپوءِ مٿي پر فضا جڳهه تي ڪجهه گهڙيون ويهي چانهه پيتي، جنهن مان فارغ ٿي بس واري کي چيوسين ته اسان کي جنوبي بس ٽرمينل تي ڇڏي. اسان هن سان حساب ڪري فارغ ڪري بس ٽرمينل ۾ سڀاڻي يارهين بجي صبح واري بس ۾ زاهدان لاءِ ٽڪيٽون بڪ ڪرايونسين.
ٻين بجي ڌاري تهران مان قم واري بس پڪڙي قم لاءِ روانا ٿياسين. حسب عادت اسان نَفَر يعني پنهنجا ساٿي ڳڻيا ته هميشه وانگر مسٽر علي شير سومرو سوار ڪونه هو. ڪيترن ئي دوستن چيو ته فڪر نه ڪريو ننڍڙو ٻار ڪونهي، جو گم ٿي ويندو. ڀل ڳولهيندو وتي آخر اچي ويندو. سڄي سفر ۾ هن هر روضي تي دير ڪئي هئي ۽ بس ۾ به آخر ۾ چڙهندو هو. ان وچ ۾ اسان کيس ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پوندا هئاسين. خير علي شير کي تهران جي هوا کائڻ لاءِ ڇڏي اسان اچي قم ۾ پهتاسين. ڪافي وقت کانپوءِ علي شير به ٻي بس پڪڙي سهڪندو اچي هوٽل تي پهتو. ويچاري ڪو شڪوو شڪايت ڪانه ڪئي، جو ڏوهه سندس ئي هيو. هاڻي هوٽل تي ٿورو آرام ڪري سڀني دوستن صلاح ڪئي ته ڪجهه سامان اڃا وٺجي، ڇو ته ايراني ڪمبل نه فقط سٺا، پر ڏاڍا گرم آهن. سو سڀني ساٿين بازار جو رخ ڪيو. هڪڙي ڪمبلن جي دوڪان تي آياسين. دوست خريداريءَ کي لڳي ويا. مولوي صاحٻ ترجمان جا فرائض انجام ٿي ڏنا، ايراني دوڪاندار سامان جي قيمت تي ايئن ئي گهپي ڪندا آهن. جيئن اسان وٽ پٺاڻ ڪندا آهن. يعني ڪمبل هوندو هڪ لک تومان جو ته قيمت ٻه لک تومان ٻڌائيندا ۽ جي پنجاهه هزار جو هوندو ته لک ٻڌائيندا. پوءِ منهن بُڇڙو ڪندا. فارسيءَ ۾ برو ڀلو چوندا نيٺ لهندي لهندي اصلي قيمت تي ايندا، جيڪي اصلي کان به ڪافي مٿي هوندي. اها گَهپي مون ڏٺو ته گهڻو ڪري پاڪستاني زائرين سان ٿا ڪن. پاڪستاني به وڏا اُستاد آهن. پنجويهه ٽيهه ڪمبل کولرائي وري وٺندا ڪونه. تنهن ڪري هو ڏاڍو خفي ٿيندا آهن ۽ فارسيءَ ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن. ٻيو ته هو لباس ڏسي به اندازو لڳائيندا آهن ته هي ماڻهو چيز وٺندو يا نه. نه ته اتي ئي چوندا ته ڪمبل يا ڪا ٻي شيءِ ڪانهي. حالانڪ جام پيون هونديون اٿن. پر جي توهان هڪ شيءِ پسند ڪري خريد ڪئي ته پوءِ توهان کي کوڙ ساتريون نيون ويرائٽيون ڏيکاريندا. قهوو پياريندا وغيره. هتي بارگين جو سلسلو وڏو آهي. تنهن ڪري سوچي سمجهي قيمت طئي ڪجي. سو مون کي به ڪمبلن جي دڪان تي هڪ مصلو ڏاڍو وڻي ويو. مون اهو خريد ڪيو. بازار گهمندي رات ٿي وئي. تنهن ڪري سوچيوسين ته نماز مغربين حرم ۾ پڙهي ماني کائجي، نماز مان فارغ ٿي هڪ پاڪستاني ريسٽورينٽ تي رات جي ماني کائي هوٽل تي موٽي آياسين. سامان وغيره پيڪ ڪري، ٿيلها ٺاهي سمهي رهياسين.