مشهد مقدس ۾ قيام
خير وهنجي سهنجي نڪتاسين، ته ڏسون ته اسان جا ساٿي ڪهڙي حال ۾ آهن. مشهد ۾ پاڻيءَ جي کوٽ (بقول ان بدمعاش مئنيجر جي) ڪري بند پيل غسل خانه کليا يا نه وغيره.
رستي جي خرچ جا پئسا هر مسافر ڊالرن جي صورت ۾ سائين وٽ جمع ڪرايا هئا، ڇو ته قافلي جو سالار اهو ئي هو. باقي هر هڪ وٽ صرف پنهنجي ذاتي خرچ جا پئسا هئا، جنهن مان تبرڪات ۽ ٻيون شيون وغيره وٺڻيون هيون. اپارٽمينٽ ڇڏي اسين مين روڊ تي آياسين، ته ٽئڪسي پڪڙجي. هڪ ٻن گاڏين کي هٿ ڏنوسين، جيڪي نه بيٺيون. مون کي ٽرائوزر، ٽي شرٽ ۽ جاگر پاتل هو، جڏهن ته سائين شلوار قميص ۽ مٿي تي آر واري ٽوپيءَ ۾ ملبوس هو ۽ پري کان ئي پڪو پاڪستاني ٿي لڳو. باقي سائين جي نينگر کي جينز جي پينٽ ۽ ٽي شرٽ پاتل هئي. ٽيڪسين کي هٿ ڏيندا ٿي رهياسين، پر گهڻو ڪري ڪائي به نه ٿي بيٺي. آخرڪار هڪ ڪار اچي اسان جي ڀرسان بيٺي، ۽ ان مان ٻه ماڻهو لٿا. سائين چيو ابا، هي شايد ايجنسين جا ماڻهو آهن. پاسپورٽ وغيره ٻاهر ڪڍو. انهن مان هڪ همراهه سائين سان فارسيءَ ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪير آهيو؟ پاسپورٽ ڏيکاريو ۽ ڊالر گهڻا اٿوَ؟ سائين ويچارو شريف ۽ سادو انسان سو هن پاسپورٽ ۽ سمورا ڊالر ڪڍي ڏنا. انهي وري مون کان پڇيو ته تنهنجو پاسپورٽ؟ ته مان وري انڌي منڊي فارسيءَ ۾ چيو ۾”آنجا“. وري چيائين ”آنجا ڪُجا“. مان چيومانس ته ”معلوم نيست“ مون کي انهن ٻنهي جي تڪڙ ۽ اسٽائيل مان لڳو ته، ڦورو ۽ لليچا آهن. خير مون کي ڇڏي، سائين جو پاسپورٽ کولي ڏسڻ لڳو. فوٽو ڏسي وري سائين ڏي ڏسي ڄڻ ته جائي ڪو ايجنسيءَ جو ماڻهو آهي. تيستائين وري ٻيو پئسا ڳڻيندو رهيو، ڇو ته اسين گهٽيءَ جي منهن وٽ بيٺا هئاسين، ته اتي ٿورڙي اونداهي هئي ۽ هنن اوندهه جو فائدو وٺندي پنهنجي ڪارروائي پئي ڪئي. ان وچ ۾ هو مون کي چوندو رهيو ته، پاسپورٽ ڏي، پر مان ٽس کان مس نه ٿيس ۽ انگريزيءَ ۾ تيز ڳالهائڻ لڳس. منهنجن دانهن تي هنن قمر صاحب کي پاسپورٽ ۽ پئسا واپس ڏنا ۽ ٻئي ڀڄي ويا. اسان سمجهي وياسين ته اهي ڦورو هئا، سوچيو سين ته متان وري ڦري اچن. تنهن ڪري وري واپس ڪوچه باقريه واري اپارٽمينٽ تي آياسين، ته ڪجهه ساهه پٽيون. قمر عباس پئسا جو ڳڻي ته تقريباً 1500 ڊالر کٽل هئا يعني هو تڳائي ويا هئا. انهي مسئلي سخت پريشان ڪيو ته ڇا ڪجي، جيئن ته منهنجي فارسي نه جهڙي هئي، ۽ ايران ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارو ڳولهيو نه لڀي، تنهنڪري جيڪا ڪارروائي ڪرڻي هئي مون ڪئي. باقي سائين کي ڪرڻو هو، يعني پوليس ۾ رپورٽ ڪرڻ وغيره. خير اسان وري پنڌ نڪتاسين ۽ رستي تي حرم کان پهريان هڪ پوليس چيڪ پوسٽ تي انچارج صاحب کي سڄي رپورٽ ڪري ٻڌائيسين. موصوف فرمايو ته گاڏيءَ جو رجسٽريشن نمبر ٻڌائيندو ته ڪا ڪارروائي ڪري سگهبي، نه ته ڪجهه به نه ڪري سگهبو. خير اسان الله تي رکي، ته انهن ڦورن کي ذليل و خوار ڪندو، جيڪي سڪوندن زائرين سان اهڙا ڪلور ٿا ڪن. ان کان سواءِ امام علي رضاؑ جي حرم ڏي منهن ڪري دانهن ڏني سين، ته مولا تنهنجي زيارت تي ايندڙن لاءِ هتي جا ماڻهو ايڏيون پريشانيون ٿا پيدا ڪن، انهن کي تون ئي ڪا سزا ڏي. ائين ڳالهيون ڪندا ساٿين واري مسافرخاني تي پهتاسين. ان زماني ۾ موبائيل فون وغيره به ڪونه هئي، تنهن ڪري هو ويچارا سخت پريشان هئا ته اسين ڪيڏانهن هليا ويا آهيون. خير کين سڄي روئداد کان واقف ڪيوسين، هو به ڏاڍا پريشان ٿيا ته آيا زيارتن کي مؤخر ته نه ڪرڻو پوندو. مون سڀني کي آٿت ڏيندي چيو ته، گهٻرايو نه. توهان مان جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪجهه ڊالر اضافي آهن ته اهي سائين وٽ جمع ڪرايو، باقي کٽل پئسا مان ڀريندس ۽ انشاءِ الله سڀ زيارتون مڪمل ڪنداسين. منهنجي ان چوڻ تي سڀني ۾ سرهائي اچي وئي ۽ هر ڪنهن پنهنجي وت آهر اضافي ڊالر سائينءَ کي ڏنا ۽ باقي مون ملائي لٽيل ڊالر پورا ڪياسين. ماني ڳڀو کائي وضو ساري حرم جي زيارت لاءِ نڪتاسين. حرم پاڪ ۾ پهچي ڪفش داري ۾ بوٽ جمع ڪرائي اندر داخل ٿياسين. ضريح پاڪ جي دروازي تي لڳل اِذن دخول ۽ زيارت پڙهي سرڪار جي چائنٺ چُمي، اڳتي وڌياسين ته، ضريح پاڪ کي بوسو ڏئي سگهجي، پر ايتري رش ۽ پيهه هئي، جو مان ته مشڪل سان ضريح پاڪ کي هٿ لڳائي سگهيم. اکين مان بي اختيار لڙڪ لڙندا پئي رهيا ۽ گريو ڪندا دعائون گهرندا ٿي رهياسين. انهن ملعونن لاءِ به ڏاڍيون شڪايوتن ڪيونسين، جن اسان کي پرديس ۾ ڦريو هو. ضريح جي حدود کان ٻاهر واري ڪمري ۾ نماز مغربين ۽ نماز زيارت ادا ڪري ٻاهر اچي پاڻي پيتوسين. ٽن ڏينهن جي سفر چڪناچور ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري عافيت انهيءَ ۾ سمجهي سين، ته وڃي آرام ڪجي، سو واپس اپارٽمينٽ آياسين ۽ ليٽڻ سان ننڊ جي آغوش ۾ هليا وياسين.